ڪالم / مضمون

هيءَ سَئن نہ ڏيندي چين

نياز پنھور لکي ٿو ”هي ڪتاب رڳو 47 ڪالمن يا مضمونن جو نہ پر اسان جي اڄ جي سماج جي لينگهو پاتل چھري جو ڏيک آهي، هي ڪتاب اڄ جي حالتن ۽ زندگيءَ جي حقيقتن تي ٻڌل اهڙو نوحو آهي، جنھن ۾ هر طرف ڳوڙها آهن، سڏڪا آهن. هي ڪتاب اڄ جي سماج جو هڪ اهڙو آئينو آهي جنھن کي پڙهندي اسان پنھنجي چؤطرف موجود ماحول جو چھرو چِٽائيءَ سان ڏسي ۽ پسي سگهون ٿا، اسان جي آڏو اسان جون بي وسيون، سماج جون ناانصافيون، حڪومتن جون بي رحميون الائي ڇا ڇا اڀري ۽ تري اچي ٿو. 

Title Cover of book Hi Se’en Na Dindi Chain

غريب ملڪ، امير عوام

خوف، بي يقيني، بيوسي، غير يقيني صورتحال هڪ مھيني کان ملڪ تي ڇانيل آهي. هر نظر ۾ هڪ ئي سوال ۽ هر ذھن تي هڪ ئي خوف ڇانيل آهي تہ هاڻ ڇا ٿيندو؟ درياھہ جي تيز وهڪري سان گڏ يقين ۽ اُميد بہ لڙھندي ٿي نظر اچي. افواھن ۽ خبرن جي ڊوڙ ۾ سچي ۽ وقتائتي خبر ڳولھڻ ناممڪن ٿيندو ٿو وڃي. عوام، انتظاميا جي بيانن ۽ ميڊيا جي ڪوريج کان هٽي ڪري صرف ۽ صرف پناھہ ۽ جياپي جي طاري ٿيل جنگ سان نبرد آزما آهي. ڪئمپن ۾ بنيادي انساني ضرورتن کان محروم ماڻھو هجن، ٽينٽ سٽي ۾ مينھن ۾ پسندڙ هجن، ٽرڪن ۾ جانورن جيان سٿيل ٻوڏ متاثر ماڻھو هجن، رستن تي، روڊن تي بي يارو مددگار بُک اڃ کان بيحال ماڻھو هجن، هڪ رڙ ۽ آھہ سڀني وٽ ساڳي هجي ٿي تہ حڪومت طرفان رليف ۽ ريسڪيو جي ڪمن ۾ لاپرواهيءَ جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي.
درياھہ جي وڌندڙ وهڪري وانگر بي گهر، بي سرو سامان انسانن جا قافلا حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جو رخ ڪري رهيا آھن ۽ حيدرآباد واسي پنھنجي ايندڙ وقت کان بيخبر ايندڙ مايوس انسانن جو ڀرجهلو ٿيڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آھن.
رليف ۽ ريسڪيو جي ڪمن ۾ حوصلو ۽ همت سان گڏوگڏ منصوبا بندي اهم هجي ٿي، جنھن جي طريقيڪار کان انتظاميا وانجهيل آهي. ٻوڏ جا هاڃا پنھنجي جاءِ تي پر ڪجهہ هاڃا ايمرجنسي ۾ بنا سوچڻ سمجهڻ جي لڳايل ڪٽن بہ ڪيا آھن. حالانڪہ جُون مھيني ۾ محڪمه موسميات جا اطلاع ۽ اڳڪٿيون اچڻ شروع ٿي ويون هيون پر اسين قسمت تي ڀروسو رکندڙ قوم اکيون پوري سوچيندا آهيون تہ قسمت اسان تي مھربان ٿيندي. ان قسمت جي آسري تي ميهڙ جي ويجهو ڳوٺ سونا پنڊي جا ماڻھو ڳوٺ ڇڏڻ لاءِ راضي نہ ٿيا. پنھنجا ڪک، پنھنجا اجها، پنھنجا مال متاع عزيز رکندڙ عورتون اڄ تسبيحون هٿ ۾ کڻي اُتي پاڻيءَ ۾ ڦاٿل عزيزن لاءِ گريہ ڪنان، ميڊيا تي اپيلون ڪري، انھن جي حياتين لاءِ دعاگو آھن تہ ان ۾ قصور وار ڪير آهي؟
ريسڪيو جي ڪمن ۾ جتي جتي انتظاميا مجبور آهي، اتي اها ڳالھہ محسوس ڪئي وئي آهي تہ علائقي جا با اثر ماڻھو، پنھنجن سڄاڻ ڌرين جي مدد ڪرڻ وڌيڪ پسند پيا ڪن. جتي انتظاميا وائڙائپ جو شڪار آهي. اسان جي فوج جو گهڻو تعداد خيبرپختون خواھہ ۾ مصروف آهي. اڪيلائپ جي احساس کي سنڀاليندي ٻوڏ وگهي مارجي ويل ماڻھن جا نوحا لکجن، اباڻا ڪک مال متاع ڇڏي ايندڙن جي درد جي ڪٿا لکجي، ڪجهہ عزيزن جي وڇوڙي جي پيڙا لکجي، آس اُميد جون ٻيڙيون ٻوڙي، سر بچائي نڪري ايندڙن جي زخمن جو اپٽار لکجي، ڪئمپن ۾ موجود ڏتڙيل انسانن جون حڪومت جي لاپرواهيءَ جون شڪايتون لکجن تہ ان سان گڏوگڏ ڪجهہ اميدن جا سنگِ ميل قائم ڪندڙ، حيدرآباد جي عورتن جي ذڪر کان سواءِ ھن صديءَ جي وڏي ۾ وڏي ٻوڏ جي تباھہ ڪارين کان پوءِ رليف جي ڪمن جو داستان اڌورو رهجي ويندو. شيخ اياز ڄڻ تہ انھن لاءِ ئي چيو آهي:
اڃا رڻ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي،
متان ائين سمجهين مئا مور سارا.
ٻوڏ جي تباهڪارين کي دل ۾ سانڍيندي، پنھنجين مصروفيتن ۽ حيدرآباد شھر جي ٻوڏ جي زد ۾ اچڻ جي ممڪنہ خطرن جي پرواھہ نہ ڪندي سماجي تنظيمن جون عورتون رليف جي ڪمن ۾ سرگرم نظر آيون. جن ۾ وومن ايڪشن فورم جون عورتون وڌيڪ نمايان ۽ عملي طرح مصروف نظر اچن پيون. اڄوڪو ڪالم لکڻ تائين، حيدرآباد جي رجسٽرڊ ڪئمپن ۾ بہ کاڌ خوراڪ کان علاوہ ٻارڙن ۽ عورتن لاءِ صحت جي حوالي سان حڪومتي سطح تي ڪا بہ نمايان پيش رفت نظر نٿي اچي، ان جي باوجود بہ وومن ايڪشن فورم سان تعلق رکندڙ عورتون پنھنجي هڙان وڙان خرچ ڪري، ذاتي طرح سان فنڊز جمع ڪري، ذاتي گاڏين ۾ وڃي هر ڪئمپ جو حال احوال جمع ڪري ان مطابق، عورتن ۽ ٻارڙن جي ضرورتن جون شيون بہ پچائين پيون تہ وري انتظاميا کي صورتحال کان باخبر ڪري ڪم ڪرڻ لاءِ اتساھہ ڏيارڻ ۽ راھہ ڏسڻ جي ڪم ۾ بہ مصروف ٿيون نظر اچن. ٻوڏ کان بچي آيلن جي، ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ڦاٿل عزيزن جي واهر لاءِ ميڊيا ۽ انتظاميا کي نشاندهي ڪري ريسڪيو جي ڪمن ۾ بہ مددگار ٿيندي نظر ٿيون اچن، ان کان علاوہ فيض جي ’يه وه سحر تو نھين هي‘ جي ابتڙ، فيض جي ’اميدِ سحر‘ وانگر روشن سحر رضوي جو ذڪر بہ ڪندا هلون، جنھن سڀ کان پھرين ٺل ۽ غوثپور جي ڏتڙيل ماڻھن جي واهر ڪئي. ڀٽائي ٽائون جي اسڪول ۾ پناھہ لاءِ آيل ماڻھن کي ڪنھن بہ حڪومتي اداري نہ پر اسڪول جي ماسترياڻين چندو ڪري ماني کارائي، ان کان پوءِ اڪيلي سِر سحر رضوي 200 ماڻھن کي اسڪول ۾ رهائش ڏني، رجسٽريشن ڪرايائين ۽ اڃا تائين بہ سيلاني ٽرسٽ جي سحر و افطار کان علاوہ ٻنپھرن جو ويلو، ٻارڙن ۽ مسافرن کي هو خود ٿي کارائي. ڇو تہ اها هر مسلمان کي خبر هوندي تہ ٻارڙن، مسافرن ۽ مصيبت جو شڪار ماڻھن تان عبادت معاف هوندي آهي.
بين الاقوامي طرح فنڊز جا اعلان پنھنجيءَ جاءِ تي پر بان ڪي مون جو اهو فيصلو تہ ”پاڪستان جي سيلاب جي صورتحال تي گڏيل قومن جو اجلاس گهرايو ويندو. “ هڪ سٺيءَ خبر هئڻ سان گڏوگڏ اهو بہ احساس ڏياري ٿي تہ ملڪيءَ سطح تي يا صوبائيءَ سطح تي اهڙو ڪو بہ عملي اجلاس نہ ٿيندو آهي، جنھن وسيلي عوام جي ريسڪيو ۽ رليف لاءِ ڪجهہ جوڳا قدم کنيا وڃن، ظاهر آهي تہ هي مصيبت جون گهڙيون ڪجهہ ڏينھن جون نہ آھن، هي جيڪو درياھہ سان گڏ ماڻھن جو سمنڊ اٿلندو اچي، انھن جي سھائتا، اجهي ۽ لٽي جو بندوبست آخرڪار حڪومت جي ئي ذميواري آهي، ان کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪا بہ منصوبا بندي پري پري تائين نظر نٿي اچي. ناممڪن ڪم، ترتيب، منصوبہ بندي ۽ حوصلي سان ممڪن ٿي سگهي ٿو. اڄ جو عوام کليل دل سان ٻوڏ ستايلن جي سھائتا لاءِ تيار آهي. ماڻھو رليف جا سامان بہ گڏ ڪن ٿا پر صحيح معلومات نہ هجڻ جي ڪري ۽ ڪئمپ ۾ موجود ماڻھن جي صحيح انگ اکر معلوم نہ هئڻ جي ڪري مناسب طرح سان سامان جي ورهاست بہ هڪ ڏکيو مرحلو ٿي پئي آهي. جتي جنھن شيءِ جي ضرورت آهي، اُتي اها نٿي پئي ملي.
17 ڊسمبر تي سبزي منڊي حيدرآباد ۾ ٻوڏ ستايلن جي ڪئمپ ۾ اها ڳالھہ ثابت ٿي تہ ارادي جي مضبوطي ۽ سچائيءَ سان ڪم ڪرڻ سان مثبت نتيجا ظاهر ٿين ٿا ۽ ٻئي ڳالھہ بہ ثابت ٿئي ٿي تہ عورتن جا مسئلا عورتون ئي سمجهي سگهن پيون. ڇو تہ 17 تاريخ جي شام تي سبزي منڊي جي ڪئمپ ۾ موجود ماڻھن وٽ پاڻيءَ جو ڍڪ بہ نہ هو. ننڍڙا ٻارڙا ۽ عورتون خالي ٿانوَ کڻي وومن ايڪشن فورم جي 12 عورتن جو گهيراؤ ڪري بيھي رهيون، انھن وٽ نہ پاڻي هو نہ وري ڪو ڊاڪٽر هو. عورتن جي خواهش هئي تہ ڳورهاري عورتن لاءِ ڊاڪٽرياڻيءَ جو بندوبست بہ ڪيو وڃي. اتي موجود انتظاميا جي ماڻھن جي يقين ڏيارڻ جي باوجود بہ ۽ محبوب ابڙو ۽ مختيارڪار جي يقين ڏيارڻ جي باوجود بہ عورتن چيو تہ ”هي باجيون وينديون تہ پوءِ هي سڀ بہ هليا ويندا ۽ اسان کي ڪجهہ بہ نہ ملندو. “
جيڏيءَ مھل امر سنڌو چيو تہ: ”جيستائين پاڻي نہ ايندو اسين توهان سان گڏ ويٺا هونداسين. “ پوءِ جيڪب آباد جون عورتون پري ٿيون. مغرب کان پوءِ پاڻيءَ جا ٻہ ٽينڪر آيا، ايمبولينس آئي ۽ اڄ اتي سول اسپتال پاران ميڊيڪل ڪئمپ بہ لڳل آهي ۽ واٽر سپلاءِ جو بندوبست بہ ڪيو پيو وڃي. سو عزم ۽ يقين محڪمي سان آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون عورتون پيرن ڀر بيھي عورتن جا مسئلا پڇي انھن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکي رليف جو سامان بہ تقسيم ڪن ٿيون ۽ اتي بيٺي بيٺي انھن معصوم ٻارڙن لاءِ پاڻي ۽ صحت جي بنيادي ضرورتن لاءِ ڪامياب ڪوششون وٺن ٿيون تہ پوءِ حڪومت لاءِ منصوبا بنديءَ سان ڪم ڪرڻ ڇو ناممڪن بڻيل آهي؟ هي مڃتا جون چند سٽون ساراھہ يا خوشامد لاءِ نہ آھن پر هڪ احساس اجاگر ڪرڻ ۽ اتساھہ لاءِ آھن تہ اسين بہ ائين ڪم ڪريون بي لوث ٿي ھن آزمائش جي وقت ۾ صرف ۽ صرف انسان بڻجي سوچيون، مصيبت ۾ ڦاٿل انسانن جي سھائتا لاءِ قدم اڳتي وڌايون. حيدرآباد شھر ۾ موجود هر ڪئمپ ۾ ھنڌ بسترن، ڪپڙن، جُتين جي فوري ضرورت آهي. کاڌ خوراڪ پنھنجي جاءِ تي اهميت رکن ٿا پر انسانن سان انسانيت وارو سلوڪ ھنن جي رهائش وارين جاين جي صفائي بہ پنھنجي جاءِ تي اهميت رکي ٿي. گهڻيون بيماريون صرف ۽ صرف صفائيءَ جي ناقص نظام جي ڪارڻ پکڙجن ٿيون. ڪئمپن ۾ ماني پھچائي ٿي وڃي پر کائڻ جا ٿانوَ عورتن وٽ موجود ڪونہ آھن. اٽو، چانور، گيھہ وغيرہ ڏنو ٿو وڃي پر ڪاٺيون، گئس ۽ پچائڻ جا ديڳڙا موجود ڪونہ آھن. ضرورت ان ڳالھہ جي آهي تہ هر ڪئمپ جا انگ اکر گڏ ڪري اتي موجود ماڻھن جون ضرورتون نظر ۾ رکي رليف جو سامان پھچائجي پر ان ڳالھہ جي اميد نہ رکڻ بھتر ان ڪري بہ لڳي ٿو تہ رليف ۽ ريسڪيو جي ڪمن ۾ لاچار اسان جي انتظاميا وٽ حيدرآباد ڏانھن ڌوڪيندي ايندڙ درياھہ جي استقبال لاءِ ڪا بہ مناسب منصوبہ بندي ڪونہ آهي. هر ماڻھو ڪنھن اوچتي اطلاع لاءِ ذھني طرح سان تيار ٿو نظر اچي، پر ان سان گڏوگڏ ناقص انتظام رکندڙ انتظاميا ڏانھن اميد ڀرين نظرن سان نھاري بہ ٿو جن جي ڀرتي ڪيل آبپاشيءَ محڪمي جي آفيسرن جي اهليت، صلاحيت تجربي جا هاڃا اڄ سڄو پاڪستان لوڙهي رهيو آهي. سفارشي ڪلچر ۽ وڏيرا شاهي جي زيرِاثر سياسي ڀرتين جي قيمت لکين قيمتي جانين کان وڌيڪ تہ اسين ادا ڪري بہ نٿا سگهون.

21 آگسٽ 2010ع