تصويرون ڳالھائِن ٿيو!
ميڊيا ۾ ايندڙ خبرن ۽ تصويرن جي بلڪل ابتڙ نقش سبزي منڊي ڪئمپ ۾ نظر اچن ٿا. نہ پاڻي نہ ماني، نہ روشني نہ امدادي سامان نظر ٿو اچي. پٿريلي ڌرتيءَ جا محنت ڪش رهواسي ڪئمپ ۾ ٺھيل شيلٽر ۾ زرد بلب جي ميرانجھڙي روشنيءَ ۾ رات جو مرچ ۽ ٽماٽا ڪُٽي کائين ٿا
”ادي، ڀيڻ هي ڏسو! هي اسان جي خوراڪ آ. “ هيءَ خان محمد جي تصوير آهي. خان محمد کي اوستہ محمد ۾ پنھنجي سارين جي فصل لڙهي وڃڻ جو ڏک لھي ئي نٿو. ٻئي تصوير رشيدہ جي آهي جيڪا سنھيون سنھيون ڪاٺيون ميڙي باھہ ٻاري ماني ٿي پچائي. ھن وٽ ٻين وانگر مانيءَ سان کائڻ لاءِ مرچ بہ ڪونہ آھن. پنھنجي رُکي مانيءَ کي هوءَ ڪنھن قيمتي خزاني وانگر رئي ۾ لڪائي شيلٽر ۾ کڻي وڃي ٻچن جي اڳيان رکي ٿي.
هڪ تصوير نھالان جي بہ آهي، جيڪا 8 پٽن جي ماءُ آهي، ھن جي گهرواري جي خواهش آهي تہ اٺين ڌيءَ پيدا ٿئي. نھالان ڳوٺ ۾ رونبو، لابارو ڪندي هئي. ڏينھن رات جي محنت ۽ اولاد وانگر ٻنيءَ جي خدمت جي صلي ۾ زميندار صرف ايترو ڏيندو هو جو هو پيٽ گذر ڪن. ٻين ضرورتن لاءِ وري محنت مزدوري الڳ ڪن
”ادي اسان وٽ امداد ڏيڻ ڪير بہ نہ آيو آهي. اسان جا مڙسالا ٻاهر نٿا ڇڏين، هو چون ٿا زال زائفائون روڊ تي ڌڪا کائڻ نہ وڃن“
پنھنجي روزي روٽي کائڻ وارا اڄ اٽي لپ لاءِ حيران پريشان آھن. هڪ تصوير محمد صديق جي بہ آهي، ”ادي اهو ٻڌايو تہ سرڪار اسان جي مدد ڪندو يا نہ اسان کي اجهو ملندو يا نہ؟“ محمد صديق صرف هڪ سوال ڪيو. محمد صديق هڪ عرض بہ ڪيو، ”سرڪار اسان کي رڳو ٻڌائي تہ ڪٿي اجهو ڏيندي، اسين پنھنجا ٻچا وٺي، اُتي ويھون ۽ پنھنجي محنت مزدوري ڪري، پنھنجا ٻچا پاليون. “ کوڙ ساريون تصويرون انھن معصوم ٻارن جون آھن. سليم، حليم، نصير، جانو، نصيران، شاجدہ، سعيدہ، سميرا. هي ٻوڏ جي دهشت کان واقف آھن. ھنن ٻارڙن جي اکين ۾ ٻوڏ دوران پنھنجن ڊٺل گهرن ۽ ٻڏل ٻنين جا منظر قيد هجڻ جي باوجود مستقبل جا خواب زنده آھن. ٻوڏ جي ساڙيندڙ ڄرن مان هو پنھنجن مائٽن سان هم قدم ٿي گذريا آھن. ھنن کي برباديءَ جو يقين بہ آهي. ڀلي تہ ھنن جا پيٽ بکيا، انگ اگهاڙا. . . پير زخمي هجن، ڀلي، ھنن وٽ سمھڻ لاءِ مھربان ڌرتيءَ تي مٽي جو بسترو ۽ اوڍڻ لاءِ آسمان جي چادر هجي. ھنن مٿان قدرت جي ستم ظريفين، قسمت جي نامھربانين سان گڏوگڏ سرڪار ۽ انتظاميا جي لاپرواهين جا تير هلندا هجن، پر ھنن جي اکين ۾ خوابن جا تارا جرڪن ٿا. هو علم جو خواب ٿا ڏسن، هو پڙهڻ ٿا چاهين، هي ٻار جن ۾ ڪيئي مستقبل جا ليڊر لڪل هوندا. ڪيئي ڊاڪٽر، ڪيئي انجنيئر، ڪيئي وڪيل، ڪيئي سياستدان، ڪيئي صحافي لڪل هوندا. هي نہ ڪپڙا ٿا گهرن نہ جتيون ٿا گهرن. ھنن جي خواهش پڙهڻ آهي. ”اسين اسڪول پڙھنداسين، باجي اسڪول کوليو، ادي سڀاڻي توهان اينديون؟ سڀاڻي اسڪول کلندو؟“
خيران ٻڌائي ٿي تہ اوستہ محمد ۾ ڇوڪرين کي اسڪول نہ موڪليو ويندو آهي. ڇوڪريون گهر ۾ ڪم ڪنديون آھن. گهڻين ڇوڪرين کي شوق نہ هو پر ڪئمپ ۾ اچڻ کان پوءِ هو پڙهڻ چاهين ٿيون. نھالان جا 7 پُٽ آھن. هوءَ سردار جي ٻنين ۾ راهڪي ڪري ٿي. پيٽ گذر لاءِ اَنُ ملي ٿو. پر هوءَ ٻارن جي پڙهائيءَ جو خرچ برداشت نٿي ڪري سگهي. ڇو تہ اُتي ڳوٺ ۾ ماستر پرائمري اسڪولن ۾ پئسا ٿا وٺن. هوءَ تہ ان ڳالھہ کان بيخبر آهي تہ سرڪار پرائمري تعليم مفت ڏيندي آهي. هڪ تصوير محمد عيدن ۽ محمد صديق جي بہ آهي، جيڪي سرڪار کان صرف رهائش جي اجازت ٿا گهرن. ھنن کي خبر نہ آهي تہ هو ڪيڏانھن وڃن، هو چون ٿا، “اسان کي صرف ٻڌايو تہ اسين ڪيڏانھن وڃون. پوءِ اسين پاڻھي روزگار ڳولھينداسين، پنھنجي ٻارن کي کارائينداسين. حيدرآباد سبزي منڊي ڪئمپ جيتري وڏي آهي، جيترو امداد جو سامان هتي ملي ٿو، ان حساب سان، ترتيب نظر نٿي اچي. هر ڪو ماڻھو شڪايت ڪري ٿو. هر هٿ خالي، هر پيٽ بکيو، هر انگ اگهاڙو نظر اچي ٿو. جن اين جي اوز ڪئمپون گود ورتيون آھن، اهي هاڻ سڃاڻو نٿيون ٿين يا وڏي هجوم ۾ سامان ورهائڻ ھنن جي وس کان چڙهي ويو آهي. عوام جو ڏک هاڻ چڙ ۽ ڪاوڙ ۾ بدلجندو پيو وڃي. شديد ردعمل طور يقينن تہ هي عوام، گهرن کان تنگ ٿي ڦرڻ شروع ڪندو تر جا ايم اين اي، ايم پي اي، سردار، جاگيردار، وڏيرا، وس وارا، اختيار وارا، اليڪشن جي زماني ۾ ووٽرز لسٽون کڻي پيا ڦرندا آھن، جن ۾ آباديءَ کان ٻيڻا نالا درج هوندا آھن. ٿڃ پياڪ ٻار کي بہ گهر جو فرد ڄاڻايو ويندو آهي. مردہ ماڻھن جا نالا بہ درج ڪيا ويندا آھن. اليڪشن وقت انھن کي پنھنجا علائقا ياد هوندا آھن. پر ھن وقت يقينن تہ اهو ناممڪن آهي تہ ووٽرز لسٽ جي ذريعي علائقي جي ايم پي اي، ايم اين اي کي پابند ڪيو وڃي تہ هو پنھنجي پنھنجي علائقي جي ماڻھن جي نالن جي لسٽ ذريعي، ماڻھن جي رجسٽريشن ڪن. امداد جو ڪجهہ محدود، جيئڻ لاءِ ضروري حصو عوام تائين پھچائين تہ جيئن هو انسانيت جا لڪ اورانگهي حيوانيت جي رستي تي نہ هلن انتظاميا لاءِ اهو بہ ناممڪن هوندو تہ جتي سيلاني ٽرسٽ برياني جون ديڳيون پھچائي ٿو، اُتي ڪجهہ تندور لڳائي ماني پچائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. صرف هڪ ويلو ماني ۽ ڀاڄي ماڻھن کي کارائي وڃي، ڇو تہ مسلسل چانور، غير معياري گيھہ ۽ مصالحي سان ٻار ۽ عورتون گهڻي حد تائين بيمار ٿي پيا آھن. غير معياري گيھہ جي ڪري معصوم ٻارڙن جا گلا خراب پيا ٿين. تيز مرچ مصالحن جي ڪري، انھن غريبن جا پيٽ خراب پيا ٿين.
جتي انتظاميا لاءِ ڪئمپن ۾ پاڻي جي فراهمي بہ ناممڪن ٿي نظر اچي، اُتي ھنن معصوم بي خواب اوجاڳيل اکين ۾ وسندڙ تعليم جو خواب پورو ٿيڻ جي تہ ڪا ڪوڙي اُميد ۽ آس بہ نظر نٿي اچي. اها اڻ ٿيڻي ڳالھہ آهي تہ سبزي منڊي حيدرآباد جي وڏي ڪئمپ ۾ اسڪول کوليو وڃي. ٻارن کي تعليم سان گڏوگڏ، ترتيب سان ڪم از ڪم هڪ ويلو ماني کارائي وڃي. بيمارن جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو وڃي. ناممڪنات جو وڏو اجگر آهي، جيڪو پاڻيءَ جي ٻوڙان ٻوڙ کي بہ ڳھندو وڃي. اڃا تہ درياھہ جون ستم ظريفيون بند ناھن ٿيون، اڃا تہ درياھہ زندگيون ڦرڻ بند نہ ڪيون آھن. اڃا تہ درد جا مسافر، قافلہ در قافلہ زندگيءَ ڏانھن ورڻ جا سانباها ڪن پيا. پر سواءِ موت جي سڀ ڪجهہ ناممڪن آهي
پاڻيءَ جي موت کان بچڻ وارا، رستن تي ايڪسيڊنٽ سبب موت جي ور ٿا چڙھن. اتان بچن ٿا تہ ڪئمپن ۾ بُک وگهي ٿا مرن، بکن کان بچن ٿا تہ بيمارين جي موت جي ور ٿا چڙھن، اتان بچن ٿا تہ امدادي سامان وٺڻ لاءِ ٿيندڙ ڌڪ ڌڪان ۾ پيسجي مرن ٿا. موت ظالم درياھہ وانگر ھنن جو پيڇو ڇڏي ئي نٿو. هر رستي، هر وک، هر قدم تي ھنن جي گهات ۾ ويٺو آهي، پر ان موت جي گهڻائي زندگيءَ سان چاھہ بہ پيدا ڪيو آهي. حياتي بچائڻ جي خواهش بہ ڪَر کڻي ٿي. اهائي خواهش، زندگيءَ کي نئين سر شروع ڪرڻ لاءِ اتساهي ٿي. تڏھن تہ بلوچستان ۽ سنڌ جا ماڻھو اَجهن لاءِ واجهائين ٿا. روزگار جا گس ڳولين ٿا، ننڍڙا ٻار تعليم حاصل ڪرڻ جي تمنا رکن ٿا. ناممڪنات جي ھن طوفان ۾ ڪجهہ بہ نٿو ڪري سگهجي. پر خوش اميديءَ جي چادر اُڻڻ لاءِ تند تند خواب جوڙي سگهجن ٿا. آس جا آکيرا جوڙڻ لاءِ ڪک ڪک ڪري اميدون ميڙي سگهجن ٿيون. زندگيءَ جي درياھہ ۾ جيئڻ لاءِ قطره قطره ٻيڙيون ٺاهي سگهجن ٿيون. اسين ڪنھن جادوئي لڪڻ جا منتظر آهيون، جنھن جي گهمائڻ سان هر شيءِ صاف شفاف ۽ مثبت ٿي وڃي. هر ڀيانڪ منظر خوشيءَ ۾ تبديل ٿي وڃي. موت زندگيءَ جو روپ ڌاري وٺي. سنڌ ۾ اسين اهڙو منظر ڪڏھن بہ نہ ڏسون جو جيڪي محنت ڪش، غيور ماڻھو، اڄ روزگار لاءِ واجهائين پيا. سڀاڻي هٿيار کڻي ڦرون ڪن، چوريون ڪن، قاتل بڻجن. اهي ننڍڙا پتڪڙا هٿ جيڪي ڪتاب کڻڻ ٿا چاهين. اهي ڪڏھن ماڻھن اڳيان، خيرات وٺڻ لاءِ نہ وڌن. اسان جون عورتون پنڻ لاءِ ٻار ھنج ۾ کڻي گاڏين پويان رستن روڊن تي ڌڪا نہ کائين. ڪاش ڪا جادوئي ڇڙي، ڪو جادوئي چراغ هٿ اچي وڃي جيڪو اهي سڀ منظر اکين کان سدائين لاءِ اوجهل ڪري ڇڏي.
02 سيپٽمبر 2010ع