ڪالم / مضمون

هيءَ سَئن نہ ڏيندي چين

نياز پنھور لکي ٿو ”هي ڪتاب رڳو 47 ڪالمن يا مضمونن جو نہ پر اسان جي اڄ جي سماج جي لينگهو پاتل چھري جو ڏيک آهي، هي ڪتاب اڄ جي حالتن ۽ زندگيءَ جي حقيقتن تي ٻڌل اهڙو نوحو آهي، جنھن ۾ هر طرف ڳوڙها آهن، سڏڪا آهن. هي ڪتاب اڄ جي سماج جو هڪ اهڙو آئينو آهي جنھن کي پڙهندي اسان پنھنجي چؤطرف موجود ماحول جو چھرو چِٽائيءَ سان ڏسي ۽ پسي سگهون ٿا، اسان جي آڏو اسان جون بي وسيون، سماج جون ناانصافيون، حڪومتن جون بي رحميون الائي ڇا ڇا اڀري ۽ تري اچي ٿو. 

Title Cover of book Hi Se’en Na Dindi Chain

ٻوڏ ۽ سنڌي ماڻھن جا رويا

اميد ڀلي ٽٽي پر خوش فھميءَ جي چادر ۾ لڪي مستقبل جي سفاڪ سچ کان لِڪڻ ڇپڻ اجايو ٿو لڳي. چوندا آھن تہ ”سج ٻہ پاڇا“ هوندو آهي. اهو ساوڻ جو وسڪارو جيڪو ٻن مھينن کان سنڌ تي وسي پيو ٿو، ان هڪ طرف تہ ٿر جي ويران پٽن ۽ وارياسي ڌرتيءَ کي سبز پوشاڪ پارائي ڇڏي آهي. جتي واري اڏامندي هئي، اُتي اڄ ميلا لڳا پيا آھن، جتان مارو ماڻھو قافلا ڪري لڏيندا هئا، اتي اڄ سڄي ملڪ مان ماڻھو خوش ٿي انھن ماڻھن ۽ ڌرتيءَ جي رونق ڏانھن اچي رهيا آھن، اميد جو چمن ان نوجوان جي اکين ۾ ڀلي ڀت پسي سگهجي ٿي، جيڪو ڪارونجهر جي اوٽ ۾ ويھي، ايندڙ مھمانن کي چانھہ وسيلي تفريح ٿو مھيا ڪري. سندس ٻارن ٻچن جو گذران ان چانھہ جي ڪمائيءَ تي آهي. پراميد اهي مقامي گلوڪار ۽ موسيقار بہ آھن، جيڪي ڪارونجهر مان وھندڙ نئين جي ڪنڌيءَ تي ويھي سرن جي ورکا ڪري، نئين ۾ وھندڙ ٿڌي پاڻيءَ ۾ موج مستي ڪندڙ سياحن کي وندرائِن ٿا. خوشي ۽ اميد جو تاثر انھن ٻارڙن جي مک تي نظر اچي ٿو، جيڪي مٺي کان ننگر ويندڙ رستن تي ٻڪرين کي پاڻي پيارڻ، گاھہ کارائڻ سان گڏوگڏ واٽ ويندڙن اڳيان هٿ ڊگهيڙي خرچي ٿا گهرن. ٿر واسي هر ڪوئي، مرد عورت ٻار روزانہ ڪمائيندڙ ”ريسٽ هائوس هلائيندڙ“ ريڙھن تي شيون کپائيندڙ، دوڪاندار، سبزي فروش مقامي ثقافتي شيون وڪڻندڙ، پراميد آھن، هو ٿر جي ان دائمي سُڪار ۽ خوشحاليءَ جا اميدوار آھن، جيڪا هڪ اڻ ٿيڻي حالت آهي، پر ٿر واسي آئينده ايندڙ سُڪار جي خوابن ۾ خوش آهي. پر اسين جيڪي وچ سنڌ جا رهاڪو آهيون، ايندڙ ٻوڏ جي تباهي ۽ برباديءَ کي ڏسي ڪھڙي خوش فھميءَ ۾ مبتلا ٿي، ڪبوتر وانگر اکيون ٻوٽي ايندڙ تباهيءَ کي نظرانداز ڪري رهيا آهيون؟ ان ساوڻ جي انڌي وانگر جنھن کي هر طرف پاڻي نظر ايندو آهي. سنڌي قوم جي ذھنن تي بي خبريءَ جا ڪڪر ايترا تہ ڇانيل آھن جو هو باخبر هوندي بہ بي خبر ٿي سڀ ڪجهہ قسمت جي حوالي ڪري ٿي ڇڏي. اسين مھمان نواز آهيون ۽ گهر ساڙي ڏيئو ڪرڻ ڪير اسان کان سکي، پر جنھن مھل تباهيءَ جي ڪاتيءَ هيٺان اسان جو ڪنڌ ايندو آهي تہ اسين ان کي هٽائڻ لاءِ خود ڪوشش نہ ڪندا آهيون، پر پراميد ٿي انھن ڏانھن نھاريندا آهيون، جن جي گهرن ۾ اسان پنھنجا ڪکاوان گهر ساڙي سمائي ڪئي هوندي آهي، پر اسين سنڌي سدائين انساني روين جي بي رحميءَ کان بي خبر رهڻ پسند ڪندا آهيون. اڄ جڏھن 10 لک کان مٿي ماڻھو بي گهر ٿي چڪا آھن ۽ سڀاڻي جو سج ڪيتري قدر بربادي آڻيندو، ان کان اسين واقف آهيون، اسين تاريخي برباديءَ جي دور مان گذري رهيا آهيون ۽ تباهيءَ جي تاريخ لکي رهيا آهيون، جيئن اسين شايد فوت ٿيلن جا انگ اکر لکنداسين، بي گهر گمشده جا نالا ڳڻنداسين. پر ائين بہ نہ ٿي سگهي ٿو تہ، جيئن ٻاهران ڪاهون ڪندڙ ڌارين اڳيان سينہ سپر ٿيندڙ قوم پنھنجي بچاءَ جي جنگ وڙهڻ لاءِ بہ اهائي همت ۽ جذبو ڏيکاري، جيڪو ميدان جنگ ۾ ڏيکاريندي آهي. هي جنگ اسان جي ملڪي سرحدن جي حفاظت جي ڀل تہ نہ هجي، پر هيءَ جنگ پنھنجي سڃاڻپ جي حفاظت جي آهي. ڪجهہ خوابن جي حفاظت جي آهي، عزت جي حفاظت جي آهي، انسانيت سان محبت جي احساس جي حفاظت جي آهي. دنيا ۾ سرفراز اهي قومون آھن، جن پنھنجي بچاءَ جي جنگ خود وڙهي آهي. ٻيءَ جنگ عظيم جي تباھہ ڪارين کان پوءِ هيرو شيما ۽ ناگاساڪيءَ جي بربادي ڪنھن کان بہ لڪل ڪونھي، پر جاپاني قوم جي Reconstruction ۽ Technology ۾ سڄي دنيا تي ڇائنجي وڃڻ کان سڄي دنيا وقف آهي، چيني ۽ جاپاني قوم پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪندي آهي. اڄ دنيا جي گولي تي پنھنجو الڳ قومي تشخص زنده رکندڙ قومون دنيا کي پنھنجي قومن ۾ جهڪائِن پيون. انسان ارتقا جون منزلون پنھنجي مدد پاڻ تحت ئي طئہ ڪيون هيون. ھن وقت سنڌ ۾ ايندڙ ٻوڏ جي ذميواري ڪنھن تي مڙهڻ کان بھتر اهو ٿيندو تہ پنھنجي بچاءَ لاءِ ذاتي ڪوشش تہ وٺي. پنھنجي قوم جي گهٽ ۾ گهٽ جاني نقصان کي يقيني بنايو وڃي. حڪومت جون ذميواريون پنھنجي جاءِ تي، وزيرن جا فضائي دورا پنھنجي جاءِ تي، انتظامي ادارن جي لاپرواهي پنھنجي جاءِ تي، آبپاشي کاتي جي لاپرواهي ۽ ڊيمن ۽ بندن جي مرمت نہ ڪرڻ پنھنجي جاءِ تي. اسان کي ھن وقت صرف ۽ صرف اسان جو Will Power بچائي سگهي ٿو. اسان کي جان ۽ ملڪيتن جي نقصان سان گڏوگڏ هر خطرناڪ صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو. ٻوڏ جون تباھہ ڪاريون موت تہ ساڻ آڻينديون آھن، پر موت کان ڪربناڪ صورتحال پنھنجن جي جيئري جدائي، وبائي بيمارين جو پکڙجڻ، افواھہ، عدم تحفظ ۽ وڌندڙ اسٽريٽ ڪرائيم آهي.
ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ، رليف ڏيڻ اڄ هر فرد جي ذاتي ذميواري آهي. ڀل تہ اسين حڪومتي مشينريءَ جو حصو نہ هجون پر سول سوسائٽيءَ جو رول پنھنجي جاءِ تي اهم آهي. ڇو تہ عوامي مسئلا حڪومت تائين پھچائڻ ۾ سول سوسائٽي جو هٿ هوندو آهي ۽ انھن کي حل ڪرڻ ۾ بہ سول سوسائٽي حڪومت جي ٻانھن ٻيلي هوندي آهي. خيبر پختونخواھہ جي تباهي، پنجاب ۾ آيل سيلاب جي بربادي ۽ محڪمه موسميات جي واويلا تہ اسان کي غفلت جي ننڊ مان جاڳائڻ کان ناڪام رهي پر هاڻ جڏھن اسان جا پنھنجا حواس اسان کي برباديءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسڻ جي نويد ڏيئي رهيا آھن تہ پوءِ تہ ازلي خوش اميدي کي هڪ طرف رکي جاڳڻو پوندو. اسين غلطي اها ڪندا آهيون جو هڪٻئي کي پنھنجن رشتن کي پاڻ سان سلھاڙي ڇڏيندا آهيون، جڏھن تہ پنھنجي مدد پاڻ جو تصور پکين ۽ جانورن ۾ انسانن کان وڌيڪ سگهارو آهي، ڇو تہ پکي سڀ کان پھرين پنھنجي ٻچي کي پرواز ڪرڻ سيکاري ٿو. جانور غذا ڏيڻ کان پھرين پنھنجي ٻچڙي کي پيرن تي بيھڻ سيکاري ٿو. پاڻيءَ ۾ رھندي جانور، پنھنجي ٻارن کي ترڻ سيکاريندا آھن، پر انسان ائين نہ آهي، هو محبت جي نالي تي هڪ ٻئي جي آزادي ۽ شخصي اعتماد کسي ٿو وٺي. جڏھن بہ قدرتي آفتن کي منھن ڏيڻ جو وقت ايندو آهي، پوءِ ڀل تہ اهو زلزلو هجي، ٻوڏ هجي، سونامي هجي، برسات هجي، طوفان هجي، اهي هر انسان جي انفرادي آزمائشن جا مرحلا هوندا آھن، جن لاءِ ذھني طرح سان تيار رهڻ جي ضرورت آهي، اهي آفتون انسان جي تربيت گاھہ بہ آھن تہ امتحان گاھہ بہ آھن، جن ۾ تربيت ۽ امتحان گڏ گڏ هلندو آهي. ھن وقت اخباري رپورٽن مطابق سنڌ جا ضلعا آفت سٽيل قرار ڏنا ويا آھن. ڪچي جا علائقا پاڻي هيٺ اچي چڪا آھن، جتي هزارين ماڻھو ڦاٿل آھن. قدرتي آفتن اڳيان انسان بيشڪ بيوس آهي، پر حفاظتي قدم تہ کڻي سگهجن ٿا. بدقمستيءَ سان عوام ۽ حڪومت جي وچ ۾ اعتماد ختم ٿي چڪو آهي. ٻوڏ جي خطري جي پيش نظر جڏھن آرمي ماڻھن کي ڳوٺ خالي ڪرڻ لاءِ چيو تہ ڪافي ماڻھن انڪار ڪري ڇڏيو، ڇو تہ ھنن کي گهر ڇڏڻ لاءِ چيو ويو هو، پر اهو ڪونہ ٻڌايو ويو تہ ڪيڏانھن وڃڻو آهي. ڳالھہ اها آهي تہ جيڪي ٻوڏ جي تباھہ ڪاريءَ جو شڪار ٿي چڪا آھن، انھن جي واهر، غذا ۽ رهائش جو بندوبست اسان کي ڪرڻ سان گڏوگڏ اهو بہ سوچڻو آهي تہ جيڪو خطرو اسان جي در تي پھچي چڪو آهي، ان کي منھن ڏيڻ لاءِ همت، حوصلي کي يڪجاءِ ڪري ڪم ڪرڻو آهي. جيڪي علائقا ممڪن ٻوڏ جو شڪار ٿي سگهن ٿا، انھن جي رهاڪن کي محفوظ جاين تائين پھچايو وڃي. اسان جي قوم پنھنجي جان کان وڌيڪ پنھنجن گهرن سان پيار ٿي ڪري، ھنن کي اهو يقين ڪير ڏياريندو تہ واپس اچڻ تي انھن جا گهر ۽ سامان محفوظ هوندا ۽ ٻئي ڳالھہ جيڏانھن انھن کي موڪليو پيو وڃي اها جاءِ سندن حفاظت ڪندي. يقينن تہ انھن ٻنھي ڳالھين جو تسلي بخش جواب ڪير بہ نٿو ڏيئي سگهي. پر ھن وقت سڀ کان وڌيڪ اهم سوال پنھنجي انفرادي قوت جي بچاءُ جو آهي. حالتون سنڌوءَ جي وارثن لاءِ چئلينج بڻيل آھن. پنھنجا لڙڪ لڪائي ٻين لاءِ مرڪ بڻجڻ جو وقت آهي، پنھنجن زخمن تي پھا رکڻا آھن تہ سنڌو جي وارثن لاءِ طبيب بہ بڻجڻو آهي، جي پنھنجا گهر ڇڏڻا بہ پيا تہ ٻين ديس واسين کي اجهو ڳولي ڏيڻ ۽ مددگار ٿيڻو پوندو. هي وقت نہ منھن ۾ لڪڻ جو آهي، نہ حڪومت ۽ انتظاميہ جي نااهلي جي ڪري پاڻ کي مظلوم ۽ مجبور ثابت ڪرڻ جو آهي، هي آزمائش جون گهڙيون اهو ثابت ڪرڻ جون آھن تہ، ’همرچو‘ جي آواز تي گڏ ٿي پوک ڪندڙ قوم، ’هو جمالو‘ جي ڌن تي مست ناچ ڪندڙ قوم يڪجهت ٿي، ديس واسين جي درد جو درمان بڻجڻ جو ھنر ڄاڻي ٿي، ھن کي خبر آهي تہ ھنن تاريخي مشڪل گهڙين ۾ پنھنجي قومي شناخت برقرار رکڻ لاءِ Reconstruction لاءِ تيار ٿيڻو پوندو. ڪجهہ اخلاقي ذميواريون بہ پوريون ڪرڻيون هونديون آھن. اڄڪلھہ تہ ٻوڏ ستايل ماڻھن کان بہ ڦرن جون وارداتون ٿي رهيون آھن، ماڻھو ڪئمپن ۾ عدم تحفظ جي احساس کان رهڻ پسند نہ ڪندا آھن. جڏھن حالت جنگ هوندي آهي تہ ڪابہ صورتحال واضح نہ هوندي آهي ۽ نہ ئي ڪنھن تي ڪو قائدو قانون لاڳو ڪري سگهبو آهي. سو هيءَ بہ هڪڙي تباهيءَ خلاف جنگ آهي، جيڪا يقين حوصلي، صبر، برداشت جون سرحدون اڪري ٽٽي پوندي. ڀروسو آهي تہ اسان جي قوم پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪري، ان مشڪل دور مان سرخرو ٿي نڪرندي. پنھنجي ذاتي صلاحيت، سوچ سمجهہ، پھچ مطابق جيترو ڪري سگهون، پنھنجي ديس واسين لاءِ ڪريون. حڪومت تہ ڀل تہ ڪابہ منصوبابندي نہ ڪري، سيلاب متاثرين کي سامان نہ پھچائي، عالمي مدد جي منتظر رهي. اسين وس آهر ضرورت جون شيون دوائون ماڻھن تائين پھچائڻ جو عزم ڪريون. عالمي مدد جي اميد ڪرڻ ان ڪري بہ فضول آهي تہ اهي شيون گهڻو ڪري وچ ۾ ئي هائيجيڪ ٿي وينديون آھن. 2005ع ۾ آيل زلزلو ان جو مثال آهي، ان وقت دنيا دل کولي پاڪستان جي مدد ڪئي هئي، پر ڪجهہ وقت کان پوءِ اهو امدادي سامان پنڊيءَ جي بازارن ۾ وڪامجندي نظر آيو هو. لطيف چواڻي تہ ”اٿي رائو ريل ويٺلن تان واري وري. “ سو واري وارڻ کان اڳ بچاءَ جي تدبير لاءِ اچو تہ متحد ٿيون.

14 آگسٽ 2010ع