خيرات، خالي جهولي ۽ نيڪين جو ڪاروبار
حڪومتي فيصلا، ملڪي معيشت کي ڪيترو فائدو رسائيندڙ ثابت ٿا ٿين، اها الڳ ڳالھہ آهي. ان تي يقيناً معاشيات جي ماهرن جي گهري نظر هوندي، پر اهڙن فيصلن جو سڌو سنئون اثر غريب طبقي ۽ پورهيت طبقي تي گهڻو منفي طريقي سان ٿئي ٿو. ڪڏھن اهڙي منصوبہ بندي سامھون نہ آئي آهي، جيڪا تباھہ ٿيندڙ معاشي نظام جي بنيادن کي مضبوط ڪري سگهي ۽ غربت جي آزار ۾ ڪا ڪمي آڻي سگهي. ڏٺو وڃي تہ اسان جو سماج صدين کان طبقاتي فرق جو شڪار رهيو آهي. ڪلاس سسٽم اسان وٽ مروج رهيو آهي. سڀ معاشي وسيلا هڪ مخصوص طبقي جي هٿ وس هجن ٿا. اهو فرق سدائين صاف ظاهر نظر ايندو آهي، پرڪجهہ مخصوص ڏينھن ۽ ڪجهہ مھينا اهڙا ايندا آھن، جن ۾ اهو فرق وڌيڪ واضح نظر ايندو آهي. مخصوص بابرڪت مھينن ۾ سرمائيدار طبقي کي پنھنجي بئنڪ اڪائونٽ سان گڏوگڏ نيڪين جي اڪائونٽ ۾ بہ واڌ جو شوق ٿيندو آهي. هو جڏھن چاهين، سنڌ جي هزارين ضرورتمندن کي پنھنجي در تي گهرائي پنھنجي نيڪين جي اڪائونٽ ۾ واڌ آڻي سگهن ٿا. جنھن مھل چاهين در تان سوالي خالي موٽائڻ جو اختيار رکن ٿا. ڪجهہ ڏينھن پھرين ڪراچيءَ ۾ اهڙي ئي هڪ اجتماع ۾ جتي نيڪين جي حصول لاءِ وڏي پيماني تي ڪنھن شادي هال ۾ راشن ورهائڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو، 3000 کان 4000 عورتن مان صرف 200 خوش نصيب عورتن کي ٿيلھا ملي سگهيا، باقي ٻين کي ڌڪا ۽ موت مليو. ٻہ عورتون چيڀاٽجي زندگي وڃائي ويٺيون. جيڪي مستحق عورتون پنھنجن ٻار لاءِ کاڌ خوراڪ وٺڻ آيون، انھن جي قتل جي ذميواري ڪير قبول ڪندو؟ شايد نيڪين جو وڌندڙ اڪائونٽ ان ڏوھہ کي بہ ڌوئڻ جي سگهہ رکي ٿو. جنھن وٽ پئسو آهي، اهو موت بہ خريد ڪري سگهي ٿو، حياتيءَ جي قيمت بہ ڏيئي سگهي ٿو. دولت مند ماڻھن وٽ قتل جو لائسنس هجي ٿو، ان ڪري انھن تي ڪا بہ ميار نہ ٿي ڏيئي سگهجي. ڪالھہ بہ ڪنھن مشھور اداڪار جي گهر نيڪين جو ڪاروبار جاري هو، جنھن ۾ ڪافي عورتن جي زخمي ٿيڻ جي خبر ملي هئي. خيراتي ادارن جي اڳيان سخت گرميءَ ۾ روڊن رستن تي هڪ وقت جي ماني لاءِ ماڻھن جا هجوم ۽ قطارون، قومن جي بي حسيءَ تي علامت ٿا لڳن. اهي ڪھڙيون نيڪيون آھن، جيڪي انسان جي عزت نفس کي مجروح ٿيون ڪن. هڪ ٻن وقتن جي ماني، ڪنھن غريب جي غربت تہ ختم نہ ٿي ڪري سگهي، پر ھن جي عزت نفس کي مجروح ڪري ھن مان پاڻ ڪمائڻ واري خواهش ۽ خود انحصاريءَ جي حقيقت جو خاتمو آڻيندڙ ضرور ثابت ٿئي ٿي. ڪجهہ ماڻھو چند رپين جي آڌار تي دين ۽ دنيا سڀئي خريد ڪري ٿا وٺن ۽ ڪجهہ ماڻھو سدائين معاشي اڻ برابريءَ جي ڪُن ۾ ڦاٿل ٿا رھن. محسوس ائين ٿو ٿئي تہ آسمان جون رحمتون ۽ برڪتون صرف امير طبقي تي نازل ٿيون ٿين، غريب سدائين گناهگار ۽ آزمائشن جي ور چڙهيل هجن ٿا. غريب وٽ تہ ڇوٽڪاري جو ذريعو نظر ئي نٿو اچي. جيڪي ڏيڻ چاهين ٿا، انھن جومقصد صرف چند نيڪيون حاصل ڪرڻ هجي ٿو. حالانڪہ قومي شعور جي تقاضا اها آهي تہ، مناسب منصوبہ بنديءَ سان مستحق ماڻھن جي مدد ڪئي وڃي، هڪ وقت جي ماني 100 ماڻھن کي کارائڻ جي بجاءِ جيڪڏھن ڪنھن مستحق گهر ۾ هڪ مھيني جو راشن پھچائجي، ڪنھن هڪ ٻارجي تعليم جو خرچ کڻجي، ڪنھن بيمار فرد جو علاج ڪرائي ڇڏجي تہ، بھتر نہ ٿيندو؟ پر اسان وٽ اهي طريقا شايد رائج نٿا ٿي سگهن، ڇو تہ انھن طريقن سان نہ خبر ٺھندي نہ فوٽو لڳندو نہ وري مشھوري ٿيندي. جيڪي خيراتي ادارا صرف شھرت جي سھاري هلي رهيا آھن، انھن ماڻھن کي فقير بڻائي ڇڏيو آهي. ڪنھن راھہ ڀٽڪيل کي منزل جو پتو ٻڌائڻ جو رواج هاڻ رهيو ئي ناهي. غربت نہ ختم ٿيڻ جي اهم وجه اها ئي آهي تہ، مدد غريب جي ڪئي ٿي وڃي، پرغربت جي خاتمي لاءِ ڪو لائحہ عمل مرتب نٿو ڪيو وڃي. عام استعمال جون شيون باقاعده منصوبہ بندي جي تحت مارڪيٽ مان گم ڪيون وينديون آھن، تہ جيئن ھن وقت برڪتن جي مھيني جي شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ڪڻڪ مارڪيٽ مان گم ٿي وئي. ذخيرو ڪري وڪڻندڙ سدائين کان ائين ئي ڪندا آھن، عام ماڻھو وڌندڙ اگهن جي شڪايت ڪندو ئي رهجي ويندو آهي.
هر قسم جو منفي ڪاروبار يڪدم عروج کي رسي ٿو وڃي، وڌندڙ قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪابہ حڪمت عملي واضع نہ ڪئي ويندي آهي. برڪتن مان مستفيض ٿيڻ جو حق هر ڪنھن کي حاصل هجي ٿو. انھن ئي ڏينھن ۾ شھرن ۾ فقيرن جو آزار بہ وڌي ويندو آهي. هو گهرڻ کان وڌيڪ ڦرلٽ جي موڊ ۾ هوندا آھن. زبردستي پنھنجون ضرورتون ٻڌائيندا آھن. هو مارڪيٽ ۾، روڊن تي ۽ هر طرف پڪڙي بيھندا آھن، انھن کان نہ پيدل ماڻھو ٿو بچي ۽ نہ وري گاڏين وارا محفوظ ٿا رھن، هو فقير گهٽ پر ڌاڙيل وڌيڪ لڳندا آھن، گهڻيون دعائون ڏيندا، پر ڪجهہ نہ ملڻ جي صورت ۾ دردناڪ عذاب جي پيش گوئي بہ ڪندي نظرايندا آھن. ڪجهہ وري ننڍا ننڍا ڪتاب ۽ بابرڪت فريم کڻي بہ ڊيڄاريندا نظر ايندا آھن. عام ماڻھوءَ جو انھن کان بچڻ تمام محال هجي ٿو. اهي سڀ ڳالھيون نيون نہ آھن، پر سوال اهو آهي تہ اهو سڀ ڪجهہ ختم ڪرڻ لاءِ اپاءُ ڪڏھن ورتا ويندا. گاھہ کائي ائٽم بم ٺاهيندڙن جي نصيب ۾ پيٽ ڀري ماني کائڻ ڪڏھن لکجندو؟ قوم کان قرباني تہ هر ڪوئي ٿو گهري، پر قوم لاءِ قربان ٿيڻ وارا ڪڏھن منظر تي ايندا؟ هي قطارن جا سلسلا، هي فقير بڻجندڙ قوم جا پکڙيل هٿ، ڪڏھن معاشي عمل ۾ شامل ٿيندا؟
24 نومبر 2016ع