ڪالم / مضمون

هيءَ سَئن نہ ڏيندي چين

نياز پنھور لکي ٿو ”هي ڪتاب رڳو 47 ڪالمن يا مضمونن جو نہ پر اسان جي اڄ جي سماج جي لينگهو پاتل چھري جو ڏيک آهي، هي ڪتاب اڄ جي حالتن ۽ زندگيءَ جي حقيقتن تي ٻڌل اهڙو نوحو آهي، جنھن ۾ هر طرف ڳوڙها آهن، سڏڪا آهن. هي ڪتاب اڄ جي سماج جو هڪ اهڙو آئينو آهي جنھن کي پڙهندي اسان پنھنجي چؤطرف موجود ماحول جو چھرو چِٽائيءَ سان ڏسي ۽ پسي سگهون ٿا، اسان جي آڏو اسان جون بي وسيون، سماج جون ناانصافيون، حڪومتن جون بي رحميون الائي ڇا ڇا اڀري ۽ تري اچي ٿو. 

Title Cover of book Hi Se’en Na Dindi Chain

شھري عورت لاءِ رول ماڊل بڻيل مائي جوري جمالي

جڏھن بلوچستان جي علائقي جعفرآباد مان ٽن ٽن عورتن جي زنده دفن ٿيڻ جو دل ڏاريندڙ واقعو رپورٽ ٿيو تہ سڄي ملڪ جي عوام ۽ پوريءَ دنيا جي ميڊيا جو ڌيان ان پاسي ڇڪجي ويو. قديم قبائلي نظام جي ڄار ۾ بلوچستان، جيڪو معدني وسيلن سان مالا مال هجڻ جي باوجود پنھنجي عوام لاءِ ريگستان بڻيل آهي، جتي عورت کي قتل ڪرڻ تہ معمول جي ڳالھہ آهي پر قبائلي جهيڙن ۾ بيگناھن جو مارجڻ بہ ڪنھن ليکي ۾ نہ ايندو آهي. هتان جا سردار تمام طاقتور آھن هتان جي ماڻھن جو مرڻ، جيئڻ ۽ سڀ خوشيون خواهشون سردارن جي اشاري جون محتاج آھن هتي بنيادي انساني حقن جو ڪو بہ تصور ۽ ڄاڻ موجود نہ آهي. ان ساڳئي علائقي ۾ هڪ دفعو وري دنيا جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪرايو.
”موت ملاقات آهي. “
”اليڪشن ۾ بيھڻ منھنجو جمھوري حق آهي. “
ائين چوندڙ عورت نہ ڪائي ليڊر هئي نہ ڪنھن وڏي سياسي خاندان سان تعلق رکندڙ هئي نہ ڪا سماجي اڳواڻ هئي. هيءَ تہ بلوچستان جي پوئتي پيل ڳوٺ غلام محمد جيڪو بنيادي سھولتن پاڻي، گئس تعليم کان محروم آهي ان ڳوٺ سان تعلق رکندڙ غريب هارياڻي، مائي جوري جمالي جي ان جرئت سڄيءَ دنيا جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪرائي ڇڏيو. 70ع واري ڏهاڪي ۾ جڏھن زرعي سڌارا آيا تہ ھن ڳوٺ جي غريب ۽ بي زمين هارين کي پٽ فيڊر ڪئنال تي زمينون مليون جڏھن عوامي حڪومت کي ختم ڪيو ويو تہ عوام کان اهو آسرو بہ کسيو ويو. آمر عدالتن کان فيصلو ڪرايو تہ هارين کي زمين ڏيارڻ وارو فيصلو غير شرعي هو، ان فيصلي تحت غريب طبقي کان زمينون کسڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. بلوچستان جي پيڙهيل عوام پنھنجي جياپي جي جنگ جوٽي ۽ پٽ فيڊر هاري تحريڪ جو بنياد پيو.
ننڍڙو ڳوٺ غلام محمد ان تحريڪ جو مرڪز ۽ محور هيو، جيترو هيءُ ڳوٺ نظرانداز ٿيل هو اوترا هتي جا ماڻھو پنھنجن حقن جي سجاڳي رکندڙ هئا. ھن ڳوٺ جا مرد توڙي عورتون پنھنجي علائقي جي ترقي ۽ سھولتن لاءِ اٿي کڙا ٿيا. پٽ فيڊر تحريڪ جي سلسلي ۾ ٿيندڙ گڏجاڻين جو مرڪز ڳوٺ غلام محمد جي هارياڻي نصيبان جو گهر هوندو هو. ڳوٺ جا عام مرد عورتون گڏجاڻيون ڪندا هئا جن جو ڪو بہ سياسي پس منظر نہ هو هيءَ خالص عوامي تحريڪ هئي.
اڄ کان چار سال اڳ جڏھن عوامي پارٽي رجسٽرڊ ٿي تہ ان جي اڳواڻن ان پٺتي پيل ڳوٺ جي ماڻھن کي سياسي ميدان ۾ لاهڻ جو فيصلو ڪيو، ھن علائقي ۾ سالن صدين کان سرداري نظام رائج آهي. اهڙي نظام ۾ ڪنھن غريب هاريءَ جو سردار جي مقابلي ۾ بيھڻ هڪ اڻ ٿيڻي ڳالھہ هئي. جڏھن عوامي پارٽيءَ جون گڏجاڻيون ٿيون تہ گڏيل نموني اها راءِ سامھون آئي تہ ھن علائقي مان ڪنھن عورت کي اليڪشن ۾ بيھارجي. هيءُ اهو علائقو آهي جتي عورتون زنده دفن بہ ٿين ٿيون ۽ ڪاريون ڪري ماريون بہ وڃن ٿيون، اهڙي ماحول ۾ ڪنھن عورت کي اليڪشن ۾ بيھارڻ جو فيصلو همت وارو قدم هو. اها همت پارٽيءَ جي بہ هئي تہ ان سان گڏوگڏ انھن عورتن جي بہ بي ڊپائيءَ جو شاندار مثال هو، جن سردارن سان مھاڏو اٽڪائڻ جو فيصلو ڪيو هو. اُميدوار لاءِ جيڪو معيار مقرر ڪيو ويو اهو هي هو تہ اها ڪنھن بہ حالت ۾ with draw نہ ڪري. مقابلي جي سگهہ رکندڙ هجي، ڪنھن بہ موقعي تي ڊڄي نه. سڄي ڳوٺ مان هڪ غريب هارياڻيءَ اڳيان آئي جنھن چيو تہ: ”موت ملاقات آهي. “
موت کان نہ ڊڄڻ گهرجي. ان جو نالو جوري جمالي آهي. جوريءَ کي خبر هئي تہ غربت ڇا آهي؟ دوا کان علاج بنا موت جي اذيت ڪيتري قدر ھنيانءُ ڏاريندڙ هوندي آهي. جوريءَ کي اها بہ خبر هئي تہ عورتون پيرين پنڌ ڪري پاڻي ڀري اچي ڪيئن گهر ۽ ٻارن جون ضرورتون پوريون ڪن ٿيون. مائِي جوريءَ جو ڪو بہ سياسي پس منظر ڪونھي ھن جي نظر صرف عوام جي مسئلن تي آهي ھن ڳوٺ جي ماڻھن سدائين پنھنجي مدد پاڻ تحت زندگي گذاري آهي هتي جو عوام پڙهيل لکيل نہ هئڻ جي باوجود بہ پنھنجي حقن جو شعور رکي ٿو. سماج ۾ انسان جا انسانن تي جيڪي حق ۽ فرض لاڳو ٿين ٿا، انھن جي ڄاڻ رکي ٿو. ھن ڳوٺ جا ماڻھو غريب هئڻ جي باوجود هر مشڪل ۽ ڏکئي وقت ۾ چندو جمع ڪري هڪ ٻئي جي مدد ڪندا آھن. انھيءَ ۾ گهٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ مائِي جوريءَ جو پنھنجي بينادي حقن جي حاصلات لاءِ اُٿي بيھڻ تمام وڏي تبديليءَ جو اهڃاڻ آهي. يقينن مائي جوريءَ جھڙيون بااعتماد ۽ باشعور عورتون ئي سماج کي تبديل ڪرڻ جي سگهہ رکن ٿيون ۽ اهي ئي عورتون، آخري اُميد آھن ڪاميابيءَ جي. مائي جورِي هڪ عام گهريلو عورت آهي پر ھن ميڊيا کي عوام کي تمام اعتماد سان Face ڪيو آهي مائي جوري جماليءَ جون ڪافي ڳالھيون ميڊيا تي اچي چڪيون آھن. ھن ۾ ليڊر ٿيڻ جون سڀئي خوبيون موجود آھن هوءَ پنھنجي عوام سان دلي محبت ۽ انھن جي ڏکن، سورن، دردن، مسئلن، تڪليفن جو شعور رکي ٿي ۽ انھن کي حل ڪرڻ جو عزم بہ رکي ٿي.
مائي جوري جمالي هڪ شام جون ڪجهہ گهڙيون وومين ايڪشن فورم جي ميمبرز سان گڏ گذاريون ۽ انھن جي ننڍن ننڍن سوالن جا مختصر پر مدلل جواب ڏنا. مائي جوري جمالي اها غريب اڻ پڙهيل هارياڻي آهي جيڪا اڄ جي پڙهيل لکيل باشعور عورت لاءِ اتساھہ جو باعث بڻيل آهي. مائي جوري جماليءَ جي شخصيت هڪ سوال بڻيل آهي تہ ھن ۾ ايتري همت ۽ ايترو اعتماد ڪيئن آيو؟ مائي جوري جمالي، اليڪشن ۾ بيھڻ جي باري ۾ ڪيل سوالن جي جواب ۾ چيو تہ ھن کي ڄاڻ هئي تہ امير، غريبن کي حق ڪونہ ڏيندا ان ڪري اليڪشن ۾ پاڻ بيھڻ جو فيصلو ڪيو. مائي جوريءَ جي اليڪشن ۾ بيھڻ واري فيصلي کي انھن بہ ساراهيو آهي جيڪي سدائين سردارن کي ووٽ ڏيندا آھن، اهي جوريءَ کي ووٽ نٿا ڏين پر ان قدم کڻڻ تي خراج تحسين ضرور پيش ڪن ٿا.
اها ڪھڙي ڳالھہ آهي جنھن هڪ عورت کي مڃتا جو سرٽيفڪيٽ ڏياريو آهي تہ هڪ هارياڻي پنھنجي عوام جا مسئلا سمجهي بہ سگهي ٿي ۽ حل بہ ڪري سگهي ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ مائي جوريءَ چيو تہ اسان کي خبر هئي تہ هو ڊيڄاريندا، ڌمڪيون ڏيندا، مردن کي روڪيندا، ان ڪري اسين عورتون اٿيون سين. مائي جوري جماليءَ جي شخصيت، سماج ۾ موجود ان صدين کان رائج تصور کي ختم ڪيو آهي تہ ”عورت ڪمزور آهي. “ جتي مردن جي طاقت ختم ٿئي ٿي اُتان عورت جدوجھد جو آغاز ڪري ٿي، جتي مرد زندگي بچائي ويھي ٿا رھن اتي هوءَ عورت، پنھنجي شھيد راڻيءَ جو مثال پيش ڪري موت اڳيان سينہ سپر ٿئي ٿي تہ جيئن اسان جي ڀيڻ شھيد ٿي وئي آهي جيڪڏھن مان مري ويس تہ پرواھہ ناهي.
جمھوريت ۾ ويساھہ رکندڙ جوري يقينن نہ ڪنھن ابراهم لنڪن کي پڙهيو هوندو، نہ ھن کي فرينچ انقلاب جي ڪا سڌ هوندي، نہ ھن لينن ۽ گورڪيءَ جا ڪتاب پڙهيا هوندا، نہ ھن چائينز جي جدوجھد جي تاريخ پڙهي هوندي، نہ ھن کي عورت جدوجھد جي تحريڪن جي ڪا ڄاڻ هوندي پر ان لاءِ پنھنجي عوام جي ساٿ ڏيڻ جو شعور آهي پنھنجي ڌرتي، پنھنجي مٽيءَ سان ذھني ڪمٽمينٽ جي سگهہ بہ آهي ۽ هوءَ دنيا جي اڳيان پنھنجا نظريا پيش ڪرڻ جي همت بہ رکي ٿي. بھادري، همت، شجاعت، مردانہ وار مقابلو شينھن وانگر بھادر، سياست جا داءَ پيچ ڄاڻڻ وارو، اهي سڀ تشبيھون جيڪي سماج پاران صرف ۽ صرف مردن لاءِ هيون سي اڄ غلط ثابت ٿي ويون آھن. جوريءَ کي پنھنجي اليڪشن ۾ کٽڻ جو پورو ڀروسو آهي. ھن جي جلوس ۾ عوام جو هجوم ھن سان گڏ هو. ھن سان گڏ گاڏيون نہ هيون نہ هٿيار هئا ھن جي جلوس ۾ گڏھن گاڏن وارا شامل هئا ۽ عوام جي سچائي ۽ همت گڏ هئي.
مائي جوريءَ ۾ ڪا خاص ڳالھہ آهي جو هوءَ شھر جي پڙهيل باشعور عورتن جي توجه جو مرڪز بڻجي وئي آهي ھن جو پيغام سڄيءَ دنيا جي عورتن لاءِ اهو آهي تہ اٿو، پنھنجا حق وٺو موت تہ فرض آهي موت کان ڊڄڻ اجايو هي. مائي جوري جمالي بي خوف قيادت جو اهڃاڻ آهي. ھن جي خوداعتمادي ھن جي ڪاميابي آهي. جمھوريت ۾ ويساھہ رکندڙ جوريءَ جو هيءُ سفر صرف ايوانن تائين رسائيءَ لاءِ نہ آهي ھن جي منزل سندس عوام جي خوشحالي آهي.

26 آڪٽوبر 2012ع