انصاف لاءِ واجهائيندڙ زينب
ھن نازڪ ننڍڙي ٻار کي بہ ھن وقت اها ئي صورتحال درپيش آهي، جنھن کي ساڻس ٿيندڙ ڏاڍائي جي ڏوھہ ۾، ڪنھن عمر قيد جي قيديءَ جيان قيدِ تنھائي جي اونداهي ڪوٺيءَ ۾ واڙيو ويو آهي. جنھن مھل هوءَ پاڻ تي گذرندڙ دکدائڪ وارتا ٻڌائي ٿي تہ سندس ڪنبندڙ آواز ۽ ڏڪندڙ نازڪ وجود، حساس دلين کي ڪاتيءَ جيان وڍي ٿو ڇڏي. اسان جي سماج ۾ عزت، غيرت جا سڀ حوالا عورت سان سلھاڙيل هجن ٿا. ڪنھن اتفاقي حادثي ۾ ٽنگ ٻانھن ڀڃائيندڙ عورت سان گڏوگڏ جنسي ڏاڍائي جو شڪار ٿيندڙ عورت بہ سماج لاءِ ناقابل قبول هجي ٿي. ان لاءِ بہ ڌڪار جا جذبا محسوس ڪيا وڃن ٿا. ان ڪري ئي ھنن 14 سالن جي اسڪول ۾ پڙھندڙ ٻارڙيءَ کي بہ سماج جي ڪٽھڙي ۾ ۽ ميڊيا کي منھن ڏيڻ لاءِ اڪيلو ڪيو ويو آهي. هوءَ پنھنجي سھيلين جي چوڻ تي، سندن گهر وئي جتي سندس معصوميت مان فائدو ورتو ويو. ھن جا مجرم اهي چار لوفر ڇوڪرا آھن جن جي لاءِ کپرو شھر جا واسي چون ٿا تہ اهي لوفر ڇوڪرا رولو ڪُتن جيان شھر جي واحد گرلز اسڪول جا چڪر ڏيندا رھندا هئا. گرلز اسڪول عام ماڻھن جي گهرن کان فاصلي تي هجڻ جي ڪري اڪثر ڇوڪريون پيدل اسڪول اچن وڃن ٿيون. ڇوڪرن جون ايجنٽ ڇوڪريون، معصوم ڇوڪرين کي ورغلائي انھن جي حوالي ڪري ٿيون ڇڏين. معصوم زينب سان ٿيندڙ اذيتناڪ واقعو انھن رولو ڇوڪرن جي جرمن تي پيل پردا کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو. ڇو تہ ڇھين آڪٽوبر تي کپرو شھر جون ويران گهٽيون ۽ دڪانن جا بند دروازا شھر واسين جي شعور جي کليل دروازن جا ساکي هئا. انھن بند دروازن اهو اعلان ڪري ڇڏيو تہ هاڻ وڌيڪ جرم جا دروازا کليل نہ رھندا. کپرو شھر جا واسي ان ڏينھن رستن تي ميڙ ڪري احتجاج ڪري رهيا هئا تہ ٻين نياڻين جون لڄون محفوظ رکڻ لاءِ ضروري آهي تہ انھن مجرمن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي.
زينب جي ڪيس ۾ بہ اهو ئي ڪجهہ ٿي رهيو آهي، جيڪو اسان جي سماج جي سڃاڻپ آهي. اسان وٽ زينب جي عزت جي قيمت پئسن سان لڳائي ويندي آهي. سو جيڪڏھن پئسا ڏيئي زينب جي مائٽن کي خاموش ڪرائڻ جون ڪوششون ورتيون ويون تہ بہ ڪا نئين ڳالھہ نہ ٿيندي. جيڪڏھن سياسي اثر رسوخ رکندڙ مجرمن کي سياسي چادر ۾ لڪائيندا تہ بہ ڪا نئين ڳالھہ نہ ٿيندي.
پوليس ڏاڍ اڳيان هٿ ٻڌي گوڏا کوڙي بيھندي تہ بہ ڪا نئين ڳالھہ نہ ٿيندي. جيڪڏھن زيادتيءَ کي، آمراڻي سوچ رکندڙ ماڻھو، ٽوڙي مروڙي، واقعن ۽ حقيقتن کي گول مول ڪري زينب کي مجرم قرار ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا تہ بہ ڪا نئين ڳالھہ نہ ٿيندي. پر جيڪڏھن ھنن ظاهر ظھور بينقاب وحشي درندن کي کليل ڇڏيو ويو تہ باشعور ماڻھن جو شھر کپرو، جھالتن جي اونداهيءَ جي ور ضرور چڙهي ويندو. کپرو واسي چون ٿا تہ انھن رولو ڪُتن جو هڪ گروھہ آهي جن کپرو واسين جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. شھر جا 80 سيڪڙو ماڻھو هاڻ نياڻين کي اسڪول ۾ موڪلڻ کان لنوائين ٿا. هو عزت جي بدلي ۾ ملندڙ تعليم کان ڇوڪرين کي گهرن ۾ بند ڪري ويھارڻ وڌيڪ محفوظ ٿا سمجهن. معصوم زينب جو ڪيس مجرمن لاءِ ‘ٻہ ڌاري’ تلوار بڻجي ويو آهي، جيڪا ھنن جي جسمن کي چيريندي اندر داخل ٿئي ٿي. کيس رتوڇاڻ ڪري، جسمن مان ٻاهر نڪرندي ٿي وڃي. ڇو تہ هي ڪيس ھنن لاءِ پھريون نہ هو. هو پراڻا کلاڙي هئا. ھنن لاءِ هيءَ پھرين ڇوڪري نہ هئي جنھن سان زيادتي ڪري پوءِ ان جي وڊيو ريليز ڪئي وئي هجي. جنھن مھل مائٽن کي پنھنجي نياڻيءَ سان ٿيل ان دردناڪ زيادتيءَ جي خبر پئي تہ ھنن جو ڪنڌ جهڪائي شھر ڇڏڻ يا بليڪ ميلنگ جي ور چڙهڻ جي بجاءِ قانون جو در کڙڪائڻ وارو فيصلو گهڻن مائٽن کي هٿي ڏياريندڙ بڻجي ويو. اهي ماڻھو جيڪي لڪ ڇپ ۾ بليڪ ميل ٿيندا رهيا هئا، جن کي ڌمڪيون ملنديون هيون تہ سندن ڇوڪرين جا فوٽو بہ ريليز ڪيا ويندا اهي پنھنجي منھن روئيندا، تڙپندا، ھنجون هاريندا ھنن بکين ڪتن اڳيان پئسن جون مڏيون اڇلائيندا رهيا، آخرڪار شھر ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا. کپرو واسي انھن اقليتي خاندانن جي ڳالھہ بہ ڪن ٿا، جيڪي پنھنجي عزت بچائڻ خاطر شھر مان لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا. اسڪول ڏانھن ايندي ويندي نہ ڄاڻ گهڻين ڇوڪرين کي انھن لوفرن جي گند ڀريل نظرن جو مقابلو ڪرڻو پوندو هوندو. . . گهڻين شيشي جيان نفيس وجودن جو وجود انھن پٿر نظرن سان ڀورا ڀورا ٿيندو هوندو. گهڻين انڊلٺ جي رنگن جيان نازڪ جسمن کي انھن ڪارين نظرن، اونداهين ۾ ڌڪيو هوندو.
ڏاڍائيءَ جو لفظ ڪنھن ڇوڪريءَ لاءِ ڪنھن قيامت کان گهٽ تہ نہ آهي. ڇو تہ اسان جي سماجي روين مطابق عورت جي عزت تي لڳل داغ ان جي مرڻ سان بہ نہ لھندو آهي. بدناميءَ جي ڀڙڪندڙ باھہ عورت کي ستن زمينن جي اندر بہ ساڙي ڀسم ڪرڻ لاءِ تيار رھندي آهي. زمانو ان لاءِ دوزخ مثل بڻجي ٿو وڃي، جنھن ۾ هوءَ مسلسل سڙندي پچرندي ٿي رهي. سندس ۽ سندس مٽن مائٽن جا ڳوڙها ۽ رت ۽ ان ڀڙڪندڙ باھہ کي وسائڻ ۾ ناڪام بڻجي ويندا آھن. اسين انھن سماجي روين کان اڻ ڄاڻ تہ ناهيون پر ان جي باوجود بہ درندگيءَ جو شڪار ٿيندڙ معصوم ڇوڪرين جا فوٽو ميڊيا تي ڏيڻ، سياستدانن جو فوٽوسيشنز ۽ ميڊيا جي پڇا ڳاڇا جو گهيرو ان تي تنگ ڪيو ويندو آهي. انھن لوفرن کي ڪير، ڪوبہ ذھني دٻاءُ نٿو وجهي، ميڊيا انھن کان آڏي ابتي پڇا ڳاڇا نہ ٿي ڪري. سندن ڏوھن جو احتساب صرف ۽ صرف عدالت جي ذميواري قرار ڏنو ٿو وڃي. باقي ڪمزور ۽ هيڻي جو احتساب سولو سمجهيو ٿو وڃي. زينب جي اندر ۾ دوستن جي ڌوڪيبازي جا لڳل داغ، ميڊيا جي همدردي، سياستدانن جي فوٽوسيشنز مان نٿا ڌوپجي سگهجن پر انھن ملاقاتن جي بنسبت جيڪڏھن ڪجهہ ملاقاتون مجرمن سان ڪيون وڃن انھن جا فوٽو اخبارن ۾ ڇپرايا وڃن تہ شايد ڪجهہ ستل ضمير جاڳي پون. مجرمن کي بچائيندڙ غيبي هٿن کي بہ ظاهر ڪجي، انھن جي ڏور هلائيندڙ هٿن کي بہ بي نقاب ڪجي تہ سماج ۾ وڌندڙ جرم شايد ڪجهہ وقت لاءِ رڪجي وڃن.
سوال اهو نہ آهي تہ زينب انھن ڇوڪرين جي ڄار ۾ ڪيئن ڦاٿي؟ هوءَ گهر ڪيڏي مھل پھتي؟ مائٽن کي ٻڌايائين يا نہ؟ مائٽن ايف آءِ آر دير سان درج ڇو ڪرائي؟ سوال اهو آهي تہ 7 جوابدار، جن ۾ 3 ڇوڪريون ۽ چار ڇوڪرا ملوث آھن، اهي سڀ سوال انھن کان پڇڻ جو حوصلو اسان ۾ ڇونہ آهي؟ هي طاقتور پٺڀرائي رکندڙ ٽولو ڪيترا جرم ڪري چڪو آهي، گهڻين نياڻين جون عصمتون تار تار ڪري، انھن جون فلمون دنيا اڳيان نروار ڪري چڪو آهي. انھن جي ڪُڌن ڪرتوتن کي دنيا جي اڳيان آڻڻ ۾ ڪوتاهي ڇو ٿي رهي آهي؟
جن جي گهرن ۾ مائون، ڀينرون ۽ نياڻيون موجود آھن اهي پڪ سان ان ڳالھہ کي پسند نہ ڪندا تہ ڪنھن معصوم اسڪول جي شاگردياڻيءَ کي بار بار پاڻ سان ٿيندڙ شرمناڪ حادثي جا تفصيل ٻڌائڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي. ان گذري ويل اذيت کي ورجائي ھن کي وڌيڪ اذيت ۾ مبتلا ڪيو وڃي. اهو سوچيندي بہ شرم ٿو اچي پر حقيقت اها آهي تہ اسين ان سماج ۾ جيئون ٿا جنھن ۾ اسان جي نظر ۾ صرف پنھنجي گهر جي عورت عزت ۽ احترام جي لائق هجي ٿي، ان ڪري ئي اسان جا شھر هاڻ جهنگ جو ڏيک ڏيڻ لڳا آھن، جن ۾ وحشي جانور آزاد ٿا ڦرن. انھن تي ڪوبہ ضابطو ڪابہ حدبندي لاڳو نہ ٿي ٿئي. هو پنھنجي پسند جي شڪار جي ڪڍ ٿا لڳن. حملا ڪن ٿا، انھن جي جسمن کي جبري ڦاڙي کائي ختم ٿا ڪري ڇڏين. انھن کي روڪڻ جو ساهس ڪير نہ ٿو ساري سگهي. انھن معصوم نازڪ گڏڙين جيان نفيس ڇوڪرين جي روح جا عضوا ڀڃندڙ ماڻھن خلاف اهي ماڻھو متحد ڇو نٿا ٿين، جيڪي سنڌي جذباتي عوام کي ثقافت ۽ سياست جي نالي تي ڪٺو ڪري وٺندا آھن. ڪنھن برائيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ عوام کي متحد نٿو ڪري سگهجي؟ ڇا صرف ان ڪري تہ ان ڏوھہ جو شڪار صرف عورتون ٿيون ٿين؟
ان سماج جي پيڙهيل ۽ هيڻي طبقي کي، ملڪي قانون ۾ ڪوبہ تحفظ حاصل ڪرڻ جو حق نہ آهي؟ زينب ۽ ان جي گهر جي ماڻھن جا روح بہ کپرو جي گهٽين جيان سنسان ۽ ويران ٿا لڳن. ھن گهٽ ٻوسٽ واري سماج ۾، پنھنجي نياڻيءَ سان ٿيندڙ زيادتيءَ خلاف اٿي بيھڻ جو ساهس رکندڙ سندس چاچن کي، ان شرمناڪ حادثي جو ڏک ۽ پيڙا ڀوڳڻ سان گڏوگڏ ٻين الزامن کي بہ منھن ڏيڻو پيو پوي. ڪجهہ محدود شعور رکندڙ ماڻھن جو ٽولو ھن واقعي کي لساني جهڳڙو وڌائڻ جي سازش ٿو قرار ڏئي. ڪجهہ سياسي ڌرين ۾ نفرتون پيدا ڪندڙ سازش ٿو قرار ڏي. پر پنھنجو ڏک برداشت ڪري ٻين نياڻين جي عزت بچائڻ واري سوچ جي ساراھہ ڪرڻ وارا ماڻھو اڻ لڀ ٿيندا ٿا وڃن. جنھن ويل ھنن چاچن کي، ان شرمناڪ وڊيو جي خبر پئي تہ ان قيامت خيز خبر سان گڏوگڏ ٻئي وڄ جيان ڪڙڪندڙ خبر اها بہ هئي تہ اها شرمناڪ وڊيو شھر جي اڪثر نوجوانن جي موبائل ۾ بہ Youtube تان upload ڪئي وئي آهي، پوءِ ڪجهہ شھر واسين ان راز تان بہ پردو کنيو تہ ڪجهہ ٻين ڇوڪرين جو وڊيوز بہ upload ڪيون ويون هيون. ان گروھہ جو اهو طريقيڪار ماڻھن کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ هو. هر واقعو ڪجهہ سوال ذھنن ۾ اڀارڻ جو باعث هجي ٿو. ھن انسانيت سوز شرمناڪ واقعي بہ تمام گهڻا سوال اٿاريا آھن. جن مان اهو بہ آهي تہ اڄ جو ترقي يافتہ انسان جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي نوان نوان جرم ڪرڻ سکيو آهي، ڏوھن جا گس ڳولڻ سکيو آهي. تڪڙو تڪڙو، روز بروز نوان نوان جديد جرم اڳيان اچن ٿا پر جدت ۽ ٽيڪنالاجي انساني سوچ کي مثبت لاڙا ڏيڻ ۾ ناڪام ڇو ٿيندي ٿي وڃي، جرمن خلاف قانون سازي ۽ ان تي عمل ۾ سستي ختم ڇو نٿي ٿئي؟ سيهڙ ۽ ڪُميءَ جي ڊوڙ جيان انصاف سدائين ستل ئي رهجي ٿو وڃي ۽ مظلوم عوام انصاف جي آسري ۾ بي وسيلائيءَ جو شڪار بڻجي ٿو. جرم ڪندڙ پنھنجو وار ڪري ٿو وڃي ۽ انصاف جا طالب قانون جي داوَ پيچ ۽ سياسي پيچيدگين ۾ واپسي جو رستو گم ڪري ٿا ويھن. اسان وٽ سدائين سوچ ۽ سوالن جي گهيري ۾ مظلوم هجي ٿو. مظلوم کي گهيرو ڪري، بند ڪري ويھاري مجرمن کي ڀڄڻ ۽ پاڻ بچائڻ جو موقعو ڏيندڙ سماج، سڀ پابنديون ۽ رڪاوٽون صرف عورت لاءِ ٺاهيندو آهي. پر زينب سان ائين نہ ٿيڻ کپي.
10 آڪٽوبر 2010ع