ڪالم / مضمون

هيءَ سَئن نہ ڏيندي چين

نياز پنھور لکي ٿو ”هي ڪتاب رڳو 47 ڪالمن يا مضمونن جو نہ پر اسان جي اڄ جي سماج جي لينگهو پاتل چھري جو ڏيک آهي، هي ڪتاب اڄ جي حالتن ۽ زندگيءَ جي حقيقتن تي ٻڌل اهڙو نوحو آهي، جنھن ۾ هر طرف ڳوڙها آهن، سڏڪا آهن. هي ڪتاب اڄ جي سماج جو هڪ اهڙو آئينو آهي جنھن کي پڙهندي اسان پنھنجي چؤطرف موجود ماحول جو چھرو چِٽائيءَ سان ڏسي ۽ پسي سگهون ٿا، اسان جي آڏو اسان جون بي وسيون، سماج جون ناانصافيون، حڪومتن جون بي رحميون الائي ڇا ڇا اڀري ۽ تري اچي ٿو. 

Title Cover of book Hi Se’en Na Dindi Chain

انسان دشمن روايتن جي پوئلڳي

سِڌين ڪھاڙين سان ڳڀا ڪجن، يا گولين جي وسڪارن سان جسم پروڻ ٿين، اڪيلو مرد هٿيار کڻي، عورت کان جيئڻ جو حق کسي يا چند نالي جا عزت وارا، غيرت ۽ انسانيت جا ليڪا لتاڙي، ڪٺ ڪري معصوم حياتين کي ختم ڪرڻ جون فتوائون ڏين، بھرحال موت تہ عورت جو ئي مقدر ٿو بڻجي. پسند جي شادي ۽ موت، ڪارنھن الزام، جرڳا ۽ نتيجو موت. . . اهي ڳالھيون ڄڻ تہ هاڻ سنڌ جي ڪلچر جو حصو بڻجي ويون آھن. اهو ڪلچر قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي غفلت ۽ سياسي پٺڀراين جي ڪري روز بروز مضبوط ٿيندو پيو وڃي. ذاتي ”عدالتن“ ۾ هٿ جي ٺاهيل ريتن رسمن تحت فيصلا ڪيا ٿا وڃن، جيڪي وري ملڪي عدالتن ۾ چئلينج بہ نٿا ڪيا وڃن. سنڌ جي وزير اعلى جي ضلعي خيرپور جي شھناز جاگيراڻي، زاهد ابڙي جو دردناڪ قتل ان ئي سلسلي جي ڪڙي آهي. خيرپور مان نڪري حيدرآباد جي ڪورٽ ۾ 23 آگسٽ تي پسند جي شاديءَ کانپوءِ انھن کي اغوا ڪري واپس خيرپور آندو ويو. جرڳي تحت، شھناز جاگيراڻي ۽ زاهد ابڙي جو گڏ زندگي گهارڻ وارو فيصلو منسوخ ڪندي کين گوليون هڻي ماريو ويو.
ڪارنھن الزام تحت قتل فخريہ طور تي قاتل اهو ڏوھہ قبول ڪيو، ان يقين سان تہ کيس ڪابہ سزا نہ ملندي. کجين ۾ اڇلايل لاش پوليس برآمد ڪيا، ايف آءِ آر بہ رياست پاران درج ڪئي وئي، ڇو تہ، بي گناھہ قتل ٿيندڙ شھناز ۽ زاهد جي پاران ڪير بہ انصاف جو طلبگار ٿيڻ لاءِ تيار نہ هو، ڇو تہ ھنن پسند جي شادي ڪري ”ناقابل معافي ڏوھہ“ ڪيو هو، جنھن جي سزا انھن کي سماجي رسمن مطابق ڏني وئي، جيئن آئينده ٻين نوجوانن لاءِ اهو مثال بڻجي وڃي. 24 ماڻھو ايف آءِ آر ۾ نامزد ڪيا ويا آھن، جن ۾ جرڳي ۾ شريڪ ٿيندڙ، فتويٰ ڏيندڙ ۽ قتل ۾ ملوث ماڻھو شامل آھن. ان وقت تہ ضلعي جو ايس ايس پي تمام پراميد هو، چند ڏينھن ۾ سڀني مجرمن کي عبرت ناڪ سزا ڏيارڻ لاءِ تيار هو، پر ھن وقت تائين ڪابہ گرفتاري عمل ۾ نہ اچي سگهي آهي.
هتي قبيلائي نظام صدين کان رائج آهي، جنھن جو بنياد انساني رت تي رکيل آهي. ھن نظام تحت خون وڪرو ٿين ٿا ۽ سرن جا سودا ٿين ٿا. هزارين ماڻھو مارجي ٿا وڃن، پر گهڻو ڪري اهڙن جهيڙن ۾ عورت کي ئي نشانو بڻايو ٿو وڃي. اڄ ڪلھہ هر ڏينھن سراسريءَ طرح ٻہ کان ٽي اهڙا واقعا ٿين ٿا، جن ۾ نياڻين کي پسند جي شادي ڪرڻ جي ”جرم“ ۾ ماريو ٿو وڃي. اهڙن فيصلن ۾ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جا اهلڪار بہ شامل هجن ٿا. ڪڏھن بہ اهو ناهي ٻڌو تہ علائقي جي چونڊيل نمائندن اهڙن غيرقانوني جرڳن جو ڪو نوٽيس ورتو هجي. نا انصافي ۽ قتلن تي مشتمل ان نظام کي هٿ سان پاليو پيو وڃي. ان نظام تحت عوام جي ذھنن کي مفلوج ڪري روشن خياليءَ کان پري رکيو ٿو وڃي، سنڌ جا سياستدان پنھنجي اقتداري ڪرسي بچائڻ خاطر عام ماڻھن کي قبيلائي نظام جي رحم ڪرم ٿي ڇڏيندا پيا اچن. جيڪو با اثر آهي، اهو قانون کي بہ قيد ٿو ڪري، جيڪو با اثر آهي اهو عام ماڻھوءَ تي حڪومت ٿو ڪري، اسان جي علائقن مان آهستي آهستي قانون جي بالادستي ختم ٿيندي ٿي نظر اچي. وڏين برادرين سان تعلق رکندڙ ماڻھو جڏھن اعلى عھدن تي رسن ٿا، تڏھن بہ هو پنھنجي ان نظام جي خلاف ڪجهہ بہ نٿا ڪن، بلڪه اسيمبلين ۾ ۽ اعلى اختياراتي ادارن ۾ سينواريل قبيلائيءَ سوچ ۽ جرڳن جي نظام جا نمائندا ٿي، انھن جي ترجماني ٿا ڪن. اها پڻ هڪ حقيقت آهي تہ، عام ماڻھو پنھنجن چونڊيل نمائندن جي بنسبت تر جي وڏيرن تي وڌيڪ ٿا ڀاڙين ۽ نتيجي ۾ اهڙيون قھري وارداتون ٿينديون ٿيون رھن. ڳجهہ ڳوھہ ۾ ڪيتريون ئي عورتون مارجي ٿيون وڃن، جن لاءِ ڪوبہ آواز نٿو اٿاريو وڃي. راڄوڻي فيصلا ڪڏھن بہ گهرن کي آباد ڪرڻ لاءِ ناھن ڪيا ويندا، گهرن جي برباديءَ لاءِ تمام تڪڙا “راڄ” گڏ ٿيندا آھن، سو مھينو کن اڳ پسند جي شادي ڪندڙ ستارہ چانڊيو ۽ عبدالوحيد ڪلوئي لاءِ بہ زندگي جون راهون بند ڪرڻ لاءِ ڪٺ ٿيو ۽ فيصلي جي نتيجي ۾ ڪراچيءَ مان ستارہ ۽ عبدالوحيد کي کنڀي، حياتي بخش ڪرڻ جو ڪوڙو واعدو ڪري قاضي احمد جي ڳوٺ انور چانڊيو ۾ آندو ويو، جتي ڀائرن بي رحميءَ سان ٻنھي کي الڳ ڪيو ۽ ستارہ چانڊيي جي زبردستي شادي ڪرائي. ٻئي ڏينھن ڀائرن پنھنجي ڀيڻ ستارہ ۽ پنھنجي جيجل ماءُ کي ڌيءَ جي ساٿ ڏيڻ جي ”ڏوھہ“ ۾ علي الاعلان گوليون هڻي ماري ڇڏيو، ۽ کين ڪوبہ پڇتاءُ نہ ٿيو. ماءُ ۽ ڀيڻ جا رت ۾ وھنتل لاش ھنن جي ”غيرت“ لاءِ انعامي تمغا هئا. ستارہ چانڊيي ۽ عبدالوحيد ڪلوئيءَ کي تحفظ جا دلاسا ڏيئي واپس آڻڻ، راڄوڻي فيصلا ڪرائڻ، ستارہ جي شادي ڪرڻ جي باوجود ان جي زبردستي ٻيھر شادي منٺار چانڊيي سان ڪرائڻ ۽ ستارہ کي گولين سان مارڻ ان سان گڏ ان جي ماءُ کي قتل ڪرڻ. . . انھن سڀني وحشياڻن عملن دوران ڪٿي بہ رحم، انصاف، انسانيت ۽ قانون پري پري تائين نظر نٿو اچي. ھنن کي ڪنھن حيوانيت واري هڪ بہ عمل ۾ دشواري پيش نہ آئي آهي. تمام سولائيءَ سان سڀ مرحلا طئہ ٿي ويا، ناحق خون لڙهي ويا ۽ يقيناً چانڊيا ۽ ڪلوئي برادريون جيڪي مورچابند ٿي هڪ ٻئي تي آمھون سامھون بيٺيون هيون، سي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون هونديون. قبيلائي نظام ڪنھن آدم خور جيان روز ڪيترن ئي انسانن جو رت پِيئِي ٿو وڃي، هو طاقتور ٿيندو ٿو وڃي ۽ انسانيت مرندي ٿي وڃي. انسانيت جا ويري پنھنجين رسمن رواجن ۽ قبيلن جي طور طريقن سان، انسانن کي قربان ڪندا ٿا رھن. افسوس تہ قبيلائي جرڳائي نظام تہ موجود آهي پر اسان وٽ تحفظ جو ڪوبہ نظام موجود نہ آهي. پسند جي شادي ڪندڙ ڪورٽ ۾ پھچن تہ بہ مارجي ٿا وڃن ۽ جي درالامان ٿا پھچن تہ جدا ڪيا ٿا وڃن. موت ۽ جدائي وچ ۾ ڪا ئي جاءِ پناھہ ناهي!
ڏٺو وڃي تہ اهي علائقا، جتي قبيلائي جهيڙا گهڻا ٿا ٿين ۽ سوين ماڻھو ڪجهہ گهڙين اندر مارجي ٿا وڃن، سوين گهر اجڙن ٿا، انھن خلاف ڀرپور آواز نٿو اٿاريو وڃي. شايد اها شيءِ هاڻ تسليم ڪرڻي پوندي تہ اهو نظام هاڻ اسان جي سياست ۾ بہ شامل ٿي چڪو آهي. جن علائقن ۾ کُلي عام قتل ٿين، بي ڏوهي معصوم عورتون، مائرون ڀائرن ۽ پٽن هٿان زندگيون وڃائينديون رھن، قاتل ٿاڻن تي اچي فخريہ قتل جو اقرار بہ ڪن، پوءِ بہ انھن کي ڪابہ سزا نہ ڏني وڃي. وڌ ۾ وڌ پوليس جاچ جو دائرو وڌائڻ جي دعوى ڪري ۽ چند ڏينھن کان پوءِ فائيل هزارن فائيلن اندر گم ٿي وڃي ۽ جوابدار، ضمانت تي آزاد گهمڻ شروع ڪن تہ پوءِ، ڇا ٿو چئي سگهجي تہ اهڙا نمائندا عوام جا نمائندا آھن يا ان ظالم سماج جا، جنھن جو ڪم صرف موت پکيڙڻ آهي. وڌندڙ لاقانونيت ٻڌائي ٿي تہ ايندڙ وقت قانون ۽ انصاف جو نہ پر، ظلم ۽ جبر جو ئي آهي. هت تہ ڏوھن جو ڊگهو سلسلو ٿو هجي، جنھن ۾ هر ڪڙي ٻي ڪڙيءَ سان مضبوطيءَ سان جڙيل آهي. با اثر ماڻھو، پوليس. سڀئي گڏجي انسانيت دشمن سماجي نظام کي هٿي ڏيندا ٿا رھن. عام ماڻھو انھن سڀني جي وچ ۾ اهڙي ”شيءِ“ آھن، جن جو ڪم برداشت ڪرڻ ۽ سھڻ آهي، ان جو ردِ عمل ڪا معنى نٿو رکي. انساني طبقن جو شعور انھن جي ڳٺ جوڙ کي ٽوڙي نہ پيو سگهي، نہ سھڻيون ٻڏڻ ٿيون ڇڏين، نہ ڪچا گهڙا پڪا ٿا ٿين ۽ نہ ئي وري واڳن جا پيٽ ٿا ڀرجن.

24 نومبر 2016ع