ڪوھہ قاف ۾ قيد انصاف جي شھزادي!
عوام سماج جي هجوم ۾ ائين حيران پريشان رلندو ٿو وتي، ڄڻ تہ هو ڪنھن اجنبي شھر ۾ گم ٿيل ٻار هجي، جيڪو پنھنجي مائٽن جا پار پتا بہ وساري چڪو هجي. ٻيو تہ ٺھيو، پر انصاف جي حصول جا ادارا بہ عوام کان ايترو پري آھن ڄڻ تہ انصاف ڪوھہ تاف ۾ قيد ٿيل ڪائي شھزادي هجي، جنھن جي حصول لاءِ 7 مخصوص سوالن جا جواب ڏيڻا هجن ۽ ڪوھہ قاف تي پھچڻ لاءِ جادو تي اڏامندڙ گهوڙي جي بہ ضرورت پوندي هجي ۽ هڪ عدد سليماني ٽوپي بہ ضروري هجي، جيڪا پائي عام نظرن کان گم ٿي وڃجي.
جيئن مومل ۽ سندس چاهيندڙن جي وچ ۾ ناتر بظاهر رابطو هئي، پر اها راھہ ڀلائيندڙ هئي. ساڳئي طرح سماج ۾ موجود ناتر عوام ۽ حڪومت کي ويجهو اچڻ نٿي ڏئي ۽ نہ وري عوام ۽ ادارن ۾ رابطو قائم ٿيڻ تي مطمئن ٿي ٿئي.
جنھن ويل ڪو بي خبريءَ جي ڄار ۾ وڪوڙيل غريب ڪا شڪايت کڻي ٿاڻي تي رسندو آهي تہ ان جي سچ ڪوڙ، ڏوهي بي ڏوهيءَ هجڻ جو دارومدار صرف چند لفظن جو محتاج بڻجي ويندو آهي. ٿاڻي تي جيڪو ڪجهہ درج ڪيو ويندو آهي، اهو ھن جي لاءِ حرف آخر ثابت ٿيندو آهي. جيڪڏھن لفظ طاقتور ۽ لکندڙ تجربيڪار ۽ ايماندار هوندو تہ ڪيس مضبوط ٺھندو نہ تہ انصاف لاحاصل ئي رھندو. فريادي لاڳو ٿيندڙ قلمن ۽ قانونن کان بي خبر هوندو آهي ۽ ٿاڻي تي موجود محافظ انساني حقن جي منشور کان ناواقف هوندا آھن. فرياديءَ جي ذھني پيڙا ڀوڳنا کان بي خبر هو بي تاج بادشاھہ ائين ورتاءُ ڪندا آھن، ڄڻ تہ بنيادي انساني حقن جي پڌرنامي ۾ درج ڪيل انساني حق سندن لاءِ متروڪ ڪيل نصاب جو ڪو باب هجن. ڄڻ تہ بنيادي انساني حقن سان انھن جو ڪو واسطو ئي نہ هجي. هو بي تاج بادشاھہ چاهين تہ لاتعداد قلم لاڳو ڪري ڪنھن بي گناھہ کي گناهگار بہ ثابت ڪري سگهن ٿا ۽ هو چاهين تہ قلمن جي ڦير گير سان انساني قاتل کي ڪنھن جهرڪيءَ جو شڪاري ثابت ڪري آزاد ڪرائي ڇڏين. اسان جي ٿاڻن ۽ ڪورٽن جو منجهائيندڙ ۽ ڊگهو طريقہ ڪار جنھن ۾ عام ماڻھو بيوس بڻجي عاجز اچي ڪيس تان هٿ بہ کڻي ويندا آھن تہ ڪي وري ان ڌٻڻ ۾ ڦاسي حياتيءَ جا ورهين جا ورهيه ڪورٽ ۽ ٿاڻن جي وچ ۾ گهاريندا رھندا آھن. پٽيشن جون تاريخون لکندڙ عام ماڻھوءَ جي ذھني پيڙا ۽ نفسياتي تشدد جي شدت کي نظرانداز ڪري ٿا ڇڏين. ھنن لاءِ فقط جنبشِ قلم ۽ ٻين لاءِ لامتناهي عذاب!
کوڙ سارا ڪيس سالن جا سال هلندا رھندا آھن، ايتري قدر جو ڪيل جرم جي مقرر ڪيل سزا کان وڌيڪ عرصو ڪيس لڳڻ ۽ هلڻ ۾ گذري ويندو آهي. بي پھچ انسان انصاف جي حصول پويان حياتيءَ جا ڏينھن بہ کٽائي ويھندا آھن.
ناانصافيءَ جي نانگن جا ڏنگيل کوڙ سارا مثال دنيا ۾ ملندا، جنھن جي ڪارڻ عوام پنھنجا اڳواڻ بہ وڃائي ويھندا آھن. دلين ۾ ڌڙڪندڙ اڳواڻ بہ ڪوڙن ڪيسن جي ور چڙهي صليب تي لٽڪايا ويندا آھن تہ ڪڏھن عوام جي انبوھہ ۾ ماريا ويندا آھن.
مجرم سامھون موجود هوندا آھن، پر آئينہ در آئينہ عڪس ائين لڪل هوندا آھن جو اصل تائين پھچڻ ممڪن نہ رھندو آهي. انھن سڀني اوڻاين جي سببن کان ڪير بہ بي خبر نہ هوندو آهي. سڄي نظام جي تخليق کان حڪومت بہ بي خبر نہ هوندي آهي ۽ نہ وري ادارا ان جي ڄاڻ کان انڪاري ٿي سگهن ٿا. پر ان نظام کي صاف شفاف بنائڻ ۽ ور وڪڙ ڪڍي سڌو سنئون بنائڻ جو مھا ڏس رکڻ بہ اوکو آهي. اهو ڪم ان ڪري بہ ڏکيو آهي جو عوام جي ڏکن، تڪليفن، پيڙائن، دردن کي پنھنجي دلين ۾ محسوس ڪرڻ وارا اڳواڻ موجود نہ آھن. ذاتي مفاد، اجتماعي مفادن جي اڳيان فاتح جيان پنھنجا جهنڊا کوڙي فتح جا نغارا وڄائيندا ٿا رھن. ستايلن جي سھائتا تڏھن ڪئي ويندي آهي، جڏھن ان جي ضرورت محسوس ڪئي وڃي. جيڪڏھن ادارا پنھنجي جبري ۽ استحصالي روين کي درست سمجهندي عمل ڪندا ۽ عوام ان جبر کي اخلاقي طرح صحيح ۽ ٺيڪ سمجهندو رھندو تہ مسئلو ڪڏھن بہ حل ٿيڻ جوڳو نہ رھندو.
عوام ادارن جي ڪم جي طريقہ ڪار کان ناواقف آهي ۽ ادارا بنيادي انساني حقن کان ناواقفيت وارو رويو اختيار ڪندا آھن. ادارا هر استحصالي رويي جي قانوني ۽ سياسي جوازن ۾ لڪي ويندا آھن، عوام پنھنجي سوچ، پنھنجين ضرورتن، پنھنجن نظرين سميت اڪيلو نہ کُٽندڙ جنگ وڙھندو ٿو رهي. شاھہ لطيف چواڻي:
ڀلي ڪيئي ڀلا پرين، هيئن نہ مناسب هوءِ،
لائي چت چريو ڪري پاڻ ڪڍي وئين پوءِ،
توڻي حب نہ هوءِ تہ بہ هوت نہ ڪجن هيڏيون.
ٽالسٽاءِ جڏھن پنھنجي تحريرن ذريعي انساني ضمير کي جاڳائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري تہ ائين چوي ٿو تہ: ”اسان جي سچي زندگي انھيءَ ۾ ئي آهي تہ اسان هر وقت پنھنجي ذھن ۽ ضمير جي مطابق هلون. “
انسان کي ذھن، ضمير ۽ سوچ مطابق هلڻ کان روڪڻ وارين رڪاوٽن کي سڀ کان پھرين دور ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي، جيڪي اسان جي ئي اندر ۾ ڪٿي لڪل هجن ٿيون. ڪجهہ سوچ تي پابنديون، ڪجهہ حدبنديون، ڪجهہ عوام ۽ حڪومت جي مقصدن ۽ سوچ جا اختلاف راھہ کي تڪليف بڻائي ٿا ڇڏين. عوام ان قانوني راند کان بي خبر صرف ۽ صرف انصاف جو منتظر رھندو آهي. اهڙا نہ ڄاڻ ڪيترا پيڙهيل مظلوم صرف انصاف جي ڪٽھڙي تائين پھچڻ لاءِ ۽ سماج جي اگني پرڪشا مان گذرن ٿا. اسين تہ جرم کي جرم ثابت ڪرڻ لاءِ بہ صرف لفظن جي جادوگريءَ جا محتاج بڻجي ويا آهيون. بھتر تہ ائين ٿيندو تہ انصاف جي مومل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪاڪ محل جي ناتر جي پويان نہ لڳجي، ڇو تہ ناتر راھہ ۾ رلائڻ جي ماهر آهي، پر ناتر تي فتح حاصل ڪري ھن کي پنھنجي منزل طرف وٺي هلڻ لاءِ مجبور ڪجي. شايد ائين ئي عوام ۽ حڪومت جا ويڇا ختم ٿي سگهن ۽ ٻئي هڪ ٻئي جي سوچ ۽ نظرين مطابق هلڻ جو عزم ڪري سگهڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن.
22 نومبر 2010ع