سنڌ حڪمرانن جي ايجنڊا تي ڇو ناهي؟
ھن وقت بہ سياسي اتحاد جنھن طرف وڃي رهيا آھن، ان ۾ سنڌ انھن جي ايجنڊا ۾ شامل ئي ناهي. گذريل حڪومت ۾ ٻہ وڏيون تحريڪون هليون، جنھن ۾ سنڌ جي هر ماڻھوءَ حصو ورتو. سنڌي سول سوسائٽي، اديب، دانشور، استاد، شاگرد، وڪيل، ڊاڪٽر، عام ماڻھن هر ڪنھن شعبي سان تعلق رکندڙ سنڌ دوست ڌرين انھن تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتو. انھن مان هڪ هئي سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن پاران هلايل تحريڪ، جيڪا هڪ پروفيسر بشير چنڙ جي قتل کان پوءِ شروع ٿي. انتظاميہ جي ڪرپشن ۽ وي سيءَ جي نااهليءَ جي خلاف سنڌ يونيورسٽيءَ جا استاد ۽ ملازم سڄو سال دانھيندا رهيا ۽ لانگ مارچ بہ ڪيا ويا. گورنر هائوس تائين احتجاج پيش ڪيو ويو، پر اڃا تائين بہ اهو نظام صحيح نہ ٿي سگهيو آهي. سنڌي شاگرد پنھنجي تعليمي ادارن ۾ محفوظ تصور نٿو ڪيو وڃي. انتطاميہ جي نااهليءَ جي ڪري اڄ HEC جي رينڪنگ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو گراف گهٽجندو ٿو وڃي. عالميءَ طور مڃيل سنڌ يونيورسٽي اڄ پنھنجي اها اهميت برقرار نہ پئي رکي سگهي. HEC جي رپورٽ مطابق سنڌ يونيورسٽيءَ جا 3 پروفيسر بہ بليڪ لسٽ ٿي چڪا آھن. اڄ تائين بہ انتظاميہ ۽ ملازمن جا اختلاف برقرار آھن تہ انتظاميہ ۽ استاد بہ هڪ ٻئي سان متفق نٿا نظر اچن، سنڌ جو گورنر جيڪو سنڌ جي يونيورسٽيز جو نگران آهي، ان کي سنڌ جي ڪرندڙ تعليمي معيار سان ڪابہ دلچسپي نٿي نظر اچي. ان تحريڪ ۾ سڄيءَ سنڌ هڪ طرف، پ پ پ پنھنجي اتحادي ڌر سان گڏ الڳ بيٺي هئي. ٻي وڏي تحريڪ سنڌ جي مڪاني نظام متعلق هئي، جنھن ۾ بہ ڏات ڌڻين کان وٺي عام ماڻھن تائين، سنڌ جي هر شھر ۽ هر ڳوٺ ۾ سنڌين دانھون ڪيون، احتجاج ڪيا ۽ سنڌ جو انتظامي ورهاڱو نامنظور ڪيو هو. اهي چئلينج اڄ بہ موجود آھن ۽ اسان جي حڪمران جماعت کي ياد هوندو تہ انھن تحريڪن جي نتيجي ۾ سنڌي عوام مان سندس مقبوليت جو گراف ڪيترو تيزيءَ سان گهٽ ٿيو هو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي ويراني سوال پڇندي ٿي نظر اچي. تعليمي سرگرميون ۽ شاگردن جون رونقون هاڻ موجود ئي ناھن، صرف خوف جي فضا طاري ٿي نظر اچي. سنڌ جو نئون مڪاني نظام بہ سنڌي عوام لاءِ چئلينج بڻيل آهي.
سنڌ جي انتظاميہ جا بنيادي ڍانچا ڪمزور ٿي چڪا آھن، هر ادارو ڀڃ ڊاھہ جو شڪار آهي. سنڌ بس منتظر آهي. سياستدانن جا روايتي اتحاد پنھنجي پڄاڻيءَ کي پھچن تہ هو ڪجهہ عوام جي مفادن لاءِ بہ سوچِن، في الحال تہ هر ڪو پنھنجي پوزيشن مضبوط ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي. اڄ پنجاب جو گورنر اعلى تعليم يافتہ ۽ قابل ماڻھو ٻاهران گهرايو ٿو وڃي، پر سنڌ جي گورنري ان کي ڏني وئي هئي. جيڪو گهڻن ڏوھن ۾ ملوث ڄاڻايل هو. اڄ سنڌ جو سياسي ميدان تہ اڳواڻن کان خالي آهي، اسان جا ادارا انتظامي هجن يا تعليمي هجن اهي بہ اهل اڳواڻن جا منتظر ئي رهجي ويا آھن. اڄ جا سياستدان پنھنجن اتحادن کي رشتا طئي ڪرڻ ۽ شادين سان تشبيھہ ڏيئي رهيا آھن. اهڙو حال رهيو تہ پوءِ انھن جي طلاق ۽ خلع ۾ بہ دير ڪانہ لڳندي. سياسي عدم استحڪام جو شڪار ملڪ پنھنجن مسئلن جي وچ ۾ اڪيلو بيٺل ٿو محسوس ٿئي. اسان جا سياستدان اڃا هڪ ٻئي کي پرکڻ ۽ سمجهڻ جي مرحلن ۾ آھن. ان کان پوءِ هو هڪ ٻئي سان گڏ هلڻ جا فيصلا ڪندا، تنھن کانپوءِ هو سوچيندا تہ ملڪ کي درپيش خطرن کي ڪھڙي طريقي سان منھن ڏيڻو آهي. ها! شايد اهو فيصلو وڌيڪ آسان ٿيندو تہ ڪھڙي طريقي سان انھن خطرن کي گهٽ نقصان رسائيندڙ بڻائجي ۽ عوام کي انتظار ۽ خواب جي ڪيفيتن ۾ رکندي، هڪ ٻئي جي مفادن ۽ خوشين جو بچاءُ ڪيئن ڪجي؟ خبر ناهي تہ افطار پارٽين ۾ ٿيندڙ فيصلا ملڪ جي مفاد ۾ هوندا يا ٻين ڌرين جي مفادن جي ور چڙهيل رھندا!
24 نومبر 2016ع