ثواب ڪمائڻ لاءِ ڪيل سيڙپڪاري
ھنن کي اسين صرف ’ٻوڏ ستايل‘ جي ليبل سان سڃاڻون ٿا. ھنن جي خواهشن، دردن، ڀوڳنائن کي نظرانداز ڪري، اسان جي انتظاميہ ۽ سماج اهو سوچي ٿو. رليف جون شيون ڪيتريون ورهايون ويون. هاڻ وڃي خرچ جا حساب ڪتاب ۽ ڪاٿا بچيا آھن، پر دردن جي ڪٿ ڪرڻ لاءِ ڪير بہ تيار نہ آهي تہ انھن جي پيڙائن کي اسين ڪيتريقدر ختم ڪري سگهيا آهيون يا اسان جا رويا انھن جي احساسن کي مجروح ڪرڻ جو باعث بڻجن ٿا. هتي تہ هر شخص هڪ ڪھاڻي آهي، جنھن انسانن جي کٽين مٺين يادن جي راک ڦلورڻ سان هٿ آڱريون سڙي ٿيون وڃن تہ انھن جا پنھنجا وجود ڪيتريقدر ڀسم ٿيل هوندا، ڪنھن جي اڳيان هٿ ڦھلائڻ، پنھنجا سور ٻڌائڻ حاجت بيان ڪرڻ سولو تہ نہ آهي. اهو باھہ جو سمنڊ روز اُڪرن ٿا، پر انھن جي سھپ جي ڪٿ ڪير بہ نٿو لڳائي سگهي. ڏکن ۽ تڪليفن، آزمائش جي گهرائيءَ وانگر سندن سھپ بہ دنياوي ماپن کان مٿاهين آهي. ڀل تہ سماجي رويا، انھن جي بيتابين، بيچينين، بي صبرين کي جرم سمجهن، سندن علائقائي صورتحال کي بہ سندن ڪردار سان سلھاڙي کين مجرم ثابت ڪيو وڃي، پر، اها حقيقت آهي تہ قدرت پاران ڏنل ڏکن جي مرحلن مان پار پوڻ کان پوءِ سرڪار پاران ڏنل تذليل جا مرحلا ۽ ھنن جي نصيب جو حصو بڻيا ويا آھن. هو ڀوڳين ٿا، دانھين ٿا، ڦٽيل اندر جو حال ظاهر ڪن ٿا. ميارن جا دفتر ھنن غريبن جي اعمالن سان ڪارا ٿا ٿين. جيڪڏھن ريسڪيو جي وقت ڪيترائي انسان ٻوڏ ۾ لڙهي ويا تہ بہ انتظاميہ پاڻ تي ڪوبہ الزام برداشت ڪونہ ٿي ڪري، اسان جي انتظاميہ جي ميار آهي، ڇو تہ خبردار ڪرڻ جي باوجود هر ماڻھو پنھنجي ڪکائن جهوپڙن کي ڇڏڻ لاءِ تيار نہ ٿيا هئا. ھنن حڪومت تي بي اعتمادي جو اظھار ڪندي ٻوڏ سان مقابلي جي همت ڪئي هئي. اها الڳ ڳالھہ آهي اُتي بہ سندن اعتماد ٽٽي پيو هو. رليف جي وقت بدانتظاميءَ جي ذميواريءَ بہ ٻوڏ ستايلن جي جھالت جي کاتي ۾ لکي وئي، اڻپوري سامان جي غير معياري تقسيم جا سڀ گناھہ ٻوڏ ستايلن جي نامي اعمال ۾ لکيا ويا. ڪئمپن ۾ موجود 3 سالن کان 5 سالن جا ٻار کير لاءِ واجهائيندا رهيا. بريانيءَ جي ديگن تي ڌڪا ثاٻا، پيھہ پيھان، رليف جي سامان جي تقسيم جي باقاعدگين کي عورتون ڏسنديون رهجي ويون، مرد لٺيون کائيندا رهيا. پر انھن سڀني ڳالھين ۾ انتظاميہ بي معيار رهي ڇو تہ اهي مسئلا انھن ٻوڏ ستايلن جا ئي پيدا ڪيل هئا ۽ انھن کي لوڙهڻ انھن جي تقدير هئي. ٻوڏ ستايلن جي واويلا، ڌرڻا ۽ احتجاج ڪارگر ٿيا تہ بين الاقوامي ادارن بہ سھائتا جي تياري ڪئي. هڪ دفعو وري انتظاميہ ستل سور جاڳائي ڇڏيا، ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جا سعيا پوري تياريءَ سان ڪيا ويا. وطن ڪارڊ جي سھڻي مٺي ‘لولي پاپ’ ڏيکاري عوام کي خوشفھميءَ جي نازڪ چادر ڍڪائي وئي، جيڪا جٽادار ثابت نہ ٿي، سُٺي کي خراب ڪرڻ، سولي کي ڏکيو ڪرڻ، حق کي ناحق ڪرڻ، انصاف کي ناانصافي ۾ تبديل ڪرڻ، سچ کي ڪوڙ ڪرڻ ۽ شفاف کي غير شفاف بڻائڻ ڪير اسان کان سکي. سو سڀ ڪجهہ ‘وطن ڪارڊ’ جي تنقيد جي شروعاتي مرحلن ۾ ئي نظر اچي پيو، انتظاميہ جي بي خبريءَ هڪ دفعو وري ٻوڏ متاثرين کي لٺين جا وسڪارا ڪرايا آھن ۽ گهرن ۾ محفوظ ويٺل ماڻھن، ان اسڪيم مان فيض حاصل ڪيو آهي. مڪمل طور تي تباھہ ٿيل ضلعن جا ماڻھو وطن ڪارڊ جي حصول جا طريقا پيا پڇن ۽ مطمئن آسوده گهرن ۾ موجود ماڻھو عزت سان ان اسڪيم مان فائدو حاصل ڪري رهيا آھن. سکر ضلعي ۽ خيرپور ضلعي کي انتظاميہ ٻوڏ کان تہ نہ بچائي سگهي، پر اتي جي بچي ويل ماڻھن لاءِ وطن ڪارڊن جي حصول کي يقيني بڻايو ويو آهي. گهوٽڪي ضلعي جا ماڻھو وطن ڪارڊ جي نالي تي لٺيون پيا کائين. شايد وطن جو نالو عوام لاءِ ڳوريون آزمائشون ۽ آفتون آڻيندڙ هجي ٿو. وطن قربانيون گهرندو آهي ۽ وطن جا مسئلا سر قربان ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار هوندا آھن.
پراڻي چوڻي آهي تہ ”مٽياريءَ جو موت ويندي جي ويرم“ سو اها چوڻي ٻوڏ لاءِ بہ ٺيڪ ثابت ٿي، ڪنھن مضبوط قلعي جيان مٽياري ضلعو ناقابل فتح رهيو، جنھن کي بچائڻ لاءِ اُتي جي عوام، انتظاميہ ۽ حڪومت جون ڪوششون ڪارگر ثابت ٿيون، جنھن ۾ اهم ڪردار ماڻھن جي عقيدن جو بہ رهيو تہ، مٽياري ضلعي جا اولياءَ ۽ بزرگ ان جي حفاظت ڪندا، سو اها ڳالھہ ٺيڪ ثابت ٿي تہ، مٽياريءَ جا بزرگ زور نڪتا نہ صرف ٻوڏ کان آباديءَ وارا علائقا محفوظ رهيا، پر ٻوڏ متاثرين لاءِ جاري ڪرايل وطن ڪارڊن جو حصول بہ آسان بڻجي ويو. ڪجهہ ماڻھن جا عقيدا مضبوط ٿيا تہ ڪجهہ ماڻھو انتطاميہ جي بي خبري ۽ نادرا جي قابليت تي ماتم ڪندا رهجي ويا. جتي ڪجهہ دليون اعتماد سان مضبوط ٿيون تہ لاتعداد دليون ناانصافين جي زخمن مان ڇلجي ويون. اجهن وارن جا اجها مضبوط ٿيندا ويا ۽ بي گهر بي ٿي رهيا. اسان وٽ ناانصافي ۽ بي خبريءَ جو ڪو ڪاٿو ئي نہ آهي، شايد اها بي خبري ئي آهي، جيڪا انصافيءَ کي هٿي ڏيندڙ هجي ٿي. ٻوڏ ستايل پيڙهيل طبقو هڪ طرف فنڊ حاصل ڪندڙ طبقو ٻئي طرف وچان هڪ ٻيو مظلوم طبقي جي تشڪيل جون تياريون ٿي رهيون آھن، جيڪو ٻوڏ جو ٽيڪس ڀريندو. هي اهو طبقو آهي، جنھن ٻوڏ ستايلن جي سھائتا ڪئي آهي. هي اهو طبقو آهي، جنھن ٻوڏ جي دوران سڌي ۽ اڻ سڌي طرح ذھني پيڙائن کي بہ ڀوڳيو آهي. اسان جو اپر ڪلاس هر ٽيڪس ۽ هر پيڙا کان سڌي طرح محفوظ رهيو آهي. ھن وقت جيڪو نظام اسان جي سماج ۾ هلي رهيو آهي، اهو ‘انڌير نگري چرٻٽ راجا” کان گهٽ نہ آهي، اهو طريقو منظم سماج کي بي ترتيب سماج ۾ تبديل ڪندو پيو وڃي، آس پاس کان بي خبري ۽ ناانصافي جي ورچڙهيل مظلوم عوام سھائتا لاءِ ڪھڙو در کڙڪائي. . . ؟ قھر تہ اهو آهي تہ جن ضلعن ۾ ٻوڏ آئي آهي، اتي جي ماڻھن کي وطن ڪارڊ جي حصول لاءِ نااهل قرار ڏنو پيو وڃي. اسان جو سماج نظام اهو نظام آهي، جيڪو بنيادي طرح سان ناانصافي تي ٻڌل آهي، هتي هر غير قانوني ڪم ممڪن ۽ آسان هوندو آهي، هتي ڪنھن قتل جي مجرم کي بچائڻ سولو پر ڪنھن بيگناھہ کي بيگناھہ ثابت ڪرڻ مشڪل هجي ٿو. ساڳي طرح حقدار کي حق ڏيارڻ مشڪل ۽ اميرن کي امير بڻائڻ سولو آهي.
اسان جا پٺتي پيل ضلعا جن جي غربت اسين برداشت نہ پيا ڪري سگهون، پنھنجين ڪوتاهين تي پردو وجهڻ لاءِ اسين انھن جا ڏوھہ گناھہ، جھالت سڀ شيون ظاهر پيا ڪريون. جڏھن تہ هر چڱائي جو سماجي ڪارج ھن جي چڱي نموني سان عمل ڪرڻ ۾ هجي ٿو، ڪابہ چڱائي تيستائين فائديمند ثابت نہ ٿي سگهندي، جيستائين اهو مثبت عمل نہ هجي. اهو هڪ ٻرندڙ سچ آهي، جنھن کي منھن ڏيون ٿا تہ ساڙي ڀسم پيو ڪري، جيڪڏھن ڍڪي ٿا ڇڏيون تہ هڪ ڏينھن لائو بڻجي ڦاٽندو ۽ پوءِ شايد ئي ڪا لِڪڻ جي جاءِ انھن ٻرندڙ پٿرن کان اسان کي بچائي سگهي.
13 آڪٽوبر 2010ع