عورت جي پيڙائن جو سفر
ساڳيءَ طرح جڏھن انساني حقن جو پڌرنامو عالمي منظرنامي تي اڀريو تہ وري انسانن ۾ موجود پيڙهيل عورتن جي طبقي پنھنجي حقن جي تحفظ لاءِ اقوام عالم آڏو آواز بلند ڪيو، ڇو تہ انساني حقن جو پڌرنامو جنھن جي پسمنظر ۾ بہ عورتن جي جدوجھد ۽ قربانين جو هٿ هو، اهو پوري طرح عورتن جي حقن جي معاملي ۾ واضح نہ هو. 16 آڪٽوبر 1976ع جي اقوام متحدہ جي جنرل اسيمبلي عورتن جي خلاف صنفي امتياز جي خاتمي جو معاهدو منظور ڪيو ويو ۽ 1979ع ۾ لاڳو ٿيو. عورتن کي برابري جا سڀ حق ڏيڻ لاءِ اهي سڀ ملڪ پابند ٿي ويا، جن ان معاهدي تي صحيحون ڪري پنھنجي متفق هجڻ جو ثبوت قلمبند ڪيو. انسان پنھنجي تحفظ لاءِ قانون ٺاهيندو آهي ۽ انھن جي ڀڃڪڙي بہ ان جي ئي طرفان ٿيندي آهي. ان کان پوءِ مجرم کي سزا بہ ضرور ملندي آهي، پر ڪجهہ اهڙا قانون هوندا آھن، جن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ واري کي سزا نہ ملندي آهي. ڏٺو ويو آهي تہ سڄي دنيا جي ملڪن ۾ وڌ ۾ وڌ ڀڃڪڙي انھن قانونن جي ٿئي ٿي، جيڪي عورتن سان واسطو رکندڙ هجن ٿا. اقوام متحدہ جي قراردادن جي باوجود، ملڪي قانون جي باوجود بہ عورتن سان امتيازي سلوڪ جا رويا سماج ۾ لاڳو رھن ٿا.
پڌر شاهي سماج جو هر رويو عورت جي سياسي، سماجي، معاشي ۽ ثقافتي سرگرمين کي محدود ڪرڻ ۽ پنھنجي طاقت صرف ڪندو ٿو رهي. وک وک تي ڄار وڇايل آهي. روين جي شدت سنگين جرمن جي صورت ۾ سماج ۾ رائج ٿي وڃي ٿي، جيئن ھن وقت پدر شاهي سماج جا ڀيانڪ رويا آھن، جيڪي جرمن جي شڪل ۾ عورتن مٿان طاري ٿيل آھن. سڪيوئل هراسمينٽ، گهريلو تشدد، ڪارو ڪاري، غيرت جي نالي تي ٿيندڙ جرم، جنسي تشدد، خودڪشي، انھن روين جا انيڪ روپ آھن، جن کي عورتون ڀوڳي رهيون آھن. پاڪستان ۾ 99 سيڪڙو عورتون گهريلو تشدد جو شڪار آھن، گهريلو تشدد ۾ جسماني ۽ ذھني تشدد شامل آهي.
Pakistan institute of Medical Science جي هڪ رپورٽ مطابق 90 سيڪڙو شادي شدہ عورتون جسماني تشدد کي برداشت ڪن ٿيون.
Human Rights of Pakistan جي رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ هرهڪ سيڪنڊ کان پوءِ عورت سان بالواسطہ يا بلا واسطہ تشدد ڪيو وڃي ٿو.
Lawyers of Human Rights and Legal Aid in Karachi جي رپورٽ مطابق سال 2000ع ۾ 736 جسماني تشدد جا ڪيس رپورٽ ٿيا. 600 ڪيس جنسي تشدد جا هئا، 400 ڪيس زنا بالجبر جا هئا. زنا بالجبر تشدد جي بدترين صورت ۾ اسان جي سماج ۾ رائج آهي. هي تشدد جي صورت گهڻي ڀاڱي لڪل ٿي رهي. ھن قسم جي تشدد جا اصلي انگ اکر گڏ ڪرڻ تمام مشڪل آھن. مشھور Human right activist ۽ سپريم ڪورٽ جي وڪيل رشيدہ پٽيل پنھنجي ڪتاب ۾ لکي ٿي تہ ”ملڪي سطح تي ڪابہ حتمي رپورٽ، عورتن تي ڪيل جرمن جي نہ ٿي ملي. “ پر ڪجهہ نجي تنظيمون آھن، جن جا گڏ ڪيل انگ اکر اسان جي اڳيان اسان جي سماج جي مسخ شدہ تصوير پيش ڪن ٿا.
رشيدہ پٽيل پنھنجي ڪتاب ۾ ڄاڻايو آهي تہ 2002ع م 140 گينگ ريپ جا ڪيس ٿيا آھن ۽ 2003ع ۾ 219، 2004ع ۾ 226، 2005ع ۾ 247، 2006 ۾ 259 ڪيس ٿيا آھن. جيئن ريپ ڪيس جا انگ اکر گڏ ڪرڻ مشڪل آھن، ساڳيءَ طرح اهو ٻڌائڻ بہ تمام ڏکيو آهي تہ انھن مان گهڻن مجرمن کي سزا ملي؟ اسان جي سماج ۾ ريپ اهڙو جرم آهي، جنھن جو مجرم ڪابہ شرمندگي محسوس نہ ڪندو آهي، گينگ ريپ جو محرڪ اڪثر ڪري قبيلائي جهڳڙا، خانداني جهڳڙا سمجهيا ويندا آھن. ڏاڍ پاران چڙ، ڪاوڙ ۽ بدلي وٺڻ لاءِ Object جي طور تي پيڙهيل طبقي ۾ (عورت) جو ئي انتخاب ڪيو ويندو آهي جو ان تي ڪيل حملي کي سماجي مڃتا مليل جو هوندي آهي. ڪڏھن ڪڏھن ان چيڀاٽيل طبقي پاران ڪو طاقتور ردعمل ظاهر ٿيندو آهي، جيڪو سماج جي نام نھاد رسمن رواجن جي ديوارن کي لوڏي ڇڏيندو آهي. فزڪس جو هڪ ننڍڙو فورس جو قانون آهي تہ جنھن شيءِ کي طاقت سان ڌڪبو، اها اوترو ئي طاقت سان توهان ڏانھن واپس ايندي. بال کي ڀت تي زور سان اڇلايو تہ هو واپس ساڳي طاقت سان توهان ڏانھن ايندو، جيترا دفعا اڇلائيندا، اوترا ڀيرا بال توهان ڏانھن واپس ايندو. ڪافي سال پھرين جڏھن ڦولن ديوي پاڻ سان ٿيل حادثي جي چڙ ۽ ڪاوڙ جو اظھار هٿيار کڻي ڪيو هو. پاڻ تي ٿيندڙ تشدد جو بدلو. ھنن خود ورتو ۽ ڏاڍ جي ڪيترن ئي علامتن کي لاشن ۾ بدلائي ڇڏيائين.
مختاران مائيءَ جو حادثو اسان جي سماج جي بيٺل پاڻيءَ ۾ هڪ پٿر ثابت ٿيو. مختاران مائي بھادريءَ سان سماج جي مھڻن طعنن کي منھن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. ھن ان حادثي کي پنھنجي لاءِ جرم نہ بڻايو، پر مجرمن جي نشاندهي ڪيائين. مختاران مائيءَ جي ڪيس کي بين الاقوامي شھرت ملي. اڳيان هلي مختاران مائي ٻين مظلوم عورتن جو ڀرجهلو ٿيڻ لاءِ MMWWO جو قيام عمل ۾ آندو. ھن عورتن جي تعليم عام ڪرڻ لاءِ عملي قدم بہ کنيا، سڀني حاصلات جي باوجود انصاف جي باغ ۾ خزان ڇانيل رهي. ان سرءُ جي موسم ڪجهہ ساوا وڻ وڌيڪ سڪايا. جڏھن تہ شازيہ خالد سان زيادتي جو ڪيس رپورٽ ٿيو. شازيہ انصاف لاءِ واجهائيندي ملڪ کان ٻاهر رواني ٿي وئي . ڀلا گهڻو پري پري نہ وڃجي صرف ۽ صرف 2010ع جي ڪجهہ مھينن جي ڳالھہ ڪجي تہ بہ ريپ ڪيس ڳڻي ڳڻي آڱريون ٿڪجي پونديون ڪنڌ شايد بي پناھہ . . . کان کڻي بہ نہ سگهون.
اها معصوم ٻارڙي ڪنھن کان بہ نہ وسري هوندي، جنھن جي عمر اڍائي سال هئي ۽ هو جنسي تشدد جو نشانو بڻجي. ڪئين ڪنڌ کڻي ان ماءُ ڏانھن نھاريون جنھن جي ھنج مان کڻي نياڻيءَ کي ريپ ڪيو ويو!
ڪيئن ان ماءُ سان نظرون ملايون، جنھن جي ستن سالن جي ڌيءَ کي ريپ ڪري گهر جي دروازي جي اڳيان اڇلايو ويو!
ڪھڙو منھن ڏيکارجي زليخان لغاريءَ جي ماءُ کي جيڪا انصاف لاءِ شھر دربدر ٿيندي رهي ٿي، ان 13 سالن جي ڇوڪريءَ جو گينگ ريپ کانپوءِ جسم لاش سمجهي جهنگ ۾ اڇلايو ويو هو؟ ان تي مجرمن جهمريون پائي جشن بہ ملھايو هو. اسين تہ ذڪيہ وساڻ جي ماءُ سان بہ نظرون ملائڻ جي همٿ نٿا رکون، جيڪا ڌيءَ ٽڪرا ٽڪرا ٿيل لاش وصول ڪرڻ کان پوءِ انصاف لاءِ ڦٿڪندي رهي ٿي.
زينب ڀيو جي مائٽن اڳيان ڪيئن ڪنڌ کڻي هلجي، جيڪي مجرم ثبوتن جي موجودگي جي باوجود اڃا سزا کان بچيل آھن!
اهڙن ڪيسن ۾ انصاف جي عدم فراهمي ۽ دير جو اهم سبب اهو ٿو نظر اچي تہ فيصله سازيءَ جو اختيار مردن وٽ آهي. انصاف جا باغ ائين اجڙيل ئي رھندا، اها دائمي خزان قائم رھندي، اهي ساوا وڻ سڪندا ئي رھندا، پن ڇڻندا رھندا، جيستائين اسين سماجي شعور جي ان ڏاڪي تي قدم رکون، جتان اتفاق جي تقاضا کي سمجهون ۽ سزا ۾ دير کي ناانصافي سمجهون. دير جرمن کي هٿي ڏيندڙ هجي ٿي. اها ڏاڍ کي همٿائڻ جو باعث هجي ٿي. دير سان ملندڙ انصاف ڪڏھن ڪڏھن انصاف نہ لڳندو آهي. راڻيءَ کي ريپ ڪرڻ کان پوءِ زهريلي دوا پياري ماريو ويو.
سوال اهو آهي تہ ڇا انھن وحشي درندن کي عدالت جي ڪٽھڙي ۾ آڻي سالن جا سال انصاف لاءِ واجهائيندو رهجي يا فورس جي قانون تحت ڏاڍ جو جواب ڀرپور ڏاڍ جي طريقي سان ڏجي. ڏاڍ جو قانوني جواب جنھن کي سماجي شعور پاران مڃتا ملي، اهو اِهو ٿي سگهي ٿو تہ انتطامي ادارن ۾ عورتن جي موجودگي هجي ۽ سڀ کان اهم ڳالھہ تہ جرم جي سنگينيءَ کي تسليم ڪيو وڃي تڏھن ئي تڪڙو انصاف ملي سگهندو. محسوس اهو ٿو ڪجي تہ عورت تي ٿيندڙ هر ظلم، هر ناانصافي، هر تشدد صرف ۽ صرف هڪ اشوز آهي، جنھن جي ميڊيا تي رپورٽنگ ڪئي وڃي ٿي، اخبارن جي سرڪيوليشن وڌي ٿي، ڪجهہ ڳالھائيندڙن کي ڳالھائڻ لاءِ موضوع ملي ٿو وڃي ۽ بس. . . . ! اِهو صرف ۽ صرف ٻاراڻو تماشو ٿو لڳي، جنھن ۾ رونشو ڪري پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلائي لھرن ۾ ٺھندڙ دائرن جو تماشو ڏسجي. ڪجهہ منظرن کي لڏندو ڏسجي، ڪجهہ چھرن جا نقش ٺھندي ڊھندي ڏسجن ۽ پوءِ وري اها ئي ڊگهي ماٺار ۽ ساعت پائي ساحر لڌيانوي جون ڪجهہ سٽون آھن:
ماڻھو عورت کي فقط جسم سمجهي ٿا وٺن
روح بہ هوندو آ، ان ۾ اهو ڪٿي ٿا سوچن
روح ڇا هوندا آ، ان سان انھن جو ڪم ئي ڪونھي
هو تہ بس بدن جي تقاضائن جو ڪن ٿا چوڻ
روح مري وڃي تہ هر جسم آ هلندڙ لاش
ان حقيقت کي نہ سمجهن ٿا نہ ٿا سڃاڻن
گهڻين صدين کان هي جاري آ وحشت جو چلن
گهڻين صدين کان آهي قائم هي گناھن جو رواج
ماڻھو عورت جي هرهڪ رڙ کي گيت سمجهن
اهو قبيلن جو زمانو هجي يا شھرن جو رواج
جبر سان نسل وڏي ظلم سان تن ميلاپ ڪري
هي عمل اسان ۾ آهي بي علم پکين ۾ ڪونھي
اسين جيڪي انسانن جي تھذيب کڻي ٿا گهمون
اسان جھڙو وحشي جهنگ جي درندن ۾ ڪونھي. . . !
قانون ۽ انصاف ماڻڻ لاءِ سڀ کان پھرين انسان هجڻ ضروري آهي، انھن وحشي جانورن کي انسانيت جو سبق سيکارڻ ۾ ۽ هڪ دفعو وري تحفظ عزت ۽ انسان هجڻ جي مڃتا لاءِ صدين جو اڙانگو سفر طئہ ڪرڻ لاءِ عورت کي تيار رهڻو پوندو. ڪک ڪک ميڙي هڪ آکيرو ٺاهڻ ۾ اڃا شايد صديون لڳنديون. اڄ جي انسان کي هڪ دفعو وري غارن ۽ جهنگ جي دؤر مان ڪڍي تھذيب اخلاق جا سبق پڙهائڻ قانون حقن ۽ فرضن جي تعليم ڏيڻ جي ضرورت محسوس ٿي ٿئي. سياست اتحادن جيان، عورتن جي حقن جي حاصلات لاءِ بہ ڪنھن نئين بين الاقوامي اتحاد جي ضرورت محسوس ٿي ٿئي، جتي عورت جي اواز کي ٻڌو بہ وڃي، پر ڪن ٽار تہ ٿئي ۽ اڪيلي ۽ حيران هرڻيءَ جيان تحفظ لاءِ واجهائيندڙ عورت ڪنھن محفوظ پناھہ گاھہ ۾ ڪجهہ ڊگها ساھہ کڻي صدين جي سفر جو ٿڪ لاهي سگهن.
03 نومبر 2010ع