ڪالم / مضمون

هيءَ سَئن نہ ڏيندي چين

نياز پنھور لکي ٿو ”هي ڪتاب رڳو 47 ڪالمن يا مضمونن جو نہ پر اسان جي اڄ جي سماج جي لينگهو پاتل چھري جو ڏيک آهي، هي ڪتاب اڄ جي حالتن ۽ زندگيءَ جي حقيقتن تي ٻڌل اهڙو نوحو آهي، جنھن ۾ هر طرف ڳوڙها آهن، سڏڪا آهن. هي ڪتاب اڄ جي سماج جو هڪ اهڙو آئينو آهي جنھن کي پڙهندي اسان پنھنجي چؤطرف موجود ماحول جو چھرو چِٽائيءَ سان ڏسي ۽ پسي سگهون ٿا، اسان جي آڏو اسان جون بي وسيون، سماج جون ناانصافيون، حڪومتن جون بي رحميون الائي ڇا ڇا اڀري ۽ تري اچي ٿو. 

Title Cover of book Hi Se’en Na Dindi Chain

ڪئمپون ۽ غفلت جي ننڊَ ستل انتظام

تڪليفون ۽ مصيبتون، انسان کي گهڻو وقت گهيري ۾ آڻي نہ سگهنديون آھن، نہ وري ھن کي هڪ جڳھہ تي قيد ڪري سگهنديون آھن. حياتي بچائڻ لاءِ انسان منفي توڙي مثبت گس ڳولي لھندو آهي. ضرورتن ۽ خواهشن جي گهڻائي ھن کي پريشان ضرور ڪري ٿي پر هو هٿ پير هڻي انھن جي پورائي لاءِ جاکوڙي ٿو ۽ ڪڏھن ڪڏھن ٻين جاندارن جي ضرورتن ۽ حقن جي پائمالي کي بہ نظرانداز ٿو ڪري ڇڏي
اسان جو سماج معاشي طرح طبقن ۾ ورهايل آهي. انسان جي نفسيات ۽ طبقاتي سماج جا انوکا مثال، حيدرآباد جي وسيع شھري آبادي رکندڙ شھر ۾ آباد ٿيندڙ ننڍين ننڍين ڳوٺاڻين آبادين ۾ نظر اچن ٿا. شھري آباديءَ جي اندر ٻوڏ ستايلن جون ڪئمپون ننڍيون ننڍيون وسنديون ٿيون لڳن، جن ۾ هر قوم رنگ، نسل جا ماڻھو گڏجي رهڻ تي مجبور آھن. اهي ڪئمپون حيدرآباد کان ٻاهر ڄامشوري ڏانھن ويندڙ ۽ ڄامشوري ۾ رستن روڊن تي نظر اچن ٿيون.
ھن وقت اهي سڀ درد جي رشتي ۾ ڳنڍيل آھن. ضرورتون سڀني جون ساڳيون آھن، خواهشون سڀني جون ساڳيون آھن، پر رويا مختلف آھن. پنھنجي پاڻ کي پنھنجي ذات کي عزت ڏيڻ وارا رويا گهڻا طاقتور آھن. هرڪو پنھنجي سڃاڻپ کي اهميت ٿو ڏئي ۽ ٻين کي نظرانداز ٿو ڪري. ڪئمپن ۾ برابر جي سطح تي امدادي سامان جي ورهاست ناممڪن عمل سھي، پر قبيلائي بنياد تي ٿيندڙ ورهاست جا هاڃا هيڏي مھل، ڄامشورو جي تپندڙ ڌرتيءَ ۽ آڳ وسائيندڙ آسمان هيٺان، ٻن ڪاٺين مٿان پلاسٽڪ مان ڇت ٺاهي ان هيٺان رھندڙ انورِ ٻڌائي ٿي تہ انسانيت ٻن ڄرن وچ ۾ سڙندي ٿي ڀانئجي. هڪ ڄر ٻوڏ جي ۽ ٻي ڄر انساني روين جي.
ماني ۽ امدادي سامان نہ ملڻ جي رڙ تہ هر ڪئمپ ۾ آهي، پر انورِ ٻڌائي ٿي تہ هتي جيڪي طاقتور قبيلي وارا آھن، اختيار وارن جي واسطي وارا آھن، پنھنجن ماڻھن ۾ سامان جي تقسيم بعد باقي سامان چور دروازن کان ٻاهر ڪڍي ٿا وڃن. اٽي کان وٺي پاڻيءَ تائين شيون ٻاهر وڪرو ٿيون ٿين. اجهي ۽ اَنَ کان پوءِ يقينن پئسو بہ انساني ضرورتن ۾ شامل آهي. پر هوءَ پنھنجي خالي ڪولر کي حسرت سان ڏسي ٿي ۽ ٻڌائي ٿي تہ، “اسان وٽ ھن وقت پئسو ناهي جو پاڻي بہ خريد ڪري سگهون.
ڪجهہ فٽن تي مشتمل جهوپڙين ۾ کوڙ ساريون ڳڙهي خيرو جون انورِ جھڙيون عورتون رھن ٿيون، جيڪي پنھنجا خوشحاليءَ جا ڏينھن ياد ڪري ھنجون هارين ٿيون: ”اَمان! هانءُ سڙي ٿو وڃي جنھن ويل پنھنجي پٽ کي اٽي لپ لاءِ ڌڪا کائيندي ڏسان ٿي. “
اهو ڏک اڪيلي انورِ جو نہ آهي، ”ڀلي بُک ڀرم جي، شالَ مَ وڃي شان“ واري پھاڪي تي عمل ڪرڻ واري هر انسان لاءِ اهو تحقير جو مرحلو اوکو ۽ دل رنجائيندڙ هجي ٿو. اسان وٽ مجبورين جي چادر اوڙهيل منفي روين کي سماجي مڃتا جلدي ملڻ جي ڪري اهي رويا طاقتور بڻجي، مظلومن جي ويساھہ کي ڇيھو رسائڻ ۾ مشغول هجن ٿا. ڪئمپن جي شڪل ۾ وسندين جو هڪ جھانشھرن ۾ آباد ٿي چڪو آهي. سرڪاري انگ اکر ۽ ميڊيا جا انگ اکر لکين رپين جي امدادي سامان جي ڪئمپن ۾ رسائيءَ جي دعويٰ ٿا ڪن پر عوام تہ اهوئي انگ اگهاڙو ۽ پيٽ بکيو آهي. اسان جا ٻچا ٻار تہ اهوئي پيرن اگهاڙا روڊن تي ڊوڙندا ٿا وتن، ڪنھن بہ ڪئمپ تي ڪوبہ مانيٽرنگ جو نظام نظر نٿو اچي. امداد ملي ٿي تہ ڪيڏانھن ٿي وڃي، چور دروازن جا گس ۽ چورن جا پير کڻڻ لاءِ ڪير بہ همت نٿو ساري. منفي روين جي ڄار ۾ غريب عوام وڪوڙجندو ٿو وڃي.
انورِ چيو تہ: ”اسين اکين سان ڏسندا آهيون تہ فلاڻي قبيلي جا ماڻھو اٽي جون ٿيلھيون کڻائي ڪئمپ کان ٻاهر پيا وڃن. “
اهڙن مجبور مجرمن کي نہ ڪير ڏسي ٿو نہ وري روڪي ٿو. اهي خود بہ ڪنھن نہ ڪنھن طرح استحصال جو شڪار ٿي اهڙا قدم کڻن ٿا پر انھن تي نظر رکڻ وارو ڪوبہ نہ آهي، ڳڙهي خيري کان وسندي مينھن ۾، سفر ڪري ڄامشورو ۾ لياقت يونيورسٽي جي سامھون پٿريلي ڌرتيءَ تي رضيه ھن سفر کي انت نہ پر ڏکن جي ابتدا ٿي سمجهي. ڳورهاري رضيه پھرين سيپٽمبر جي رڪارڊ ٽوڙ گرميءَ ۾ پلاسٽڪ جي چادرن جي ڇانوَ ۾ ويھي چانورن جو هڪ گرھہ کائي وري سهڪي رهي هئي. سندس سھري اهڙو عارضي خيمو جوڙيو هو، جنھن جو هڪ ننڍڙو ڪولر ۽ هڪ وڏو ڪولر رکيو هو، پر انھن ۾ پاڻيءَ جو ڍُڪ بہ نہ هو. هو پنھنجي خشڪ لبن تي زبان ڦيرائيندي رهي، چانورن جي هڪ ٻن گرھن کائڻ کان پوءِ ھن کي اُلٽي محسوس ٿيڻ ٿي لڳي.
رضيه جي لفظن ۾ ڪربلا ڇانيل هئي ۽ اکين ۾ ڳوڙھن بجاءِ واري اُڏامي رهي هئي. پھرين رمضان تي ڄامشورو پھچڻ واري رضيه کي 21 تاريخ تائين، بدن تي صرف هڪ جوڙو پاتل هو. ٽرڪ واري کي ڪرايو ڏيڻ لاءِ رضيه جي سَسُ ڪَنَ جون واليون ڏنيون ۽ رضيه نڪ جي ڦُلي لاهي ڏني هئي. نڪ جي ڦُلي لھڻ جو ذڪر ڪندي رضيه ڏڪي رهي هئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ ھن پنھنجو سھاڳ گروي رکي ڇڏيو هُجي
“ادي منھنجي تن تي هينئر صرف هڪ جوڙو آهي، پر منھنجي ڏاج جا جوڙا تہ اڃا مون سڀ کولي ڏٺا بہ ڪين آھن. ” رضيه جي لھجي ۾ سوين حسرتن ۽ ارمانن جا نوحا هئا. ھن کي پنھنجي وطن واپسي بہ ناممڪن ٿي نظر اچي. ڇو تہ جيڪي ڏوهاري ڪئمپن ۾ اٽي ۽ لٽي کي مستحق ماڻھن تائين پھچڻ ٿا ڏين، اهڙن ئي ڏوهاري ذھن رکندڙ ماڻھن، ڀريل گهرن کي خالي ڪري ڇڏيو آهي. انھن جون وارداتون اجڙيل گهرن کي بہ نٿيون بخشين، جيڪي ماڻھو ٻوڏ کان سِرُ بچائي، ضروري سامان کڻي ٻيو الھہ تلھہ رب آسري ڇڏي نڪتا، ان جي حفاظت ڪنھن بہ نہ ڪئي. ماڻھن جي گهرن جو سامان، ڪپڙا تہ ويا پر ظالم لٽيرا گهرن جا دروازا ۽ دريون بہ ڪڍي کڻي ٿا وڃن.
ننڍڙو ستن سالن جو نادر، جيڪو تيز اُسَ کان بچڻ لاءِ ڀائرن ڀينرن ۽ ٻين ٻارن کي وٺي پنھنجي “چنگچي” کي راند جو گهر بڻائي ويٺو آهي، چوي ٿو ته”باجي پنھنجي ڳوٺ ۾ ٻٽالو کائيندا هئاسين.
”ڀلا! هتي ڇا کائيندا آهيو؟“
نادر هو تہ ستن سالن جو معصوم ٻار پر ان جو جواب ڪنھن تجربيڪار بزرگ کان گهٽ نہ هو. ”باجي هتي ڪڏھن ڪڏھن چانور ملن ٿا پر ڌپ ساڙي ٿي تہ ڪجهہ بہ ڪونہ ٿو وڻي. “ سخت آزمائش واري وقت ۾ ھنن وٽ تپندڙ ڌرتيءَ ۽ باھہ وسائيندڙ آسمانن هيٺان بک اُڃ ۾ رهڻ کان سواءِ ڪوبہ حل نہ آهي. هو سڀ ڪجهہ لٽائي، کپائي هتي پھتا آھن. هاڻ ھنن وٽ نہ اڳتي وڃڻ لاءِ پئسو آهي نہ وري واپسيءَ جا رستا کليل آھن. ڌاڙيل، چور، بنارس جي ٺڳن جيان روپ مٽائي مٽائي ھنن کي ڦُرين ٿا. ڌاڙن جو سلسلو گهر کان شروع ٿو ٿئي، جنھن جو انت نظر نٿو اچي. ڪرائي جا اضافي پئسا ڀري پھچندڙ قافلن جي حصي جو خيراتي رزق بہ ڌاڙيل وڪڻي ٿا ڇڏين، گهر ۾ ڌاڙا هڻي، واپسيءَ جو گس لٽي ٿا ڇڏين.
انتظاميا جي هڪ نظر ڪرم سان جيڪڏھن ڪئمپن ۾ گهڻو نہ پر صرف چند ماڻھن تي مشتمل مانيٽرنگ ٽيم تشڪيل ڏني وڃي، امدادي سامان جي پھچڻ ۽ ورهائجڻ کي يقيني بنائڻ سان گڏوگڏ انھن مجبور ڏوهارين تي بہ نظر رکي، جيڪو ڏوھن جو ڄار وڇائي غريبن جي رت جو آخري ڦُڙو بہ چوسڻ لاءِ تيار ويٺا آھن. يقينن ٻوڏ پاڻي سان گڏ سوين تڪليفون ۽ مسئلا آندا آھن، جيڪي ڪجهہ ڏينھن ۾ حل ٿيڻ ممڪن نہ آهي. هر باشعور انسان اهو بہ سمجهي سگهي ٿو تہ حالتِ جنگ ۾ ۽ انتشار واري سماج ۾ ڏوھن تي قابو پائڻ تمام مشڪل مرحلو آهي، پر اڻ کٽ مسئلن کي منھن ڏيڻ تہ اڃا پري آهي، صرف ايترو ڪجي جو سوين ننڍڙا ننڍڙا نادر ڇانوَ ۾ ويھي رُکي ماني کائين، جيڪي چون ٿا تہ، هيٺ زمين ٿي ساڙي، مٿي آسمان ٿو ساڙي سوين انور جھڙين عورتن جا پُٽ اَٽي لاءِ ڌڪا نہ کائِن ۽ نہ وري انھن جا ڌڪا مائرن جا هانوَ ٻوڙين. هڪ جوڙي ۾ ملبوس سوين رضيائن جا بدن گرميءَ جي تپش ۽ پاڻيءَ جي اڻ هوند کان نہ سڙن جتي درد ساڳيا، سور ساڳيا، پيڙائون ساڳيون، ارمان ساڳيا، اُتي رويا بہ تہ برابري وارا هجن، ائين نہ هجي تہ ڪجهہ سياسي واسطو رکندڙ وي آءِ پي خيمن ۾ رھن، پاڻي ۽ مانيءَ جي فڪر کان آجا هجن ۽ ڪجهہ وري پنھنجي حصي جو رزق وڪڻجندي ڏسندا رهجي وڃن. سندن اڃايل لبن کان پاڻي ڍڪ بہ پري ڪيو وڃي. اهي خيرات ۾ مليل پاڻي بہ وري خريد ڪري اُڃ اجهائڻ لاءِ مجبور هجن. اخلاقيات جي ڏيوالي نڪرڻ تي بہ حيرت نٿي ٿئي، نہ وري پنھنجن کي نوازڻ واري سياست تي حيرت ٿي ٿئي. جنھن جاءِ تي جبل جي گرم ڌرتيءَ تي ڪجهہ ماڻھو نٽهڻ اُس اڳيان معصوم بنا ڪپڙن جي ٻارڙا وٺيو ويٺا آھن، جن جا خشڪ چپ ۽ زرد چھرا انھن جي اُڃ بک جا ساکي آھن، اُتي ئي ڪجهہ مفاصلي تي خيمن جي قطار ۾ ڪجهہ سياسي واسطا رکندڙ ماڻھو، ويران اجڙيل زندگين کان هڪ ٻہ درجا سُکي زندگي گهارين ٿا، ان تي بہ حيرت نٿي ٿئي. حيرت ٿئي ٿي انتظاميا جي بي خبريءَ تي. اسان جي انتظاميا جنھن ڊگهي غفلت جي ننڊ ۾ ستل آهي، ان کي ڪير جاڳائيندو؟ خوابِ خرگوش مان جاڳائڻ لاءِ تہ پاڻي جي لپ ڪافي هوندي آهي پر جنھن انتظاميا کي، سنڌ کي ٻوڙيندڙ ٻوڏ جو پاڻي بہ نہ جاڳائي سگهيو، ان جي بي خبريءَ واري ننڊ کي ڇا سان ختم ڪجي؟

08 سيپٽمبر 2010ع