ڪالم / مضمون

هيءَ سَئن نہ ڏيندي چين

نياز پنھور لکي ٿو ”هي ڪتاب رڳو 47 ڪالمن يا مضمونن جو نہ پر اسان جي اڄ جي سماج جي لينگهو پاتل چھري جو ڏيک آهي، هي ڪتاب اڄ جي حالتن ۽ زندگيءَ جي حقيقتن تي ٻڌل اهڙو نوحو آهي، جنھن ۾ هر طرف ڳوڙها آهن، سڏڪا آهن. هي ڪتاب اڄ جي سماج جو هڪ اهڙو آئينو آهي جنھن کي پڙهندي اسان پنھنجي چؤطرف موجود ماحول جو چھرو چِٽائيءَ سان ڏسي ۽ پسي سگهون ٿا، اسان جي آڏو اسان جون بي وسيون، سماج جون ناانصافيون، حڪومتن جون بي رحميون الائي ڇا ڇا اڀري ۽ تري اچي ٿو. 

Title Cover of book Hi Se’en Na Dindi Chain

مون کي ساھہ کڻڻ ڏيو!

ھن اهو نہ چيو تہ مشڪل گهڙين ۾ توهان سان گڏ آهيون. ھن اهو بہ نہ چيو تہ هي بدترين وقت گذري ويندو. ھن ڪا همت ڏيارڻ واري ڳالھہ بہ نہ ڪئي. ھن ڪجهہ لفظ همدرديءَ جا، زخمن تي مرهم جي طور تي بہ نہ چيا. ھن تہ ڪابہ اُميد آس نہ ڏيکاري. ھن صرف دربدر ٿيل ٻوڏ ستايل ماڻھن کي اهو چيو تہ انھن جي واپسي کي عزت احترام سان يقيني بڻايو ويندو اهي لفظ ڪنھن عام ماڻھوءَ جا نہ هئا، جنھن جي بي خبري کي نظرانداز ڪري ڇڏجي. هو چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو تہ درياھہ ھنن جي گهرن کي نہ صرف ٻوڙيو آهي، پر انھن جو ڪو نشان بہ نہ رهڻ ڏنو آهي. گهڻو ڪري ڪچي جا ماڻھو ٻوڏ کان متاثر ٿيا آھن، جن درياھہ جي گذرگاھن تي جهوپڙا اڏيا هئا، واپس اُتي وڃي آباد ٿيڻ جو مطلب موت کان علاوہ ڪجهہ بہ نہ آهي. هو سرڪار جي، ٻوڏ ستايلن جي سھائتا جي سلسلي ۾ ڪيل جاکوڙ کان بہ واقف هوندو. ھن اها خبر ضرور پڙهي هوندي تہ امدادي سامان جي ٽرڪ پويان ڊڪندي هڪ ٻڍڙو موٽر سائيڪل جي ٽڪر سان مارجي ويو. ھن کي ڪير ٻڌائي تہ حيدرآباد کان ٻاهر گلشن شهباز طرف جابلو علائقي ۾ پٿريلي تپندڙ ڌرتيءَ تي ٻوڏ ستايل ارباب خاتون رهي ٿي، هوءَ ٻڍڙي ڪمزور عورت جنھن جو دنيا ۾ ڪوبہ مٽ مائٽ زندھہ نہ بچيو آهي. سماجي تنظيمن پاران امدادي سامان اچي ٿو تہ هرڪو ھن ٻڍڙيءَ کي ڌڪي پري ٿو ڪري. هوءَ ڌڪا ٿاٻا کائي وري اٿي امداد پھچائڻ وارن جي ڪڍ لڳي ٿي. جبلن تي هلي هلي، پنڌ ڪري ڪري سندس ٽنگون هلڻ کان جواب ڏيئي ٿيون ڇڏين. رات جو نظر نٿو اچي، هوءَ ٿڪجي مٿي تي هٿ رکي روڊ تي ويھي ٿي رهي. جيستائين ڪو دردمند دل رکندڙ امداد جي ڪا ٿيلھي ھن جي هٿ تي رکي. ھن کي ڪير ٻڌائي تہ جبلن تي موجود ڪئمپ ۾ شهدادڪوٽ جي ٻڍڙي ڀاڳُل بہ رهي ٿي، جنھن جو سڄو گهر درياھہ برباد ڪري ڇڏيو. هوءَ صرف هڪ پاڳل پُٽ کي بچائي سگهي هئي. ھن وقت ھن وٽ شناخت جو ڪوبہ ڪارڊ ڪونھي. امداد وٺڻ لاءِ هوءَ عام ماڻھن کي صرف ايلاز ۽ منٿون ئي ڪري سگهي ٿي. ھن جو درد نہ آسمانن جي وسعتن ۾ ٿو سمائجي نہ زمين جي عميق گهرائين ۾ لڪي ٿو. ھن جو درد موتي بڻجي، ھن جي ننڍڙين اکين ۾ ٿو جرڪي. ھن جي ڪمزور ٻڍڙن، گهنجيل ٻڌل هٿن ۾ ظاهر ٿو ٿئي، جنھن ويل هوءَ WAF جي عورتن جي مٿي ۽ منھن تي پنھنجا کھرا محنت ڪندڙ هٿ ڦھلائي امداد گهري ٿي تہ، نہ ڏونگر ٿا ڪنبن نہ ڌرتي ٿي ڌٻي، پر انسانيت جي تذليل تي ڪجهہ دردمند دلين مان وير چڙهي ٿي ۽ اکين مان سنڌو اُٿلي ٿو
ھن کي ڪير ٻڌائي تہ عزت احترام سان واپسي جي ڳالھہ ڪرڻ کان پھرين حيدرآباد اندر حيدرآباد کان ڪراچيءَ تائين روڊن رستن تي جبلن تي ٽڙيل پکڙيل مھمانن کان پڇي تہ ڪنھن ھنن کي کلي کيڪاريو؟ ڪنھن خوش ٿي پاڻيءَ ڍڪ پياريو؟ ڪنھن راضي خوشيءَ مانيءَ ڳڀو کارايو؟ ڪنھن اجها ڏيڻ جي صلاح ڪئي؟ ڪنھن همدرديءَ جا ٻہ ٻول ڳالھايا؟ ڪنھن عورتن جي پردي ۽ تقدس جو خيال رکيو؟
پاڻي تہ صرف اجها لوڙهيا آھن، پر سرڪار جي لاپرواهي ۽ غير ذميواريءَ ماڻھن جي اخلاق ۽ عزت نفس جي ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي آهي. ڄامشورو ڪئمپ ۾ 8، 9 سالن جي ساجدہ، ثمينہ، فضہ بہ رھن ٿيون. فضہ جو پيءُ ڪونہ آهي. ساجدہ جو پيءُ بيمار آهي. ھنن ٽنھي جون مائون بيمار آھن، ٻار ننڍڙا ۽ بيمار آھن. هو هلي نٿيون سگهن. هو خبر نہ آهي تہ گهڻا دفعا پنھنجي عزتِ نفس جو قتل ڪري WAF ميمبرز اڳيان پتڪڙا هٿ ٻڌي، رئا ڇڪي ايلاز ڪري امداد وٺڻ لاءِ منٿون ٿيون ڪن پر هڪ ننڍڙي ڇوڪري اهو بہ ٻڌائي ٿي تہ ھنن جا پيئر امداد وٺڻ واري لائن ۾ موجود آھن. سچ، ڪوڙ ڌوڪي دولاب جو فرق تہ ھن ٻالڪ بہ محسوس نہ ڪيو هو، جيڪو ڪافي وقت هڪ ٻڍڙي جي ڀرسان بيٺو رهيو، امدادي سامان ملڻ کان پوءِ، چيائين تہ هي منھنجي ڏاڏي آهي، آئون ھن کي سامان کڻائي ٿو وڃان. پر شام جي ميرانجھڙي روشنيءَ جي باوجود ھن جي ٻڍڙين بي نور اکين ۾ اها ساڃاھہ هئي جو فريبي رشتن کي سڃاڻي سگهي. ھن غور سان ٻار ڏانھن نھاريو ۽ چيائين، ”منھنجو تہ ڪير بہ ڪونھي“
بک انسان جي مثبت روين جي قاتل آهي، بک انسانيت کي ماري حيوانيت کي جنم ڏي ٿي. انھن بيحال انسانن جي کاڌي خوراڪ لاءِ ڀڄ ڊُڪ، ڌڪ ڌڪان، دانھون ڪوڪون ڪير ھن کي ڏيکاري، بک وگهي مرندڙ ٻڍڙن جون تصويرون بہ ڏيکاري، ٽرڪن ۾ جانورن وانگر ڀريل انسان ۽ انھن ۾ ساھہ گهٽجي مرندڙ معصوم ٻارڙن جون تصويرون بہ ڪير ڏيکاري. سرڪار انھن قافلن کي جيڪي اڃا تہ اچي رهيا آھن، ڪيڏانھن موڪليندي؟ انھن وٽ تہ ڪوبہ نقشو پتو گهر جو موجود نہ آهي. جتي گهر، مال متاع ۽ جان کان پيارا عزيز، مائٽ ۽ ٻار بہ لڙهي ويا، اُتي شناخت جي ڪارڊ سنڀالڻ جي ساڃاھہ ڪنھن کي هوندي؟
ڪئمپن ۾ جتي بہ رجسٽريشن ٿئي ٿي، اُتي ڪارڊ جي گهر ڪئي وڃي ٿي. ڪيتريون ئي اڪيليون دربدر عورتون ڪارڊ نہ هجڻ ڪري امداد کا محروم رهجي ٿيون وڃن. انھن ماڻھن کي ٻہ ويلا ماني ملڻ کي ڪنھن يقيني بنايو آهي؟ ڪئمپن ۾ کليل ويران جاين تي رھندڙ عورتن جي عزت نفس جي تحفظ کي ڪنھن يقيني بنايو آهي؟ امدادي سامان جي آسري تي هر کاڌي پويان پيرين اگهاڙي ڀڄندڙ، ڊڪندڙ ٻارڙن جي لاءِ صرف هڪ وڳي ۽ هڪ جتيءَ جي فراهميءَ کي ڪنھن يقيني بنايو آهي؟
ڳورهاري عورتن جي لاءِ ڊاڪٽر جي سھولت کي ڪنھن يقيني بنايو آهي. مختلف بيمارين وگهي مرندڙ ٻارڙن جي جان بچائڻ کي ڪنھن يقيني بنايو آهي؟ ان کان علاوہ انيڪ ڏک ۽ انيڪ مسئلا هر انسان سان لاڳو آھن، ڪنھن هڪ جي حل ڪرڻ کي ڪنھن يقيني بنايو آهي؟
سوال صرف انھن ٻوڏ ستايل ماڻھن جي واپسيءَ جو ڇو ٿو اُٿي؟ جڏھن تہ اسين هر بي گهر کي گهر ڏيندا آهيون ۽ مھمان نوازيءَ جا مثال قائم ڪري هر ڪنھن جي، هر طرح جي مدد لاءِ تيار رھندا آهيون
اهو سوال ان وقت نہ اٿاريو ويو هو، جڏھن افغاني لکن جي تعداد ۾ سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويا هئا. اها تہ ٻي قوم هئي، اهي جابر هئا، عوام انھن کان ڊڄندو هو. انھن تہ ڪرپشن جو طوفان گڏ آندو. هٿيار ۽ منشيات سڄي ملڪ ۾ انھن جي دم قدم سان پکڙي. انھن تہ اسان جي ڪلچر ۽ تھذيب تي حملا ڪيا، پر انھن کي روزگار بہ مليو پناھہ بہ ملي. تحفظ مليو. گهر بہ مليا. مالڪيءَ جا سرٽيفڪيٽ بہ مليا. انھن جي واپسيءَ کي تہ سالن گذرڻ کان پوءِ بہ يقيني نہ بنايو ويو آهي. اهي تہ هر شھر تي قبضو ڪري ويا آھن. ھنن تہ رياست اندر الڳ رياست ٺاهڻ جا بہ سانباها ڪري ڇڏيا هئا. سرڪار سان مقابلي لاءِ بہ تيار هئا. سڄي ملڪ ۾ پکڙجندڙ بدامني ۽ غير يقيني صورتحال جا ذميوار آھن. اسان جي ملڪ جي هر شھر ۾ ضم ٿي اٽوٽ حصو بڻجي ويا آھن. ڌرتي مھربان آهي، هر ڪنھن کي پناھہ ڏيندي آهي. اهي محافظ ڀائر جن کي اسين خونِ جگر جي ڪمائيءَ جو وڏو حصو ڏيئي ٿا ڇڏيون. اڄ اهي شناسا نٿا ٿين. هو ڀلي ريسڪيو جي ڪجهہ ڪمن ۾ مصروف هجن، پر اهو ڪير، ھن کي ٻڌائي تہ ايتري تعداد ۾ IDPs کي منھن ڏيڻ صرف سماجي تنظيمن ۽ عام ماڻھن جو ڪم نہ آهي. رياست جا سڀ ادارا پنھنجو پنھنجو فرض نڀائڻ جا پابند آھن. ڳالھہ صرف واپسيءَ جي نہ آهي. ھن وقت جيڪي ٻوڏ ستايل ماڻھن جا مسئلا آھن انھن کي حل ڪرڻ جو ۽ ڪم ۾ ترتيب ۽ تنظيم جو وقت آهي. منظم طريقي سان رليف جو سامان ماڻھن تائين پھچائڻ کي يقيني بنائڻ جي ضرورت آهي. ھن کي ڪير ٻڌائي تہ هي دردن جو سفر طئہ ڪندڙ پيشہ ور پينو ڪونہ آهي، هي تہ پنھنجي زمينن وارا، مال متاع وارا، پنھنجن پنھنجن علائقن ۽ گهرن ۾ بادشاهي ڪندڙ مارو ماڻھو آھن، جن کي محڪمه آبپاشي جون غير ذميواريون ۽ نااهلي لوڙهي رهيا آھن. سڀ کان پھرين انھن جي کاڌ خوراڪ، صحت، اجهي، تحفظ کي عزت ۽ احترام سان يقيني بنايو وڃي. اها حقيقت آهي تہ بک، عدم تحفظ جو احساس، ويڳاڻپ، مجبوري، تباھہ ڪُن ڪرپشن، افراتفري ۽ انتشار جي طوفان کي سماج ۾ آڻيندي، جنھن جون تباھہ ڪاريون، ٻوڏ جي تباھہ ڪارين کان سوايون هونديون ۽ انھن جا اثر ڏهاڪن تائين رھندا. هي انتشار چند ڏينھن تي مشتمل آهي. پنھنجن ڪکاون گهرن ۾ عزت ۽ تحفظ سان وقت گهاريندڙ، پنھنجي هستيءَ سان والھاڻي محبت رکندڙ ديس واسي، جڏھن 5 ڪوھہ پنڌ بہ ڳوٺ کان پري رھندا آھن تہ ان کي پرديس چوندا آھن، هو تہ پنھنجي گهر جي ڪنڊ ڪنڊ تان نثار ٿيڻ وارا آھن، هو تہ پنھنجين مينھن، ڍڳين، ٻڪرين تي جان فدا ڪرڻ لاءِ تيار آھن، جتي ھنن پنھنجا ٻچا بچايا آھن، اُتي پنھنجن ڪُڪڙن کي بہ ٻارن جيان ھنج ۾ لڪائي آيا آھن. اهي پڪ سان تذليل جي احساس، محرومي جي احساس، ڌڪار ۽ گولين جي وسڪارن کي گهڻو وقت برداشت ڪونہ ڪندا، نہ وري هڪ ويلو ماني ۽ پاڻي جي ڍُڪ لاءِ سڪڻ هو سھي سگهندا، نہ ئي ٻچن جو بنا دوا علاج جي مارجي وڃڻ ڏسي سگهندا. نہ عورتن جو دربدر ڌڪا کائڻ سھندا. بس ٿورو سفر جو ٿڪ لھڻ ڏيو، ٿورو لٽا سُڪڻ ڏيو،

ٿورا پيرن جا زخم ڀرجڻ ڏيو،
ٿورا انگ اگهاڙا ڍڪڻ ڏيو،
ٿورا ساھہ کڻڻ ڏيو،
وطن ڏانھن ويندڙ،
ٻڏل گس ٺھڻ ڏيو

سنڌين جا هٿ سدائين ڏيڻ لاءِ اڳيان وڌيا آھن، ھنن هٿ ڦھلائي گهرڻ ڪڏھن ناهي سکيو. ھن قوم کي تہ پنھنجو حق گهرڻ بہ نہ ايندو آهي. يقينن سڀ پنھنجا ماڳ وسائيندا، سرسبز خوشحال سنڌ آباد ڪندا.

28 آگسٽ 2010ع