ڪالم / مضمون

هيءَ سَئن نہ ڏيندي چين

نياز پنھور لکي ٿو ”هي ڪتاب رڳو 47 ڪالمن يا مضمونن جو نہ پر اسان جي اڄ جي سماج جي لينگهو پاتل چھري جو ڏيک آهي، هي ڪتاب اڄ جي حالتن ۽ زندگيءَ جي حقيقتن تي ٻڌل اهڙو نوحو آهي، جنھن ۾ هر طرف ڳوڙها آهن، سڏڪا آهن. هي ڪتاب اڄ جي سماج جو هڪ اهڙو آئينو آهي جنھن کي پڙهندي اسان پنھنجي چؤطرف موجود ماحول جو چھرو چِٽائيءَ سان ڏسي ۽ پسي سگهون ٿا، اسان جي آڏو اسان جون بي وسيون، سماج جون ناانصافيون، حڪومتن جون بي رحميون الائي ڇا ڇا اڀري ۽ تري اچي ٿو. 

Title Cover of book Hi Se’en Na Dindi Chain

عوام جي دلين ۾ محبت جو ٻج ڇٽي تہ ڏسو!

مفاد پرستي، موقعي پرستي، سياست پرستيءَ جي هجوم مان قومپرستيءَ کي ڳولي لھڻ، سمنڊ مان ڪنھن موتيءَ جي ڳولي لھڻ کان گهٽ تہ نہ آهي. ابن خلدون پنھنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو تہ قوم اها آهي جنھن جا مفاد ۽ درد ساڳيا هجن. هڪ قوم جي وصف ۾ اها ڳالھہ شامل آهي تہ هڏ پيڙا ۽ مشڪل گهڙين ۾ هڪ ٻئي جي ٻانھن ٻيلي هجي. هڪ قوم جا فرد ترقيءَ ۽ تنزليءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار هوندا آھن.
حضرت علي عه جو قول آهي تہ: ”مشڪل وقت ۾ انسان بي نقاب ٿيندو آهي. مشڪل گهڙيون انسان کي تڪليف ڏيڻ سان گڏوگڏ سيکارڻ جي عمل مان بہ گذارينديون آھن. “
اسان جي قوم جيڪا ھن مھا ٻوڏ کي منھن ڏيئي دردن جي پلصراط پار ڪري جيڪو ڪجهہ سکي رهي آهي، اهو سندس مستقبل جي حاصلات آهي پر اسين وسارڻ جا ماهر آهيون. محبتون ياد رکندا آهيون، بيوفائيون، ڌوڪيبازيون، بي اعتماديون، نظر اندازيون وساري ويھندا آهيون. ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي کان سکر، خيرپور، نوشھروفيروز، لاڙڪاڻو، قمبر، شهدادڪوٽ ۽ ڪوٽڙي تائين ٻوڏ تباهيون مچايون آھن. لکين ماڻھن جي ڪيفيت ساڳي آهي پر تجربو هر ڪنھن جو پنھنجو، درد ڪٿا هر ڪنھن جي پنھنجي آهي. ٻيڙين ۾ چڙهي جياپي جي جنگ جاري رکندڙن جو درد پويان رهجي ويندڙن جي اوسيئڙي ۾ اڃا بہ سوايو ٿو ٿيو وڃي. اباڻا ڪک ڇڏڻ، مال متاع، ٻنيون برباد ٿيڻ سان گڏ پنھنجي ڌرتيءَ کان جدائي جي پيڙا اڄ سڄي سنڌ ۾ مشترڪه آهي، هر سنڌ واسي جيڪو ان پيڙا کي اندر ۾ سانڍي پيو، جنھن جو اندر سڙي رک پيو ٿئي، اهو هڪ قوم جي زمري ۾ اچي ٿو. حافظي جي پنن ۾ ۽ تاريخ جي صفحن ۾ اهي 1947ع وارا لڏپلاڻ جا نقش اڃا چٽيل آھن، اهي ئي بي گهر، دربدر انساني قافلا اجهي جي ڳولھا ۾ حيران سرگردان هئا. انسانن سان ڀريل ٽرڪ، ٽريڪٽر ۽ گاڏيون پناھہ جي تلاش ۾ سنڌ طرف روان دوان هيون. ان وقت هر گهر جو در کليل هو، اٽو، لٽو، اجهو ھنن کي مليو، پيڙا جي سفر مان گذري انھن گهڻو ڪجهہ سکيو، جلد ئي پيرن ڀر بيٺا ۽ مضبوط قوم بڻجي اڀريا. انھن وڃائي سکيو، ڌرتيءَ جي جدائيءَ کي ڪمزوري نہ پر آزمائش سمجهي، اهي سمنڊ اُڪري آيا.
ذوالفقار علي ڀُٽي جي سياست ۾ اچڻ سان سنڌي عوام سياست ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو، پر سياسي داوَ پيچ سمجهڻ ھن کان ٿورو ڏکيو هو. ياداشت تي ٿورو زور ڏجي تہ دربدريءَ جا اهي نظارا بہ اکين اڳيان تري ٿا اچن جن ۾ 88ع ۾ ماڻھن کي گولين جي وسڪارن ۾ اَجها ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. اميرن مان غريب ٿيندڙ ماڻھو، گهروارن مان بي گهر ٿيندڙ ماڻھو، محفوظ گهر ڇڏي، پناھہ جي تلاش ۾ ڀٽڪندڙ ماڻھو ڪنھن کان بہ وسريا نہ آھن. سياسي شطرنج وڇائيندڙ هٿ لڪيل رهيا پر مھرا مار کائيندا رهيا. اعتبار ۽ محبت جون سزائون عوام کي ملنديون رهيون. اهي ئي ڌرتي واسي جن ٻاهران آيلن کي اندر ۾ جايون ڏنيون، وري انھن مالڪ بڻجي سنڌين لاءِ شھري تعليمي ادارن جا در بند ڪيا. ميرٽ جي نالي تي پوئتي پيل علائقن کي وڌيڪ پٺتي ڪرڻ جي سياست اڃا تائين سمجهہ ۾ نٿي اچي. اڄ جڏھن بکايل ماڻھو ٻوڏ جي تباھہ ڪارين کي منھن ڏيندي شھرن جو رُخ ڪرڻ تي مجبور آھن تہ انھن مان گهڻن دردن جون پلصراطون پار ڪيون آھن. بک بيماري، افلاس، پيارن جو وڇوڙو، غير يقيني مستقبل سان گڏوگڏ هو پنھنجائپ جي احساس کان محروم آھن. هڪ قوم هجڻ جو احساس ھنن کي ڪنھن نہ ڏياريو آهي. سياسي ليڊر ۽ عوام ۾ ڪو بہ محبت جو رابطو نٿو پيو نظر اچي. عوام ڪئمپن ۾ شڪايتون ڪن ٿا پر ڪنھن سياسي ليڊر جي نالي جو نعرو نٿو لڳي. ھنن کي خبر آهي تہ جيڪي ميڊيا جي لشڪر سان گڏ اچي اٽي ۽ چانورن جي ٿيلھي ڏيئي ٿا وڃن انھن کي اها بہ خبر ڪونھي تہ برپٽ ۽ جبلن ۾ ويٺلن وٽ گئس، چلھہ، ديڳڙي، ھنڊي ڪونھي. عوام جي بنيادي ضرورتن کان بيخبر ليڊر ڪڏھن بہ دلين ۾ جايون حاصل نہ ڪري سگهندا آھن، جيڪي ڪراچيءَ طرف روانا ٿيا آھن، انھن کي ڪابہ خبر ڪونھي تہ ڪئمپن جي زندگي ڪيتري ڊگهي ڪاٽڻي پوندي؟ ڇا انھن کي هتان بہ زندگيون بچائي نڪرڻو پوندو؟ يا وري ھنن کي بليڪ ميل ڪري وڌيڪ پئسا ڦريا ويندا؟ ڪنھن بہ سياسي ليڊر ان ڏتڙيل عوام کي ڪا واضح صورتحال نہ ٻڌائي آهي. ھن آفت جي وقت ۾ عوام اهو ضرور محسوس ڪري ٿو تہ گهڻا هٿ آليون اکيون اگهڻ لاءِ ٿا اڳيان اچن ۽ گهڻا زخمن کي کرچڻ ۾ مصروف آھن. دوست دشمن جي پرک ڪرڻ وارا سڃاڻن ٿا تہ عوام جو ڀرجهلو ٿيڻ وارو ڪير آهي؟ سياسي دڪان چمڪائڻ وارو ڪير آهي؟ حيرت ان ڳالھہ تي ٿي ٿئي تہ مھا ساگر سنڌوءَ جي ٻوڙان ٻوڙ هڪ طرف ۽ عوام جي دلين ۾ ڇلڪندڙ، شھيد محترمه بينظير جي عشق جو درياھہ ٻئي طرف. عوام جي دلين ۾ اڄ بہ شھيد بينظير لاءِ جيڪا اُڪير، حُبَ آهي اها مست، موج ماريندڙ مھراڻ کي بہ شرمائي ٿي. جنھن وقت درد جو درياھہ اکين مان اُٿلي ٿو تہ زبان تي مرثيا بينظير جا ٿا اچن. ميڊيا تي سڄي دنيا ۾ ڏٺو ويو تہ هڪ ٻڍڙو پنھنجي پيڙا جي داستان ٻڌائي ٿو تہ ”آفت ۾ موٽي آ بينظير– وري آ بينظير“ اهو آلاپ سڄيءَ سنڌ واسين جا هانوَ ڦاڙي ٿو ڇڏي، دليون ٽوڙي ٿو ڇڏي، عام ماڻھن ۾ اها سوچ آهي تہ ”بينظير هجي ها تہ اها ٻوڏ بہ نہ اچي ها“ اها ماڻھن جي محبت ۽ عشق جي انتھا آهي، يقينن ۽ اعتماد جي آخري حد اُڪري، ماڻھو مرڻ تائين بينظير سان ساٿ نڀائڻ جو وچن پارين پيا. هو مرن ٿا، ٻڏن ٿا، عزيزن جا لاشا کڻن پيا، ڀلي هو ماريا وڃن، ساڙيا وڃن، ٻوڙيا وڃن، بارود سان اُڏاريا وڃن، مٿن گولين جا وسڪارا هجن پر محبت جي معجزن درياھہ جي وير چڙھندي پئي وڃي. دلين تي قبضو ڪري خون جي گردش سان گڏ ڊوڙندڙ بينظير جو عشق ٺل واسڻ، سبزي منڊي ۾ رھندڙ زينت جي واتان چوائي ٿو تہ: ”اسين جيئرا آهيون تہ بہ بينظير جا، مري وياسين تہ بہ بينظير جا. . . “ هو ٻوڏ جي ستايل هئي، سڀ حياتيءَ جا آسرا، سھارا، پٺتي ڇڏي آئي هئي، سڄي ڏينھن جي بُک اڃ سَٺي هئائين، گڏ بيمار عزيز بہ هئا پر ھن پنھنجي سورن جي پچار گهٽ ڪئي هئي. زينت چوي ٿي، ”منھنجي ڀيڻ جي پٽ بلاول کي چئو تہ واپس اچي، اسين تنھنجا آهيون، اچ اسان جو حال ٻڌ، اسان سان تعاون ڪر. “
هڪ سوال جي جواب ۾ چيائين تہ: ”بينظير اسان کي سڀ ڪجهہ ڏنو، پيار، محبت ڏنائين هوءَ اسان جي ڀيڻ هئي، اڄ اسان جي ڀيڻ زنده هجي ها تہ اسين ائين رڻ ۾ نہ رُلون ها. اسين الائجي ڪٿي هجون ها. “ سوين ماڻھن جي مجموعي ۾ زينت ڪنھن ليڊر جيان خطاب ڪري رهي هئي. پنھنجا سور وساري ڪجهہ عورتون ڀيڻ کي ساري لڙڪ لاڙي ويٺيون. ڪجهہ جوان پوڙها ۽ ٻار ايندڙ خوش آئند گهڙين جا خواب اکڙين ۾ سميٽي ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳا. رات ڪاري هئي ۽ بتيون نہ پئي ٻريون. ڪجهہ ميرانجھڙا بلب ٻري رهيا هئا. جهيڻا هلي رهيا هئا. اڻ پورو روشنيءَ جو انتظام هو پر ھن سبزي منڊي جي ڪئمپ ۾ انھن ٽھڪن ۽ ڳالھين ڄڻ تہ ڏينھن جھڙو سھائو ڪري ڇڏيو. سچ ڪوڙ تاريخ لکڻ واري جي ذمي چوندا آھن تہ هڪ زندان مان ڪنھن اڪيلي عورت جي مدد لاءِ پڪار ٻڌي محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪيو هو، پر اڄ تہ سنڌ جي هر گهر مان روزاني دانھون پڪارون ٻڌجن ٿيون. ٻوڏ ستايل ڪئمپ واسي، جيڪي پنھنجن پنھنجن اجهن ۾ محفوظ هئا اڄ برپٽن ۾ پاڻيءَ ڍُڪ لاءِ واجهائِن ٿا. پٿريلي زمين ۽ آسمان جي ڇت هيٺان انتظار ۽ اوسيئڙي ۾ گهڙيون گهارين پيا. هو ڪنھن دردمند دل رکندڙ پنھنجائپ جو احساس ڏياريندڙ ليڊر جا منتظر آھن، ڏک ونڊڻ سياسي ميراث ڪونہ آهي، هڪ دفعو قائداعظم محمد علي جناح تقرير ڪري رهيو هو ۽ هڪ سبزيءَ فروش پنھنجو گاڏو روڪي غور سان ٻڌي رهيو هو، واٽ ويندڙ پڇيس تہ: ”هو ڇا ٿو چئي؟“
وراڻيائين: ”مون کي انگريزي ڪونہ ٿي اچي، پر اهو سمجهان ٿو تہ هو جيڪي ڪجهہ چئي رهيو آهي، اهو منھنجي ڀلائيءَ لاءِ آهي. “ اهو اعتماد جو عجيب انداز هو. ڀروسي جي حد هئي يا سچائيءَ جي حد هئي. ليڊر ۽ عوام جو رشتو اهڙو ئي هوندو آهي. بنا ڏيڻ وٺڻ جي خاموش معاهدا اهڙا ئي هوندا آھن. پاڪستان جي 63 ساله تاريخ ۾ عوام تي فوج جي حڪومت بہ رهي آهي، عوامي چونڊيل حڪومتن بہ راڄ ڪيو آهي. يقينن گهڻائي ”مُلڪي وسيع تر مفاد“ وارا ڪم بہ ٿيا هوندا، ملڪ گهڻن شعبن ۾ ترقي بہ ڪئي هوندي. گهڻي ڀاڱي عوام جا مسئلا حل بہ ٿيا هوندا. روزگار بہ مليو هوندو. ڪارخانا، اسڪول، اسپتالون بہ کليون هونديون. بين الاقوامي سطح تي ڪيئي رابطا ٿيا هوندا پر. . . ! ڇو اڄ تائين ڪنھن بہ زنده يا مردہ ليڊر جي نالي اڳيان “جيئي” جو لفظ نٿو لڳي. ديوانہ وار پتنگن جيان عوام جا ميڙا جن لاءِ لڳندا هئا، جن جي محبت ۾ مست ٿي والھانہ انداز ۾ ماڻھو نعرا هڻن ٿا، انھن ڀل تہ ماڻھن کي ڪجهہ بہ نہ ڏنو هجي، پر ھنن بي لوث محبت ڏني ۽ سدا حيات اعتماد حاصل ڪيائون، تڏھن ھنن دلين کي مسخر ڪيو ۽ دلين ۾ زنده رهيا.
جيڪڏھن سياست ڪرڻي آهي تہ سياسي جوڙ توڙ سياسي داوَ پيچ ڇڏي هڪ ڀيرو دلين ۾ سچائيءَ سان محبت جو سَلو پوکي تہ ڏسو، پوءِ ڀلي آبياري نہ بہ ڪريو، پر اهو سلو پنھنجي رت ست سان پاڻ وڌي وڻ ٿيندو ۽ ڦل بہ ڏيندو. اڄ جي سياستدانن کي جيڪڏھن سياست سکڻي آهي تہ ڀلي هو ڪئمپن ۾ وڃن، انھن انگ اگهاڙن، پيٽ بکين، برباد انسانن جي دلين ۾ محبت جي گهرائيءَ کي پسن، هو مرجهيل انسان ھنن کي سيکاريندا تہ ليڊر ڇا هوندو آهي؟ قيادت ڇاکي چئجي؟ قوميت جو احساس ڇا آهي؟ شايد ان طريقي سان اسين ڪا چڱيءَ قيادت حاصل ڪري سگهون.

25 آگسٽ 2010ع