خودمختيار رياست وارو خواب
اهي لفظ قائداعظم، ان وقت محترمه فاطمہ جناح کي چيا هئا، جڏھن شديد بيماريءَ جي عالم ۾ هُو زيارت مقيم هو ۽ هڪ سياستدان سندن عيادت لاءِ آيو هو. قائداعظم جي وفات جا منتظر اهي ئي هئا، جن کي سندن وفات کانپوءِ اقتدار ۽ طاقت جي حصول جي خواهش هئي. ملڪ کي آزاد خودمختيار ۽ سيڪيولر رياست بڻائڻ ۽ ملڪ کي مضبوط آئين ڏيڻ وارو قائداعظم جو خواب اڌورو ئي رهجي ويو.
اها اسان جي بدقسمتي هئي جو پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ وقت ئي پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جون سازشون شروع ٿي ويون ۽ پاڪستان جي نظرين تي منفي قوتون قابض ٿيون، جن ڪابہ واضح پاليسي مرتب ٿيڻ نہ ڏني ۽ 1956ع تائين ملڪ آئين بہ نہ ٺاهي سگهيو هو.
ملڪ ۾ صوبائي خودمختياري ۽ مذهب جو رياست کان ڌار هجڻ شروعات کان ئي هڪ سوال رهيو آهي. قائداعظم نئين رياست لاءِ واضح نظريو پيش ڪيو هو، پر اقتدار جي حصول جي ڊوڙ ۾ ان نظريي تي مختلف نظريا ۽ نالا مڙهي ان جي شڪل مسخ ڪئي وئي. اهي سياسي جماعتون جيڪي قيامِ پاڪستان جون مخالف هيون، مذهبي پناھہ حاصل ڪري اقتدار تائين پھتيون ۽ اهي محافظ جن جو پاڪستان جي حصول جي تحريڪ ۾ ڪوبہ حصو ڪونہ هو، عوام کي حفاظت جا سبز باغ ڏيکاري طاقت جو سمبل بڻجي عوام تي حڪومت ڪرڻ لڳا. جڏھن تہ قائداعظم پنھنجي تحريرن ۽ تقريرن وسيلي واضح طور چيو هو تہ نئين رياست آزاد خودمختيار ۽ جمھوري هوندي.
هڪ انٽرويوءَ ۾ قائداعظم چيو هو تہ: ”نئين رياست جديد جمھوري رياست هوندي، جنھن ۾ اقتدار اعليٰ عوام وٽ هوندو ۽ نئين قوم جي رڪنن کي برابر شھري حق حاصل هوندا ۽ مذهب، ذات پات ۽ عقيدي جي بنياد تي ڪوبہ فرق ڪونہ هوندو. “ ان کان علاوہ 11 آگسٽ 1947ع تي دستور ساز اسيمبليءَ کي خطاب ڪندي چيو هو تہ: ”توهان پنھنجي مندرن ۾ وڃڻ لاءِ آزاد آهيو. توهان ھن رياست ۾ پنھنجن مسجدن يا عبادت گاھن ۾ وڃڻ لاءِ آزاد آهيو. توهان جو تعلق ڪھڙي بہ مذهب ۽ عقيدي سان هجي. مملڪت جو ان سان ڪوبہ واسطو ڪونھي. آئون سمجهان ٿو تہ هاڻ اسان کي ان ڳالھہ کي نصب العين طور پنھنجي پيش نظر رکڻ گهرجي، پوءِ توهان ڏسندؤ تہ جيئن جيئن زمانو گذرندو نہ ھندو ھندو، رھندو، نہ مسلمان، مسلمان. مذهبي اعتبار کان نه، ڇو تہ اهو انھن جو ذاتي معاملو آهي، پر سياسي ۽ مملڪت جي شھريءَ جي حيثيت سان سڃاتا ويندا. “
قائد جي ان خواب کي ساڀيان ٿيڻ نہ ڏنو ويو، عوام کي هر ان ڳالھہ کي سمجهڻ کان محروم رکيو ويو، جيڪا سندن شعور جي بيداريءَ جو باعث بڻجي. آزاديءَ جي جدوجھد کان آمريت جي اونداهيءَ تائين ۽ آمريت جي اونداهيءَ کان جمھوريت جي روشن سويري تائين، هر گهڙيءَ هر لمحي عوام پنھنجيءَ اميد جي ڏيئن کي اجهامڻ نہ ڏنو آهي. رياست جو اقتدار بيورو ڪريسيءَ کان محافظن تائين منتقل ٿيندي ٿيندي جڏھن عوام جي هٿن ۾ آيو تہ اهو عوام جي خواهشن جي عين مطابق سندن بنيادي ضرورتن ۽ خواهشن جي پورائي جو عزم کڻي آيو. عوامي حڪومت عوام جي سوچ سمجهہ ۾ بيداري آندي، پنھنجن حقن جي حاصلات جو شعور ڏنو. ذوالفقار علي ڀٽي 1973ع ۾ رياست کي آئين ڏنو ۽ مضبوط جمھوريت جي پاڙ پڪي ڪئي. 1973ع جي آئين ۾ عوام ۽ ملڪ جي مفاد کي نظر ۾ رکندي وقت بہ وقت ترميمون ٿينديون رهيون. آئين ۾ پھرين ترميم 4 مئي 1974ع ۾ ڪئي وئي. ٻيءَ ترميم 7 سيپٽمبر 1974ع ۾ ڪئي وئي. مختلف وقتن تي مختلف حڪومتن پنھنجن مفادن ۽ پنھنجي اقتدار جي مضبوطيءَ لاءِ آئين ۾ ترميمون ڪيون، پر 18هين ترميم ان لحاظ کان اهميت جوڳي آهي جو ان ۾ عوام جي جائز حقن جي اپٽار آهي ۽ جمھوريت جي مضبوطيءَ لاءِ ترميمون ڪيل آھن. 18هين ترميم جو بل 19 اپريل 2010ع ۾ منظور ڪيو ويو ۽ 20 اپريل تي نافذ ڪيو ويو، ڏٺو وڃي تہ 18هين ترميم جو بل پارليامينٽ مان منظور ڪرائڻ پيپلز پارٽيءَ جو ساراھہ جوڳو عمل آهي، جنھن جي ذريعي سالن کان متنازعہ صوبائي خودمختياريءَ جي مسئلي کي عوام آڏو آڻي ان تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون ويون.
هيگل جي بقول تہ: ”اختيار ذات جي اعلان کان علاوہ ڪجهہ بہ ڪونھي. “ گيارگي پليخانوف پنھنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو هو تہ ”اختيار جبر جو شعوري اظھار آهي. “
جبر وارا رويا اختيار جي حدن جي نشاندهي ڪندڙ هجن ٿا ۽ اختيار جي اهميت کي بہ واضح ڪندڙ هجن ٿا. پنھنجي وجود تي اختيار فرد جو بنيادي حق آهي. ساڳيءَ طرح رياست کي پنھنجن جاگرافيائي حدن ۾ رھندي رياست ۾ موجود وسيلن مان لاڀ پرائڻ جو اختيار آهي. مطلب تہ پنھنجن وسيلن کي پنھنجي پاڻ تي خرچ ڪرڻ ۽ خطي جي ترقيءَ لاءِ وسيلن کي استعمال ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي. جيڪڏھن انتظامي لحاظ کان رياست ننڍن يونٽس ۾ ورهايل هوندي تہ هر يونٽ کي پنھنجن معدني ذخيرن ۽ ٻين وسيلن کي پنھنجي خطي ۽ خطي جي عوام لاءِ استعمال ڪرڻ جو اختيار هجڻ ضروري آهي. هتي اها ڳالھہ غور ڪرڻ جوڳي آهي تہ پاڪستان جو قيام واعدن ۽ اميدن تي وجود ۾ آيو هو. 23 مارچ 1940ع ۾ لاهور ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي جنرل ڪائونسل طرفان جيڪا قرارداد منظور ٿي، ان ۾ اها ڳالھہ واضح طور تي شامل هئي تہ پاڪستان سان الحاق ڪندڙ رياستون خودمختيار ۽ خود حڪمران هونديون، مرڪز وٽ صرف دفاع ۽ خارجہ پاليسيءَ جا محڪمه رھندا. ٻين صوبن وانگر سنڌ آزاد رياست جي حيثيت سان پاڪستان ۾ شامل ٿي هئي. اسان جي ملڪ جو وڏي ۾ وڏو مسئلو اهو رهيو آهي تہ هُو ڪڏھن بہ مضبوط وفاق جي طور تي ڪم نہ ڪري سگهيو آهي. ننڍن صوبن جي مسئلن کان نظراندازي ۽ انھن جي استحصال وارن روين جو نتيجو عدم اعتماد جي ۽ انتشار جي صورت ۾ ظاهر ٿيو ۽ 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان ملڪ کان الڳ ٿي ويو. رياستيءَ سطح تي حڪومتن جا رويا صوبن سان بالادستي ۽ حاڪميت وارا رهيا آھن. صوبن پاران حقن لاءِ اٿاريل آوازن تي قومپرستيءَ جو ليبل مھڻي جيان مڙهيو ويندو آهي. سنڌ جي 6 هزار سال پراڻيءَ تاريخ سان سنڌ جي خوشحالي ۽ ذرخيزي ظاهر آهي. سنڌ معدني وسيلن سان مالامال آهي. جاگرافيائي لحاظ کان اهم سمنڊ ۽ بندرگاھہ سنڌ وٽ آهي، جنھن جي اهميت جي تاريخ بہ شاهد آهي، ان جي باوجود بہ اسان جي صوبي جو عوام غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. ھن وقت هر انتظامي اداري ۾ بجيٽ جا مسئلا آھن، بک آهي، بيروزگاري آهي، جرم آھن، لاقانونيت آهي، اها ڪھڙي مسئلن جي باھہ آهي جيڪا صوبي کي نہ ساڙيندي هجي. اها جدوجھد بہ عجيب جدوجھد آهي، جيڪا پنھنجي حاصل ٿيل شين جي حاصلات لاءِ ڪئي وڃي، پنھنجين شين جي مالڪيءَ لاءِ ٻين جي در تي ٻاڏايو وڃي ۽ حقن جي خيرات گهري وڃي. 64 سالن کان انتظار جي سوليءَ تي ٽنگيل صوبن کي 18هين ترميم جي صورت ۾ پنھنجن اختيارن جي حصول جي اميد نظر آئي آهي.
18هين ترميم ذريعي صوبن کي پنھنجن قدرتي وسيلن جي استعمال ۽ انتظام جا جائز حق ڏنا ويا آھن. ڪرمنل تي قانون سازي ڪرڻ جي اختيار جو بہ ذڪر آهي. اعليٰ تعليمي ادارن ۾ معيار تعليم سان گڏوگڏ سائنسي ۽ فني ادارن جي باري ۾ ۽ صوبن جي وچ ۾ مختلف معاملن جي پاليسي بہ واضح طور تي بيان ڪيل آهي. پنھنجن مسئلن جي باھہ ۾ سڙندڙ پڄرندڙ ۽ استحصال کي برداشت ڪندڙ صوبن هڪ راءِ ٿي صوبائي خودمختياريءَ جي حق ۾ فيصلو ڏنو آهي. 5 ۽ 6 مئي 2011ع تي حيدرآباد ۾ وومين ايڪشن فورم پاران ڪوٺايل سيمينارن ۾ سنڌ جي سول سوسائٽي ۽ 52 کان مٿي سماجي تنظيمن پنھنجي راءِ جو اظھار ڪيو. صوبائي خودمختياريءَ جي حوالي سان ڪجهہ مطالبا پيش ڪيا. اها حقيقت آهي تہ انسان تڏھن پنڌ سکندو آهي، جڏھن سھارن کان هٿ ڇڏائيندو آهي. ساڳيءَ طرح سان اسان جا صوبا تڏھن مسئلن جي ڪُنن مان نڪرندا، جڏھن پنھنجي پيرن تي بيھندا ۽ پنھنجي نفعي نقصان جا پاڻ ذميوار بڻجندا. ظاهر ۾ آزاد ۽ اندر ۾ هزارين زنجيرون پھريل شخص شايد اهو ئي چوندو تہ غلامي ۽ قيد جي سختين واري زندگي ان زندگي کان بھتر آهي، جيڪا آزاديءَ جي ليبل هيٺان تڙپي تڙپي قيدي وجود تي گهاءُ سھندي گذارجي.
درياھہ ڪناري اڃ وگهي موت قبول ڪجي. دسترخوان تي قسمين قسمين کاڌا هجن ۽ خوراڪ جي ڪميءَ جو شڪار ٿي اجل کي قبول ڪجي. پنھنجي ڪمائيءَ تي ٻين کي عيش آرام واري زندگي گذاريندي ڏسجي ۽ پاڻ ستل زمين تي پيرين پيادو هلجي ۽ آخرڪار آزمائشن وقت ڪيستائين آزاد خودمختيار زندگيءَ جي اُميد جي ڏيئن کي بچائجي؟ فيصلو رياست جي هٿن ۾ آهي تہ ٽڙيل پکڙيل طاقت ۽ اختيار کي هڪ جاءِ تي ڪٺو ڪري صوبائي خودمختياريءَ ذريعي معاشي مضبوطي ۽ ترقيءَ ڏي سفر شروع ڪجي يا بي وس بي اختيار صوبن سان گڏ هڪ ڪمزور وفاق کي کڻي بي منزل سفر ڏانھن هلجي.
15 مئي 2011ع