عورت سماجي رويا ۽ عورت
صليب ٺاهي
پنھنجو پاڻ کي
ٽنگي ڇڏيان
جي ڏک سمورا
لکي نہ سگهان. “
نورالھديٰ شاھہ جا اهي چند لفظ سچ محسوس ٿيندا اٿم، جنھن مھل پدرشاهي سماج جي ڍانچي ۾ پيڙهجندڙ ۽ مزاحمت ڪندڙ نياڻين کي ڏسندي آهيان. پنھنجي وجود کي مڃرائڻ لاءِ پنھنجي هستيءَ جي زنده هجڻ جو اعلان ڪندڙ عورت يوناني ڏند ڪٿائي ڪردار سسيفس (Sysphus) آهي، جنھن کي زيوس ديوتا پاران مسلسل سزا ڏني وئي هئي.
سسيفس کي جھنم جي پاتال ۾ اڇلايو ويو هو، جتان هو تمام ڳرو پٿر کڻي پھاڙ تي چڙھندو هو ۽ چوٽيءَ تائين پھچڻ مھل ھن کي واپس ڌڪو ڏيئي پاتال ۾ ڪيرايو ويندو هو. اها ڏاڍ پاران ڏنل مسلسل سزا هئي، جيڪا کُٽڻ جي نہ هئي. ووٽ جو حق حاصل ڪرڻ کان وٺي Harassment Bill تائين جو سفر بہ اهڙو ئي اڙانگو هو. جنھن ۾ عورت، لطيف سائين چواڻي ”جيئڻ ڪاڻ جيڏيون مُون وڏا وس ڪيا“ وانگر سماج جي جهنگ ۾ ڊنل جهرڪيءَ جيان پنھنجي بچاءُ لاءِ پناهون ڳوليندي رهي آهي. زندگي تہ هر انسان کي هڪ دفعو ئي ملندي آهي پر ان زندگيءَ کي آسان بڻائڻ سھي طريقي سان گذارڻ جا لاتعداد موقعا هر ڪنھن کي ملندا آھن پر صرف عورت لاءِ هڪ موقعو هوندو آهي. ھن وٽ زندگيءَ جي سفر ۾ غلطيءَ جي ڪا بہ گنجائش نہ آهي. سماج ۾ مزاحمت سدائين پيڙهيل طبقن ۾ جنم وٺندي آهي. مزاحمت کان سواءِ زندگيءَ جو تصور واضح نٿو ٿئي. مزاحمت پنھنجي وجود جي مڃتا لاءِ هجي، سماج جي منفي رسمن رواجن خلاف هجي، سياسي يا قومي هجي، هر سطح تي مزاحمت زندگيءَ جي علامت آهي. بيٺل زندگي جبل وانگي آهي، جيڪو مضبوطي تہ رکي ٿو پر چرپر نہ هئڻ جي ڪري زنده وجودن ۾ شمار نٿو ٿئي. سگهارو انڪار تبديليءَ ڏانھن پھريون قدم هوندو آهي.
حياتيءَ جي سمنڊ ۾ زندگي بچائڻ لاءِ هر ڪو هٿ هڻندو آهي، پر عورت سماج ۾ هر سطح تي وڙهي رهي آهي. ان جنگ ۾ ھن جو وجود هر امتحان ۽ آزمائش مان گذري ٿو. هو جبر ۽ ڏاڍ برداشت ڪري ٿي. ھن کي مختلف طريقن سان پنھنجي مقصد کان هٽائڻ لاءِ، بي همٿ ڪيو ويندو آهي، پر ھن جي جدوجھد ڪڏھن بہ جامد ناهي ٿي ۽ نہ وري ختم ٿي آهي. ايتري قدر جوا سان جي سماج ۾ جيڪڏھن عورت تي ظلم يا ناانصافي ٿئي تہ ڏوهاري جرم ڪرڻ وارا لڪي ويندا آھن يا انھن کي ظاهر نہ ڪيو ويندو آهي پر جيڪو ڏاڍ جو شڪار ٿيندو آهي ان کي ظاهر ڪيو ويندو آهي. اسان جي پدر شاهي سماجي نظام ۾، دعوائون تہ گهڻيون ئي ڪيون وينديون آھن، عورت جي مقام، منصب، مان مريادا ۽ حفاظت جا اعلان ڪيا ويندا آھن پر اها خوفناڪ حقيقت آهي تہ ڪنھن بہ قسم جي جهڳڙي، جهيڙي، جنگ ۽ ڪاوڙ ۽ چڙ جو ردعمل عورت تي ئي ڪيو ويندو آهي. اسان وٽ هر قسم جي آزادي ۽ پناھہ جرم ڪندڙ کي حاصل آهي. بدمعاش لوفر آزاد آھن تہ هو جنھن مھل چاهين، هٿيارن جي زور تي ڪنھن غريب جي چانئٺ ٽپي، سندس معصوم نياڻيءَ کي اغوا ڪري ان جي بي حرمتي ڪن. چند مھينن اندر اجتماعي آبرو ريزيءَ جا ڪافي ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. آئون انھن نياڻين جا نالا تہ ظاهر نٿي ڪرڻ چاهيان پر سوال اِهو آهي تہ جرم کي هٿي ڏيندڙ سياسي ڌريون ۽ اسان جي انتظاميا اهڙن واقعن تي خاموش تماشائي ڇو بڻجي ٿي وڃي. جرم لڪائڻ لاءِ هر قسم جون قانوني باريڪيون استعمال ڪيون وينديون آھن. پر مجرم کي سزا ڏيارڻ مھل سڀ مجبور بڻجي ويندا آھن. مردن جي جهڳڙن ۾ ان معصوم 12 سالن جي نياڻيءَ کي سزا ملي آهي. هوءَ ظلم ۽ وحشت جو سڪار ٿي آهي. 20 مئي تي هڪ مشھور روزنامي ۾ 16 سالن جي نياڻيءَ جو ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. اها بہ اجتماعي آبرو ريزيءَ جو شڪار ٿي آهي.
سنڌ، امن ۽ محبت جي سرزمين طور مشھور هئي. سنڌي ماڻھو، سٻاجها، پُرامن ۽ محبت وارا مشھور هئا. پر اڄ تہ اهي ماڻھو ڳوليا نٿا ملن. سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ ڪنھن ديو يا راڪاس انھن کي قيد ۾ ڪيو آهي يا ڪنھن جابر حڪمران انھن کي جلاوطن ڪري ڇڏيو آهي. وحشت ۽ بربريت جو راڄ آهي ۽ اسين خاموش تماشائي بڻجي چڪا آهيون.
خوبصورتي ۽ محبت جا سڀ استعارا ۽ تشبيھون اڄ مٽجي چڪا آھن. شاعريءَ ۾ موجود سونھن جا سڀ تصور مردہ ٿي چڪا آھن. نازڪ گڏين جا عضوا ڀڳل ٽٽل آھن، انڊلٺي لباس تار تار آهي. چنڊ جھڙا چھرا تيزاب ۾ سڙي رک ٿي ويا آھن. ڪَڪرن کي شرمائيندڙ وار ۽ نانگ کي شرمائيندڙ چوٽيون بہ نہ رهيون آھن.
ھن وقت جيڪا سنڌ جي تاريخ رقم ٿي رهي آهي، ايندڙ نسل شايد سنڌ جي اصلي تصوير ڪڏھن بہ ڏسي ڪونہ سگهندو.
انساني حقن جي لتاڙ جو ڪو ڪاٿو ئي نہ رهيو آهي. انساني حقن جو اِهو ڪھڙو اشو آهي جنھن تي اڄ سنڌ فخريہ طور چئي سگهي تہ اسان وٽ قانون جي پاسداري ٿي رهي آهي. وڌندڙ غربت انسانيت جا سڀ معيار ختم ڪري ڇڏيا آھن. اسان وٽ چائلڊ ليبر تي ڪا بہ پابندي ڪونھي. ننڍڙا ننڍڙا معصوم ٻارڙا نٽهڻ اُس ۾ رستن روڊن تي ڪم ڪندي نظر پيا ايندا آھن. گاڏين جي شيشن صاف ڪرڻ کان وٺي، پٿر ڪٽڻ ۽ پنڻ تائين هر ڪم ڪندا رھندا آھن.
Child Marriage جو قانون اسان وٽ لاڳو ڪونھي. معصوم ٻارڙيون جن جي عمر اڃا کيڏڻ کائڻ جي آهي، پيئر انھن کي سڱ چٽيءَ ۾ ڏيئي ٿا ڇڏين يا وري پئساوٺي نڪاح ڪرائي ٿا ڇڏين. سنڌ ترقي يافتہ سماج جو حصو آهي. سنڌ جهنگ تہ ڪونھي. انھن سڀني مسئلن جا حل بہ موجود آھن. قانون بہ ٺھيل آھن اسان جا حڪمران بين الاقوامي پليٽ فارم تي ڪنڌ مٿي کڻي اهڙن قانونن تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ يقين ڏياريندا آھن. عھدنامن تي صحيحون بہ ڪري ايندا آھن. پوءِ انھن تي عملدرآمد ڇو نہ ٿو ٿئي؟ اهڙو ڪھڙو لڪيل راڪاس آهي، جنھن جادوءَ جي زور تي دلين کي پٿر ڪري ڇڏيو آهي؟ ان ڳالھہ جي ڪا بہ وجھہ ڪانھي، سواءِ ان جي تہ اسين ڪنھن اڻ ڏٺل خوف ۽ دهشت جو شڪار آهيون. ناممڪن جو هڪ تصور ذھنن ۾ گهر ڪري ويو آهي. جتي بہ ڪا خلافِ قانون ڳالھہ ٿيندي نظر ايندي آهي تہ اسين اهوئي سوچيندا آهيون تہ ان جو صحيح ٿيڻ ناممڪن آهي. جنھن مسئلي ۾ سياسي ڌريون ملوث هونديون آھن. انھن تي ڪير بہ آڱر کڻڻ لاءِ تيار ڪونہ ٿيندو آهي. ڇاڪاڻ تہ انھن سياسي ڌرين کي قانون جي دائري ۾ آڻڻ ناممڪن سمجهيو ويندو آهي.
سنڌ جي موجودہ صورتحال تي اخباري خبرن جي آڌار تي غور ڪجي تہ ان نتيجي تي پھچجي ٿو تہ عوام ۾ ڪنھن حد تائين پنھنجي مسئلن کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ جو شعور موجود آهي، پر لاپرواهي انتظاميءَ سطح تي آهي. 24 مئي جي هڪ انگريزي اخبار ۾ دادو ڊسٽرڪٽ جي ماڻھن جي احتجاج جي رپورٽ شايع ٿي آهي. اتي جي ماڻھن ڏوهارين جي هڪ گروھہ جي نشاندهي ڪئي آهي، جنھن جي مجرمانہ سرگرمين سبب 2 درجن اسڪول بند ٿي ويا آھن. علائقي جي مختلف ڳوٺن جون ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا اسڪول نٿا وڃي سگهن. استادن ۽ شاگردن کي اسڪول وڃڻ کان روڪيو ٿو وڃي. هارين ۽ دڪاندارن کي بہ ڪم تي وڃڻ کان روڪيو ٿو وڃي. اهو ڀتاخور گروھہ آهي جنھن جو علائقي تي راڄ آهي. انھن جي پسمنظر کان علائقي جو عوام آگاھہ آهي، باخبر آهي، عوام ڄاڻي ٿو تہ اهي ڪنھن جي ٽيڪ تي ڦريون ۽ ڌاڙا هڻي رهيا آھن. عام ماڻھن کي هيسائي رهيا آھن، پر انتظاميا بي خبر آهي. ڦورو بدمعاش من ماني ڪندا رھندا آھن، هو پنھنجي مالڪن جي طاقت کان واقف هوندا آھن. ھنن لاءِ تمام آسان آهي راھہ هلندي ڪنھن عورت تي تيزاب هارڻ، اسڪولن ۽ ڪاليجن جي اڳيان معصوم نياڻين کي اغوا ڪرڻ، نياڻين جي بي حرمتي ڪرڻ، گهرن ۾ بند ڪري باھہ ڏيئي ساڙي ڇڏڻ، سڀ ڪجهہ آسان آهي، پر مشڪل صرف هڪڙي آهي تہ ڏوهارين کي پڌرو ڪرڻ ۽ ظاهر ڪري سزا ڏيڻ.
Domestic Violence ۾ عورت ڪيتري قدر بہ ظلم ۽ جبر برداشت ڪري، پيڙا مان گذري پر ان کي ”ذاتي“ ۽ ”گهريلو“ لفظن جي نالي ۾ بند ڪيو ويندو آهي.
هتي مون کي ريٽا شھاڻيءَ جو هڪ نظم ”صدين کان“ ياد پيو اچي:
صدين کان شانت هئي جا وائي
اها ٿي ڳالھائي
صدين کان لڪل هئي جا طاقت
ٻاهر نڪرڻ چاهي
صدين کان دٻيل هئي جا قوت
مون کي ٿي ڊيڄاري
صدين کان ٻيٺل ڪٽيل ڪلڪ
تيزيءَ سان لکائي
صدين کان ٿميل آنسن جي ڌارا
تن من ٿي پسائي
صدين کان ميل هئي جا بجلي
ڪٿي ٿي پھچائي!
رات وياڪل ڏينھن گهايل
بيچيني ڏهڪائي
ڪٿان آئي ڇا لئہ پيڙا
آهي ڪو سمجهائي؟
آهي ڪو سمجهائي؟
ھن وقت جيڪو لاقانونيت جو راڄ آهي، اهو اسان کي پٿر جي دؤر ۾ ڌڪي رهيو آهي. ڇو تہ اسان جو شعور ۽ سوچ تہ پٿرجي دؤر واري ٿي چڪي آهي. اسين ڪو بہ قانون مڃڻ لاءِ تيار ناهيون. ڪا بہ پابندي برداشت نٿا ڪريون. ڏاڍي جي لٺ کي ٻہ مٿا وارو حال آهي.
جيئن تہ ان سڄي نظام جي خرابيءَ جي ذميواري صرف غربت نہ آهي، اسان وٽ مجموعيءَ طرح هر جرم جي محرڪ جي طور تي غربت کي اڳيان Toll بڻائي پيش ڪيو ويندو آهي. پر آئون سمجهان ٿي تہ ان سڄي لاقانونيت جي ذميواري انتظاميا جي آهي. پوءِ ان کي نااهلي چئجي، لاپرواهي چئجي يا اڻ ڄاڻائي چئجي. اسان جا انتظامي ادارا پنھنجا فرض پورا ڪرڻ ۾ ناڪام آھن. هو شعوريءَ طرح سان اهو محسوس نٿا پيا ڪن تہ سندن اها اک پور اسان جي سنڌ کي ڪٿي وڃي بيھاريندي. ھن وقت عوام ۾ شعور آهي. عوام پنھنجن حقن کان واقف آهي. پر عوام جي غلطي اها آهي تہ هو اهي نمائندا نٿا چونڊين جيڪي سندن حقن جي حفاظت لاءِ ٻانھن ٻيلي ٿي بيھن. ليڊرشپ يا اڳوڻي عوام جي لاءِ پاڻ پتوڙڻ ۽ انھن جي همدرديءَ سان لاڳاپيل هوندي آهي نہ جاگيرداريءَ سان، نہ رشتيداريءَ سان نہ وري پئسي سان سلھاڙيل هوندي آهي.
هاڻ اهو وقت اچي ويو آهي تہ جهنگ جي قانون جھڙو دماغ رکندڙ نمائندن کي ايوانن تائين پھچڻ نہ ڏنو وڃي. ووٽ انھن کي ڏنو وڃي جيڪي تعليم يافتہ هئڻ سان گڏوگڏ عوامي مسئلن کي سمجهڻ جو شعور رکندڙ هجن پر تعليم يافتہ هجڻ جي ڊگري ڪافي نہ آهي. عوامي نمائندا عوام مان ئي چونڊجي اڳيان اچن. اهو غريب جيڪو درخواست کڻي ”بااثر“ ۽ ”بااختيار“ جي در تي چڪر ٿو ڏئي، اهوئي مستقبل جو ليڊر آهي. اهوئي سنڌ جو اڳواڻ آهي، جيڪو ھن ٻڏل ٻيڙيءَ کي تاريندو.
اهو ئي آهي جيڪو سنڌ جي نياڻين جي وڃايل سونھن واپس ورائيندو. . . اهوئي آهي جيڪو جهنگ جي بگهڙن کي قيد ڪندو. . . اهو ضرور سماج کي ٻڌائيندو تہ نياڻي جي عزت ڇا آهي؟ فتوائن جا اهي سڀ پٿر جيڪي معصوم نياڻين جي بدن کي زخمي ڪندا هئا اهي پٿر ڏوهارين کي سرِعام لڳندا. . . !
جھنم جي پاتال مان هي ڳرا پٿر کڻي جبل جي چوٽيءَ تائين پھچائيندڙ سسيفس وانگر عورت جي سز ابہ ضرور ختم ٿيندي. ڪو تہ هوندو جيڪو ”هيھز“ کي ان مھل کان باز رکندو!
05 جُون 2010ع