سماجي ۽ سياسي اذيت گاھہ
قدرتي آفتن تي تہ ڪو بہ وس نٿو هلي. ازل کان انسان قدرتي آفتن کان ڊنل رهيو آهي ۽ انسان جي ترقيءَ جو راز بہ ان ڊپ ۾ لڪل آهي. هوا، پاڻي ۽ باھہ تي ڪنھن جو بہ وس نٿو هلي. اهي زندگيءَ جا بنيادي جزا، حياتي بخشيندڙ بہ آھن تہ ڦريندڙ بہ آھن. انسان ارتقا جي عمل مان گذري، جڏھن خوف تي قابو پائڻ ۽ نقصان ڏيندڙ شيءِ مان فائدو حاصل ڪرڻ سکيو تڏھن تھذيب يافتہ ڪوٺائڻ جو حقدار بڻيو. ھن وقت جڏھن ملڪ بيروني خطرن ۽ حڪومتي انتشار ۽ قدرتي آفتن جي وچ ۾ پيڙهجي رهيو آهي تہ عوام اهو سوچڻ ۽ سمجهڻ کان قاصر آهي تہ دانھن ڪنھن کي ڏجي؟ هڪ تہ محڪمه موسميات جون مھربانيون آھن، جيڪو وقت تي تبديل ٿيندڙ موسم جي نامھربانين کان، وقت تي آگاھہ ڪري ٿو ڇڏي ۽ عوام جي اکين ۾ اکيون وجهي بيھڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪري ٿو وٺي. اسان جو عوام باشعور آهي پر ھن ووٽ جي ذريعي پنھنجي تحفظ کي گروي رکي ڇڏيو آهي. جڏھن بہ عملي ڪم ڪرڻ جو وقت ايندو آهي تہ اسان جي حڪومت ڪمزور ٿي ويندي آهي. گڊ گورننس جا مسئلا تہ ختم ٿيڻ جا آھن ئي ڪونہ پر اها ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ ٿي اچي تہ هر اهو عمل مشڪل ۽ ناممڪن ڇو هوندو آهي، جنھن سان عوام کي رليف ملڻ جي اميد هوندي آهي ۽ عوام کي پريشاني ۽ تڪليف ۾ مبتلا ڪندڙ عمل آسان ڇو بڻجي ويندو آهي. جڏھن بہ انتظاميا ڪو فيصلو ڪندي آهي تہ ان جي لاڳو ڪرڻ کان پھرين، ان جي منفي ۽ مثبت ٻنھي پھلوئن جو جائزو وٺندي آهي. جڏھن تہ عوام کي بجليءَ جي بحران مان ڪڍڻ لاءِ دڪان اٺين وڳي بند ڪرڻ وارو حڪومتي فيصلو عوام تي لاڳو ٿيو تہ تاجر برادريءَ جي بيچيني ڪنھن کان بہ ڳجهي ڪونہ رهي. بجلي بچائڻ وارو اهو طريقو ڪارگر ثابت ٿيو يا نہ اهو تہ واپڊا جا انگ اکر ڏسڻ وارا بھتر ٻڌائي سگهندا يا وري اسان جو بجليءَ جو محڪمو ٻڌائي سگهندو. يقينن تہ محڪمي، حڪومتي تعاون سان جيڪا بجلي بچائي هوندي، ان جي رپورٽ ضرور تيار ڪئي هوندائين، اها الڳ ڳالھہ آهي تہ گرمي وگهي مرندڙ، سڙندڙ پچندڙ، روڊن، رستن تي راتيون گذاريندڙ عوام کي ان ڪاميابيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جي لائق نہ سمجهيو ويو هوندو. پر ان فيصلي جا جيڪي منفي اثر عوام تي ٿيا آھن ان جي شاهدي سنڌ جو عوام ضرور ڏيندو. خاص طور تي حيدرآباد شھر جو عوام ان ڳالھہ جو ساکي هوندو تہ شھر جا رستا، روڊ شام جو ستين بجي کان افراتفري جو شڪار هوندا آھن. هر ماڻھو پريشان ۽ ڊوڙندو ڀڄندو رھندو آهي. ٽريفڪ جام، روڊ بلاڪ، حادثا تہ روز جو معمول بڻجي ويا آھن. هر ماڻھو اهو سوچيندو آهي تہ ڪنھن بہ ڪم سانگي شھر ۾ نہ نڪرجي تہ سٺو ٿيندو. هڪ تہ دڪان بند ٿيڻ جي اون هوندي آهي تہ ٻيو وري ٽريفڪ جام جي مصيبت. انتظاميا جا اهلڪار، انھن علائقن ۾ دڪان بند ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آھن، جيڪي عام ماڻھوءَ جي دسترس ۾ هوندا آھن، جنھن ويل سڄي شھر جي لائيٽ بند ڪئي ويندي آهي تہ متاثر اهي علائقا نہ ٿيندا آھن، جتي consumer گاڏين ۾ اچڻ ۽ investment ڪندڙ جنريٽر هلائي پنھنجن دڪانن کي روشن رکي ٿا ويھن.
متاثر اهي ٿا ٿين، جن جا ڏينھن، پنھنجن ريڙھن، گاڏين تي ڀاڄيون فروٽ ۽ ٻيا ننڍا ننڍا سامان وڪڻندي ۽ راتيون گهڻو ڪري انھن ئي ريڙھن جي هيٺان گذرن ٿيون، جيڪو ڏهاڙي ڪمائي ٿو. جيڪو سائيڪل هلائي ٿو، موٽر سائيڪل هلائي ٿو، آٽو رڪشا ۾ سفر ڪري ٿو، پيادل ٿو هلي. اڪثريت سان جن جي گهرن ۾ بجليءَ جي سھولت ڪونہ بہ هوندي آهي، شام ٿيندي ئي ڄڻ تہ زندگيءَ جي هر بنيادي ضروري شين تائين انھن جي رسائي ناممڪن بڻجي ٿي وڃي. اسان جا انتظامي ادارا ان معاملي ۾ ڪامياب ٿي ٿا وڃن. فيصلا غريب، پيڙهجندڙ عوام تي لاڳو ڪرڻ تمام سولو آهي. اتي حڪومتي ادارا بااختيار هوندا آھن پر جنھن ويل اهو عوام پنھنجي حقن لاءِ آواز اٿاريندو آهي تہ حڪومت بي وس ۽ بي اختيار بڻجي ويندي آهي. جيئن ھن وقت ڊرون حملن وگهي مرندڙ بي گهر ٿيندڙ عوام امن لاءِ واجهائي ٿو ۽ پُراميد نظرن سان حڪومت ڏانھن نھاري ٿو پر ڪنھن جادوئي ڇڙيءَ جي زيرِ اثر پنڊ پھڻ ٿيل حڪمرانن کي نہ ٽُڪرن ۽ ڳڀن ۾ تبديل ٿيندڙ انسان ٿا نظر اچن ۽ نہ وري فوج جا اهي بيان ٿا نظر اچن جيڪي چون ٿا تہ اسان وٽ ڊرون حملا روڪڻ جي صلاحيت آهي. دنيا محوِ حيرت آهي ۽ باشعور عوام بہ حيرتن جي سمنڊ ۾ نہ ٻڏڻ جي قابل رهيو آهي نہ ترڻ جي قابل رهيو آهي. اها سليماني ٽوپي پاتل قوت ڀل نہ نظر اچي پر محسوس هرڪو ڪري سگهي ٿو. آزادي ۽ اختيار هڪ ٻئي سان لاڳاپيل هجڻ جي باوجود مختلف معنائون رکن ٿيون. ڪڏھن ڪڏھن اختيار هوندي بہ ڪجهہ ڪرڻ جي آزادي نہ هوندي آهي ۽ ڪڏھن ڪڏھن آزاديءَ جي موجودگيءَ ۾ بہ اختيار تي اختيار نہ هوندو آهي. هڪ پراڻي روايت آهي تہ هڪ ملڪ (شايد يونان) علم جي انتھا کي پھتل هو، هڪ ڏينھن هڪ مسافر اُتي آيو ۽ هڪ عام شھريءَ کي چيائين تہ “مون کي هڪ شخص جي تلاش آهي، مون کي پنھنجي علم جي وسيلي ڳولھي ڏي. ” ان شخص چيس تہ “ضرور” ان شخص نالو پڇيو، مسافر جواب ڏنو تہ ”حضرت ميڪائيل فرشتو ھن وقت ڪٿي آهي؟“ ان شخص زمين تي ڪجهہ ليڪا ڪڍيا، ڪجهہ حساب ڪتاب کان پوءِ چيائين تہ: ”فرشتو ميڪائيل نہ آسمان ۾ آهي نہ زمين جي اندر آهي يا آئون آهيان يا تون آهين. “ اهو ٻڌڻ کان پوءِ فرشتي ميڪائيل پنھنجي پرن تي ان ملڪ کي کڻي اونڌو ڪري برباد ڪري ڇڏيو.
روايت جي سچ، ڪوڙ کي هڪ طرف ڪري صرف مثال طور ئي کڻي سمجهجي تہ، طاقت کي پنھنجي برابري ۾ اڀرندڙ طاقت خوفزده ڪندڙ هجي ٿي ۽ هوءَ طاقت کي زير ڪرڻ لاءِ هر حربو هلائڻ لاءِ مجبور هجي ٿي. هڪ مضبوط طاقت اڳيان اڀرندڙ طاقت کي، طاقت جي استعمال ۽ اظھار لاءِ صحيح وقت جو انتظار ڪرڻو پوندو آهي، نہ تہ ڪاميابي جي بجاءِ برباديءَ کي منھن ڏيڻو پوندو آهي. شايد ان ئي ڳالھہ جي ڊپ وچان اسين پنھنجي صلاحيت ۽ شعور کي لڪائڻ ٿا چاهيون، شايد حڪمرانن ۾ اعتماد جي ڪمي ۽ بقا جي خوف انھن کي پاڻ لڪائڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو آهي. شايد حيرت ٿي جنھن مھل سول ايوي ايشن پاران، ايئر بليوءَ جي مارگلا پھاڙين سان ٽڪرائجي تباھہ ٿيل جهاز جي بليڪ باڪس ملي وڃڻ جي اعلان سان گڏوگڏ اهو بہ چيو ويو تہ ان کي ڊي ڪوڊ ڪرڻ لاءِ ٻاهرين ملڪن ڏانھن موڪليو ويندو. ڪيئن يقين ڪجي تہ اسان ۾ اها صلاحيت ۽ ذهانت نہ آهي. يا ان ڳالھہ جو يقين ڪجي تہ اعتماد ۽ اعتبار جي ڪمي آهي. جنھن وقت ڀُٽو ائٽم بم ٺاهڻ جو اعلان ڪري عوام کا حمايت گهري هئي تہ لکين ماڻھن پنھنجي survival جي جنگ وڙھندڙ ڀٽو جي آواز سان آواز ملائي، گاھہ کائي بہ ائٽمي توانائي حاصل ڪرڻ جي عزم جو اظھار ڪيو هو. اهو ان لاءِ هو تہ ڀلي پيٽ بکيو هجي پر دنيا جي سمنڊ ۾ مانگر مڇن سان مقابلي لاءِ بچاءَ جي ڍال موجود هجي، فخر ۽ عزت جي ٻيڙي ۾ سوار هجون، ڪنھن بہ قيمت تي آزادي ۽ عزتِ نفس جو سودو نہ ڪريون. ‘ڀلي بُک ڀرم جي، شال مَ وڃي شان’ جي مقولي تي يقين رکندڙ قوم کي اڄ جا حڪمران ڪيڏانھن وٺي وڃي رهيا آھن. گذريل سالن ۾ اٽي جي بحران سان ماڻھن کي جيڪا روحاني تڪليف پھتي زخمن جو ازالو عوام پاڻ پنھنجي محنت سان ڪيو، جنھن جي نتيجي ۾ ھن سال ڪڻڪ جو فصل سنڌ ۾ سٺو ٿيو آهي law of demand and supply اسان کي ٻڌائي ٿو تہ ڪنھن شيءِ جي رسد جي گهڻائي، طلب ۽ قيمت ۾ ڪمي جو باعث بڻجندي آهي.
ان عوامي ڪريڊٽ کي حڪومت ڏاڍي مزي سان پنھنجي کاتي لکرائي ”اٽو 20 رپيا ڪلو ملندو“ جي خوشخبري عوام کي ٻڌائي ٿي ۽ ٻين عملن جي معاملن ۾ مڪمل طور تي خاموشيءَ جي فضا ٿي نظر اچي. ٻہ رستا اڳيان آھن پر، ميتن جا ٻوجهہ ڪلھن تان لاهيون،
تہ سوچيون!
ڪجهہ پيارن جي وڇڙڻ جو غم ملھايون،
تہ سوچيون!
خاڪ ۽ خون جو صحرا اُڪاريون،
تہ سوچيون!
ڪجهہ اگهاڙا انگ ڍڪايون
تہ سوچيون!
ڪجهہ پيٽ بکيا پاريون،
تہ سوچيون!
ڪجهہ عزتون بچايون،
تہ سوچيون!
ڪجهہ خواب ستل جاڳايون،
تہ سوچيون!
ڪجهہ شعلا جاڳرتا جا ڀڙڪايون
تہ سوچيون!
ڇا سدائين لاءِ ڪا شيءِ گڏائي
ڊگهي مٺي بي خبر
ننڊ سمھون؟
يا وجود جي بقا لاءِ
شعور جي زندگي لاءِ
عزتِ نفس جي حاصلات لاءِ
ڊگهي هارائجي ويندڙ جنگ وڙهون؟
عوامي جدوجھد ۽ حاصلات جي ڇت جي هيٺان ڀلي حڪومتون سک جو ساھہ کڻن، بين الاقوامي سطح تي ڳاٽ اوچو ڪري ساراھہ سميٽين پر هڪ نظر، انھن پيڙهجندڙ زندگين ڏانھن وجهڻ بہ انھن جو حق آهي جن جون زندگيون ۽ عزتون، خواهشون وٽ جي بدلي ۾ گروي رکيل آھن.
10 آگسٽ 2010ع