ڪالم / مضمون

هيءَ سَئن نہ ڏيندي چين

نياز پنھور لکي ٿو ”هي ڪتاب رڳو 47 ڪالمن يا مضمونن جو نہ پر اسان جي اڄ جي سماج جي لينگهو پاتل چھري جو ڏيک آهي، هي ڪتاب اڄ جي حالتن ۽ زندگيءَ جي حقيقتن تي ٻڌل اهڙو نوحو آهي، جنھن ۾ هر طرف ڳوڙها آهن، سڏڪا آهن. هي ڪتاب اڄ جي سماج جو هڪ اهڙو آئينو آهي جنھن کي پڙهندي اسان پنھنجي چؤطرف موجود ماحول جو چھرو چِٽائيءَ سان ڏسي ۽ پسي سگهون ٿا، اسان جي آڏو اسان جون بي وسيون، سماج جون ناانصافيون، حڪومتن جون بي رحميون الائي ڇا ڇا اڀري ۽ تري اچي ٿو. 

Title Cover of book Hi Se’en Na Dindi Chain

ڪراچيءَ تي دهشت جو راڄ

ڪجهہ رويا جسم ۽ جان ۾ ان حد تائين سرايت ڪري ويندا آھن جو انھن جو خاتمو وجود جي خاتمي سان لاڳاپيل ٿي وڃي ٿو. قديم ڏند ڪٿا جي مطابق جبلن جي وچ ۾ ٻہ مرد عورت رھندا هئا. هڪ ڏينھن مرد شڪار ڪري آيو تہ، شيطان ان جو شڪار کڻي ويو. ٻئي ڏينھن مرد وري شڪار جي تلاش ۾ ويو تہ عورت، واپسيءَ تي شڪايت ڪئي تہ شيطان ڪجهہ ضرورت جون شيون کڻي ويو. شيطان جون شرارتون روز بروز وڌڻ لڳيون تہ تنگ ٿي، ان مردن هڪ ڏينھن مقابلي جو فيصلو ڪيو. شيطان پنھنجين پورين شرارتن سان ھن کان پاڻ بچائيندو رهيو. شيطان کي نہ باھہ ساڙيو، نہ هو پٿرن جي ڌڪن سان مئو، نہ وري ڪاٺين جي ڌڪن سان ختم ٿيو. سڀ تدبيرون ناڪام ٿينديون ڏسي، ان مرد ديوتائن کان مدد گهري، انھن ديوتائن پنھنجي طاقت استعمال ڪري شيطان کي هڪ بيضي جي شڪل ۾ آندو، مرد اهو بيضو آڻي عورت جي اڳيان رکيو، عورت ان کي بچايو ۽ ٻنھي گڏجي ان کي کائي ڇڏيو. جڏھن بيضو کائي ختم ڪيائون تہ انھن جي اندر مان شيطان جو آواز آيو: ”مون کي جتي پھچڻو هو، آئون اتي پھچي چڪو آهيان“ ان قديم ڏند ڪٿا مطابق ان دؤر کان نيڪي، بديءَ جون ٻئي قوتون هڪ جيتري سگهہ سمان انسان جي اندر داخل ٿي ويون ۽ انھن جو جهيڙو شروع ٿي ويو، اهو ئي انساني روين ۽ جذبن جو ٽڪراءُ آهي، جيڪو سماج ۾ افراتفري ڦھلائڻ جو ڪارڻ بڻجڻ سان گڏوگڏ انسان کي انسان جي مقابلي ۾ بيھارڻ جي هٿي ڏيندڙ هجي ٿو.
قديم دور جا جهڳڙا تہ ”جيڪو ڏاڍو سو گابو“ جي تحت حل ٿيندا هئا ۽ خوف ۽ دهشت ڦھلائيندڙ قوتون ٻين تي حاوي ٿيڻ ۾ ڪاميابي ماڻي وٺنديون هيون، پر هي موجودہ دؤر بہ ڪنھن Pre historic دؤر کان گهٽ نظر نٿو اچي، هر ويل عام ماڻھو خوف جو شڪار ٿيندو نظر ٿو اچي. ائين محسوس ٿئي ٿو تہ اسين قديم دور جا انسان آهيون، جيڪي اڃا تائين پنھنجي تحفظ ۽ بچاءَ جا گس ڳولھڻ ۾ ناڪام آهيون. ڪراچيءَ جي فضائن ۾ خوف ۽ دهشت آهي. ساحلي شھر جي سمنڊ جي خوشبو ۾ رچيل هوائن ۾ رت جي بوءِ شامل آهي. . . ! دهشت ساحلي شھر جي ٿڌين هوائن ۾ بارود جي گرمي ڀري ڇڏي آهي.
روشنين جي شھر کي موت جا ڪارا ڪڪر وڪوڙي ويا آھن، رستن تي اونداهين جو راڄ ٿو نظر اچي، موت جا واڳو هر زنده شيءِ کي ڳڙڪائيندا ٿا وڃن، گولين جي برسات وسندي ٿي رهي، جيڪا هر معصوم زندگيءَ کي موت جي گهاٽ لاهيندي ٿي وڃي. بنا ڳڻپ جي گولين جي وسڪارن ۾ لاشا کڄندا ٿا رھن. گاڏيون سڙنديون ٿيون رھن. دهشت جا سوداگر زندگيون خريد ڪري، موت منافعي جي طور تي ورهائين ٿا. هزارين ميل پري کان ڪا ڏور هلائي ٿي وڃي ۽ پنھنجو تماشو هتي ٿو پيش ٿئي. ٽريگر دٻائڻ وارا هڪڙا، بندوق ٻين جي ڪلھن تي ۽ مارجندڙ اهي ئي ساڳيا. مسڪين، اٻوجهہ، غير يقيني ۽ معتبر محفوظ فضائن زندگيءَ جا پل ڳڻندڙ انسان، اهي انسان جيڪي گهران نڪرڻ مھل، جنگ تي ويندڙ انسان جيان ڪفن ٻڌي ٿا نڪرن، ڳڀي جي ڳولا هينئر جنگ جي مثل آهي.
انساني حقن ڪميشن جي مطابق 2007ع جي پھرين ڇھن مھينن ۾ سياسي ڪارڪن ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻيا. ان کان علاوہ 2006ع 17 جنوري تي 8 ماڻھو، 19 مئي تي فائرنگ ۾ 17 ماڻھو مارجي ويا، ڪاروبار ٺپ ٿي ويو. 20 مئي 23 ماڻھو مارجي ويا، 12 جون تي 16 ماڻھو مارجي ويا. جنوري 2006ع کان جولاءِ تائين 1036 ماڻھو مارجي ويا. 2008ع تائين 1445 ماڻھو مارجي ويا. انساني حقن جي ڪميشن جي انگن اکرن مطابق 6 مھينن اندر مذهبي، سياسي جماعتن جا 260 ڪارڪن فوت ٿيا آھن.
سعيد احمد نعيمي، سھيل انجم، صوبائي ڪارڪن اسيمبلي رضا حيدر، ڊاڪٽر عمران فاروق جي مارجڻ کانپوءِ ڪيترا بي نام نشان لاشا کنيا ويا، جن جي نالن جي بہ خبر نہ پئي. انگ اکر ئي سڃاڻپ جا حوالا بڻجي ٿا وڃن تہ اڄ 5 ماڻھو مارجي ويا، اڄ 10 مارجي ويا، پر انھن جو پتو، نالو نشان قاتل وانگر لڪل رهجي وڃي ٿو. نامعلوم قاتل، نامعلوم مقتول، نہ قاتل مقتول کي ٿا سڃاڻن، نہ مقتول قاتل کي بي نقاب ڪرڻ جي سگهہ ٿا رکن. پتنگن وانگر مختصر زندگي، مختصر هلڪو وجود رکندڙ انسان جيئڻ جي تلاش ۾ نڪرن ٿا ۽ موت جي چنبي ۾ ڦاسجي زندگي تان هٿ کڻي ٿا وڃن.
اسين ان سماج ۾ جيئون ٿا، جنھن ۾ هڪ زندگي سان 10 زندگيون وابستہ هجن ٿيون. هڪ فرد ڏھن فردن جو معاشي ضرورتون پوريون ڪري ٿو. ڏھن فردن جو محافظ هجي ٿو. ڏھن فردن جو جذباتي سھارو هجي ٿو، جنھن ويل گوليون جا وسڪارا ڪنھن بہ هڪ سيني کي پروڻ ڪري رت جا ريلا وهائين ٿا تہ 20 اکيون بہ رت روئينديون هونديون.
هڪ نامعلوم لاش نہ ٿو کڄي، پر 10 معلوم زندگي زنده لاشن ۾ تبديل ٿي ٿيون وڃن، ڏھن سرن تان سائبان کڄي ٿو وڃي، ڏھہ پيٽ بکايل رهجي ٿا وڃن، ڏھہ انسان جذباتي اڪيلائيءَ جو شڪار ٿي ٿا وڃن.
عمل هڪ ھنڌ ٿو ٿئي تہ ردعمل ٻئي جاءِ تي جاري ٿي ٿو وڃي. جنھن ويل ڊاڪٽر عمران فاروق جي لنڊن ۾ قتل جي خبر پاڪستان ۾ پھتي تہ خوف ۽ دهشت وچان شھرن ۾ سناٽو ڇانئجي ويو، اڻ ڏٺا خوف جا ڪڪر شھر کي وڪوڙي ويا. ڪراچيءَ ۾ ڪاروبار بند ٿي ويو، صبح صبح جو ڪجهہ خوف جا بادل حيدرآباد شھر کي وڪوڙڻ جي تيارين ۾ لڳي ويا، پر ڪراچي شھر ڪافي حد تائين ويران بڻجي ويو. انتظاميہ ۽ حڪومت يقينن ان ڳالھہ کان بي خبر آهي تہ اسان جو ڪيترو عوام روز ڪمائي ٿو ۽ روز کائي ٿو. هزارين ميل پري آسائشن جي ھندورن ۾ لڏندڙ، هتي جا نيم ۽ مسئلا وساري چڪا هوندا، پر جيڪي اسان جي سماج ۾ اسان سان گڏ بارودي فضا ۾ جيئن ٿا، انھن کي خبر هجڻ کپي تہ جيڪڏھن هڪ مزدور مزدوري نہ ڪندو تہ، ان ڏينھن ان جي گهر جي چلھہ نہ ٻرندي. سبزي فروشن، ڀاڄين وڪڻڻ لاءِ ريڙهو نہ ڪڍندو تہ سندس گهر جو ڏيو بہ نہ ٻرندو. ڪو رڪشا هلائڻ وارو، رڪشا نہ هلائيندو تہ سندس زندگيءَ جو ڏيئو بہ وساڻيل هوندو. صرف هڪ ڏينھن جي ڪاروھنوار جي بندش زندگيءَ کي متاثر ڪري ٿي، پر هڪ ئي ڌڪ ۾ 10 ڏينھن سوڳ جو اعلان، دل ڏاريندڙ ٿو لڳي. هر قسم جي خوف، دهشت، موت جو اثر اسان جي پيڙهيل طبقي تي ئي ٿئي ٿو.
اسان جو سبزي فروش، اسان جو درزي، اسان جو ڌوٻي اسان جو مزدور، اسان جو ڊرائيور، هر قسم جو ڌنڌو واپار ڪندڙ ماڻھو هڙتال ۽ سوڳ ۾ لڙهي ٿو.
هر گهر ۾ هڪ پوڙهي ماءُ، هڪ انتظار ڪندڙ زال، ڪجهہ ٻار، ڀائر ڀينرون هجن ٿا. انھن زندگين جي پيڙهجڻ کي ڏسي هر اک سوڳ ۾ روئڻ وساري ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ضرور ٿيندي. چڙ، ڪاوڙ ۽ سوڳ انھن تي اثر انداز ڇو نٿا ٿين، جيڪي سڌا سنوان انھن مسئلن ۾ ڀاڱي ڀائيوار هجن ٿا. بک ۽ بيحاليءَ جي موت جي ور بہ عوام ٿو چڙهي تہ جسماني موت بہ ان جو ئي نصيب ٿو بڻجي. ڊاڪٽر عمران جي موت جي ردعمل ۾ مارجي ويندڙ گهڻي حد تائين ڊاڪٽر عمران کي سڃاڻندا ئي ڪونہ هوندا. سوڳ، هڙتالون ۽ ڪاروبار بند ڪرڻ، زنده شھرن کي مردہ ڪرڻ جا اعلان ڪرڻ وارن کان ڪير پڇي تہ ويجهن ساٿين جي موت تي هڪ ويلي ماني کائڻ ڇڏي سگهن ٿا؟ هڪ ڏينھن فٽ پاٿ تي رهي، انھن گرميءَ ۾ سڙندڙ سردين ۾ مرندڙ انسانن جو درد محسوس ڪرڻ جي همٿ رکن ٿا؟ هڪ ڏينھن پرآسائش بسترا ڇڏي، زمين جي بستري تي سمھي سگهن ٿا؟ هڪ ڏينھن ايئر ڪنڊيشنڊ گاڏين مان لھي روڊ تي پنڌ ڪري سگهن ٿا؟ وڏن ماڻھن ۽ سياسي ليڊرن ۽ انقلاب جي شھيدن جو ڏک سياسي ماڻھو ڇو نٿا برداشت ڪن؟ بک ۽ موت کي منھن ڏيڻ صرف ۽ صرف عوام جو ئي مقدر بڻائيندڙ قوتون ان درد مان گذرڻ جي ست ڇو نہ ٿيون ساري سگهن؟
اسان جو عوام تہ موت جو عادي ٿي ويو آهي، هو ڏک ۾ بہ مري ٿو ۽ خوشين ۾ بہ خوشي خوشي موت کي گلي لڳائڻ لاءِ تيار ٿي ٿو وڃي. خوشين ۾ نڪتل ريلين ۽ جلوسن ۾ بہ عوام مرندو آهي، خوشين جي فائرنگ ۾ بہ عوام مرندو آهي ۽ دهشت جي فائرنگ ۾ بہ مرڻ وارو اهو ئي غريب عوام هجي ٿو. سچ پچ تہ بديءَ جي سگهہ وارن روين انسان کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، اندر ۾ موجود شيطان، انسان کي انسان رهڻ نہ ڏنو آهي. انسان ازل کان جيئڻ ڪاڻ پاڻ پتوڙيندڙ رهيو آهي. هر ترقي جو بنياد انسان جو بچاءُ رهيو آهي، انسان جو غارن ۾ لڪڻ بہ ان جي علامت هو ۽ غارن ۾ باھہ ٻارڻ بہ ان سلسلي جي ڪڙي هئي، وحشي درندن کي شڪار ڪري ختم ڪرڻ، پاڻ کان طاقتور جانورن کان بچاءَ لاءِ اجها ٺاهڻ، سماج ۽ معاشري جي تشڪيل، قائدن قانون مذهب، هر ڪنھن رويي جو مقصد انسان جو بچاءُ رهيو آهي. انسان ھن ڌرتيءَ جي گولي جو ذهين ترين جاندار مڃيو وڃي ٿو. جنھن ڌرتيءَ کان ٻاهر بہ زندگيءَ جي تلاش تي رستي تي قدم کنيو آهي. تارن جي ڪهڪشائن کي پنھنجي پيرن جي دز سان ميرو ڪندڙ انسان، چنڊ تي جيون گهارن جا سپنا اڻندڙ انسان، مريخ تي زندگي ڳولھيندڙ انسان، پنھنجي نظام شمسي مان نڪرڻ جا سانڀاها ڪندڙ انسان، ڪائنات جي وسعتن جا راز ڳوليندڙ انسان، اڄ 21 صدي ۾ ڌرتيءَ جي گولي تي پنھنجي بچاءَ جي جنگ، ميدان جنگ ۾ موجود آخري بھادر سپاهيءَ واري ويڙھہ وانگر وڙهي رهيو آهي. منفي روين جا واڳو هر پاسي کان ھن کي وڪوڙيندا ٿا وڃن، هو پنھنجي اندر جي سگهاري شيطان کان هارائي رهيو آهي. مثبت رويا ڪٿي پري، ڪنھن وجود جي گهرائيءَ ۾ ٻڏندا ٿا وڃن ۽ شيطاني ٽھڪڙا، انھن مدد لاءِ واجهائيندڙ آوازن کي ٻاهر نڪرڻ نٿا ڏين جيڪڏھن، مذهب، سياست، قانون، قاعدا، هر قسم جا طرز حڪومت، انسان جي بنيادي ضرورتن کي پوري ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ٿا وڃن. ذاتي تحفظ جي احساس کي دل ۾ سانڍي ترقيءَ جون منزلون طئہ ڪري، ترقي يافتہ هجڻ جو اعزاز ماڻڻ کان پوءِ جيڪڏھن انسان موت جي دهشت کان پاڻ بچائڻ ۾ ناڪام ٿي، شھرن جي جهنگ ۾ اڪيلو هجي تہ پوءِ بچاءَ جي آخري آرامگاھہ ڳولھڻ لاءِ ڪھڙو گس اختيار ڪجي؟ جيڪڏھن تباھہ ڪن روين کي تباھہ ڪجي تہ پوءِ ڇا اسان جي زندگيءَ جي بچڻ جي ڪا ضمانت هوندي؟

27 سيپٽمبر 2010ع