اظھار جي آزاديءَ لاءِ محدود اسپيس ۾ سوڙهو ٿيل نسل!
جيڏيءَ مھل بہ پريس ڪلب ڏانھن ويندڙ رستي تي پھچجي ٿو، تہ هڪ ميلو متل نظر اچي ٿو، اهو ميلو ان ميلي کان ڪجهہ مختلف هجي ٿو، جتي ڪاروباري ماڻھو پنھنجا پنھنجا دوڪان سجائي ويٺا هوندا آھن. ماڻھو هر دوڪان تان پنھنجي پسند جون شيون خريد ڪندا آھن يا صرف انھن دوڪانن جون رونقون، خوبصورتي ڏسي ساراهيندا هليا ويندا آھن.
خوشين جي ابتڙ مسئلن، ڏکن ۽ ناانصافين جو ميلو هوندو آهي جتي هر ڪو گورنمينٽ جي ناانصافين ۽ نظراندازين جي خلاف احتجاج جي رڙ بلند ڪندو ٿو نظر اچي، انھن جي پيڙا ۽ جدوجھد صرف هڪ منظر آهي اهو منظر جيڪو هڪ گاڏيءَ ۾ سوار ڏسي ٿو، اهو منظر جيڪو موٽر سائيڪل سوار ڏسي ٿو، اهو منظر جيڪو هڪ آٽو رڪشا ۾ سوار ڏسي ٿو. ڪنھن بہ سواريءَ ۾ ويٺل انسان ان منظر کي ائين ٿو ڏسي تہ ڄڻ اهو هجوم روڊ رستن تي هڪ رُڪاوٽ هجي، جنھن جي هٽي وڃڻ سان هو پنھنجي منزل تي جلد رسندو.
اهو هڪ ننڍڙو پريس ڪلب جو اسپيس آهي جتي هر وقت، ڪنھن نہ ڪنھن شعبي سان وابستہ فرد ناانصافين جي خلاف بينرز کڻي پھچن ٿا. ميڊيا جا چند فوٽوگرافر چند فوٽو ڪڍي وڃن ٿا. آواز بلند ڪندا پنڌ ڪندا هلندا رھن ٿا، راهگير ھنن کي ڏسي مسڪرائيندا آھن. پريس جي هجوم جي هٽندي ئي قافلي جا ماڻھو بينر ويڙهيندا آھن ۽ منتشر ٿي ويندا آھن. اهي منظر تہ چند لمحن يا چند ڪلاڪن تي مشتمل هجن ٿا پر پس منظر ۾ سالن جي جاکوڙ ۽ پيڙا موجود آهي. اڄڪلھہ هر نقطئہ نظر جا ماڻھو اسان کي ان احتجاجي ٽُڪر ۾ نظر ايندا. فٽ پاٿن تي، ليڪچررز ۽ پروفيسر بک هڙتال تي ويٺا هوندا آھن جن جي جائز ۽ گورنمينٽ پاران منظور ٿيل مطالبن تي عملدرآمد نہ پيو ٿئي. استادن پاران ريلي ۽ احتجاج جاري آهي تہ، صحت کاتي پاران ڪيل ظالمانہ رويو هاڻ سامھون آيو آهي. ليڊي هيلٿ ورڪرز جيڪي محنتي ۽ جفاڪش آھن صرف چند هزار روپين عيوض در در وڃي صحت ۽ تندرستيءَ جو پيغام ڏيندڙ آھن. 17 سالن کان اڻٿڪ محنت ڪندڙ عورتن کي جمھوري حڪومت ۾ پنھنجي ڪارڪردگي ۽ محنت جو صلو شيلنگ، تشدد، ڪوڙن ڪيسن جي صورت ۾ مليو آهي. جمھوريت جي نالي تي ملندڙ اهو انعام تاريخ جو هڪ انوکو مثال ثابت ٿيندو. پوليس جي ان بربريت جي وحشت جي ردعمل ۾ سنڌ جي هر شھر ۾ احتجاج آهي. اڄ اهي هيلٿ ورڪرز بہ پريس ڪلب جي اڳيان نعرا هڻي عورتن مٿان تشدد ڪندڙن جي مذمت ڪري رهيون آھن.
ائين ٿو محسوس ٿئي تہ ان احتجاجي ٽُڪر ۾ سڄي سنڌ جي مسئلن ۽ ناانصافين جا اسٽال لڳل آھن. هر اسٽال جي هڪ ٻرندڙ باھہ جا شعلا ٿا نظر اچن جيڪي سماج کي وڪوڙڻ لاءِ آتا آھن. هتي تعليم، صحت جي کاتن سان لاڳاپيل ماڻھو پاڻ سان ٿيندڙ ناانصافين کي مشتهر ڪري رهيا آھن تہ هتي ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل بہ گورنمينٽ جي نظراندازيءَ جو اشتھار بڻيل آهي ۽ هاري الڳ رڙيون ڪري رهيا آھن مختلف ادارن سان وابسطه ماڻھو غير يقيني صورتحال جو شڪار آھن جيئن 12 سالن کان ملازمتن جي پڪي ٿيڻ لاءِ سوئي گئس جا ملازم رڙيون ڪري رهيا آھن. جن لاءِ سپريم ڪورٽ بہ فيصلو ڏنو ۽ اسيمبليءَ ۾ بہ بل پاس ڪيو هو. محترمه شھيد مثياق جمھوريت ۾ انھن ملازمن کي پڪو ڪرڻ جي شق رکي هئي اهي اڃان تائين انصاف کان محروم آھن. H. D. A جا ملازم، سڪل مانيون ڳچيءَ ۾ ٻڌي بک هڙتال ڪري احتجاج ڪري ر هيا آھن. نوجوان تعليم يافتہ طبقو روزگار لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آھن. ھن وقت آزاديءَ اظھار جو چند فُٽن جو اسپيس سنڌ جي مسئلن جي المناڪ تصوير بڻيل آهي، هر طرف رڙ ۽ احتجاج آهي. اٽي، لٽي ۽ اجهي جو نعرو هڻي حڪومت جون واڳون سنڀاليندڙ ليڊر راڄ عوام کي بکن ۾ پاھہ ٿيندي ڏسي رهيا آھن. بيروزگاري کان تنگ اچي ماڻھو خودڪشيءَ ڪرڻ کان بہ نٿا ڪيٻائين. تعليم، صحت ۽ روزگار هر شھريءَ جو بنيادي حق آهي پر اڄ جي رياست شھرين کي بنيادي حق ڏيڻ کان قاصر آهي. سماجي سطح تي ايندڙ تبديلين کان اسان جا حڪمران آگاھہ آھن. شايد هو اهو نٿا سوچين تہ انھن مڇريل دانھيندڙ، واڪا ڪندڙ هجومن کي هو گهڻو وقت آسرن ۾ رکي نہ سگهندا. سنڌ جو پيڙهيل عوام آخر ڪيستائين سياسي شخصيتن جي ڪشش ۽ سحر ۾ گرفتار پنھنجي حقن جا سودا ڪندو رھندو. يقينن تہ انھن انتظامي اوڻاين ۾ ڪنھن بين الاقوامي سازش جو هٿ نہ هوندو پر صوبائي سطح تي مسئلن جي گهڻائي ۽ سنڌ گورنمينٽ جي لاپرواهي يا بي وسيءَ جي آئينہ دار ضرور آهي، ائين ٿو محسوس ٿئي تہ مسئلن جي ٻرندڙ اوڙاھہ جي تپش جي اڳيان، اقتدار جا پرسڪون ايوان پنھنجي ڪشش وڃائي چڪا آھن. ھنن کي هاڻ وڌيڪ انھن واڪا ڪندڙ هجومن کي منھن ڏيڻ جو ڪو بہ ارادو ڪونھي. هر دور ۾ استحصال ۽ ويڳاڻپ جو شڪار سنڌ ۽ سنڌ جو عوام غير يقيني صورتحال ۾ جياپي جي جنگ وڙهي رهيو آهي.
اڄ هر شعبي سان تعلق رکندڙ انسان، پنھنجن فرضن ۽ ڪم وارين جاين مان نڪري پنھنجي سگهہ ۽ توانائي جائز حقن جي حاصلات لاءِ خرچ ڪن، پوءِ بہ نہ تسلي، نہ آسرو، نہ اُميد ھنن کي نظر ٿي اچي. هو بس ڪجهہ ڪلاڪ پنھنجن ڏکن سورن جا اسٽال لڳائين ٿا، جتي تماشائي تہ گهڻا ٿا گڏ ٿي وڃن پر ازالو ڪرڻ وارا هڪ نظر بہ وجهڻ لاءِ تيار نٿا ٿين. موجودہ نسل اهو آهي جيڪو مسئلن جي ڪُن ۾ ڦاسي چڪو آهي جنھن ۾ هو ڦرندو گهرندو ٻڏندو ترندو نہ ختم ٿيندڙ گول چڪر ۾ گهمي رهيو آهي. ھن وٽ روزگار آهي پر سندس ضرورتن جي پورائي لاءِ ناڪافي آهي ۽ مستقل معاشي تحفظ کان محروم آهي. موجودہ عوام سماج ۾ معاشي تحفظ بہ حاصل نہ ڪري سگهيو آهي. زندگيءَ جي تحفظ کان بہ محروم آهي ان صورتحال ۾ اهو سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ ايندڙ نسل کي ڪھڙا سماجي معيار حاصل ٿيندا؟
اهو سماج جنھن ۾، جيڪڏھن ايمبولينس ۽ پوليس کي مدد لاءِ Call ڪئي وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ ڪنھن فاسٽ فوڊ جي ريسٽورينٽ ۾ Call ڪئي وڃي تہ يقينن پوليس ۽ ايمبولينس کان پھرين فاسٽ فوڊ جي هوم ڊليوري سروس گهر تي پھرين پھچي ويندي! ان سماج ۾ انساني حقن جا ڪھڙا معيار هوندا. . . !
ايندڙ نسل جيڪو ھن نسل کي تڙپندو لڇندو، ڦٿڪندو مرندو ڏسي رهيو آهي اهو پنھنجي بقاءَ لاءِ ڪھڙا در واجهائيندو؟ ڪھڙي منصوبابندي ڪندو؟ پنھنجي حڪومت ھن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪري سگهڻ جي اُميد ڏيندي يا وري بي يقينيءَ جي ڪارن ڪڪرن ۾ ويڙهيل سماج ڏيندي، جنھن ۾ نہ زندگيءَ لاءِ ڪوئي تحفظ هوندو نہ زندگي گذارڻ لاءِ روزگار جا وسيلا هوندا نہ زندگي سنوارڻ لاءِ تعليم موجود هوندي. انسان ائين ئي ڀڄنڊا، ڊڪندا مسئلن جا اسٽال سجائي ميڊيا کي خبرون فراهم ڪرڻ جو ذريعو بڻيا رھندا. جيڪڏھن ھن بي وس، بي اختيار ۽ هر مسئلي جي حل لاءِ وفاق ڏانھن واجهائيندڙ حڪومت کان ڪو بہ سوال نہ پڇي تہ بہ اندر ۾ موجود خوف ۽ ڏک کي ظاهر ٿيڻ کان روڪي نٿو سگهجي. اهي بي يارو مددگار پنھنجن حقن جي حاصلات لاءِ نعرا هڻندڙ هجوم، امن ۽ تحفظ گهرندڙ هجوم، معاشي تحفظ گهرندڙ هجوم، انصاف گهرندڙ ڏکويل هجوم صرف هڪ ئي رستي ڏانھن وڃي رهيا آھن، جيڪو لاقانونيت کانسواءِ ٻيو ڪو بہ ڪونھي، لاقانونيت جو ويو انسانن کي هڪ ئي اونداهين غار ۾ قيد ڪندو جتي انتھاپسنديءَ جو راڄ هوندو. عوامي بيچيني ۽ عدم تحفظ وارا رويا انتھاپسنديءَ جي راھہ هموار ڪندڙ هوندا آھن. عوامي بيچيني ڪا نہ ڪا تبديلي ضرور آڻيندي آهي. اها منفي بہ ٿي سگهي ٿي ۽ مثبت بہ ٿي سگهي ٿي. حد کان وڌندڙ حڪومتي ظلم، لاپرواهي، نظراندازي سماج کي ڪڏھن بہ ساڳيو رهڻ نہ ڏيندي آهي. عوامي هجوم کي لاٺي چارج، ڳوڙها گئس، گولي، پٿراءُ سان منتشر ڪري سگهجي ٿو، جيل ۾ اماڻي بہ انھن جي جدوجھد کي روڪي سگهجي ٿو پر سوچ جي هجوم کي منتشر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. سوچ ذريعي ايندڙ تبديلي وڌيڪ طاقتور هوندي آهي. جيڪڏھن هي نااُميد نسل هر اُميد وڃائي ويٺو تہ پوءِ ايندڙ نسل پنھنجي حقن جي مالڪي ساڳين هٿن ۾ ڏيڻ لاءِ شايد پاڻ کي تيار نہ ڪري سگهي. موجودہ نسل جي رائيگان احتجاجن مان سبق حاصل ڪري نئين سوچ ۽ سمجهہ جي طاقت سان پروان چڙھندڙ نئون نسل شايد پنھنجيون زندگيون داءُ تي لڳائڻ پسند نہ ڪري ڇو تہ هر زندگيءَ کي پنھنجي زندگي بچائڻ جو بہ حق آهي ۽ زندگيءَ کي پنھنجن سڀني رعنائين خوبصورتين سميت گذارڻ جو بہ حق آهي ۽ رياست ۽ حڪومتن کان حق گهرڻ جو بہ حق آهي. يقينن سماجن جو ٺھڻ ۽ ڊهڻ انھن حقن ۽ فرضن جي جوڙجڪ تي ٻڌل هوندو آهي. ان ڪري حقن جو استحصال سماج جو استحصال ثابت ٿيندو آهي. جيڪڏھن اهي ڊوڙندڙ نعرا هڻندڙ هجوم، مڃتا کان محروم رهجي ويا يا انھن کي صرف هڪ دلچسپ منظر کان وڌ اهميت نہ ڏني وئي تہ پوءِ اهي ڪربناڪ منظر هڪ ڊھندڙ تباھہ ٿيندڙ سماج جي تاريخ بڻجي ويندا ۽ ناڪام حڪومت جي المناڪ شاهدي بڻجي ويندا!
30 مارچ 2011ع