ڪالم / مضمون

هيءَ سَئن نہ ڏيندي چين

نياز پنھور لکي ٿو ”هي ڪتاب رڳو 47 ڪالمن يا مضمونن جو نہ پر اسان جي اڄ جي سماج جي لينگهو پاتل چھري جو ڏيک آهي، هي ڪتاب اڄ جي حالتن ۽ زندگيءَ جي حقيقتن تي ٻڌل اهڙو نوحو آهي، جنھن ۾ هر طرف ڳوڙها آهن، سڏڪا آهن. هي ڪتاب اڄ جي سماج جو هڪ اهڙو آئينو آهي جنھن کي پڙهندي اسان پنھنجي چؤطرف موجود ماحول جو چھرو چِٽائيءَ سان ڏسي ۽ پسي سگهون ٿا، اسان جي آڏو اسان جون بي وسيون، سماج جون ناانصافيون، حڪومتن جون بي رحميون الائي ڇا ڇا اڀري ۽ تري اچي ٿو. 

Title Cover of book Hi Se’en Na Dindi Chain

هڪ ڪميٽي ٺاهجي!

رت، گوشت ۽ لوھہ، بارود جو اهڙو ڪو رشتو وجود ۾ اچي چڪو آهي، جيڪو ھنن کي پري ٿيڻ نہ ٿو ڏي. ٻرندڙ فولاد ۾ بنھہ بارود کي انساني جسم کانسواءِ ڪٿي بہ پناھہ نٿي ملي! جتي بہ انساني جسم نظر اچي ٿو، هو ڪنھن بکايل جانور جيان ھن جي جسم ۾ داخل ٿي زندگيءَ جي تند ٽوڙي انساني جسم کي رت ۾ ٻڏل لاش ۾ تبديل ٿو ڪري ڇڏي.
اها حقيقت آهي تہ طاقتور ادارن جي بنيادن جي آبياري انساني رت سان ئي ڪئي وڃي ٿي. انسان کي مهٽي مروٽي چيڀاٽي پيرن هيٺان آندو ٿو وڃي. رياستي مشنريءَ جو مقصد عوام کي پناھہ ڏيڻ تہ نہ پر ھن کي ڪنٽرول ڪرڻ کان سواءِ نظر نہ ٿو اچي. ڏاڍ ۽ جبر کي نالو ڪھڙو بہ ڏجي پر هو انسان جي حفاظت هرگز هرگز نٿو ڪري سگهي. انسان ڪڏھن وطن جي آزاديءَ جي نانءِ تي، ڪڏھن وطن جي محبت جي نانءِ تي، ڪڏھن تحفظ جي نانءَ تي ڪسجندو ٿو رهي. مرندو ٿو رهي. در جو دربان جيڪڏھن ويري هجي تہ پوءِ ڀلا حفاظت جي اُميد ڪنھن مان ڪجي؟ هو لوھہ ۽ بارود جا مالڪ آھن ۽ جرم ۽ سزا جا فيصلا بہ هاڻ هو لوھہ بارود جي زور تي ڪرڻ لڳا آھن. هو حفاظت جي وڏي اداري سان منسلڪ هئا. 1989ع ۾ ڪراچيءَ سميت سنڌ ۾ پکڙجندڙ بدامني کان نجات ڏيارڻ لاءِ آيا هئا. ھنن جي ذميوارين ۾ سنڌ جي سرحدن جي حفاظت ۽ سرحدن اندر ماڻھن جي پراپرٽي جي حفاظت کي شامل ڪيو ويو هو.
ملڪي سرحدن جي حفاظت لاءِ بہ ملڪي سالانہ بجيٽ جو اڌ کان مٿي حصو خرچ ٿئي ٿو پر هڪ ميڊيائي رپورٽ مطابق سنڌ جي سالانہ بجيٽ مان بہ ڪروڙين روپيا حفاظتي ادارن تي خرچ ٿين ٿا. ھنن وٽ سڀ ڪجهہ آهي. آٽوميٽڪ رائيفلز، مشين گن، سب مشين گن، پسٽل، بلٽ پروف جيڪٽس وغيرہ- پنھنجي حفاظت لاءِ بہ ۽ عوام جي حفاظت لاءِ بہ آهي. اسان ھنن کي هر آسائشون ۽ سھولتون بہ ڏنيون آھن. هو اٽي، لٽي ۽ اجهي جي فڪر کان آزاد آھن، ھنن جا پي اسڪيل بھترين ۽ رهائش گهر بہ کين مسئلن کان آجا مليل اٿن؛ ان جي باوجود بہ هو جيڪڏھن شھرن ۾ مختلف ڪاروبار ڪن ٿا تہ بہ ڪو اعتراض جي آڱر اٿارڻ جي جرئت نٿو ڪري. بدلي ۾ اسين گهرون ٿا صرف ۽ صرف جان ۽ مال جو تحفظ! بک، بيروزگاري جي باوجود زندگيءَ جي جيئڻ جي ضمانت. . . ! پر 8 جون جي ڀيانڪ ويران شام حفاظت جي سڀني نالن کي بي نقاب ڪري هڪ نئون نالو ڏيئي وئي . هو هٿيارن سان ليس هڪ ڪمزور نوجوان کي گهيري طاقت جو مظاهرو ڪري رهيا هئا.
اهي منظر ريڊ انڊين جهنگلين کان ڪجهہ مختلف نہ لڳي رهيا هئا، جيڪي پنن سان جسم ڍڪي بڙڇين سان انسان کي ماري ان جي رت جي بلي ڪنھن نہ ڪنھن ديوتا تي چاڙهيندا نظر ايندا هئا. هو انساني موت کي هڪ جشن جيان ملھائي محو رقص هوندا هئا. شايد اهي ئي طاقت جا ادارا اڄ اسان وٽ مختلف نالن، مختلف روپن سان موجود آھن جن ڏانھن آڱر کڻڻ کان بہ روڪيو ٿو وڃي. . . سرفراز شاھہ جو بيدرديءَ سان ٿيل قتل گهڻن سوالن جا جواب ڏيندو ٿو نظر اچي. عوام لکين محافظ پالڻ جي باوجود اڪيلو آهي!
سچ ڀلي تسليم نہ ڪجي پر لڪندو نہ آهي؛ هو مجرم هو يا نہ هو، هو ڦر جي واقعن ۾ ملوث هو يا نہ هو، اهي سوال اٿارڻ ضروري آھن، يا اهو سوال اٿارڻ ضروري آهي تہ آخر ڪيستائين اسين محافظن کي پاليندا رھنداسين؟ ھنن کي ڪھڙو بہ نانءُ ڏجي پر ڇا انسانن کي مارڻ جو لائسنس رکن ٿا؟ اتفاق سان شوٽ ٿيل وڊيو جي رليز ٿيڻ سان اهو ڀيانڪ قتل ميڊيا تي نظر آيو، نہ تہ مقابلي ۾ ڄاڻايل هلاڪ ٿيل انسانن جون خبرون تہ روز نظرن مان گذرنديون آھن، جن کي اسين نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهيون. خبر نہ پوندي آهي تہ مري ويل انسان ڪھڙو نالو، ڪھڙي سڃاڻپ ٿو رکي. جڏھن بہ رياستي ادارا، ملڪي صورتحال کي سنڀالڻ کان عاجز اچي ويندا آھن تہ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ وڌيڪ تربيت يافتہ فورسز کان مدد وٺندا آھن. ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي. انسان پنھنجي ضرورت جي شيءِ پاڻ ئي ٺاهي وٺندو آهي. ساڳي طرح سان سماج ۾ جنھن شيءِ جي طلب وڌندي آهي ان جي رسد ۾ بہ اضافو ٿيندو آهي. ڪارخانا اها شيءِ ٺاهيندا آھن جن جي مارڪيٽ ۾ گهرج هجي، جنھن جو ڪارج هجي، بنا ڪارج جي ڪا بہ شيءِ نہ ٺاهي ويندي آهي. سوال اهو آهي تہ ان ضرورت جو تعين ڪير ٿو ڪري؟
چوري، ڦر، اغوا براءِ تاوان، ٽارگيٽ ڪلنگ، انھن جو خاتمو فورسز کي وڌائڻ آهي؟ حفاظت جي ادارن جي گهڻائي ۽ مضبوطيءَ ڇا قانون کي مضبوط ڪيو آهي؟ عوامي حفاظت کي يقيني بڻايو آهي؟ حڪومت جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ ان کان علاوہ ڪو پروگرام ڏيئي سگهي ٿي؟ يا اهو ئي آخري حل بچندو تہ ڪجهہ ڏينھن عوام احتجاج ڪندو، ادارا هلچل ۾ ايندا ميڊيا بہ ايڪٽو رھندي ۽ پوءِ انھن کي اهو چئي خاموش ڪيو ويندو تہ هاڻ چند ذميوار باصلاحيت ۽ قابل ڀروسه ماڻھن تي مشتمل ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جيڪا اصل حقيقت کي بي نقاب ڪندي. پوءِ اها حقيقت جيڪا عوامي مفاد ۾ هوندي آهي اها سدائين لاءِ عوام جي نظرن کان اوجهل ئي رھندي آهي. بس ڪجهہ اهڙا سوال آھن جيڪي هر قتل کانپوءِ سماج کي ماريندا ٿا رھن. ڇا اهو ضروري ڪونھي تہ امن امان جي صورتحال کي پرکڻ لاءِ حفاظتي ادارن جي سياسي ڪردار تي غور ڪجي. . . ! سماج ۾ انھن جي ڪردار کي واضح ڪجي، هو طاقتور آھن حڪومت لاءِ. . . ! عوام لاءِ. . . ! پر جرم اڳيان نه. . . ! جرم انھن کان طاقتور آهي جنھن کان عوام کي بچائڻ لاءِ ھنن جون سرحدون ڇڏي شھرن ۾ رهڻ تمام ضروري بڻايو ويو آهي.
سوال آهي تہ انھن جو رعب دٻدٻو ۽ خوف ڪنھن تي آهي، عوام تي يا جرم تي؟ قابلِ احترام محافظن کان ڪجهہ پڇڻ يا انھن تي شڪ ڪرڻ کان اسان کي منع ڪيو ويو آهي، باقي عوام کان اهو سوال ضرور پڇي سگهجي ٿو تہ حفاظت جي گهيري ۾ تڙپي تڙپي پنھنجي رت جي تلاءَ ۾ ٻڏي مرڻ پسند ڪندؤ؟ ڪنھن سوسائيڊ بمبار جي ور چڙهي پنھنجي جيئري جاڳندي جسم کي ٽڪرن ۾ تبديل ڪرڻ پسند ڪندؤ؟ يا بک ۽ بيروزگاري کان تنگ ٿي پاڻ کي ڦاسي ڏيڻ پسند ڪندؤ؟
يقينن موت توهان کي، توهان جي پنھنجي مرضيءَ جو ڏنو ويندو، آخرڪار آزاد جمھوري رياست ۾ انسان ايترو تہ حق رکي ٿو جو جيئڻ نہ سھي پر موت تہ پسند جو ملي. . . !
هڪ ڪميٽي موت جي رجسٽريشن لاءِ بہ ٺاهجي، جيڪا اُميدوارن جا نالا لکي ۽ پوءِ انھن ماڻھن کي انھن علائقن ۾ موڪليو وڃي جتي کين پسند جو موت ملي سگهي.
سنڌ ۽ بلوچستان سان استحصالي رويا اڄ بنگلاديش کان مختلف ڪونہ آھن. بدامني، عدم تحفظ، غير يقيني واري صورتحال ۾ ٻرندڙ پڄرندڙ صوبا اڃا تہ منتظر آھن تہ ڪا بھتري ٿيندي پر اهو آتش فشان ڦاٽڻ کان اڳ هڪ ڪميٽي ٺاهي ڇڏجي، جيڪا ان آتش فشان کي ڦاٽڻ کان روڪي. . . ! باقي جيڪڏھن ان آتش فشان ڦاٽڻ کانپوءِ ڪا ڪميٽي ٺاهي وئي تہ اها شايد اها تپش برداشت نہ ڪري سگهي. . . !
سوال نٿا پڇون پر جيڪڏھن عوام پنھنجي هڪ ڪميٽي ٺاهي، جيڪا اهو فيصلو ڪري تہ انساني جان جي قيمت ڇا آهي؟ حفاظت جي نالي ٿيندڙ قتلن کي برداشت ڪرڻ جي آخري حد ڇا آهي؟ ڪيستائين عوام پنھنجي رت، پگهر جي پورهئي جي ڪمائي پنھنجي جان جي حفاظت تي خرچ ڪندو؟
اها جان جيڪا فولاد ۾ بند بارود اڳيان بيوس آهي. . . ! چند ٻرندڙ ٽانڊا تہ صرف انسان کي مارين ٿا پر ان جي پويان رهجي ويندڙن جون زندگيون بہ جلائي ٿا ڇڏين. . . ! ان لاءِ بہ هڪ ڪميٽي ٺاهجي.

11 جُون 2011ع