شاهين جو درد ڪير محسوس ڪندو؟
اڪيلي بيواھہ عورت لاءِ ٽامي جيان تپندڙ سماج ۾، شاهين سڙندي خاڪ ٿيندي، در در ماڻھن جي گهرن ۾ پورهيا ڪري، پاڻ هر پيڙا هر سختي ڀوڳيندي ننڍڙي عمران کي زماني جي سرد گرم کان محفوظ ڪندي، پنھنجي مھربان آغوش ۾ لڪائي پاليو هو. هر جيجل ماءُ جيان شاهين جي آس ۽ اُميد جو محور ۽ مرڪز سندس اڪيلو پٽ عمران جوکيو هو. شاهين جي 16 سالن جي اوجاڳن، محنتن، صبر ۽ برداشت جي ڪمائي عمران هو جيڪو ڪجهہ گهڙين اندر ائين ھن جي اکين کان اوجهل ٿي ويو جو اڄ ڏينھن تائين ان جو ڪو بہ پتو نشان نٿو ملي.
21 مئي 2010 ع جي هڪ عام رواجي ڏينھن هو، عمران پنھنجي ڳوٺ ڦل کان نوشھرو آيو، هو پنھنجي دوڪان تي درزڪو ڪم ڪندو هو، ڇو تہ بيواھہ شاهين ميٽرڪ کان اڳتي عمران کي، تعليم نہ ڏياري سگهي هئي. 16 سالن جي عمران درزڪو ڪم ڪري پنھنجي پورهيت ماءُ جي سالن جي ٿڪ لاهڻ جي ڪوشش شروع ڪئي هئي، پر شايد زماني جي سختين ۽ آزمائشين شاهين جي گهر کي پنھنجي مشقِ ستم لاءِ منتخب ڪري ڇڏيو هو. 21 مئي 2010ع جي شام عمران نوشھروفيروز ۾ هڪ مجلس ۾شريڪ ٿيو هو، اُتان واپسيءَ ۾ شام ٿي ويس، عمران پنھنجي دوڪان تي، پي سي او تان فون ڪري اطلاع ڏنو تہ هو گهر وڃي رهيو آهي، بس نہ ملڻ ڪري ھن چنگچي ذريعي سفر ڪيو هو. سڀني شاهدن مطابق عمران کي آخري دفعو نوشھروفيروز ۽ ڦل ڳوٺ جي وچ ۾ ريگيوليٽر وٽ ٻن پوليس وارن، الياس سهتو ۽ غلام رسول مري سان گڏ ڏٺو ويو هو. ھنن سپاهين چيڪنگ لاءِ، چنگچي روڪي عمران جوکيو کي هيٺ لاٿو هو. ان کانپوءِ عمران جوکيو جي خبر ڪٿان بہ پئجي نہ سگهي تہ هو ڪيڏانھن ويو!؟
بيواھہ شاهين لاءِ اوسيئڙي جي اها اوجاڳيل رات، 16 سالن جي اوجاڳيل راتين کان ڀاري هئي. صبح جو ٿاڻي تي ويا ۽ عمران جي تلاش لاءِ مدد گهريائين، پوليس هڪ تائين ايف آءِ آر درج نہ ڪئي. عمران جي تلاش جاري رهي. هفتي کانپوءِ ايف آءِ آر درج ڪئي وئي ۽ سپاهين کي حراست ۾ ورتو ويو. ان کانپوءِ نہ کٽندڙ جدوجھد شاهين جو مقدر بڻجي چڪي آهي. پريس ڪلب آڏو مسلسل اٺ مھينا بک هڙتال، ميڊيا آڏو احتجاج، آل پارٽيز الائنس جي پليٽ فارم تان احتجاج، سٽيزن ايڪشن ڪميٽي نوشھروفيروز پاران اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ تائين ڪيس پھچائڻ، ڪھڙو گس ۽ طريقو آهي جيڪو ھن بيواھہ شاهين، پنھنجي اڪيلي پٽ جي بازيابيءَ لاءِ اختيار نہ ڪيو آهي؟ پر حاصلات جا پيچرا خالي ۽ اداس ئي آھن. ھن جي آس ۽ اُميد پنھنجي پٽ جي زندگيءَ لاءِ دعاگو آهي. شاهين جي زندگيءَ جي هر پل جي پيڙا اهي ماڻھو چڱيءَ طرح پروڙي سگهندا جيڪي ھن گمشدگيءَجي پيڙا مان گذريا هوندا. سماج ۾ اهو اشو گذريل 10 سالن کان هڪ ڀيانڪ ناسور بڻجندڙ زخم بڻجي چڪو آهي جنھن جو درمان ٿيڻ لاءِ ڪو مسيحا اڃا سامھون نٿو اچي. شاهين تہ هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ جي بي وسيلا، اڪيلي بيواھہ عورت آهي پر پاڪستان جي هر صوبي ۾ سوين هزارين مائرون، ڀينرون، زالون سالن کان اوسيئڙي باھہ ۾ سڙي پچري چپ چاپ زندگيءَ جا پل گهاري رهيون آھن. بين الاقوامي ميڊيا گمشدہ انسانن جي اشو کي جيترو دنيا جي اڳيان ظاهر ڪيو آهي. اسان جي مقامي ميڊيا اوترو ئي سچائي بيان ڪرڻ کان قاصر رهي آهي.
BBC. com جون رپورٽس هجن، هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جون رپورٽ هجن، گمشدہ انسانن جي عزيزن جي احتجاجن جون ساکي آھن. اسلام آباد ۽ ڪراچي جا روڊ رستا بہ اڻ ڄاڻ ڪو نہ آھن. هزارين عالمن جي عزيزن جي برباد زندگين جو درد بہ لفظ، لفظ مان جهلڪي ٿو. 2000ع کان وٺي 2011 تائين گمشدہ ماڻھن جي سلسلي ۾ کڄندڙ حڪومتي قدم، مجبوريون، عدالتن جو ڪردار هاڻ ڳجهو نہ رهيو آهي.
ايشين ليگل ريسورس سينٽر جي 2010ع جي رپورٽ مطابق NWFA جي علائقن مان 1000، بنيادپرست جماعتن سان لاڳاپيل ماڻھو گڏ آھن، سنڌ مان 100 قومپرست پارٽين سان لاڳاپيل ڪارڪن گم آھن. جيئرن جاڳندڙ انسانن جي ڪا بہ خبر نہ ٿي پوي تہ هو زنده بہ آھن يا نہ؟ ڪير بہ نٿو ٻڌائي سگهي تہ هو زبردستي ڪنھن جهادي تنطيم ۾ شامل ڪيا ويا آھن؟ ڪنھن قوم جي حقن جي حاصلات لاءِ آواز بلند ڪرڻ جي ڏوھہ ۾ منظر تان گم ڪيا ويا آھن؟
ڪنھن ٽارچر سيل ۾ پنھنجي عقل، دانش ۽ ڏاهپ جي سزا ڀوڳي رهيا آھن؟ پر اها حقيقت آهي تہ عمران جوکيو جو تعلق ڪنھن بہ بنيادپرست تنظيم سان نہ هو! نہ ڪنھن قومپرست پارٽيءَ جو ڪارڪن هو، نہ ڪنن سماجي تنظيم سان لاڳاپيل هو! عمران جو تعلق، محنت ڪش، پورهيت بيواھہ شاهين جي خوابن، خواهشن ۽ ارمانن سان هو. عمران پنھنجي ماءُ جي زندگيءَ ۾ خوشين آڻڻ لاءِ جاکوڙي رهيو هو. عمران پنھنجي ماءُ کي ان شھر ۾ آرام سان ويھاري ٻہ ويلا ماني کارائڻ لاءِ محنت ڪري رهيو هو. هو درزي هو سياسي ڪارڪن نہ هو.
شاهين جي ڪٿان آمنہ جنجوعہ جي داستانِ حيات کان گهٽ اذيتناڪ نہ آهي، جنھن جي شخصيت جي باري ۾ لکندي انڊيپنڊنٽ اخبار جو ليکڪ رابرٽ فسڪ جو قلم رت روئڻ ٿو لڳي. آمنہ جي اڪيلائي جا عذاب ۽ پنھنجي ور لاءِ اوسيئڙي جا دردناڪ پل شاهين جي پيڙا کان قطعي مختلف نہ آھن، زاهدہ شريف، جيڪا ٻن ٻارن جي پرورش بہ ڪري ٿي ۽ پنھنجي گهر واري جي گمشدگيءَ جي سلسلي ۾ دانھيندي نظر ٿي اچي. درد بہ ساڳيا، پيڙائون بہ ساڳيون ڪٿا بہ ساڳي! ڀوڳنائون بہ ساڳيون پر حاصلات جا دفتر خالي.
مصلحتون دردن کان اڻ ڄاڻ هونديون آھن. ڄڻ تہ انسان صرف ڀوڳڻ لاءِ ئي خلقيو ويو آهي. ڪٿي سياسي مصلحتون، معاشي مصلحتون، معاشرتي مصلحتون انسان جي دردن کي پردن ۾ لڪائي ٿيون ڇڏين. هڪ اواز هڪ دانھن اڀري ٿي ڪجهہ اکيون آليون ٿين ٿيون ۽ بس پوءِ ان کي يا تہ مصلحت جي پردن ۾ لڪايو ٿو وڃي يا وري نقد رقم جي بار هيٺان گم ڪيو ٿو وڃي. شاهين جي دانھن ۽ آواز کي خاموش ڪرائڻ لاءِ بہ رقم جي آڇ ڪئي وئي پر شاهين جي عمر ڀر جي ڪمائي 16 سالن جو عمران هو جنھن کي هو پئسن جي ترازوءَ ۾ تورڻ لاءِ تيار نہ ٿي آهي.
هڪ اخباري رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ 8000 ماڻھو گمشدہ آھن، انھن 8000 خاندانن جي درد خريد ڪرڻ لاءِ خبر نہ آهي تہ ڪيتري نقد رقم آڇي وئي هوندي؟ شاهين جي مسلسل بک هڙتال، احتجاج، پريس ڪانفرنس، ميڊيا ذريعي ڪرايل احتجاجن جو سلسلو اڃا جاري آهي. بيواھہ شاهين عمران جوکيو جي زندگيءَ بابت شڪ ڪرڻ لاءِ تيار نہ آهي. 11 مھينن جي گذرڻ جي باوجود بہ هو هر نئين صبح جو استقبال نئين اُميد سان ڪري ٿي.
هڪ نہ ٻئي ڏينھن سيل فون تي ھن جو ڪمزور جهيڻو پر، پراُميد آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آهي، ”باجي منھنجي عمران جي ڪا خبر پئي؟“
”باجي فلاڻي آفيسر ڇا چيو؟“
جواب ۾ مون وٽ، ھن جي حوصلي کان وڌيڪ حوصلو تہ نہ هوندو آهي پر ھن جي اکين جي آلاڻ منھنجي اکين ۾ لڙڪ بڻجي ضرور تري ايندي آهي.
19 اپريل 2011ع