گهر ۽ ٽارچر سيل جو فرق ٿيڻ کپي!
جدوجھد ۽ عورت هڪ ٻئي سان سلھاڙيل لفظ آھن جن کي الڳ نٿو ڪري سگهجي پر کٽيل جنگ وري وڙهڻ حاصلات کي حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ بہ ڪنھن امتحان کان گهٽ ڪونھي.
قانوني ۽ مذهبي آزاديءَ جي باوجود بہ پسند جي شادي ڪندڙ عورت اسان جي سماج ۾ مجرم آهي ۽ ان سان مجرمن جھڙو سلوڪ بہ ڪيو وڃي ٿو. گهر جي پناھہ گاھہ کي قيد سمجهي فرار حاصل ڪندڙ ۽ قانوني قيدخانن کي نجات جو ذريعو سمجهندڙ عورت جي ڀوڳنائن جو سفر سڄي حياتي نہ کٽندو آهي. پل پل آزمائش، وک وک تي امتحان، قدم قدم تي رڪاوٽون هونديون اٿس ڪڏھن ڪڏھن تہ رفيق سفر بہ اڌ ۾ ڇڏي ويندو اٿس پر پوءِ بہ هوءَ جوٽيل جنگ بند ناهي ڪندي.
عورت جي مزاحمت نہ گهر جي خلاف هجي ٿي نہ رشتن جي خلاف ۽ نہ وري سماج جي خلاف. هوءَ پنھنجي وجود جي نفي ڪندڙ روين خلاف جنگ جوٽي ٿي ۽ بغاوت جو اعلان ڪري ٿي. ان ڪري ئي تہ سالن کان تعمير ٿيل حفاظتي ديوارن کي ٽوڙي هوءَ پيار جي ڪوڙن سچن ٻن گفتن جي ڄار ۾ ڦاسيو ٿي وڃي. پوءِ سموري عمر گوليون ۽ ڪھاڙيون ھن جو پيڇو ٿيون ڪن! هوءَ نہ محفوظ نہ ٿي رهي پر سندس پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار بہ نفرت جي روين جي ٻَليءَ تي چڙهيو وڃي! اسان جا گهر ننڍا ننڍا ٽارچر سيل بڻجي ويا آھن جن کان هر عورت انڪاري ٿي ٿئي. هوءَ جياپي لاءِ موت جو رستو منتخب ڪري ٿي پر نفي ڪندڙ روين کي مڃتا ڏيڻ لاءِ تيار نٿي ٿئي.
شائستہ عالماڻيءَ کان وٺي پروين مھر تائين لاتعداد ڇوڪريون آھن جن ڏاڍ جي روين کان انڪار ڪندي پنھنجو قانوني حق استعمال ڪرڻ جي همت ڪئي ۽ سڄي زندگي امتحانن مان گذرنديون رهيون. پروين مھر کي دوکي سان، ڪوڙ سان، غلط بيانيءَ سان، طاقت سان، پنھنجي ساٿيءَ کان پري ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون ميڊيا تي اچي ھن على اعلان پنھنجي گهر وسائڻ جو اقرار ڪيو. سندس حياتي تہ بچي وئي پر سندس ٻار انھيءَ نفرت ۽ طاقت جي روين جو شڪار ٿي ويو. ماءُ جي ھنج مان تہ ڪنھن وحشي جانور جي بہ همٿ نہ ٿيندي آهي جو ڪنھن ٻار کي کڻي سگهي!
وحشي جانورن کان بہ وحشت ۽ نفرت جون بازيون کٽيندڙ انسانن جي قاتل هٿن کان پروين جي جسم ۾ پلجندڙ ٻار پنھنجي حياتي نہ بچائي سگهيو! پروين اڄ بہ انھن قاتلن کي معاف ڪرڻ لاءِ تيار نہ آهي. اها نفرتن جي ڀڙڪندڙ باھہ هڪ نسل تائين محدود نہ ٿي رهي پر اها ڀڙڪندڙ باھہ هڪ نسل کان ٻئي نسل کي بہ جلائي ٿي ۽ قبائلي جهڳڙن ۾ تبديل ٿي راڄن کي بہ وڪوڙي ٿي وڃي.
حفاظت جي نالي تي استحصال، پيار جي نالي تي دوکو، غيرت جي نالي تي موت! عورت جو مقدر بڻايو ويو آهي.
وک وک تي ساھہ قربان ڪندڙ رشتا، ساھہ ساھہ جا ويري بڻجي ٿا وڃن صرف ان ڏوھہ جي سزا ۾ تہ هوءَ پنھنجو قانوني حق استعمال ڪري پسند جو جيون ساٿي چونڊي ٿي. پسند جي شاديءَ جي عمل ۾ ڀاڱي ڀائيوار تہ مرد عورت ٻئي هوندا آھن پر سزا صرف عورت جو مقدر بڻجي ٿي. ميڊيا تي عورت جو نالو ٿو اچي، ڏوهارڻ عورت ٿي بڻجي! جدوجھد عورت ٿي ڪري! پيءُ جي ڪھاڙي سان ڳڀا ڳڀا ڌيءَ ٿي ٿئي. ڀاءُ جي گولين جو کاڄ پڻ ٿي بڻجي! سماج جي تشدد جو نشانو بہ عورت ٿي بڻجي، غيرت جي نالي تي قتل بہ عورت ٿي ٿئي! مرد جو نالو ڪنھن مقدس شيءِ جيان لڪل رهي ٿو هو صرف پيار جي ٻن گفتن سان عورت کي موهي نہ ختم ٿيندڙ جدوجھد جي حوالي ڪري ٿو ڇڏي. هو الزام کان پري هر سزا کان مُڪت، هر آزمائش کان ڇُٽيل ٿو رهي صرف هڪ اخباري بيان ۾ هڪ ننڍڙي فوٽوءَ جي صورت ۾ ساٿ نڀائيندڙ حياتيءَ جي سمنڊ ۾ عورت کي اڪيلو مقابلي ڪرڻ لاءِ ڇڏي گم ٿي ٿو وڃي.
پوليس جي هڪ رپورٽ مطابق، جيڪڏھن سڄي دنيا ۾، سال ۾ 5000 عورتون غيرت جي نالي تي قتل ٿين ٿيون تہ ان مان 1000 پاڪستان ۾ هونديون آھن. پسند جي شادي اهڙو ڏوھہ آهي جيڪو هڪ ٻہ سال تہ ڇا پر سڄي عمر معاف نٿو ڪيو وڃي، عورتون 20 سالن کانپوءِ بہ مارجي ٿيون وڃن. هزارين لکين عورتن جي مارجي وڃڻ جي باوجود بہ اڃا تائين اسين ان مسئلي جوحل نہ ڳولي سگهيا آهيون. قانون جي موجودگي ۾ ان قتل جي ظالماڻي رويي کي گهٽ نہ پئي ڪري سگهي. اسين اهڙي سماج ۾ رهون ٿا جنھن ۾ انساني حق، انساني آزادي، ضابطئه اخلاق ۽ قانون ڪا بہ معنى نٿا رکن، جتي سولي ۾ سولو ڪم قانون جي خلاف ورزي آهي رياست جي قانون جي ڀڃڪڙيءَ کان وڌيڪ سماجي رسمون رواج ٽوڙڻ ڏوھہ آهي. قانون نہ پر سماجي رويا طاقتور آھن، جتي زندگي نہ پر موت جي حڪومت آهي. روزانہ ميڊيا تي هڪ ٻہ رپورٽ پسند جي شاديءَ جي حوالي سان هوندي آهي ۽ پناھہ ۽ تحفظ لاءِ اپيل جي هوندي آهي ۽ روزانو 3 يا 4 رپورٽس غيرت جي نالي تي ٿيندڙ قتل جون بہ هونديون آھن. قتل جا سبب ڪھڙا بہ هجن پر سزا گهٽ ملڻ يا ڪيس داخل نہ ٿيڻ جي ڪري لاتعداد قتل غيرت جي چادر ۾ لڪايا ويندا آھن. جڏھن پروين مھر سماجي رسمن کان انڪاري ٿي، رياض مھر ۽ پروين مھر ميڊيا تي شاديءَ جو اعلان ڪيو ۽ تحفظ لاءِ اپيل ڪيائون، پوءِ هو ٻئي شھر شھر لڪندا رهيا پر گهڻو وقت جبري روين کان پاڻ بچائي نہ سگهيا. ھنن کان زندگي تہ نہ کسي وئي پر گڏ رهڻ جو حق کسيو ويو. پروين کي جعلي طلاق نامو ڏيکاري رياض کان پري ڪيو ويو ۽ رياض تي الزام لڳايو ويو تہ هُو طلاق کانپوءِ بہ پروين سان گڏ رھندو هو. ان جنگ ۾ پروين جي ٻار کي دنيا ۾ اچڻ کان اڳ قتل ڪيو ويو. پروين اڃا تائين بہ عدالتن جا چڪر لڳائيندي ٿي رهي، ڪڏھن وڪيلن سان ڳالھائي ٿي. ڪڏھن عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ عورتن سان رابطا ٿي ڪري ھن جي خواهش صرف رياض سان گڏ رهڻ آهي. هڪ عورت جيڪا پنھنجي گهر واري سان گڏ رهڻ ٿي چاهي ان لاءِ زندگيءَ جو هر پل هڪ آزمائش بڻجندو پيو وڃي. سوين مشڪلاتون ۽ رڪاوٽون ھن جي اڳيان جبل بڻجي ٿيون اچن پر جيڪڏھن ڪنھن عورت کي غيرت جي نالي تي قربان ڪيو وڃي تہ اهو صرف هڪ منٽ جو کيل ٿو ٿئي. انساني زندگي نہ اڄڪلھہ ارزان ئي آهي پر جنھن ڏوھہ جي ڪا بہ تعزير ڪانھي ڪا سزا ڪانھي، جنھن ڏوھہ جو ڏوهاري مجرم نہ پر فاتح سڏرائي ٿو، اهو آهي عورت جو قتل ۽ استحصال. . . !
حفاظت جي نالي تي استحصال ۽ غيرت جي نالي تي قتل نہ ڪو جرم آهي ۽ نہ ان جي ڪا سزا مقرر ٿي سگهي ٿي، جيڪڏھن سزا آهي بہ تہ اها نافذ العمل نٿي ٿئي. لاتعداد ڇوڪريون اڄڪلھہ گهران نڪرن ٿيون پسند جي شاديءَ جو اعلان ڪن ٿيون ۽ مجرم قرار ڏنيون ٿيون وڃن پر پس منظر ۾ موجود تشدد ۽ استحصال واري جرم جي پردہ پوشي ڪئي ٿي وڃي. ڪو وقت هو جڏھن گهرن ۾ ٿيندڙ تشدد ظاهر ڪو نہ ٿيندو هو، عورت ان کي قبول بہ ڪندي هئي ۽ پاڻ کي ان سلوڪ جو مستحق سمجهندي هئي پر هاڻ هوءَ ان ظلم ۽ استحصال کي مڃڻ کان انڪاري ٿي ٿئي. اسان جي هر گهر ۾ ڇوڪرين سان امتيازي سلوڪ عام آهي. مادرانہ، پدرانہ شفقت کان محرومي، بنيادي حقن کان محرومي، ذات جي نفي، جنس جي آڌار تي ٿيندڙ استحصالي روين کي منھن ڏيندي ڏيندي ڇوڪرين جي اندر ۾ بغاوت جنم ٿي وٺي، جنھن جي اظھار جو ھنن کي هڪ ئي ذريعو، گهران فرار نظر ايندو آهي. حياتي بچائڻ لاءِ موت ڏانھن سفر ڪندڙ عورت سدائين تحفظ لاءِ واجهائيندي ٿي رهي، قانون ھنن جي حقن جي مڃتا جي باوجود بہ مجبور ئي ٿو رهي.
آخر ڪيستائين بي موت ناريون ڪسجنديون رھنديون ۽ استحصالي روين خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪندڙ عورت هاڻ پنھنجي ذات جي نفي کي ڏوھہ ٿي سمجهي، پنھنجي پسند جي اظھار کي ڏوھہ نٿي سمجهي! عورت جي جنگ رشتن جي خلاف نہ پر روين جي خلاف آهي. ان ڪري تہ شايد پروين مھر پنھنجي ٻار جي قاتلن کي معاف ڪرڻ لاءِ تيار نہ ٿيندي ڇو تہ هو رشتن جي مقدس چادر ۾ لڪل نفرتن جا پرچارڪ رويا هئا جن سندس ٻار کي قتل ڪيو. جدوجھد جي سفر ۾ اڪيلايون ئي هم سفر هونديون آھن. سو عورت جي جدوجھد ۾ بہ ھن جون همسفر اڪيلايون آھن پر شايد سماج ۾ حق گهرندڙ هوءَ اڪيلي مخلوق آهي جنھن جي جنگ سماجي نظام ۽ رسمن رواجن سان آهي.
پسند جي شادي ڪرڻ ۽ غيرت جي نالي تي عورت جو قتل ڪنھن هڪ خطي يا علائقي سان واسطو رکندڙ مسئلو نہ آهي اهو سڄي ملڪ بلڪه سڄيءَ دنيا ۾ عام آهي. اها ڳالھہ ناممڪن تہ ڪونھي ايم پي اي، ايم اين اي ۽ منسٽرز پاران جيڪڏھن اسيمبليءَ ۾ ان اشوءَ تي ڳالھايو وڃي ڪا واضح پاليسي مرتب ڪئي وڃي. ڪو حفاظتي بل پاس ڪرائجي جيڪو ان قانوني حق کي تسليم ڪندڙ هجي، جيڪو گهر ۽ ٽارچر سيل جي فرق کي واضح ڪري. پناھہ ۽ حفاظت، محبت ۽ شفقت ۽ مرده ٿيندڙ روين کي زنده ڪري سگهي.
01 جُولاءِ 2011ع