ڪالم / مضمون

هيءَ سَئن نہ ڏيندي چين

نياز پنھور لکي ٿو ”هي ڪتاب رڳو 47 ڪالمن يا مضمونن جو نہ پر اسان جي اڄ جي سماج جي لينگهو پاتل چھري جو ڏيک آهي، هي ڪتاب اڄ جي حالتن ۽ زندگيءَ جي حقيقتن تي ٻڌل اهڙو نوحو آهي، جنھن ۾ هر طرف ڳوڙها آهن، سڏڪا آهن. هي ڪتاب اڄ جي سماج جو هڪ اهڙو آئينو آهي جنھن کي پڙهندي اسان پنھنجي چؤطرف موجود ماحول جو چھرو چِٽائيءَ سان ڏسي ۽ پسي سگهون ٿا، اسان جي آڏو اسان جون بي وسيون، سماج جون ناانصافيون، حڪومتن جون بي رحميون الائي ڇا ڇا اڀري ۽ تري اچي ٿو. 

Title Cover of book Hi Se’en Na Dindi Chain

آزاد ذھن خاموش ڇو آھن!؟

آواز هڪ ڌر جو ۽ انداز ٻين جو، سوچ هڪ ڌر جي ۽ پيش ڪندڙ ٻي ڌر، ان جو اثر ٽِين ڌر تي ٿئي ۽ فائدو وري چوٿِين ڌر حاصل ڪري. اهو سڀ ڪجهہ ٿيندو آهي پتلي تماشي ۾. پتلي تماشي ۾ بي جان بتن کي عوام آڏو پيش ڪيو ويندو آهي بي جان بت اڻ ڏٺل ڏور سان ٻڌل هوندا آھن. ھنن جو هر لفظ پرائيءَ سوچ جي عڪاسي ڪندڙ ۽ سندن چرپر جو انداز، ڏور هلائيندڙ جو محتاج هوندو آهي. ڏور هلائيندڙ، بي جان بتن وسيلي مجسمي جي جذبن سان کيڏندا آھن. انھن جو کلڻ، روئڻ انھن جي ڪنٽرول ۾ هوندو آهي. ان پتلي تماشي مان فائدو حاصل ڪندڙ، ڏور هلائڻ وارن، پتلن ۽ مجسمي جي مفادن سان ڪا دلچسپي رکڻ ضروري ڪونہ سمجهندا آھن. ان تفريحي کيڏ ۾ هر ڌر بي خبر هوندي آهي. ساڳيءَ صورتحال جڏھن انسانن تي مڙهي ويندي آهي تہ هو بہ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ٻين جي مفادن جي جنگ وڙھندو آهي، جدوجھد ڪندو آهي، فائدو ٻيا حاصل ڪندا آھن. ڪجهہ قوتون انسان جي آزاد سوچ ۽ فڪر کي ناپسند ڪنديون آھن، اهي سدائين آزاد ذھن ۽ فڪر رکندڙ طبقي تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ۾ مصروف رھنديون آھن. بنياد پرست قوتون هر ترقيءَ پسند سوچ کي قابوءَ ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف رھنديون آھن. ترقيءَ پسندي ۽ روشن خياليءَ جو موت سندن جياپي جو آسرو هوندو آهي.
دنيا جي تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي. 1979ع ۾ آيل ايران جو انقلاب جمھوريت پسند ماڻھن جي جدوجھد جو نتيجو هو، پر بنيادپرست قوتون ان تي حاوي ٿي ويون. انڊونيشيا ۽ يوڪرين ۾ انقلاب کان پوءِ عرب ملڪن تيونس ۽ مصر ۾ انقلاب تبديلي آڻيندڙ نظر اچي رهيو آهي. مصر ۾ آيل پرامن انقلاب کان پوءِ سياسي صورتحال اڃا واضح نہ پئي ٿئي تہ ان انقلاب جو کٽيو ڪھڙي ڌر کائيندي، بظاهر تہ عوام جي آزاديءَ ۽ جمھوريت لاءِ وڙهيل جنگ اقتدار جي حصول جي جنگ ۾ تبديل ٿيندي ٿي نظر اچي. مصر اهو قديم تاريخي ملڪ آهي، جنھن ۾ ايندڙ هر تبديلي سڄي عرب دنيا ۽ ايشيا جي ملڪن تي اثرانداز ٿئي ٿي. تيونس ۽ مصر کان ايندڙ انقلاب جي لھر جي اثراندازي تي غور ڪرڻ کان پھرين هڪ نظر عرب ملڪن مان آيل بنياد پرستيءَ جي اڀار تي وجهڻ بھتر ٿيندي ۽ انقلاب ۽ جدوجھد جي ضرورت بہ واضح ٿيندي.
انتھاپسندي ڪنھن خطرناڪ بيماريءَ جيان قومن جي سوچ، فڪر ۽ سمجهہ تي اثرانداز ٿي ترقيءَ جي هر راھہ کي محدود ڪندڙ هجي ٿي. انتھاپسندي سياسي هجي يا مذهبي، روشن خياليءَ جي قاتل ثابت ٿيندي آهي. بنيادپرستيءَ کي هڪ تحريڪ سمجهي سگهجي ٿو، جيڪا انسانن جي معاشي ذريعن ۽ سماجي ڪاروھنوار تي قابض ٿي سماجي روين ۽ شعور جي بالادستيءَ کي رد ڪري مدي خارج روايتون ۽ اصول مڙهي ٿي. بنيادپرستي انساني حقن کي رد ڪندڙ هجي ٿي. ھن وقت پاڪستان بنيادپرستيءَ جي ڄار ۾ ڦاٿل انھن ملڪن مان هڪ آهي، جيڪي ان ڄار مان نڪرڻ لاءِ جدوجھد ۾ مصروف آھن، سياسي بنيادپرستيءَ جي بنسبت مذهبي بنيادپرستي وڌيڪ خوف ۾ مبتلا ڪندڙ هجي ٿي. مذهبي بنيادپرستيءَ جو تعلق ڪنھن بہ هڪ مذهب سان نہ هوندو آهي. دنيا جي سڀني مذهبن ۾ اهي تحريڪون قديم دورن کان موجود رهيون آھن. بنيادپرست قوتن جو پسنديدہ شڪار پڙهيل طبقا هجن ٿا، جن ۾ سرفھرست عورتون هونديون آھن. مذهبي بنيادپرستيءَ جا 80 سيڪڙو کان مٿي حڪم عورتن جي حقن جي خلاف هوندا آھن، عورتن کي ڏائڻيون جادوگرياڻيون چوڻ ۽ هزارين عورتن کي مارائڻ جا قصه تاريخ مان وسريل نہ ناھن. بنيادپرست قدامت پسند هوندا آھن. هو پراڻن دورن جا مثال ڏيئي انھن روايتن ۽ حڪمن کي جديد دور ۾ لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪوشان رھندا آھن ۽ مذهبي حڪمن جي لفظي تشريح ڪندا آھن، ان جي مفھوم ۽ مقصد کي سمجهڻ کان قاصر هوندا آھن. ھنن لاءِ سائنس جون ايجادون ۽ ترقيءَ جو هر ذريعو ناقابل قبول هوندو آهي. ھنن لاءِ انساني تفريح ۽ خوشين جو هر موقعو قابل مذمت هوندو آهي، جنھن جي هو مخالفت ڪندا رھندا آھن. هو سماج ۾ قبرستان جھڙي ماٺ، خاموشي ۽ خوف جي فضا تشڪيل ڏيندا آھن، خوف جي ذريعي هو عام انساني زندگيءَ کي مردہ بنائڻ چاهيندا آھن. زندگيءَ جي هر خوشي، رونق، وندر، موسيقي، آرام ۽ سڪون کي گناھہ جي زمري ۾ آڻيندا آھن. انساني زندگيءَ کي مشڪل ۽ تڪليفده بڻائيندڙ هر عمل انھن لاءِ پسنديدہ هوندو آهي.
اسٽيفن زويگ پنھنجي ڪتاب ”The right to heresy“ ۾ 16 صدي عيسويءَ ۾ ڪليسا پاران مقرر ڪيل لڱ ڪانڊاريندڙ سزائن جو ذڪر ڪيو آهي. ان مذهبي ڪٽرپڻي کي يورپ جي تاريخ ۾ ”مذهبي آمريت“ جي نالي سان ياد ڪيو ويو آهي. ان دور ۾ انسانن کي دردناڪ سزائون ڏنيون وينديون هيون. مثال طور ٿڪ سبب ديول ۾ واعظ هلندي ڪنھن کي سزا جي ننڊ اچي وئي. ڪنھن مٺيءَ شيءِ کاڌي تہ سزا ۾ ٽي ڏينھن رُکي ماني. . . ڪنھن راند ڪئي سزا جيل. ڪنھن موسيقي ٻڌي يا ڪو ساز وڄايو سزا شھر نيڪالي، ڪنھن نظرياتي اختلاف ڪيو تہ ڦٽڪا ۽ جيڪڏھن ڪنھن ان مذهبي ڪٽر پڻي خلاف ڳالھايو تہ زبان ۾ ڳاڙهي تتل لوهي سيخ سان سوراخ ڪيو ويندو هو. انسانن کي ٽڪر ٽڪر ڪرڻ جون سزائون بہ روا هيون. سروينس برونو کي بہ انھن ئي مذهبي ڪٽر پڻي جي قانونن تحت زنده ساڙي ڪوئلو ڪيو ويو هو. اهڙيون انسانيت سوز سزائون سرِعام ڏنيون وينديون هيون تہ جيئن ٻيا ماڻھو ان کي ڏسي عبرت حاصل ڪن. بنياد پرستيءَ جي انھن ظالماڻي سزائن جو ان کان وڌيڪ ڪوبہ مقصد نہ هوندو آهي تہ ماڻھن مان همت، اعتماد، شعور ۽ خوشيءَ جو خاتمو ڪيو وڃي. بنياد پرستي ٻاٽ اونداهي آهي، جيڪا انساني برابري، عقل، شعور، دانائي، غرور ۽ فڪر کي وڪوڙي وڃي ٿي ۽ انسانيت کي هڪ محدود دائري ۾ قيد ڪري ساھہ گهٽيندڙ ماحول فراهم ٿي ڪري. غير مستحڪم معاشي صورتحال، سماجي انتشار، حڪومتن جي ڪمزوري ۽ زوال بنيادپرست تحريڪن کي هٿي ڏيندڙ هوندو آهي.
ويھين صديءَ جي شروعات ۾ ڪجهہ بنيادپرست مذهبي تحريڪون هليون، جيڪي سڄي دنيا تي اثرانداز ٿيون. ’آرگن‘ صيھونيت جي حامي پھرين تنظيم انتھاپسند تنظيم هئي، جنھن فلسطين جي مسلمانن خلاف ڪارروايون ڪيون ۽ ردعمل طور مصر ۾ 1928ع ۾ ’اخوان المسلمين‘ وجود ۾ آئي. ھن تنظيم عرب اسرائيل جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پابندين لڳڻ جي باوجود ھن جون سرگرميون جاري رهيون. ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جي اچڻ سان ھندو مسلم تعصب جي شروعات ٿي. ڪجهہ مذهبي عالمن جون تعليمات زور شور سان شروع ٿي ويون، جن ۾ سر سيد احمد خان، شاھہ ولي الله ۽ سيد احمد نمايان هئا. جڏھن تحريڪ پاڪستان شروع ٿي 1906ع ۾ مسلم ليگ جو بنياد پيو تہ ان تنظيم جي ذريعي مذهب کي اقتدار جي حصول جو ذريعو بنايو ويو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ عبدالجلال ودودي اسلامي جماعت جو پايو وڌو ۽ پاڪستان جي سياست تي حاوي ٿيڻ جي لاءِ ھن جماعت اسلامي رياست جو تصور ڏنو. ان کان پھرين ڪنھن بہ مذهبي تحريڪ جا نظريا قانون تي اثرانداز نہ هئا، پر پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ انتھاپسنديءَ وارا نظريا رياست جي قانونن کي مٽائڻ لاءِ استعمال ٿيڻ لڳا. ان جو ثبوت ضياءُ الحق جي دور جا قانون آھن. ضياءَ پنھنجي حڪومت بچائڻ لاءِ سخت بنيادپرست قانونن جو سھارو ورتو ۽ ماڻھن کي سخت سزائن جي خوف ۾ مبتلا ڪري حڪومت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
انفرادي مذهبيت سماج کي نقصان ۾ پھچائيندي آهي، پر اجتماعي سوچ هاڃيڪار ثابت ٿيندي آهي، ڇو تہ بنيادپرست جمھوريت پسند نہ هوندا آھن، هو اقليت ۾ هوندا آھن، پر حڪومتن تي قابض بڻجي ويندا آھن، هو پنھنجي سوچ ۽ سمجهہ کي صحيح ثابت ڪري اڪثريت مٿان مڙهيندا آھن ۽ عوام جي فيصلي سازي واري حق جي نفي ڪندڙ هوندا آھن. بنيادپرستن جو مقابلو ڪرڻ ان ڪري بہ ڏکيو آهي تہ هو نظرياتي اختلاف جا انڪاري هوندا آھن. ھنن وٽ اختلاف راءِ بغاوت جي زمري ۾ اچي ٿي. انتھاپسنديءَ جو ڪوبہ نظريو عوام جي معاشي ۽ سماجي ترقيءَ کي هٿي ڏيندڙ نہ هوندو آهي. ھن وقت پاڪستان کي درپيش مسئلن کي وڌائيندڙ بنيادپرست ئي آھن، جيڪي ھن رياست کي بين الاقوامي سطح تي پاڻ ڀرو ٿيڻ ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري رهيا آھن. سائنس ۽ جديديت جا مخالف بنيادپرست پنھنجي مفاد لاءِ انھن شين جو استعمال ڪن ٿا. هو پنھنجا نظريا ڦهلائڻ لاءِ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو سھارو بہ وٺي رهيا آھن، پرنٽ ميڊيا تي بہ حاوي ٿي رهيا آھن. ھنن صديون پھرين جيڪو ٻج ڇٽيو سو هاڻ لڻي رهيا آھن.
عرب ملڪن ۾ ايندڙ تبديلي ان ڪري خوش آئين ٿي لڳي تہ انھن ملڪن مان جڏھن بنيادپرستيءَ جو خاتمو ٿي رهيو آهي تہ انھن جا اثر اسان جي ملڪ تي پوڻ فطري ڳالھہ آهي. لبرل قوتن جو گڏيل لائحہ عمل ۽ جدوجھد رياست کي انھن بنيادپرستن قوتن کان بچائڻ لاءِ ڪارگر ثابت ٿي سگهي ٿي.
ھن وقت صورتحال اها آهي تہ انتھاپسند قوتون اسان جي رياست تي حاوي آھن. اسان جا تعليمي ادارا بہ انھن جي ور چڙهيل آھن، اسان جو نئون نسل ھنن جي زير اثر ٿي چڪو آهي.
بھتر روشن مستقبل جا خواب ڏسندڙ ڌرين کي هڪ ڊگهي جدوجھد شروع ڪرڻ کان پھرين نئين نسل کي تعليم ذريعي روشن خيال ۽ جمھوريت ڏانھن راغب ڪرڻ لاءِ لائحہ عمل ٺاهڻو پوندو ۽ اسان کي پنھنجي نالي ماتر لبرل آزاد ميڊيا کي بہ گهري ننڊ مان جاڳائڻو پوندو. اڄ جي دور ۾ سلمان تاثير جي قاتل ممتاز قادريءَ کي هيرو بڻائي ان تي فلمون ٺاهيون پيون وڃن تہ لبرل قوتن جي خاموشيءَ تي حيرت ٿي ٿئي. ان خاموشيءَ جي مجرماڻي ماٺ جو ٽٽڻ ڪاميابيءَ جي پھرين سيڙهي ثابت ٿيندو! آزاد چپ ۽ آزاد ذھن جيستائين پنھنجيءَ راءِ جو اظھار نہ ڪندا، تيستائين گهٽ ٻوسٽ واري فضا جو خاتمو ناممڪن آهي. ڪاميابي سدائين نااميديءَ جي اٿاھہ گهراين مان جنم وٺندي آهي ۽ دائمي هوندي آهي.

24 نومبر 2016ع