سنڌ ۾ عورت جي سماجي ۽ معاشي حيثيت
برطانوي مفڪر جان اسٽورٽ جي مطابق تہ سماج ۾ رھندڙ هر فرد حقن سان گڏ فرض بہ رکي ٿو، فرضن جو تعلق پنھنجيءَ ذات سان گڏوگڏ ٻين سان بہ هجي ٿو. فردن جي ڪنھن بہ عمل سان ڪنھن کي نقصان پھچي تہ اهو رياست ۽ قانون جو مسئلو بڻجي ٿو، ڇو تہ جديد رياست قانوني نقطه نگاھہ کان (سماجي معاشي نقطه نگاھہ کان نه) ئي صحيح پرسمورن شھرين جا برابر حق تسليم ڪري ٿي. رياست ۽ سماجي جوڙجڪ جي سموري ڍانچي ۾، اسان کي اهو ڏسڻو پوندو تہ عورت جي فرد جي حيثيت سان ڪھڙي حيثيت آهي، اسان جي سماجي ڍانچي عورت جا ڪھڙا فرض مقرر ڪيا آھن؟ ۽ ھن کي ڪھڙا حق حاصل آھن؟
طبقاتي سماج ۽ عورت
مارڪس جي نظريي مطابق عورتن تي ٿيندڙ ظلمن جو سبب سماج جي طبقاتي ورهاست آهي. طبقاتي سماج جو سڄو نظام ان جون ريتون ۽ رسمون ۽ ان جا نظريا عورت جي فرد جي حيثيت جي نفي ڪندڙ هجن ٿا. طبقاتي سماج مرد ۽ عورت جي حيثيت ۾ فرق پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اسان جو طبقاتي سماجي نظام، پدر شاهي ڍانچي جي زير اثر پروان چڙھندڙ آهي، اهو پدر شاهي نظام جيڪو عورت جي فرد جي حيثيت جي نفي ٿو ڪري، عورت جو استحصال ھن پدرشاهي نظام لاءِ قوت ۽ طاقت آهي، جنھن جي بنياد تي عورتجو استحصال پدر شاهي سماج ۾ ٿيندو آهي. طبقاتي سماج جي تقسيم تمام پراڻي آهي، اها تقسيم هزارين سال آڳاٽي آهي. جڏھن مادري سماج جو خاتمو ٿيو ۽ زرعي انقلاب آيو تہ عورت جي حيثيت ۾گهٽتائي اچي وئي، جڏھن پيدوار مرد جي هٿ ۾ آئي تہ عورت ملڪيت جي حيثيت اختيار ڪري وئي . فريڊرڪ اينگلس جو چوڻ آهي تہ، ”سماجي پيداوار جي دائري مان الڳ ڪرڻ کان پوءِزال گهر جي پھرين نوڪرياڻي ٿي. “ عورت جي آزادي سلب ٿي ۽ سندس گهريلو ڪمن جي اهميت ختم ٿيندي وئي، ڇو تہ گهريلو ڪم پيداوار جو ذريعو نٿا ٿين. ان پدرشاهي سماجي ڍانچي سان جهيڙيندي عورت کي صديون گذري ويون آھن. پدرشاهي سماجي ڍانچي ۾ عورت جواستحصال جنس جي بنياد تي ٿئي ٿو. قديم دستور کان جديد دستور تائين جيتوڻيڪ گهڻيون تبديليون اچي چڪيون آھن. رياست بہ جديد ٿي آهي تہ رياستي نظام بہ تبديل ٿي چڪوآهي، پر ڏٺو وڃي تہ رياست ۽ سماج تي پدرشاهي قدرن جي حڪمراني آهي. فرد جي حيثيت سان عورت جي حقن جي نفي ۽ سندس سماجي ۽ معاشي حيثيت جو استحصال اڄ بہ جاري آهي. عورت جي استحصال جي اهم ڪارڻن تي غور ڪجي تہ خبر پوي ٿي تہ، پدر شاهي سماج کي هٿي ڏيندڙ ادارا ئي جنس جي بنياد تي استحصال ڪندڙ آھن.
جيڪڏھن ماضيءَ جي مختلف دورن تي نظر وجهجي تہ خبر پوندي تہ هزارين سال پھرين، اسان کي عورت ديويءَ جي درجي تي نظر اچي ٿي، سماجي ارتقا جي اُندور ۾ پيداوار جا ذريعا عورت جي هٿ ۾ هئا. ٻنين تي ڪم ڪرڻ، اولاد پيدا ڪرڻ، خوراڪ جو بندوبست ڪرڻ عورت جي وس ۾ هو ۽ مالڪ بہ عورت هئي. مرد جڏھن زراعت تي قابض ٿيو تہ عورت جي حيثيت مالڪ مان ڦري محڪوم واري بڻجي وئي . ان کان پھرين اولاد عورت جو ليکيو ويندو هو ۽ هوءَ مرد جي انتخاب ۾ بہ آزاد هئي، پر پوءِ عورت اولاد جي مالڪياڻي نہ رهي، اولاد جو مالڪ مرد بڻجي ويو، مرد عورت جي پيداواري صلاحيت تي بہ قابض بڻجي ويو. اها پدر شاهي سماج جي شروعات هئي، مالڪيت واري سوچ آهستي آهستي هر شيءِ تي غالب پئجي وئي . پدر شاهي سماج ۾ مرد هر اختيار پنھنجي هٿ ۾ رکندو ويو، ھن عورت جو استحصال جنس جي بنياد تي ڪيو ۽ پيداواري ذريعن تي قابض ٿي عورت کي ان عمل مان خارج ڪري صرف ۽ صرف گهر ۾ محدود ڪندو ويو، عورت جي زندگيءَ جو مقصد صرف مرد کي خوش ڪرڻ ۽ ان جي آرام آسائش جو خيال رکڻ بڻجي ويو. پدرشاهي نظام، سماج جي هر اداري تي حڪومت ڪرڻ لڳو، جنھن جوبنياد عورت جي جنسي استحصال تي رکيو ويو. تحقيق جي نظر سان ڇنڊڇاڻ ڪجي تہ خبرپوندي تہ ڪھڙن طريقن سان عورت جو استحصال ٿي رهيو آهي.
عورت ۽ خاندان
هڪ عورت جي زندگيءَ ۾ گهر ۽ خانداني مرڪز جي حيثيت رکندا آھن ۽ عورت تي جبر ۽ استحصال جي شروعات بہ گهرمان ئي ٿيندي آهي. سنڌي سماج ۾ مشھور آهي تہ عورت جي ڪري گهڻا جهيڙا ختم ٿي ويندا آھن، ڪا عورت گهر ۾ هلي اچي تہ ان کي مان ڏنو ويندو آهي، پر حقيقت ۾ اها عزت سماجي رشتن جي هجي ٿي هڪ فرد جي حيثيت سان عورت جو وجود ڪا معنيٰ نٿو رکي. گهرسان وابستہ هر رشتو ھن جي سماجي سڃاڻپ جو ڪارڻ بڻجي ٿو. فلاڻي جي ڌيءَ، فلاڻي جي ڀيڻ، فلاڻي جي زال ۽ آخر ۾ فلاڻي جي ماءُ، انھن رشتن جي دائرن کان ٻاهر نہ عورت جي ذاتي شخصيت جي مڃتا آهي نہ سندس حيثيت آهي، نہ ئي وري ذاتي سماجي سڃاڻپ هجي ٿي، عورت جي احترام ۾ ئي استحصال لڪل هجي ٿو، جيستائين عورت پنھنجيءَ ذات جي نفي ڪري پنھنجي گهر خاندان جي فردن جي خدمت ۾ مصروف رهي، انھن جي آرام ۽ آسائش جو خيال رکي ٿي تيستائين اُها عزت جي قابل رهي ٿي، پر اها عارضي عزت ان کي پنھنجي پورهئي جي عيوض ملي ٿي. تاريخ ٻڌائي ٿي تہ عورت تي جبر سان گڏوگڏ ان جي پورهئي جو بہ استحصال ڪيو ويو. خاندان ۾ عورت جي جسماني حيثيت ان وکر وانگر آهي، جنھن کي مرد پنھنجي تحفظ لاءِ استعمال ڪري ٿو. طبقاتي سماج جو اهم مثال جاگيرداراڻو سماج آهي، جنھن ۾صرف سردار ڪيترن ئي زندگين جو مالڪ بڻجي ويٺو هوندو آهي، علائقائي سطح تي ٿيندڙ مسئلا اڪثر عورتن جي ڏي وٺ تي حل ڪيا ويندا آھن، خونن جي معافيءَ جي بدلي ۾ سڱ چٽيءَ طور عورت ڏني ويندي آهي ۽ ادلي بدلي جي شادي، ننڍيءَ عمر جي شادي بہ ان ئي سماج جون رسمون آھن. جاگيرداري نظام مطابق عورت جو قتل ڏوھہ نہ آهي، جيڪڏھن مرد عورت کي ڪاري ڪري ماري تہ اهو ڏوھہ نہ پر حق آهي. خاندان ۽ گهر ۾ اهو مرد سوڀارو سمجهيو ويندو آهي. خاندان جو ادارو بيواھہ ٿيندڙ عورت کي بہ ڪا سماجي عزت نہ ڏيندو آهي. بيواھہ عورتون گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ تنھائيءَ جي زندگي گذارينديون آھن. بيواھہ عورت ڪنھن بہ خوشيءَ جي محفل ۾ شريڪ نہ ٿي سگهندي آهي، نہ وري ان کي سٺو لباس ۽ زيورپائڻ جي اجازت هوندي آهي، عورت جي هار سنگار ۽ ٺاھہ جوڙ کي مرد جي ذات سان وابستہ ڪيو ويندو آهي، ان ڪري سنڌي سماج ۾ بيواھہ عورت جيئري ئي مُردن جيان زندگي گذارڻ تي مجبور هوندي آهي. عورت جيڪڏھن ڀيڻ آهي تہ ڀاءُ جي بدلي ۾ زبردستي پرڻائي وڃي ٿي. ڌيءَ آهي تہ زبردستي چپ چاپ مائٽن جي مرضيءَ مٿان قربان ٿي وڃي ٿي. پيءُ کي اختيار آهي تہ هو پنھنجي ننڍي نيٽي ڌيءَ جي شادي پنھنجي ذاتي مفاد خاطر ڪنھن بہ وڏيءَ عمر جي مرد سان ڪرائي سگهي ٿو. جڏھن تہ ڇوڪريءَ کي پنھنجي شاديءَ جي باري ۾ ڳالھائڻ جو ڪوبہ حق نہ ڏنو ويندو آهي. پيءُ ۽ ڀاءُ کي اختيار هوندو آهي تہ هو پنھنجي ڌيءَ ۽ ڀيڻ جي سڱ ڏيڻ لاءِ ڪيتري بہ قيمت مقرر ڪن، جتي وڻي اُتي فروخت ڪري ڇڏين. انساني ڪاروبار قانونن غلط بہ هجي پر اهو ڏوھہ جيڪو پنھنجن هٿان ٿئي ٿو، اهو ڏوھہ نہ پر حق سمجهيو وڃي ٿو. ڪڏھن بہ ائين نہ ٿيندو آهي تہ ڌيءَ جي شاديءَ لاءِ پٽ کي مجبورا بدلي ۾ شادي ڪرائي وڃي، سدائين ڀيڻ کي ڀاءُ جي خوشين لاءِ قربان ڪيو ويندو آهي. ڏٺو وڃي تہ معاشي عمل ۾ شريڪ عورتن جي سماجي حيثيت گهر ۾ ساڳي ٿي رهي، تعليم يافتہ عورت بہ پنھنجي گهر جي مردن جي اڳيان پنھنجا فيصلا ٻڌائڻ جي مجازنہ ٿي رهي. معاشي عمل مرد جي سماجي رتبي ۾ اضافو آڻي ٿو، پر عورت کي ان کان محروم رکيو ويندو آهي.
جڏھن پورهئي جي جنسي تقسيم ڪئي وئي تہ عورت جي پورهئي جي اهميت ۽ قدر کي گهٽايو ويو. گهڻي محنت ۽ گهٽ اجرت وارا ڪم عورت جي حصي ۾ آيا. گهرجو مرد گهر جي سربراھہ طور حڪمران جي حيثيت رکي ٿو، هو صرف هڪ ڪم ڪري ٿو، جڏھن تہ عورت جي ڪم جو نہ وقت مقرر آهي نہ وري اجورو مقرر آهي. ٻارن جي پرورش، گهر جا مختلف ڪم ڪرڻ جو ھن کي اجورو نہ ملندو آهي. اهي ڪم ھن جي ذميوارين ۾ شامل ڪيل آھن. ان طريقي سان عورت جي پورهئي جي قيمت بہ گهٽائي وئي ۽ عورت جي پنھنجيءَ ذات جي نفي بہ ڪئي وئي . گهر جي اداري کي ٺاهڻ واري هلائڻ واري عورت ئي هجي ٿي پر گهر مرد جي ملڪيت هوندو آهي، ان کي صاف رکڻ سنوارڻ عورت جو فرض هوندو آهي. مرد جو تشدد ۽ جبر معمول جو حصو آهي، ان کي ڏوھہ تسليم نہ ٿو ڪيو وڃي، هر قتل هڪ رسم آهي ۽ هر ڏوھہ رواج ۾ شامل سمجهيو ٿو وڃي، ان پدر شاهي سماج جا نظريا عورت جي جنسي استحصال کي هٿي ڏيندڙ هجن ٿا.
عورت جو سماجي استحصال
اينگلز جي مطابق، ”پيداواري اوزارن جي ايجاد سان اهڙو طبقاتي سماج وجود ۾ آيو، جنھن ۾ عورت جي معاشياتي اهميت گهٽ ٿيندي وئي، جڏھن طبقاتي سماج پورهئي جي تقسيم ڪئي تہ اهي ڪم جيڪي مرد پاران سرانجام ڏنا ويندا هئا، اهي محترم ۽ مٿانھان سمجهيا ويا ۽ عورت سان لاڳاپيل پورهئي کي اوتري اهميت نہ ڏني وئي، تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو، تہ تاريخ ۾ بہ انھن عورتن جو ذڪر ملندو، جن اهڙا ڪم ڪيا، جيڪي مردن لاءِ مخصوص سمجهيا ويندا آھن. تاريخ ۾ حڪمران عورتن جوذڪر ملي ٿو، قلوپطره، رضيه سلطانه، جهانسي جي راڻي، بادشاھن جون ڀينرون، بادشاھن جون زالون، بادشاھن جون مائرون تہ تاريخ ۾ موجود آھن، پر اهي مردن جي حوالي ۽سڃاڻپ سان موجود آھن، انھن جي ذاتي محنت کي مڃتا نہ ڏني وئي آهي.
لرنر مطابق، ”جڏھن بہ عورتون گهڻي تعداد ۾ ڪنھن پيشي سان منسلڪ ٿيون تہ ان پيشي کي ڪمتر سمجهيو وڃڻ لڳو ۽ انھن جو اجورو بہ گهٽجندو ويو. “
لرنر اهو بہ لکيو آهي، تہ عورتن جي پورهئي جي اها تفريق نہ صرف ھنرمنديءَ ۾ پر تخليقي ۽ شعوري قابليت وارن ڪمن ۾ بہ رکي وئي، تخليقي ڪمن جواجورو گهٽ مقرر ڪيو ويو. تاريخ تي نظر وجهڻ سان محسوس ٿيندو تہ عورت جنگين ۾ تمام گهڻو متاٿر ٿيندي آهي، جنگي ۽ قبائلي جهيڙا عورت جي سڄي سماجي ۽ معاشي زندگي برباد ڪندڙ هجن ٿا، پنھنجي جياپي لاءِ جدوجھد ڪندڙ عورت تاريخ ۾ گم ڪئي ويندي آهي، ٻيءَ جنگ عظيم ۾ تباھہ ٿيندڙ عورت جي حالت ڪنھن کان لڪيل ناهي، مردن جيان ذميواريون سنڀاليندڙ عورت ميدانِ جنگ ۽ ٻاهر زندگيءَ جي ميدان ۾ تمام گهڻي مشقت وارن مرحلن مان گذري جنگ دوران گهر جون ذميواريون سنڀالڻ کان وٺي جنگ وڙھندڙن جي خاندان جي ڪفالت تائين عورت هر مرحلي تي سخت محنت ڪئي پر تاريخ جي فاتحن ۾ سندس نالو شامل نہ ڪيو ويو. طبقاتي سماج ۾ عورت سان ٿيندڙ زيادتين جو ڪو شمار ئي ڪونھي. طبقاتي سماج ۾حاڪميت جا دائرا تمام وسيع آھن. عورت کي مخصوص نطام اندر قيد ڪرڻ، ان جي سماجي ۽ معاشي حيثيت کي گهٽائڻ وارو عمل صدين کان جاري رھندو اچي، ٻنين ۾ ڪم ڪرڻ، اَنُ پيھڻ، چرخو هلائي ڪپھہ مان ڌاڳا ٺاهڻ کان وٺي تعميرات جي سخت ڪمن ۾ عورت جو حصو موجود آهي، سخت جسماني مشقت جا اهي ڪم جيڪي عورتن ڪيا، ان پورهئي جو اجورو گهٽ مقرر ڪيو ويو، ساڳيو ڪم مرد پاران انجام ڏيڻ تي اجورو وڌيڪ مقرر ڪيل هوندو هو. پورهئي جي استحصال بہ عورت جي معاشي حيثيت کي گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سماج ۾ انھيءَ پورهئي ڪم کيتر سمجهيو ويندو آهي، جيڪو عورت جي جنس سان وابستہ هجي.
پروفيسر عرفان حبيب پنھنجي مضمون، ’قرونِ وسطيٰ ڪي صنعتي تاريخ ڪي تلاش‘ ۾ لکي ٿو تہ، ”علاؤ الدين خلجي (1316ع-1296ع) جي دور ۾ قيمتن جي ضابطي مطابق، ڪارڪن مرد غلامن جي قيمت ڏھہ کان پندرھن ٽڪا ۽ ڪارڪن عورت غلامن جي قيمت صرف پنج کان ٻارھن ٽڪا تائين هئي. “
عورت جي پورهئي جي استحصال سان استعمال ٿيندڙ شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي نٿي ٿئي، ڏٺو وڃي تہ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ عورتون معاشي عمل ۾ شامل آھن، پر انھن کي مردن جي برابر سماجي مڃتا نہ ٿي ملي، گهر ۾ ڪمائيندڙ مرد کي جيتري اهميت ۽ عزت ڏني ويندي آهي، عورت کي اوتري نہ ملندي آهي.
پدر شاهي سماج جي باري ۾ اينگلز لکي ٿو تہ، ”سماج ۾ پيداوار جي قدر ۽ مردن جي ان تي اجاراداريءَ مرد ۽ عورت جي تعلق کي تبديل ڪيو، ذاتي ملڪيت عورت کي برابر ساٿيءَ جي حيثيت مان ڦيرائي زيردست زال بڻائي ڇڏيو، طبقاتي استحصال ۽ جنسي خواهشن گڏجي صاحبِ ملڪيت ماڻھن جي طاقت ۾ اضافو ڪيو. “
سماج ۾ خاندان جي ارتقا عورت جي استحصال سان شروع ٿئي ٿي. ڊاڪٽر مبارڪ پنھنجي ڪتاب تاريخ ۽ عورت ۾ لکي ٿو تہ، ”فيمنسٽ نقطئه نظر سان پدرشاهي سماج جو قيام تاريخي سلسلي جو نتيجو آهي. پدر شاهي سماج ۾ مرد ۽ عورت جي تعلق ۾ ان وقت تبديلي آئي، جڏھن عورت ٻار کي جنم ڏنو ۽ ان جي پرورش ڪئي. “
حياتياتي فرق کي عورت جي غلاميءَ جو سبب بڻايو ويو. پدر شاهي سماج عورت جي پيداواري صلاحيت جي نگراني ڪرڻ لڳو. سماجي، ثقافتي ۽ مذهبي روايتن ذريعي ثابت ڪيو ويو تہ عورت محڪوم آهي، جسمانيءَ طور ڪمزورآهي، ان لاءِ عورت جي جسم جو هر اختيار مرد جي حوالي ڪيو ويو، پدر شاهي سماج ۾ نہ صرف عورت جو جسم پر عورت جي سوچ ۽ شعور بہ پابند بڻيل هجي ٿو. سماجي پابنديون رسمون ۽ رواج ھن جي ذھن ۽ سوچ کي غلامي قبول ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿيون. سماجي ۽ ثقافتي رسمون انسانن جي عادتن ۽ سماجي ماحول مان ئي ٺھنديون آھن. اسان جي سنڌي سماج ۾ سڀ خدمتن ۽ ڪاميابين جون رسمون مردن سان سلھاڙيل هجن ٿيون. مثال طور پٽ جي ڄمڻ تي گهڻي خوشي ڪرڻ، پٽ جي ڄمڻ تي سڄي ڳوٺ يا خاندان ۾ مٺايون ورهائڻ خوشي ملھائڻ ۽ نچڻ ڳالھائڻ جون محفلون منعقد ڪرڻ، پٽ جي ڇٺي ڌام ڌوم سان ڪرڻ کان علاوہ شاديءَ جي سلسلي ۾ ڪيل سڀ رسمون ۽ گيت بہ مرد جي شان ۽ حاڪميت لاءِ ڳايا ويندا آھن، انھن سڀني رسمن ۾ عورت جي حيثيت صرف مرد جي نسبت سان هوندي آهي، باقي هوءَ هر رسم مان خارج ٿيل ٿي نظر اچي. قانون ۾ تبديلي ٿي سگهي ٿي، پر اسين صدين کان رائج تفريقي رسمن کي ايترو جلدي ختم نٿا ڪري سگهون. عورت لاءِ رسمن ۽ رواجن جي پابندي مذهبي حڪمن جيان مقدس هجي ٿي.
رياستي استحصال
عورت جي سماجي ۽ معاشي حيثيت کي سماجي ۽ خانداني نقطئه نظرسان ڏسڻ کان پوءِ هڪ نظر رياست تي وجهڻ ضروري آهي. رياست هر فرد جي حقن ۽ فرضن جي حفاظت جي پابند هجي ٿي، رياستي ذميوارين ۾ هر فرد لاءِ برابر قانون سازي ڪرڻ برابرتعليم ڏيڻ، برابر تحفظ، برابر صحت جون سھولتون ڏيڻ، برابر روزگار جا موقعا ڏيڻ شامل هجي ٿو. ٿورو غور سان ڏسجي تہ، هڪ سيڪيولر رياست جي نسبت مذهبي پابندين ۾جڪڙيل رياست عورت کي برابر حق ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي رهي، جتي بہ حڪومتي نظام ۾ جاگيرداراڻو نظام ۽ انتھاپسند قوتون دخل انداز ٿين ٿيون، ان سماج ۾ عورت لاءِ معاشي ترقيءَ جا موقعا ختم ٿي وڃن ٿا. جڏھن پاڪستان ۾ ضياءُ جو دور آيو تہ اُن ۾ آئين کي معطل ڪيو ۽ بنيادي انساني حقن کي سلب ڪيو ويو، ضياءُ نہ صرف آمر هو پر هو تمام گهڻو بنياد پرست بہ هو، جنھن مذهب جي آڙ ۾ ڪيترائي ڪارا قانون نافذ ڪيا، جن جو سڌو سنئون نشانو عورت بڻي. زاهده حنا پنھنجي ڪتاب، ”عورت، زندگي ڪا زندان“ ۾ لکي ٿي تہ: ” 979ع ۾ڪوڙا هڻڻ جي اسلامي سزا جو آرڊيننس جاري ٿيو، جنھن جي آرٽيڪل (1) 5 ۾ لکيل هو تہ مرد کي بيھاري ۽ عورت کي ويھاري ڪوڙا ھنيا وڃن ۽ ان ئي آرڊيننس جي آرٽيڪل (5) D ۾ لکيل هو تہ قيدي عورت ڳورهاري هجي تہ سزا ٻار جي پيدائش يا استقاطِ حمل جي ٻن مھينن تائين ملتوي ڪئي ويندي. ان آرڊيننس تحت روزنامه جنگ 25 جولاءِ 1981ع ۾ ڇپجندڙ هڪ خبر مطابق ڪنھن عورت کي ڪوڙن جي سزا ٻڌائي وئي . “ ان واقعي جي رد عمل ۾ وومن ايڪشن فورم جو بنياد پيو ۽عورتن روڊ تي نڪري احتجاج ڪيو. ضياءُ جي ڪارن قانونن خلاف وومن ايڪشن فورم جي ميمبر عورتن لاهور جي مال روڊ تي احتجاج ڪيو ۽ رياستي جبر کي منھن ڏنائون. پوليس انھن عورتن تي لاٺي چارج ڪيو ۽ ڳوڙها گئس سان انھن کي منتشر ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، ڪيتريون ئي عورتون زخمي ٿيون ۽ جيل حوالي ڪيون ويون. آمريت سدائين شعور کان خوفزده ٿيندي آهي ۽ انتھا پسندي روشن خياليءَ کان پري ڀڄندي آهي. آمريت جي جبر واري دور ۾ هر مڪتبہ فڪر جي ماڻھن تشدد کي منھن ڏنو، وڪيلن، مزدورن، ڊاڪٽرن، اديبن، شاگردن سڀني کي اذيتون ڏنيون ويون. عورتن کي بہ رستن روڊن تي ماريو ويو، جن صرف پنھنجن حقن جي ڳالھہ ٿي ڪئي، ڏٺو وڃي تہ ان پرتشدد اونداھہ واري دور ۾ طاري ٿيل انتھاپسندي ۽ مذهبي جنونيت مان رياست اڃا تائين نہ نڪري سگهي آهي، عورت لاءِ ٿيل قانون سازي ان انتھاپسنديءَ هيٺ آهي. جڏھن جاگيرداري سماج جي هڪ سردار جي فيصلي مطابق مختاران مائيءَ سان جنسي ڏاڍائي ڪئي وئي تہ ملڪي قانون بي وس بڻجي ويو، سالن گذرڻ کان پوءِ بہ ان کي انصاف نہ ملي سگهيو. پدر شاهي سماج جي نظام جو اسان جي رياست تي بہ حاوي هجڻ عورت جي استحصال جو اهم ڪارڻ آهي. جون 2010ع ۾ ذڪيه وساڻ جو قتل ٿيو، جنھن ۾ سندس مڙس کي جوابدار ڄاڻايو ويو ذڪيه کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو، ڪھاڙين سان ڳڀا ٿيل لاش کڻي مائٽن ايف آئي آر درج ڪرائي پر سالن گذرڻ کان پوءِ بہ قاتل آزاد ٿو گهمي، رياستي قانون عورت کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿو نظر اچي.
عورت جي ذات سان لاڳاپيل جيترا بہ ڪيس سامھون اچن ٿا، اهي ڀلي جنسي ڏاڍائيءَ جا هجن، قتل جا هجن، اغوا جا هجن، زبردستي شاديءَ جا هجن، ائين محسوس ٿيندو آهي تہ اسين ڪنھن ترقي يافتہ، تھذيب يافتہ دور ۾ نہ پر صديون پراڻي قبائلي دور ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون. اِنھيءَ حقيقت جو اندازو اِتان بہ لڳائي سگهجي ٿو تہ ھن ايڪيھين صديءَ ۾ ڪنھن عورت سان ٿيل جنسي ڏاڍائيءَ جي مامري ۾ پاڪستان جي نظرياتي ڪائونسل ڊي اين اي جي ثبوت کي رد ڪندي صرف چار اکين ڏٺي شاهدن جي موجودگيءَ واري ثبوت تي ئي زور ڏئي ٿي.
جديد دور جي اها مھرباني آهي تہ صدين جي جدوجھد کانپوءِ بہ طبقاتي سماج، جاگيردار طبقو ۽ مذهبي انتھاپسند قوتون، عورت جي سماجي توڙي معاشي حيثيت کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناھن. ڏٺووڃي تہ ٻھراڙيءَ سان گڏوگڏ اسان جون شھري عورتون بہ اوتري ئي جبر ڀوڳي رهيون آھن. اسان جي سماج ۾ عورتن کي اڄ تائين بہ تعليم، صحت ۽ روزگار جي حصول ۾ مردن جي برابر آئيني حق حاصل ڪونہ آھن. بنيادي انساني حقن کان محروم عورتون پنھنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ وقت بہ سؤ دفعا سوچين ٿيون، ڇوتہ رياستي آئين انھن جي تحفظ ۾ بہ ناڪام ٿو نظر اچي، اڄ عدالتن ۾ بہ عورتن جا قتل ٿين ٿا. پسند جي شاديءَ لاءِ آيل هڪ ڇوڪريءَ کي حيدرآباد جي ڪورٽ ۾ قتل ڪيو ويو هو. ۽ اهڙا کوڙ سارا واقعا روزانو اخبارن جون سرخيون بڻجن ٿا.
ھن وقت اسان جي سماج لاءِ عورت جي سماجي ۽ معاشي حيثيت هڪ سوال بڻيل آهي. عورت پنھنجي وجود ۽ ذات کي فرد جي حيثيت سان مڃايو آهي، عورت جي ذھني قابليت ۽ صلاحيتون هاڻ لڪل ناھن، پر انھن جي سماجي مڃتا نظر نٿي اچي.
مس ٽراٽسڪي پنھنجي 1925ع ۾ ڇپيل آرٽيڪل ۾ لکي ٿو تہ، ”عورت جي ان خراب حالت کي پاڙ کان پٽي ڪڍڻ صرف ان صورت ۾ ممڪن آهي، جڏھن سماجي، خانداني ۽ گهريلو حالتن کي بدلايو وڃي. “
عورت جي استحصال جي خاتمي کان سواءِ ڪوبہ انقلاب اچڻ ممڪن نہ آهي. بھتري ۽ روشن خيالي هر اداري ۾ اچڻ کان پوءِ ئي ان تشدد جبر ۽ استحصال جي ڄارن کي ڪٽي سگهبو. اسان جا مذهبي قدر، اسان جو سماج اسان جو خاندان تہ عورت کي فرد جي حيثيت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، پر اڄ جي عورت بہ انھن نظرين کي مڃڻ کان انڪار ٿي ڪري. ھن جو انڪار ئي ھن جي ڪاميابي آهي، ايندڙ تاريخ شايد، زاهده حنا جو ٺاهيل اصطلاح استعمال ڪري پر عورت هي ”ڪوک مزدور“ واري اصطلاح مٽائڻ لاءِ جدوجھد جاري رکندي ايندي.
24 نومبر 2016ع