ڪالم / مضمون

هيءَ سَئن نہ ڏيندي چين

نياز پنھور لکي ٿو ”هي ڪتاب رڳو 47 ڪالمن يا مضمونن جو نہ پر اسان جي اڄ جي سماج جي لينگهو پاتل چھري جو ڏيک آهي، هي ڪتاب اڄ جي حالتن ۽ زندگيءَ جي حقيقتن تي ٻڌل اهڙو نوحو آهي، جنھن ۾ هر طرف ڳوڙها آهن، سڏڪا آهن. هي ڪتاب اڄ جي سماج جو هڪ اهڙو آئينو آهي جنھن کي پڙهندي اسان پنھنجي چؤطرف موجود ماحول جو چھرو چِٽائيءَ سان ڏسي ۽ پسي سگهون ٿا، اسان جي آڏو اسان جون بي وسيون، سماج جون ناانصافيون، حڪومتن جون بي رحميون الائي ڇا ڇا اڀري ۽ تري اچي ٿو. 

Title Cover of book Hi Se’en Na Dindi Chain

ٽياس تي ٽنگيل ارمان ۽ انصاف جون گهرجون

هو اڻ پڙهيل هيون، غريب هيون، بي وسيلا هيون، مظلوم هيون پر ھنن جي ذھني سجاڳيءَ ۽ شعور کين ظلم کي ظلم چوڻ جو حوصلو ڏنو. ھنن سماجي شعور جي سينوريل ۽ بيٺل پاڻيءَ ۾ پنھنجي ساڃاھہ جا پٿر اڇلي هلچل مچائي ڇڏي. ھنن دانھن ڪئي ۽ زماني جي اڳيان ان جرم جو پردو چاڪ ڪيو، جنھن کي ڪجهہ وقت اڳ بيان ڪرڻ بہ جرم هو. اهي مائرون جن جون معصوم ڌيئرون ڏينھن ڏٺي، خوف پکيڙيندڙ هيبتناڪ هٿيارن جي ڇانوَ ۾ کنڀيون ويون، ريپ ڪيون ويون ۽ زنده لاش جيان واپس اڇلايون ويون، انھن جي دانھن آھن جي گونج اڃا تائين انصاف جي مرحلن کي طئہ ڪري رهي آهي تہ پاڪستاني اعليٰ عدالت جي ڪنھن اچانڪ صدمي وانگر انصاف جي اُميدن کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو آهي.
انصاف ۾ دير سھي، انصاف پھچ کان پري سھي پر ڪجهہ منتظر مائرون، ڪجهہ ڌيئرون، ساھہ جي سُرندڙ سڳي ۽ دل جي هر ڌڙڪن سان وقت جي گذرندڙ هر ڪلاڪ، هر منٽ، هر سيڪنڊ، هر پل کي ڳڻي رهيون هيون. مختاران مائيءَ جي مجرمن جي آزاديءَ جو فيصلو ٻڌي انھن جي آس ۽ اُميد هڪ دفعو وري مري وئي .
مختاران، جاگيرداراڻي ۽ قبائلي نظام کي للڪاريو هو. مختاران سان ڏاڍ، انسانيت کي قتل ڪندڙ هڪ جرڳائي فيصلي جو نتيجو هو. ساڻس ٿيل ڏاڍائي صديءَ جو شرمناڪ ترين حادثو هو تہ وري انھن مجرمن جي آزادي ان کان بہ وڌيڪ حيران ڪندڙ واقعو آهي. ان سماج ۾ جتي ڪنھن ڇوڪريءَ کي ڪو لوفر ڇيڙي ٿو، ڪو غلط جملو ڳالھائي ٿو تہ ھن کي اها ڳالھہ گهر ۾ ٻڌائيندي بہ لڄ پئي ٿيندي آهي. ڏاڍائيءَ جو شڪار ٿيندڙ عورت لاءِ تہ خودڪشيءَ کانسواءِ ڪا ٻي واھہ بچي ئي نٿي. مختاران ان ظالم سماج اڳيان پنھنجو ڪيس پاڻ پيش ڪيو، ھن غيرت جي ٺيڪيدارن جي منھن تان نقاب لاهي سندن شرمناڪ چھرا، دنيا جي اڳيان آندا هئا- پر سلام آهي ملڪي نظام کي جنھن تحت مجرم آزاد ٿي ٿا وڃن. هڪڙا مجرم اهي هوندا آھن جيڪي علي الاعلان جرم ڪندا آھن ۽ ٻيا اهي هوندا آھن، جيڪي جرم جو ساٿ ڏيندا آھن ۽ ان کي بچائڻ لاءِ قانوني داءُ پيچ هلائي بچاءَ جا گس ڳوليندا آھن. هڪ مجرم جي نجات لاءِ سڄي رياستي مشنري ۽ انتظامي ادارا ۽ سماج پاڻ پتوڙيندا نظر ايندا آھن پر گناھہ کي گناھہ ثابت ڪرڻ، مجرم کي سزا ڏيارڻ لاءِ سڀ بيوس ۽ لاچار بڻجي ٿا وڃن.
2009ع ۾ جوهيءَ جي زليخا سان ڏاڍائيءَ وارو واقعو هجي، نوشھرو جي نويدہ ڪلھوڙو جو گينگ ريپ هجي يا فيض گنج جي انعم جو ڪيس هجي سڀ عاجز ۽ مجبور بڻجي چڪا آھن. هي ٽئي اهي گينگ ريپ ۽ اغوا جا ڪيس آھن جن ۾ جرم قبوليو وڃي ٿو، ڏوهاري چون ٿا تہ، ”اسان مجرم آهيون پر آهي ڪو اسان کي پڪڙڻ وارو؟ ڪنھن جي همت آهي جو اسان ۾ هٿ وجهي سگهي؟“
نويدہ ۽ زليخا انصاف کان پري ان ڪري بہ آھن جو انھن تي سماجي ۽ سياسي دٻاءُ آهي، ان کان علاوہ جيڪي بہ ريپ يا گينگ ريپ ٿين ٿا، انھن جي ايف آءِ آر صحيح نٿي لکرائي وڃي.
قانون لفظن جو محتاج آهي. لفظن جي ڦير گهير سان ڪيس ڪمزور بہ ٿئي ٿو ۽ جي پيرا کڻجن ٿا تہ باھہ گهر کان ئي لڳل نظر اچي ٿي. زليخا جي ڪيس جو جائزو وٺڻ سان خبر پوي ٿي تہ هٿيارن جي زور تي 12 سالن جي معصوم ڇوڪريءَ کي اغوا ڪري 6 جوابدار کڻي ويا، علائقي ۾ خوف ۽ دهشت پکڙجي وئي پر اهو ڪيس ان ڪري ڪمزور آهي جو ان جي ايف آءِ آر ۾ اهي ڳالھيون شامل ئي نہ ڪيون ويون آھن. اهو اغوا ۽ گينگ ريپ جو ڪيس دهشتگردي ايڪٽ تحت فائل نٿو ٿي سگهي.
ڪيس جي اهميت، نوعيت، حساسيت کان بي خبر انتظامي ادارا انصاف جي راھہ ۾ وڏي رڪاوٽ آھن. ظلم مٿان ظلم تہ اهو آهي تہ ضمانت ڪرائڻ صفا آسان آهي. ريپ جا ڏوهاري ضمانت تي آزاد ٿي وڌيڪ خوف ۽ دهشت پکيڙيندا ٿا نظر اچن. زليخا ڪيس جا جوابدار جيئن ئي ضمانت تي آزاد ٿيا تہ انھن پنھنجي شھر ۾ فائرنگ ڪري 3 ماڻھو زخمي ڪيا ۽ پنھنجي فتح جو اعلان ڪيائون، انھن بااختيار مجرمن تي ڪو بہ قانون، ڪو بہ ايڪٽ لاڳو نہ ٿو ٿي سگهي.
نويدہ جا مجرم بہ سندن دروازي تي اچي ڪيس تان هٿ کڻڻ جون ڌمڪيون ٿا ڏين ڇو تہ هو خود قانون جو واپار ڪندڙ قبيلي سان تعلق رکندڙ آھن. قانون جي واپار ۾ ملوث سرِعام فتح جا نعرا هڻندا ٿا رھن. جرم کي پناھہ ڏيڻ لاءِ رشتا، ناتا، تعلق پرسنل رليشن، هر طريقو استعمال ٿئي ٿو.
پھرئين مرحلي تي انصاف جو قتل قانون جي محافظن جي هٿان ٿئي ٿو. ٻئي مرحلي تي ظلم ميڊيڪل رپورٽ ذريعي ڪيو ويندو آهي. ميڊيڪل رپورٽ لاءِ موڪليل جزن ۾ دير، ميڊيڪل چيڪ اپ ۾ تاخير بہ انصاف جي قتل برابر هوندو آهي. ان کانپوءِ قانوني طريقہ ڪار جنھن کان عام ماڻھو اڪثر اڻ ڄاڻ هوندا آھن. انصاف جي ڪرسي تي ويھندڙ انسان لاءِ لفظ ۽ تاريخون انسان جي انتظار جي پيڙا کان وڌيڪ اهميت رکندڙ هوندا آھن. ڪڏھن جوابدار ڪورٽ ۾ اچڻ کان قاصر، ڪڏھن وڪيل غير حاضر، ڪڏھن ڪجهہ قانوني مجبوريون انصاف لاءِ منتظر انسانن جي حوصلي ۽ صبر کي چئلينج ڪنديون رھنديون آھن.
مسئلن کان هرڪوئي واقف هوندو آهي پر بنيادي خرابين کي دور ڪرڻ لاءِ ڪو بہ آواز بلند نٿو ڪري. انتظامي ادارن ۾ موجود محافظن لاءِ انساني حقن جي ڄاڻ ۽ سماجي سطح تي قانوني ڄاڻ جي ضرورت محسوس ٿيڻ سان گڏوگڏ، ان ڳالھہ جي بہ ضرورت محسوس ٿئي ٿي تہ عدالتي نظام سياسي ۽ سماجي اثر رسوخ کان آجو هجي ۽ ڪيسن جي تڪڙي اڪلاءَ لاءِ ضروري آهي عورتن سان واسطو رکندڙ ڪيس خاص طور تي ريپ جي ڪيسن لاءِ الڳ ڪورٽن جو قيام عمل ۾آڻڻ لاءِ سوچيو وڃي.
گينگ ريپ جا ڪيس دهشتگردي ڪورٽ ۾ هلائڻ سان گهٽ ۾ گهٽ اهو فائدو ضرور ٿيندو جو مجرم اثر رسوخ استعمال ڪري ضمانت ڪرائڻ ۾ ڪامياب نہ ٿي سگهندا.
5 سال انتظار جي ٽياس تي ٽنگيل مختاران جا مجرم صرف ريپ ڪندڙ نہ آھن پر پھريان مجرم جرڳو ڪرائيندڙ جاگيردار، انتظامي ادارا، انصاف وارو نظام بہ آهي. هڪ دفعو انھن سڀني کي ڪنھن ڪٽھڙي ۾ ضرور اچڻو پوندو. ڇو تہ اهڙي فيصلي انصاف جي منتظر گهڻين عورتن ۾ مايوسي پکيڙي ڇڏي آهي. اُهي 10 ۽ 13 ورهين جون معصوم نينگريون جيڪي اڄ بہ پنھنجي مائرن جي ھنج ۾ لڪي سمھڻ جي باوجود بہ ڀيانڪ ڪاري رات جي ڀؤ کي وساري نہ سگهيون آھن. اڄ بہ رات جو رڙيون ڪري جاڳي ٿيون پون. اڄ ھنن جي دلين ۾ انھن زيادتي ڪندڙن جو تصور هڪ ظالم ۽ وحشي کان وڌيڪ ڪجهہ بہ نہ آهي. اها ظلم جي ڪاري رات ھنن جي سڄي زندگي مٿان طاري ٿيل آهي. انھن مائرن جو درد جيڪي دنيا جي اڳيان تسليم ڪن ٿيون تہ ها، اسان جي ڌيئرن سان گينگ ريپ ٿيو آهي، اهي ڌيئرون جيڪي چون ٿيون تہ ها، اسان سان ڏاڍ ٿيو آهي، لفظن ۾ بيان ڪرڻ نھايت ڪٺن آهي، ان پيڙا ۽ اذيت اڳيان لفظ ننڍڙا ٿي ٿا وڃن ۽ پنھنجي معنى ۽ مفھوم وڃائي ٿا ويھن. اُهي وحشي جيڪي انسانيت جي نالي کان بي خبر آھن اهي ان ڏک ۽ اذيت کي بيان ڪرڻ ۽ سمجهڻ کان بہ قاصر هوندا. هو تہ جرم ڪرڻ کانپوءِ صرف پنھنجي بچاءَ جا طريقا تلاش ڪندا رھندا آھن. هر اهم انتظامي اداري ۾ اهڙن وحشين جي موجودگي بي حسيءَ جي علامت بڻيل آهي.
جيڪڏھن ايف آءِ آر انويسٽيگيشن، ميڊيڪل چيڪ اپ، ميڊيڪل رپورٽ جي مرحلن کان وٺي عدالتي نظام تائين هر وک تي موجود رڪاوٽن جو جائزو وٺجي تہ صاف نظر اچي ٿو تہ اهم انتظامي ادارن ۾ اهم عھدن تي عورتن جي غير موجودگي ناانصافيءَ کي هٿي ڏيندڙ آهي. اهم ذميدار عھدن تي عورتن جو فائز هجڻ ھن وقت ضروري ٿو محسوس ٿئي. ايف آءِ آر لکندڙ عورت هجي، ميڊيڪل رپورٽ موڪليندڙ يا لکندڙ عورت هجي، انصاف جي ڪرسيءَ تي ويٺل عورت هجي جيڪا صرف لفظن جي راند نہ پر جذبن جي پروڙ رکندڙ هجي، پوءِ ڏسجي تہ انصاف جو حصول ڪيئن ٿو خواب بڻجي؟ ڪيئن ٿيون عورتون انتظار جي ٽياس تي ٽنگجن؟ ڪيئن ٿو انصاف جو قتل ٿئي؟ سياسي اثر رسوخ، جاگيردارانہ نظام، سفارش، رشوت، سست عدالتي نظام جي زنجيرن ۾ قيد بيوس انصاف جي آزاديءَ لاءِ هڪ عورت ئي آواز بلند ڪري سگهي ٿي. ٽياس تي ٽنگيل انصاف کي زندگي ڏيڻ لاءِ جدوجھد ڪرڻ جو حوصلو بہ عورت ئي ڪري سگهي ٿي.

23 اپريل 2011ع