لياري، جتي صرف خوف جي حڪمراني آهي!
اهم جاگرافيائي بيھڪ رکندڙ علائقو، پنھنجي اهميت، افاديت هٿان گهڻو ڀوڳيندو رهيو آهي. جانورن کي ذبح ڪري انھن جي عضون جا ٽڪر ۽ کلون، وچ چوراھن تي لڪڙن ذريعي لڳائي، علامتي دهشت پکيڙن جي طريقن کان وٺي ٻورين ۾ بند ٽڪرن جي صورت ۾ انساني وجود ڪڇي ماڻھن جي زندگي عذاب ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا، پر هاڻ تہ کلي عام فائرنگ، گهرن تي حملا، راڪيٽ سان گهر تباھہ ڪرڻ بہ شروع ڪيا ويا آھن.
چند ڦاٽل خيمن ۾ پناھہ وٺندڙ ڪڇي عورتون پنھنجي علائقي جي امن لاءِ هٿيار کڻڻ لاءِ تيار آھن. ھنن پنھنجن گهرن مان لڏپلاڻ امن خاطر ڪئي آهي، اهي چون ٿيون تہ گينگ وار وارن علائقي جو امن برباد ڪيو آهي. ٻن وڏين سياسي تنظيمن ٻہ وڏا گروھہ تشڪيل ڏنا، هر ڪنھن پنھنجي گروھہ کي مضبوط ڪيو ۽ دهشت ذريعي لياريءَ جي مختلف علائقن تي پنھنجو پنھنجو اثر ڄمائڻ شروع ڪيو. دهشت ۽ خوف جون علامتون الڳ الڳ، پر نشانو اهي ساڳيا لياريءَ جي رهواسين ۾دهشت پکيڙي وئي ۽ ڌاڙيل پاليا ويا. سالن کان گڏ رهڻ وارا بلوچ ۽ ڪڇي سياسي ڌرين جي پاليسين جي ڪري ورهائجي ويا. لياري ھن وقت ڏوھن جو ڳڙھہ بڻجي چڪو آهي. صدين کان ڌارين جي ڪاھن جو سبب سنڌ جو تجارتي مرڪز هونئن تہ رھندو اچي. سنڌ جي زرخيز زمين ۽ اهم بندرگاھہ صدين کان ڌارين جي تجارتي ۽ جنگي مفادن لاءِ ڪشش رکندڙ رهي آهي. لياري واسين جو ڏوھہ بہ ايترو آهي، جو هو بندرگاھہ کان شھر جي مرڪز طرف ويندڙ رستن جي اهم خوشقسمت علائقن جا بدنصيب رهواسي آھن. سياست جي نالي تي ڏوھن ۽ دهشت جو ڪاروبار ڪندڙ ڪڏھن امن پسند رهواسين جو وجود برداشت نٿا ڪري سگهن. ڪيترين ئي مافيائن ۽ سياسي سرپرستيءَ هيٺ لياريءَ ۾ وڳوڙ پکيڙيندڙ ڌرين جا سرپرست ڪڏھن بہ اتي جي رهواسين کان ڳجها نہ رهيا آھن. اِهي اُهي قوتون آھن، جيڪي هاڻ پنھنجن ٺاهيندڙن جي ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري چڪيون آھن. ڪنھن بدمست هاٿيءَ جيان سامھون ايندڙ هر شيءِ کي برباد ڪرڻ ٿا چاهِن. لياري ايڪسپريس وي انھن کي ڪڏھن بہ پنھنجي فائدي جوڳو نہ نظر آيو آهي. ڇو تہ چند لمحن ۾ ڪراچي شھر کي مفلوج ۽ ساڪت بڻائڻ جي خواهشمندن کي ائين محسوس ٿيو تہ ڄڻ شھر جو ريموٽ ڪنٽرول ھنن جي هٿن مان ڇڏائجي ويو هجي. خوف کان سواءِ عوام وٽ ھن وقت ڪوبہ هٿيار ناهي، ھنن سدائين خوف ۽ دهشت پکيڙي عام ماڻھن ۽ ٻين سياسي توڙي حڪومتي ڌرين کي پنھنجي اڳيان گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو آهي. اها حڪومتي ڪمزوري هئي، جنھن مفاهمتي پاليسيءَ جي نالي تي هر شرط قبول ڪري شھر کي مافيائن وٽ گروي رکي ڇڏيو. هاڻ تہ بين الاقوامي سطح تي بہ ھنن جي ڏوھن جا داستان پڌرا ٿي رهيا آھن، جڏھن قيادت پاڻ ڏوھن ۾ ملوث هجي تہ پوءِ باقي ڪارڪنن کي ڇا ٿو چئي سگهجي. ان جي باوجود بہ حڪومتي ڌريون انھن تنظيمن لاءِ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جا دروازا کليل رکي ويٺيون آھن. جڏھن تہ هو هاڻ پي پي پي کي صرف ٻھراڙيءَ جي جماعت تسليم ٿا ڪن، شھري علائقن تي پنھنجي قبضي جا بيان ڏيندا رھندا آھن.
لياريءَ جي ٻرندڙ علائقي ۾ قتل عام بہ لڪل ناهي. ڪڇين جي گهرن تي حملا، انھن جا قتل، لياريءَ جي بلوچن جي اغوا جون وارداتون، منشيات جو عام استعمال ۽ هٿيارن جي موجودگي ڪابہ ڳالھہ هاڻي ڳجهي ناهي، لياريءَ ۾ بہ 10 کان 15 سالن جي ٻار جي هٿ ۾ بندوق ۽ منشيات آساني سان ڏسي سگهجي ٿي. پر جيڪا شيءِ نظر نٿي اچي، سا مسئلن جي حل لاءِ ڪوشش آهي. لياري گهڻي عرصي کان بحث جو موضوع بڻيل آهي. پر هتي حڪومتي ۽ سياسي ڌرين جي مفادن ۽ منصوبن جو جهيڙو آهي. اهم علائقي تي طاقت ۽ ڪنٽرول جو جهيڙو آهي، هٿ سان علائقي جو امن برباد ڪري اهڙي صورتحال تخليق ڪئي وئي آهي، جنھن ۾ عام ماڻھو جيئڻ جي سگهہ نٿو ساري سگهي.
قانون نافذ ڪندڙ ادارا بي خبر تہ ناھن، پر اهي بہ انھن قوتن جو حصو بڻجي چڪا آھن. لياريءَ واسين جو چوڻ آهي تہ سيڪيورٽي ادارن جي گاڏين مان نقاب پوش لھن ٿا ۽ تخريب ڪاري ڪن ٿا، عورتن سان اخلاق کان ڪريل ٻولي ڳالھائِن ٿا. تشدد، لاقانونيت ۽ خوف جي سھاري تي علائقي کي فتح ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ منصوبہ ايترا لڪيل ناھن، پر حل ڪرڻ لاءِ ڪوشش نٿي ورتي وڃي. لياريءَ جا ڪڇي اهو سمجهن ٿا تہ اهو سڀ ڪجهہ علائقا خالي ڪرائڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي. لياريءَ جي ماڻھن جي اڳيان نئين نسل جو ڪوبہ واضح مستقبل ناهي. منشيات ۽ هٿيارن جي موجودگيءَ ۾ تعليم جو ڪوبہ تصور ناهي، هتي زندگيءَ جي ڪابہ ضمانت ناهي. سياسي ۽ سماجي ڌرين پاران کڄندڙ قدم ساراھہ جوڳا آھن، بلوچن ۽ ڪڇين جا اختلاف ختم ٿي سگهن ٿا، پر جرائم پيشہ گروھہ، جن جو ٽارگيٽ صرف خون ريزي، دهشت ۽ مافيائن جي سرپرستي آهي، انھن سان مقابلو ڪير ڪندو؟ ڀتہ مافيا، قبضہ مافيا، ٽرانسپورٽ مافيا، منشيات مافيا، هٿيارن جي اسملنگ ۽ غيرقانوني ڪاروبار جو عروج، انھن بوتل مان نڪتل ”جنن“ کي قابو ڪير ڪندو؟
جيڪي سياسي ڌريون عام ماڻھن کي هڪ ووٽ کان وڌيڪ اهميت ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناھن، اهي منصف ڪيئن ٿينديون؟ لياريءَ جي امن جو سوال سولو نٿو لڳي، هتي سڀ کان وڏو سوال ڏوھن جي سرپرستي ڪندڙ ڌرين جا مفاد آھن. عام ماڻھو صرف امن ٿو چاهي، پر سياسي ڌريون مفادن جي راند ڪنديون آھن. هو پاڻ لاءِ جن بہ شرطن تي ٺاھہ ڪنديون، اهي شايد عوامي مفادن جي ڀيٽ ۾ سندن سياسي مفادن کي وڌيڪ فائدو رسائيندڙ هوندا. خراب ٿيندڙ حالتون ڪنھن چڱي اتحاد طرف نہ پر ڪنھن وڏي ورهاڱي طرف وينديون ٿيون نظر اچن. سنڌ جي امن جي خراب صورتحال جون فڪرمند سڏائيندڙ ڌريون ان مسئلي کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهن ٿيون. ھن وقت سنڌ جي سالميت، بقا ۽ شھرن جي امن دشمنن کي سڃاڻن ۾ آهي. ڏوهارين جي ڪامياب منصوبہ بندي جي باوجود بہ حڪومت پاران سنجيدگي ۽ عوامي مفادن کي نظر ۾ رکي کڄندڙ قدم پنھنجي طرف آڻي سگهن ٿا. پر دشمن کي دشمن چوڻ جي سگهہ ۽ ڏوهاري کي ڏوهاري مڃڻ جي ضرورت آهي.
24 نومبر 2016ع