ستل قوم جي سجاڳ ليڊر
اِهي لفظ اسان جي اڳواڻ بينظير جا آھن. هوءَ ستل قوم جي سڄاڻ ليڊر، سالن کان دانھيندي رهي، ٻڌائيندي رهي. اسين سمجهي نہ سگهياسين پر دشمن سمجهي ويا. دشمن جي گوليءَ تي پھرين اسين سجاڳ نہ ٿي سگهياسين! هر جنم ڏينھن تي، هر ورسيءَ تي رت جي ڀيٽا ڏيئي جانثارن ۽ جيالن جي دفتر ۾ تہ نالو لکرائيندا آهيون پر ھن جي سوچ، فڪر ۽ تحريرن کي نظرانداز ڪرڻ وارن جي لسٽ ۾ بہ سرفھرست اچي ويندا آهيون. اسان جي بينظير شايد دنيا جي واحد اڳواڻ هوندي جنھن جي شخصيت تي گهڻي کان گهڻو لکيو ويو آهي ۽ مسلسل اهو عمل جاري آهي. ھن جي زندگيءَ جو هر پھلوءَ مثال آهي، جدوجھد ڪندڙ اڳواڻ، آئيڊيل ماءُ، آئيڊيل زال، آئيڊيل ڌيءُ ۽ ڀيڻ، قوم کي پنھنجي اڳواڻ هر روپ ۾ مڪمل نظر ٿي اچي.
عوام سان بي انتھا محبت، ھن کي دلين ۾ زنده رکندي اچي، پنھنجي عوام جي محبت کي مان ڏيندي، ھن جڏھن ”پورب ڄائي“ لکيو تہ، زندگيءَ جو هر ڏک سک عوام سان ونڊيائين، پنھنجون تڪليفون، مشڪلاتون، ڏکن سورن جا داستان عوام آڏو بيان ڪيائين. زندگيءَ جي سکن، آرامن ۽ آسائشن کان وٺي جيل جي سختين تائين، تعليمي سفر کان سياسي سفر تائين، سياسي دوستن، سياسي دشمنن جي روين کان بين الاقوامي مسئلن تائين ھن پنھنجي عوام کان ڪجهہ بہ نہ لڪايو، ڪڏھن بہ عوام جي اکين تي سوچ تي، بي فڪريءَ جا پردا نہ چاڙهيا، هُوءَ هر ڳالھہ ظاهر ڪندي رهي آهي، سمجهائيندي رهي آهي. زندگيءَ هجي يا سياسي ميدان، هوءَ لاھن چاڙھن کان عوام کي خبردار ڪندي رهي. هر عمل هر تحرير ۾ عوام لاءِ پيغام لڪل آهي.
پنھنجي هڪ مضمون ۾ هوءَ لکي ٿي:
”آئون ڏکين منزلن جي مسافر آهيان. “
ھن سچ لکيو هو، ھن جي منزل بہ ڏکي هئي تہ سفر بہ اڙانگو هو.
”آئون واپس اينديس، تبديلي آڻينديس. “
واپسيءَ جي خواهش تہ پوري ٿي پر تبديليءَ جو خواب ساڀيان کان دور رهجي ويو، ڇو تہ ھن عوام کي سجاڳ ڪرڻ چاهيو پئي پر عوام ستل رهجي ويو ۽ دشمن سجاڳ ٿي ويا. ھن جيڪي لفظ لکيا ۽ چيا صرف صرف سچ ثابت ٿيندا ويا. ھن جنھن خوفناڪ، تباھہ ڪن صورتحال کان ملڪ کي بچائڻ پئي چاهيو اها اسين ڀوڳي رهيا آهيون.
تاريخ جي ھن اهم موڙ تي بقا جي جنگ وڙھندي، آخري پساھہ کڻندڙ قوم جيان، نہ حاصلات، نہ مڃتا جي سگهہ ۽ نہ ھن جي نقشِ قدم تي هلڻ جي همٿ ساري ٿا سگهون پر صرف ۽ صرف بند ٿيندڙ اکين ۾ ڪجهہ يادون زنده آھن ڪجهہ لفظ يادگيرين ۾ اڀري ٿا اچن!
ھن هڪ جاءِ تي لکيو هو:
”مسلمانن جي غالب اڪثريت آمريت جي پاڇي هيٺ رهي آهي، انھن کي مجبوريءَ جي صورت ۾ مذهبي آمريت يا فوجي آمريت مان ڪنھن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوي ٿي. اهم ڳالھہ اها آهي تہ عوام کي آزاد سماج جي ٽِين چوائس ڏيڻ گهرجي، جنھن جو بنياد انساني حق ۽ قانون جي حڪمراني هجي. “
اسان جي بينظير عوام تي هر قسم جي جبر جي خلاف هئي. ھن جي جدوجھد عوام جي ذھني آزاديءَ لاءِ هئي، هُوءَ جبر، ڏاڍ ۽ استحصالي روين جي انڪاري هئي، اهي رويا جيڪي عوام کي ڪُن ۾ بند ڪري گهمائيندا رھن يا زنجيرن ۾ جڪڙي قيد ۾ رکن، هُوءَ انھن جي مخالف هئي.
ھن عوام کي ٻڌايو هو تہ سياسي جماعتن کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪنھن جو مفاد آهي اهي قوتون جيڪي ملڪي انتظام پنھنجي هٿ ۾ رکڻ چاهِن ٿيون، سياسي جماعتن کي ڪمزور ڪري طاقت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿيون.
اسان جي بينظير، ظاهري دشمنن سان گڏوگڏ لڪل دشمنن کان بہ واقف هئي ۽ عوام کي بہ ٻڌائيندي رهي، هڪ جاءِ تي لکي ٿي تہ:
”القاعدہ ۽ طالبان جا دوست جيڪي اسان جي وچ ۾ موجود هئا ۽ پاڻ کي لڪائڻ لاءِ ڏاڙهيون بہ نہ رکندا هئا، انھن پاڪستان ۾ طالبانائيزيشن کي فروغ ڏني هئي. “
ساڳئي مضمون ۾ انتھاپسندن جي طريقہ ڪار کي واضح ڪندي آخر ۾ لکي ٿي تہ،
”انھن طالبان کان اهي ڪاروايون ڪرايون ٿيون وڃن جن سان شھرين جي جان، مال، انھن جي سلامتي ۽ استحڪام علائقائي ۽ عالمي امن کي خطرا لاحق ٿين ٿا، اهي طالبان آتش فشان آھن جيڪو ڦاٽڻ لاءِ تيار آهي ۽ ان جي ڦاٽڻ سان پاڪستان جي رستن تي افراتفري پکڙجي ويندي. “
اها افراتفري، بي ترتيبي، لاقانونيت، بدامني اڄ اسين ڏسي رهيا آهيون، جن لاءِ گهڻا سال پھرين، اسان جي بينظير لکيو هو.
اسين شايد بدنصيب قوم آهيون جيڪا شخصيت جي سحر ۾ گم ٿي ھن جي لکڻين کان بي خبر رهي ۽ جڏھن هڪ نہ کٽندڙ جنگ جي ور چڙهي چڪا آهيون تہ هاڻ ان جنگ مان نڪرڻ جو ڪو گس نظر نہ پيو اچي، مسلط ٿيل موت آهي جيڪو نہ چاهيندي بہ قبول ڪري چڪا آهيون. هُوءَ ماضيءَ مان سبق سکي مختلف قومن جي غلطين کي نظر ۾ رکندي پنھنجي ملڪ جي مستقبل جو احوال لکندي رهي.
ھن کي عوام جي قوت تي ڀروسو هو، هوءَ تبديليءَ جو مرڪز عوام کي سمجهندي هئي ھن کي خبر هئي تہ انقلاب عوامي شعور سان ايندو آهي فوجي طاقت سان تبديلي ممڪن نہ آهي. ھن مضمون ۾ لکيو هو تہ،
”افسوس قومي مفاد جو تعين اهي ماڻھو ڪري رهيا آھن، جيڪي پاڻ سان گڏ شڪست کڻي پيا هلن. “
ھن قوم جي اڳيان ڪجهہ سوال رکيا هئا:
• 1971ع ۾ مشرقي پاڪستان ۾ قومي مفاد جي نالي تي ڇا ڪيو ويو؟
• 1979ع ۾ چونڊيل وزيراعظم کي ڦاسي ڇو ڏني وئي؟
• 1988ع ۾ سياچين ويو.
• 1999ع ۾ ڪارگل جي فتح کي شڪست ۾ بدلايو ويو.
• مستقبل کان بي پرواھہ ٿي طالبان جي سرپرستي ڪئي وئي .
اهي سڀ ڳالھيون اڳيان رکي اسان جي بينظير اهو سمجهائڻ پئي چاهي تہ عوام قومي مفاد جي حقيقت کي پرکڻ جو شعور پاڻ آڻي پاڻ فيصلو ڪن تہ ملڪ قوم جو مفاد ڪھڙين ڳالھين ۾ آهي. ملڪ جي سياسي مستقبل جا وارث ان کي ڪھڙي طرف وٺي وڃڻ پيا چاهِن؟ ان بند گليءَ ۾ عوام جو پنھنجو جياپو ڪھڙيءَ صورت اختيار ڪندو.
ھن جي تحريرن جي سچائيءَ کان انڪار بہ ممڪن ڪونھي ۽ اهو بہ ممڪن نہ آهي تہ ھن جي تحريرن کي صرف ۽ صرف مخصوص خطي تائين محدود سمجهجي. ھن هڪ مضمون ۾ لکيو هو تہ: ”جنوبي ايشيا ۾ امن قائم ٿئي تہ اقتصادي ترقي جا درواز اکلي سگهن ٿا. “
ھن پاڪستان جي امن کي ڏکڻ ايشيا جي امن امان جي صورتحال سان سلھاڙيل پئي محسوس ڪيو ۽ انھن ملڪن ۾ موجود غربت جي مسئلي جو حل امن امان جي بھتريءَ ۾ تلاش ڪرڻ جون تجويزون پئي ڏنيون.
هڪ جاءِ تي لکي ٿي: ”افسوس اهڙو ملڪ جنھن کي بک ۽ غربت جي خاتمي ۽ ماڻھن جي حالت بھتر بڻائڻ پنھنجي نوجوانن کي ايڪويھين صديءَ جي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي، اهو اقتدار جي ڪشمڪش جي حصول لاءِ پنھنجون توانائيون ضايع ڪري رهيو آهي. هاڻ دنيا جو مقابلو علم ۽ ٽيڪنالاجي سان ڪري سگهي ٿو. “
ھن جو خواب امن امان کان اڳتي ملڪ جي خوشحاليءَ جو بہ هو ۽ اهو بہ هو تہ اڄ جو نوجوان ڪنھن بہ طرح ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پوئتي نہ رهجي وڃي. ھن چيو هو تہ: ”دهشتگرديءَ جي خلاف جنگ ۾ سڀ کان طاقتور هٿيار گولي يا بم نہ پر عالمي آزادي آهي. “
پاڪستان جي اهم مسئلن بابت ذڪر ڪندي پنھنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿي تہ: ”پاڪستان ۾ مرڪزي مسئلو اعتدال پسندي ۽ انتھاپسنديءَ جي وچ ۾ آهي. ان مسئلي جي حل سان دنيا، خاص طور تي ڏکڻ ايشيا ۽ وچ ايشيا ۽ مسلمان قومن تي اثر پوندو. انتھاپسندي اُتي وڌندي آهي، جتي سماجي ذميدارين کي حڪومت نظرانداز ڪندي آهي. سياسي آمريت ۽ سماجي بددلي تمام گهڻي مايوسيءَ کي جنم ڏيندي آهي جيڪا مذهبي انتھاپسندي کي قوت فراهم ڪندي آهي. “
اهي چند لفظ اسان جي ان اڳواڻ جي تحريرن مان ورتل آهي جنھن جي نالي پٺيان اسين جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهيون. اسين جانثار، اسين جيالا اسين ورڪر، اسين سياستدان، اسين سياسي اڳواڻ پنھنجن مسئلن جو حل انھن لفظن ۾ ڳولي سگهون ٿا. سوالن جا جواب حاصل ڪري سگهون ٿا. ٿيل غلطين جو ازالو خبر نہ آهي تہ ممڪن آهي يا نہ؟ پر اها ڳالھہ ضرور آهي تہ انسان جو جسماني موت ان جي فڪر کي نٿو ماري پر جسماني موت فڪر ۽ فلسفي کي زنده ڪندڙ هجي ٿو.
لفظ ۽ آواز ڪڏھن بہ ناھن مرندا آواز جو موت ٿيڻو ناهي. هوءَ آواز جيان گونجندي رھندي. ابد تائين، انت تائين! ھن جا لفظ زنده سچ جيان ٻرندا رھندا، ٽانڊن جيان ساڙي رک ڪندا رھندا ۽ ان رک مان اهي سوال ٿا اڀرن تہ اسان ڇا سکيو؟ اسان ڇا وڃايو؟ اسان ڇا حاصل ڪيو؟ اسان کي ڪرڻو ڇا آهي؟ اسان جو مستقبل ڪنھن جي هٿ ۾ آهي؟ اسان جي واٽ اها ئي آهي جيڪا اسان جي اڳواڻ جي هئي؟ يا اسين راھہ گم ڪري چڪا آهيون؟
هوءَ چوندي هئي: ”ووٽر سدائين حق تي هوندو آهي. “ ڇا اسين حق تي آهيون؟ ڇا اسين ووٽر کي حق تي سمجهون ٿا؟ ڇا اسين ھن جي ٻڌايل ٽن آمريتن جي ڄار مان ووٽر کي ڪڍي سگهنداسين؟
24 جُون 2011ع