روشنين کان اونداهيءَ طرف ويندڙ سنڌ جا شھر
بدامني، ڦرون، چوريون، ڀنگ لاءِ اغوا، قتل، برادري جهيڙا احتجاج ڪندڙ ريلين تي حملا، ڪارو ڪاري، ھن وقت اهڙو ڪو ڏوھہ ناهي، جيڪو ھن شھر ۾ نہ ٿي رهيو آهي. ائين محسوس ٿو ٿئي تہ انتظاميہ ۽ قانون نالي جون شيون پنھنجي سڃاڻپ وڃائي چڪيون آھن. گذريل مھيني ۾ وجدان نالي نوجوان اغوا ٿيو ۽ ڀنگ نہ ڀرڻ جي ڏوھہ ۾ لاش جي صورت ۾ مائٽن کي وصول ٿيو. پريٽ آباد ۾ 3 قتل ٿيا، حسين آباد ۾ برادري جهيڙي ۾ 5 سولنگي ڀائر مارجي ويا. ڦليليءَ جي ڇوڪريءَ ريما کي مائٽن قتل ڪري ڇڏيو. فضل ٽائون ۾ هڪ ماڻھو مارجي ويو. شميم اختر ۽ تسليم اختر ٻہ ڀينرون قتل ڪيون ويون، هڪ ڀيڻ شميم پنھنجي گهر واري هٿان قتل ٿي، ان قتل ۾ هڪ پوليس اهلڪار جو نالو بہ شامل هو. ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ شميم جي قتل جي ڪيس جي شنوائيءَ تان واپس ايندڙ تسليم اختر آرائين کي بہ وچ شر ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.
21 جون تي لطيف آباد اين اي ڊي جو شاگرد شيراز مغل ڦر دوران مزاحمت ڪندي قتل ڪيو ويو ۽ ساڳئي ڏينھن تي سنڌ يونيورسٽيءَ جو شاگرد عرفان نانگراج قتل ڪيو ويو. نامعلوم ماڻھو گوليون هلائِن ٿا ۽ مرڻ وارن جو انگ وڌندو ٿو وڃي، پر مجرم سدائين قانون جي دائرن کان ٻاهر ئي رھندا آھن. بند پيل دڪانن جا تالا ٽوڙي چوريون ڪرڻ تہ روز جي معمول ۾ شامل ٿي چڪو آهي، ائين بہ ناهي تہ قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا ايترا بي خبر هجن، هر ڏوھہ تي نظر رکندڙ ادارا ئي آھن، جيڪي ھن وقت ڏوھن کي هٿي ڏيئي رهيا آھن. چيو ويندو آهي تہ سنڌ کي پير ۽ وڏيرا کائي ويا آھن. پر ڏٺو وڃي تہ ھن وقت رياستي مشينري بہ ڏوھن جي پٺ ڀرائي ٿي ڪري. ڪنھن بي گناھہ کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ تہ تمام سولو آهي، پر مجرم کي ڪيفر ڪردار تائين پھچائڻ نامڪن ٿو نظر اچي. رياستي دهشتگرديءَ جو اهم مثال حيدرآباد جي شاگردياڻي صبا جي خودڪشي بہ آهي. پوليس اهلڪار گهران کيس کنڀي کڻن ٿا، سڄيءَ رات روڊن رستن تي رلائِن ٿا. معصوم 17 سالن جي صبا دلبرداشتہ ٿي خودڪشي ٿي ڪري. حيدرآباد پوليس ۽ ميرپورخاص پوليس جا اهڪار اغوا جي ايف آءِ آر جي بنياد تي صبا کي رات جو گهران کڻي ٿا وٺن، پر وري جڏھن صبا جو والد صبا جي قتل جي ايف آءِ آر درج ٿو ڪرائي تہ ان تحت ڪوبہ عمل نٿو ڪيو وڃي. سڄي مشينري ساڪت ٿيو ٿي وڃي، پوليس اهلڪار ضمانت ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿا وڃن. سنڌ جو سياسي نظام بہ وڏيرا شاهي ۽ پير پرستيءَ جي ور چڙهيل آهي. علائقي جو با اثر ماڻھو عام ماڻھوءَ تي حڪومت ٿو ڪري، وري جڏھن ھن کي سياسي طاقت بہ حاصل ٿئي، تہ هو سڄي مشينريءَ تي قابض ٿي ان کي هلائي ٿو. قانون نافذ ڪندڙ ادارن ۾ سياسي ڀرتيون تہ عام ڳالھہ آهي، پر سياسي تقرريون بہ عام آھن. علائقي جا با اثر ماڻھو پنھنجن حدن ۾ ايس ايڇ او کان وٺي ايس ايس پيءَ تائين ۽ پنھنجي مرضيءَ جا آفيسر رکندا آھن، جيڪي انھن جي حڪم کان سواءِ ڪجهہ نہ ڪري سگهندا آھن. فرض شناس آفيسر ڪڏھن بہ پنھنجي سيٽ تي سک سان نہ وهي سگهندا آھن، ٽرانسفر جي تلوار سدائين انھن مٿان لٽڪيل هجي ٿي. بااثر ماڻھو ڪڏھن بہ اهو ڪونہ چاهيندا تہ ڪو عام ماڻھو انھن جي اڳيان بيھڻ جي همت ڪري سگهي. ڪيس ڪورٽ تائين پھتو تہ عدالت مان ضمانت نہ ٿي سگهي. هڪ بااثر ماڻھو سڄي رياستي مشينريءَ کي مفلوج ڪري سگهي ٿو، انصاف ۽ قانون کي بہ خريد ڪري سگهي ٿو، پر حقدار کي حق ڏيارڻ لاءِ هو ڪڏھن بہ پنھنجا اثر رسوخ استعال نہ ٿو ڪري سگهي. جن تي قتل جي ايف آءِ آر هجي ٿي، اهي تہ ضمانت ڪرائي سگهن ٿا. ريپ ڪندڙ جي بہ ضمانت ٿي ٿي وڃي، پر جيڪڏھن ڪو عام ماڻھو وڏن ماڻھن جي زير عتاب اچي تہ ان لاءِ جاءِ پناھہ ڪابہ نہ آهي. سياسي ڀرتين، طاقتور من پسند ماڻھن جي وچ ۾ عام ماڻھن جو آجپو تہ پري پر جياپو بہ مشڪل ٿو نظر اچي. سنڌ جي روڊن ۽ رستن تي اڄ ڪلھہ ڦرون ۽ اغوا عام ٿي ويا آھن، هر پاٿاريدار کي ڪنھن نہ ڪنھن وڏي جو آشير واد حاصل هجي ٿو. عام ماڻھو مري ٿو، خوف ۾ زندگي گذاري ٿو ۽ انھن جو ڪاروبار بنا ڪنھن روڪ ٽوڪ جي جاري و ساري آهي. ٻھراڙين واري لاقانونيت هاڻ اسان جي شھرن ۾ بہ ڪاهي پئي آهي. بدامني هٿ سان پيدا ڪئي ٿي وڃي. شھرن کي مفلوج بڻائيندڙ ڌريون بہ مافيا جي صورت اختيار ڪنديون ٿيون وڃن.
جڏھن انجنيئر اعجاز ملاح اليڪشن ۾ بيٺو تہ ان همت ڪرڻ جي سزا ان کي اهڙيءَ طرح ڏني وئي، جو وري ڪوبہ پڙهيل لکيل ماڻھو سياسي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جي باري ۾ سوچي نہ سگهندو. جڏھن قانون جا محافظ ئي قانون ٽوڙين تہ پوءِ دانھن ڪنھن کي ڏجي. رات جي انڌيري ۾ 100 کان مٿي پوليس جا ماڻھو بنا وارنٽ جي گهر جي اندر داخل ٿين ٿا ۽ اعجاز ملاح کي معمولي ڪيس ۾ نامزد ڄاڻائي گرفتار ڪري ٿا وٺن. حيدرآباد جي مختلف ٿاڻن تي گشت ڪرائڻ کانپوءِ جيل منتقل ڪيو ٿو وڃي. اهو تيز رفتار عمل پوليس جي فرض شناسيءَ جو مثال ناهي، پر ڪنھن بااثر طاقتور جي اشاري تي ڦڙتيءَ ڏيکارڻ آهي. ڏوھن جو بہ طريقہ ڪار طئي ٿيل ٿو هجي. ڪٿي ڪٿي بااثر ماڻھن پاران ٿيندڙ ڏوھن تي پوليس چشم پوشي اختيار ڪندي آهي، ڇو تہ جنھن بااثر جي چوڻ تي ھن کي سيٽ مليل هوندي، هو ان جي خلاف ڪيئن ٿو وڃي سگهي؟ ڏوھن جي دنيا ڏاڍي سگهاري آهي. عام ماڻھوءَ جو جياپو سواءِ خاموشيءَ جي ٻيو ڪجهہ بچيو ئي ناهي. تعليم، روشن خيالي، قانون، انصاف ڄڻ تہ اسان جي سماج سان ڪو تعلق ئي نٿا رکن. شھر جا محافظ ۽ رکوالا جڏھن شھر کان لاتعلق ٿي وڃن تہ پوءِ ڪيڏانھن وڃجي؟ آهستي آهستي اسان جا شھر جنگ ۾ تبديل ٿيندا ٿا وڃن، جت ڪوبہ قانون نہ هوندو آهي، صرف طاقت ۽ وحشت جي حڪمراني هجي ٿي. هتي وڌندڙ جهنگن جي صورتحال تي عدليہ پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ شايد ضروري نٿي سمجهي. روشنين کان اونداهيءَ طرف ويندڙ اسان جي سماج کي آجپو ڪير ڏياريندو؟
حيدرآباد ۾ وڌندڙ بدامنيءَ خلاف واپاري ماڻھن بہ احتجاج ۽ اعلى آفيسرن سان ملاقاتون ڪيون، پر محسوس ٿئي ٿو تہ شھر جي امن امان سان پوليس جو واسطو ئي ناهي. ڪاروباري ماڻھو رڙيون ڪندا رهيا، جڏھن انھن کي اعلى آفيسرن ملاقات جو مختصر ٽائيم ڏنو تہ هو پنھنجا مسئلا تفصيل سان ٻڌائي نہ سگهيا. واپاري ماڻھن جو چوڻ هو تہ آءِ جي ۽ ڊي ايس پي پنھنجين آفيسن ۾ تمام مختصر ٽائيم لاءِ ٿا ويھن. اهي اعلى آفيسر، جن لاءِ عام ماڻھوءَ جي شڪايت ٻڌڻ کان ڪنھن سياسي شخصيت جي حاضريءَ ۾ ويھڻ وڌيڪ ضروري هجي ٿو، انھن جو فرض وڏن ماڻھن کي سياسي ۽ سرڪاري پروٽوڪول ڏيڻ هوندو آهي. شھر ۾ امن هجي يا نه، ان سان اعلى آفيسرن تي ڪوبہ فرق ناهي پوندو، ڇو تہ انھن جا پنھنجا گهر شھر کان ٻاهر هوندا آھن. انھن جي ٻارن جي تعليم بہ ٻاهرين ملڪن ۾ مڪمل ٿيندي آهي. ھنن جي سماجي زندگي مڪمل طرح محفوظ هجي ٿي تہ پوءِ هو فڪرمند ڇو ٿيندا؟ فڪر انھن کي ٿيندو، جيڪي شھر جا رکوالا هوندا. شھر جي ٿڌين هوائن ۾ ساھہ کڻندڙن لاءِ جڏھن ساھہ کڻڻ جيتري بہ هوا نٿي بچي، تہ هو گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول جي خاتمي لاءِ ٿا سوچين. لاقانونيت، بغاوت ۽ بيچينيءَ جي فضا کي تخليق ٿي ڪري. شايد هيءُ منظم ڏوھن جو نظام، جيڪو طاقت ۽ سياسي اثر رسوخ جي سھاري تي هلي رهيو آهي، ان جو خاتمو سوچ جي تبديليءَ سان ممڪن هجي. اها سوچ، جيڪا غلط کي غلط چوڻ جي سگهہ رکندڙ هجي، ڏوھہ کي ڏوھہ ثابت ڪري سگهي، ۽ ڏوهاريءَ کي ڏوهاري چوڻ جي همت ڪري سگهي.
24 نومبر 2016ع