بي گهر جمنا!
زندگيءَ جي ڊرامي ۾ ماءُ جو ڪردار رڳو ايترو ئي هجي ٿو، جو هوءَ پنھنجي زندگيءَ جون سڀ سھولتون اولاد کي ارپي، پيدا ڪري، پرورش ڪري، تعليم ڏياري، اولاد خاص طور پٽ، جڏھن ڪنھن مقام تي پھچن ٿا تہ کين جيڪا شيءِ گهر ۾ سڀ کان وڌيڪ فالتو ٿي نظر اچي، اها ماءُ هجي ٿي. گهر جي فالتو سامان کي اڇلائڻ کان پھرين ماءُ کي اڇلايو ٿو وڃي. جمنا، جيڪا ھن وقت پنھنجي گهر کان بي دخل ڪئي وئي آهي. ان جھڙيون گهڻيون عورتون آھن، جيڪي اکيون کولين ٿيون پيءُ جي گهر ۾، اکيون بند ٿيڻ تائين پنھنجي ڇت ۽ پنھنجي زمين ڏسڻ کان محروم ٿيون رھن. عورت جيڪا گهر جو سڀ ڪم ڪندي، گهر جي ڪنڊ ڪنڊ کي چمڪائڻ کان پو بہ ڪڏھن بہ گهر جي مالڪ نٿي بڻجي سگهي. ھن جي نصيب ۾ نہ هڪ ڪمرو آهي نہ ئي هڪ گهر آهي. سڄي عمر مسافرن جيان گذري ٿي ۽ پنھنجي پوري توانائي، محنت ۽ صلاحيت ان گهر کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ ۾ ٿي گذري ۽ گهر جي مالڪ سڏرائڻ جو حق نٿي رکي. گهر جو مالڪ سدائين مرد ئي هجي ٿو. طاقت جي ورهاست رشتن جي نالي ڪئي وئي آهي. رڳو نالا تبديل ٿيندا آھن. حڪمرانيءَ جا اختيار سدائين مرد وٽ ئي ٿا رھن. رشتن جي جوڙجڪ ۾ عورت پنھنجي محبت ۽ محنت ٻئي ورهائي ٿي، پر بدلي ۾ ڪجهہ بہ نٿو ملي.
90 سالن جي جمنا تہ اپيلون ڪري رهي آهي، جنھن کي خبر نہ آهي تہ اعليٰ اختيارين تائين پھچڻ لا گس ڪھڙو آهي. عام ماڻھو ميڊيا جو سھارو وٺن ٿا، جنھن کي اڄوڪي دور ۾ تڪڙو پيغام جي رسائيءَ جو طريقو سمجهيو وڃي ٿو. پر اعليٰ اختيار رکڻ وارا روز ٿيندڙ احتجاجن، بک هڙتالن ۽ اپيلن تي ڌيان ڌرڻ لاءِ تيار ئي ناھن. احتجاج بس هڪ رسم جي حيثيت اختيار ڪري چڪا آھن، جن کان اعليٰ اختيارين وارا بہ واقف هوندا آھن، پر انھن کي ڌيان ڏيڻ جي لائق نٿو سمجهيو وڃي. حقيقت کان اکيون پورڻ، سچائيءَ کي نظرانداز ڪرڻ انھن جو آخري هٿيار بڻجي چڪو آهي. هڪ فرد جيڪي حق رکي ٿو، اهي ھن وقت واضح ناھن. ڏوھہ ۽ گهر جو مسئلو پاڻ ۾ گڏ وچڙ سمجهيا ٿا وڃن. عورت سان واسطو رکندڙ ڏوھہ گهڻو ڪري ”گهر جو مسئلو“ ”گهريلو معاملو“ جي ليبل هيٺ ڏوھن واري خاني مان خارج ڪيا ٿا وڃن. عورت تي تشدد ڪيو وڃي، ماريو وڃي، ڀلي روڊن رستن تي، گهرن ۾ يا ڪورٽن جي سامھون ماريو وڃي، پر اهڙا ڏوهاري سزا کان بچي ٿا وڃن.
رشتن جي خوبصورت ڄار ۾ ڦاٿل عورت، جڏھن ظلم خلاف احتجاج ڪري ٿي تہ هوءَ يڪدم سماج ۽ خاندان مان فارغ سمجهي وڃي ٿي. پنھنجن پيارن هٿان استحصال جو شڪار ٿيندڙ عورت، جڏھن بيوس بڻجي قانون طرف نظر ڦيرائي ٿي تہ قانون بہ ان کي تحفظ ۽ انصاف ڏيڻ ۾ ناڪام ٿو نظر اچي. پنھنجي پاڻ تي ظلم برداشت نہ ڪندڙ، يڪدم گهر کان محروم بڻجي ٿي وڃي. اسان وٽ حڪومت پاران اهڙي ڪابہ پناهگاھہ ناهي، جتي عورت قانون جي رسائي ۽ انصاف ملڻ تائين پنھنجي جان بچائي رهي سگهي. حيدرآباد جھڙي وڏي شھر ۾ بہ عورتن لاءِ ڪابہ پناھہ ناهي، ”ش“ کي سندس مڙس تشدد ڪري گهر مان ڪڍي ڇڏيو، ٻارن کي ماريائين. ”ش“ صبح کان رات تائين رستن تي ڌڪا کائيندي رهي. شام تائين پوليس، ٿاڻن جون حدون جاچيندي ۽ ماپيندي رهي تہ ھن عورت جو ڪيس ڪھڙي ٿاڻي جي حد ۾ درج ٿيندو، نيٺ نتيجو اهو نڪتو، جو کيس چيو ويو تہ هي گهر جو جهيڙو آهي. ان ۾ قانون جو ڪوبہ عمل دخل ناهي. “ش” کي گهر نہ مليو، نہ ھن کي مڙس گهر ۾ اچڻ ڏنو، نہ وري مائٽن ۾ سک سان رهي سگهي.
دارالامان ننڍا جيل خانا آھن، جن ۾ عورتن جي ڪابہ سماجي زندگي نٿي هجي. پڙهيل لکيل عورت جنھن ۾ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت بہ هوندي آهي، اها بہ ڪنھن مجرم ۽ قيديءَ جيان زندگي ٿي گذاري. معاشي طرح پاڻڀرو ٿيڻ يا پنھنجي زندگي پنھنجي مرضيءَ سان گذارڻ جو اختيار عورت وٽ ناهي هوندو. اهڙا ادارا جتي عورت پناھہ حاصل ڪري ۽ معاشي، سماجي سرگرميون جاري رکي سگهي، فعال ناھن. ويھہ سالن جي ”راحيلا“ چوي ٿي تہ، ”بابا مون کي اسڪول نٿو موڪلي، آئون اسڪول وينديس، پڙھنديس، بابا منھنجو ڪمرو ٺھرائيندو، پوءِ گهر وينديس. “
راحيلا اهي جملا ڪنھن آزاد فضا ۾ رھندي نہ پئي چوي، هوءَ تہ ڪنھن نفسياتي اسپتال جي سلاخن پويان ڳالھائي رهي آهي. راحيلا چوي ٿي تہ ”بابا چوي ٿو تہ ڇوڪرين کي اسڪول وڃڻ جي ضرورت ناهي، کين رڳو مذهبي ڪتاب پڙهڻ گهرجن. “
ڊاڪٽر مطابق راحيلا نفسياتي مريضہ آهي، گهر ۾ ھن کي صبر ۽ چپ جو سبق پڙهايو پئي ويو. راحيلا کي ننڍا ڀائر ڀينرون تنگ ڪندا هئا ۽ هوءَ انھن تي ڪاوڙ ڪندي هئي. راحيلا شاعري بہ ڪري ٿي، هوءَ رڳو پنجين ڪلاس تائين تعليم حاصل ڪري سگهي. روايتي چپ چاپ ڇوڪرين کان مختلف، پنھنجي گهر ۾ پنھنجو ڪمرو گهرندڙ کي چريائپ جو سرٽيفڪيٽ ملي چڪو آهي. هوءَ اڄ بہ منتظر آهي تہ ”بابا سندس ڪمرو ٺھرائيندو تہ پوءِ هوءَ گهر ويندي. “
بي خبريءَ جي دنيا ۾ خبر رکندڙ مجرم بڻجي ٿو وڃي. اڻ ڄاڻ ماڻھن ۾ ڄاڻ رکندڙ ڏوهاري آهي. پنھنجو گهر، پنھنجو اجهو گهرندڙ عورت بہ اڄ يا ڏوهاري بڻجي جيل ٿي وڃي، يا پاڳل بڻجي سلاخن جي پويان ٿي وڃي. راحيلا جي ان حالت جي ذميواري ڇا سندس گهر ۾ رھندڙ مائٽن جي ناهي؟ سندس والد پاران مڙهيل حد کان وڌيڪ پابندين ھن کي پاڳل پڻي جي دائري ۾ قيد ڪري ڇڏيو. شايد گهڻيون راحيلائون آھن، جن جون اکيون خواب ڏسن ٿيون، ارمان پالين ٿيون، پر اهي پورا نٿا ٿين. اڻپورين خواهشن ۽ ارمانن جي بار هيٺان هوءَ پنھنجي دعا جي سگهہ ۽ سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت بہ وڃائي ٿيون ويھن. انساني دماغ ڪيترو ٻوجهہ برداشت ڪري سگهي ٿو؟ شايد انڌن ٻوڙن جي سماج ۾ آواز رکندڙ ماڻھن جو انجام سقراط جھڙو ئي ٿئي ٿو. اڻ ڄاڻ ۽ ڄاڻ رکندڙن جو گڏجي رهڻ ممڪن ئي نٿو هجي، سقراط جيان زهر جا پيالا پيڻ سولو آهي، پر ڄاڻ رکندي اڻ ڄاڻ بڻجڻ ۽ خبر هوندي بہ بي خبر ٿي زندگي گذارڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. سماج ۾ اڀرندڙ احتجاجن جو آواز ۽ اپيلون آخر ڪير واڳ ڌڻين تائين پھچائيندو. گهر ۾ عورت جي هجڻ وارو تصور رڳو پرڪشش جملي کان سواءِ ڪابہ حيثيت نٿو رکي. مرد جي مرضي آهي تہ هو ڪنھن بہ وقت عورت کي گهر کان بي گهر بڻائي ڇڏي، هو هر رشتي ۾ اختيار جون واڳون پاڻ وٽ ٿو رکي. پيءُ، ڀاءُ، مڙس، پٽ جو هر روپ حڪمراني ۽ اختيار جو اهڃاڻ هوندو آهي ۽ حڪومت ۽ رياست بہ اهڙو ئي ذھن رکي ٿي. هڪ صديءَ جي ويجهو ڄمار گذارڻ کان پوءِ بہ اڄ جي جمنا رستن تي بي پھچ روئيندي ٿي رهي. رات جي اونداهيءَ ۾، سندس گهر ۾ ڪجهہ پھر گذاري ٿي، جتان صبح اڀرڻ شرط ھن جا بااختيار مالڪ پٽ، کيس ڌڪا ڏيئي ڪڍي ٿا ڇڏين، پوءِ هوءَ آهي ۽ پريس ڪلب جا آباد رستا ۽ بي ڪوڪ آواز ۽ بي پھچ احتجاج آھن.
24 نومبر 2016ع