ڪالم / مضمون

هيءَ سَئن نہ ڏيندي چين

نياز پنھور لکي ٿو ”هي ڪتاب رڳو 47 ڪالمن يا مضمونن جو نہ پر اسان جي اڄ جي سماج جي لينگهو پاتل چھري جو ڏيک آهي، هي ڪتاب اڄ جي حالتن ۽ زندگيءَ جي حقيقتن تي ٻڌل اهڙو نوحو آهي، جنھن ۾ هر طرف ڳوڙها آهن، سڏڪا آهن. هي ڪتاب اڄ جي سماج جو هڪ اهڙو آئينو آهي جنھن کي پڙهندي اسان پنھنجي چؤطرف موجود ماحول جو چھرو چِٽائيءَ سان ڏسي ۽ پسي سگهون ٿا، اسان جي آڏو اسان جون بي وسيون، سماج جون ناانصافيون، حڪومتن جون بي رحميون الائي ڇا ڇا اڀري ۽ تري اچي ٿو. 

Title Cover of book Hi Se’en Na Dindi Chain

جنھن آزاديءَ جا گيت چيئہ، سا آزادي ڪٿ نيندي آ!

”جنت تنھنجيءَ ماءُ جي پيرن هيٺان تہ آهي پر سياست جو بھشت ماڻھن جي پيرن هيٺيان آهي. سڀ کان وڏو انعام- ساراهيندڙ ڪم اهو آهي جيڪو ڏکايل غريبن جي ٿڪل ماندن مکن تي مرڪ آڻي ۽ ڏکايل ڳوٺاڻن جي اکين ۾ چمڪ آڻي. “
هيءُ پيغام ان منفرد ۽ انوکي ليڊر جو هو جيڪو جيل جي اونداهي کوليءَ ۾ زندگيءَ جا آخري پل گهاري رهيو هو، انھن آخري لمحن ۾ بہ هو پنھنجين ڪن اڻپورين خواهشن جو ذڪر نٿو ڪري پر صرف ۽ صرف عوام جي مستقبل جي تحفظ لاءِ پنھنجي سياسي جانشين ڌيءَ ڏي ڪجهہ لفظ لکي اماڻي ٿو.
هو پاڪستاني قانون مطابق ڦاسيءَ جو سزا يافتہ مجرم، جيڪو اعلى تعليم يافتہ، قانوندان، سياستدان، دانشور، اديب ۽ انسان دوست شخص هو پاڪستان جي تہ ڇا پر دنيا جي تاريخ ۾ اهو منفرد ۽ نرالو مجرم هو جنھن جي قابليت جو رڪارڊ شايد ئي ڪير ٽوڙي سگهي!
4 اپريل 1979ع جي ڪاري ڀيانڪ اونداهيءَ ۾ بدبخت رات جھڙي ٻيءَ ڪا رات وري ڪا نہ ايندي. ڇو تہ ان سياھہ بدبخت رات جي بدبختيءَ جي ڪاراڻ اڃا ختم ڪا نہ ٿي آهي. هو ملڪ جو سابق وزير خارجہ، سابق صدر ۽ وزيراعظم هو جنھن کي سخت اذيتون ڏيئي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ قيد ڪري ڪوڙي قتل جي ڪيس ۾ سوريءَ تي لٽڪايو ويو. ھن جو جرم ڏھہ ڪروڙ عوام کي سجاڳ ڪرڻ هو. ھن جو جرم پاڪستان جي سياست کي ايئرڪنڊيشنڊ ڊرائينگ رومن مان ڪڍي غريب مزدور جي جهوپڙيءَ تائين پھچائڻ هو. سندس جرم سندس ھنن لفظن مان بہ ظاهر آهي جيڪي ھن جيل جي ڪال ڪوٺڙيءَ مان پنھنجي سڄاڻ ڌيءَ لکيا هئا.
”آئون پنھنجي ڌرتيءَ جي مھڪ سڃاڻان ٿو. آئون پنھنجي درياهي وهڪرن جي موسيقيءَ کي سڃاڻان ٿو. آئون پنھنجن نغارن جو دف سڃاڻان ٿو. تاريخ جي دروازي ٻاهران بيٺل اهي اصول، متا لکڻيون ٺيڪ آھن پر سڀني کان اوچو ڀاڱو اهو آهي تہ ماڻھن جي اُمنگن ۽ کين سڃاڻڻ جي مڪمل اهليت هجي. “
ھن نڊر شخص عوام کي سڃاڻڻ جي دعوى ڪئي هئي، عوام کي شعور ۽ سجاڳي ڏيڻ جو عزم ڪيو هو. اهي ڊڪٽيٽر جيڪي عوام جي لاشن تي ڪرسي رکي حڪمراني ڪرڻ جا عادي هئا، انھن لاءِ عوام جي حڪومت ناقابل برداشت هئي.
اسان جو نسل، اهو نسل آهي جنھن جي لاءِ جيئي ڀٽو صرف هڪ نعرو ۽ ڀٽي جي ڦاسي صرف هڪ خبر هئي. پر جيالن کي ديوانہ وار پروانن جيان نعره ڀٽو تي نثار ٿيندي ڏسي، دل چيو تہ ان نعري جي مدهوشيءَ جي پس منظر کي ڏسي ان نعري جي فلسفي کي سمجهجي. نعره قلندري جيان مست ھن نعري پٺيان ديوانہ وار مرندڙ، فدا ٿيندڙ عوام جو خون، جيئي ڀٽو جي نعري ۾ موجود ڀٽو جي سچي فڪر ۽ سياسي شعور جي گواهي ڏيندڙ آهي. انسان ڀل تہ ماريا وڃن، واڙيا وڃن ڦاهيءَ تي لڙڪايا وڃن پر تاريخ جا ورق خاموش نہ آھن، اهي اعلى اعلان ڀٽو جي سياسي شعور، تدبر، ذهانت، علم، بصيرت ۽ دور انديشيءَ جو اقرار ڪن ٿا.
پبلو مودي پنھنجي ڪتاب ”ذلفي منھنجو دوست“ ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي تعليمي قابليت، ذهانت ۽ محنت کي بار بار ساراهيو آهي. مودي ھن جي سياسي بصيرت ۽ دور انديشيءَ جو بہ قائل آهي. اهو اعزاز بہ ڀٽو جو مقدر بڻيو تہ هو پھريون ايشيائي شاگرد هو جنھن ڪيليفورنيا يونيورسٽي جي، انتظامي ڪائونسل، ايسوسيئيشن آف اسٽوڊنٽس جي چونڊن ۾ سوڀ ماڻي.
آڪسفورڊ ۾ قانون جي تعليم دوران، رومن قانون پڙهڻ لاءِ لاطيني ٻولي بہ سکي ۽ ڪرائسٽ چرچ ڪاليج ۾ ٽن سالن جو ڪورس ٻن سالن ۾ پورو ڪيو ۽ پوءِ لنڪنزان لنڊن ويو ۽ هڪ سال اندر ئي تعليم مڪمل ڪري سائوٿ همپٽن يونيورسٽيءَ ۾ عالمي قانون جو پروفيسر مقرر ٿيو. ڀٽو صاحب جون علمي قابليتون ۽ صلاحيتون هڪ عالمي رڪارڊ سھي پر اهڙا ماڻھو گهٽ هوندا آھن جيڪي پنھنجي صلاحيتن کي عملي زندگي ۾ ڪم آڻين ۽ پنھنجي زندگيءَ لاءِ مشعل راھہ بڻائين. ڀٽو اهو شخص هو جنھن ملڪ کان ٻاهر رھندي بہ پنھنجي خطي جي صورتحال تي نظر رکي. ڀٽو جو جنم هڪ جاگيرداراڻي سماج ۾ ٿيو هو پر ھن ان نظام جو حصو ٿيڻ بجاءِ ان جي اوڻاين کي ختم ڪرڻ لاءِ جاکوڙ شروع ڪئي. ڀٽو ملڪي معاشي ۽ سياسي صورتحال جي بنيادي ڪمزورين کي دور ڪرڻ جو عزم ڪيو هو. 1959ع ۾ ڀٽو واپار جو وزير هو. 1963ع ۾ ڀٽو وفاقي وزارت جي عھدي تي فائز ٿيو. ڀٽو جي دور انديشي ۽ عالمي سياست جي ڄاڻ ھن کي پاڪستان جي دنيا ۾ سڃاڻپ ڪرائڻ لاءِ اتساهيو. اهو ڀٽي جو سياسي شعور هو جو دنيا پاڪستان کي ڀٽو جي نالي پٺيان سڃاڻڻ لڳي. هڪ نئين رياست پرڏيھہ ۾ پنھنجا پير پختا ڪرڻ لڳي.
ڀٽو جي سحر انگيز شخصيت جتي جتي پير رکيا ٿي اُتي اُتي ڪاميابي جا مثال قائم ٿيندا ٿي ويا. پاڪستان جا پرڏيھي لاڳاپا ٻين ملڪن سان بھتر ٿيندا ويا. ڀٽو جي خواهش هئي تہ ڪميونسٽ ملڪن سان پاڪستان جا لاڳاپا ٺاهجن ڇو تہ اهو عالمي امن لاءِ ضروري هو.
چين سان دوستي ڀٽو جي سياسي بصيرت ۽ فراست جو ثبوت آهي. اهڙي پائيدار دوستي جيڪا اڃا تائين قائم و دائم آهي. ڀٽو صاحب جا پنھنجا لفظ آھن تہ، ”چين ۽ پاڪستان جي وچين سرحد تي هاڻي ڪنھن بہ قسم جي گڙٻڙ ۽ عدم استحڪام جو ڪم جوکو نہ آهي. اسان انھن ڪنڊن کي هٽائي ڇڏيو آهي، جنھن سبب مستقبل ۾ غلط فھمي پيدا ٿي سگهي ها، يا ڪا ڏکيائي سامھون اچي سگهي. “
ڀٽو هر قدم پنھنجي ڌرتيءَ جي مان، عزت ۽ سڃاڻپ لاءِ کنيو، پوءِ اهي ڪوششون ۽ جاکوڙ ڪنھن کان بہ لڪل ڪو نہ آھن، ھن جا تاريخ ساز قدم اڄ بہ پرڏيھي پاليسي سازن لاءِ مثال بڻيل آھن جن تي ڪنھن کي بہ غور ڪرڻ جي زحمت گوارا نہ ٿيندي آهي. ھن عظيم مفڪر جا لکيل اکر اڄ بہ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال کي بدلائڻ جي سگهہ رکن ٿا. پر ان سگهہ کي استعمال ڪرڻ جي سگهہ ڪنھن ۾ بہ ڪونھي. ڀٽو جي ڪاميابي صرف پاڪ چين دوستيءَ تائين محدود نہ هئي پر افغانستان، ايران، برما، نيپال، انڊونيشيا، فلپائن ۽ سريلنڪا سان بھتر تعلقات لاءِ ڀٽو جون ئي ڪوششون هيون.
شاندار حاصلات جي وطن ۾ تہ واکاڻ خبر نہ آهي تہ ڪيتري حد تائين ٿي پر ارجنٽائن سندس صلاحيتن ۽ ذهانت جي مڃتا جي طور تي کيس پنھنجي ملڪ جو وڏو غير فوجي اعزاز ڏنو.
ڀٽو عوام دوست، جمھوريت پسند انسان هو، هو ڏاڍ، جبر ۽ آمرانہ روين جي نندا ڪندڙ هو. 1965ع جي جنگ کانپوءِ سندس شخصيت کي کوڙ سارن الزامن کي منھن ڏيڻو پيو. ھن کي ڪابينا کان الڳ ڪيو ويو.
ڀٽو مجيب الرحمان جي ڇھہ نڪاتي پروگرام سان متفق نہ هو، ھن ڍاڪا جي انجنيئرنگ ڪاليج جي شاگردن اڳيان هڪ هڪ نقطي تي تنقيد ڪري ان جا منفي پھلو شاگردن اڳيان واضح ڪيا. 67-1966ع جي ملڪي صورتحال ڀٽو جي شخصيت کي وڌيڪ نمايان ڪيو. هو خاموش تماشائي نہ هو. ھن پاڪستان ۾ سياسي انقلاب آڻڻ ٿي چاهيو.
ان وقت ملڪ ۾ پکڙجندڙ ڪرپشن، عوامي سماجي زندگيءَ سان گڏوگڏ قانون کي بہ متاثر ڪري رهي هئي. عوام ڊنل هو شخصي آزاديءَ جو ڪو بہ تصور نہ هو. ملڪ جي مٿان فوج جو خوف ڇانيل هو. ان ساھہ گهٽيندڙ ماحول ۾ ڀٽو، مزدورن، هارين پٺتي پيل پيڙهجندڙ طبقن جي حقن جي ڳالھہ ڪئي، ڄڻ تہ ٻاٽ اونداهيءَ ۾ اُميد ۽ نجات جي مشعل کڻي اڳتي آيو. ڀٽو صرف غريبن، پورهيتن ۽ مزدورن جي آجپي جي جنگ جوٽي هئي. ڀٽو جو فڪر سندس عوام جي سجاڳيءَ سان سلھاڙيل هو، ڀٽو جو خواب ديس جي مزدورن جي خوشحالي هو.
ھن جڏھن پيپلزپارٽيءَ جو منشور عوام اڳيان پيش ڪيو تہ ان سڄي منشور کي چئن جملن ۾ ورهايو ۽ اهي چار جملا ان نڊر اڳواڻ جي علمي ۽ سياسي بصيرت جا ساکي آھن، ھن چئن جملن ۾ نہ صرف پارٽيءَ جو منشور پر سڄي ملڪ جي آئين کي بہ وائکو ڪري ڇڏيو.
اسلام اسان جو دين آهي.
سوشلزم اسان جي معيشت آهي.
جمھوريت اسان جي سياست آهي.
طاقت جو سرچشمو عوام آهي.
جڏھن ھن عوامي طاقت جي سھاري تي آمر سان جنگ جوٽي تہ پنھنجي پارٽيءَ جي پيغام کي کڻي پاڻ عوام جي اڳيان آهي. ھن ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ طوفاني دورا ڪيا. پنھنجي زبان جي هٿيار سان هو دليون فتح ڪندو ويو. دلين ۾ گهر ٺاهيندو ماڻھن کي پنھنجو عاشق بڻائيندو ويو. هو پاڪستان جي ننڍن ڳوٺن ۾ ۽ جيلن غارن ۾ بہ نجات جو پيغام، عوامي بيداريءَ جو پيغام کڻي ويو ۽ ھن کي ڀرپور موٽ ملي. آخرڪار عوامي سمنڊ فرعونيت جي راڄ کي ٻوڙي ڇڏيو. شايد اها ڪاميابين جي آخري منزل هئي جنھن تي سندس ڊيٿ وارنٽ لکيا ويا.
ڀٽي جو جرم اهو هو جو ھن اقتدار جي بدمست گهوڙي کي عوام جي ڪنٽرول ۾ ڏنو. ھن ان بدمست گهوڙي جون واڳون عوام جي هٿن ۾ ڏنيون جنھن اقتدار جي طاقت جي نشي ۾ سالن جا سال، ھن کي لتاڙي چچري اڌ مئو ڪري ڇڏيو هو. ھن عوام جي عزت نفس کي جياريو. ھن عوام کي پنھنجي پيرن تي بيھڻ سيکاريو. ملڪي مفاد لاءِ بنيادي ضروري قدم صرف ۽ صرف ڀٽو صاحب کنيا. ھن چاهيو ٿي تہ پاڪستان ذريعي صنعتي ۽ تجارتي طور تي ترقي ڪري. ھن جي زرعي سڌارن جو پروگرام، صنعتن کي قومي تحويل ۾ وٺڻ وارا قدم عوام جي لاءِ مختلف جديد تعليمي ادارن جو قيام اهڙا انقلابي قدم آھن، جو اهڙن پروگرامن ڏانھن ورلي ڪنھن سياستدان جو ڌيان ويو هوندو. هڪ تعليم يافتہ انسان جيترو بھتر طريقي سان بنيادي سڌارا آڻي سگهي ٿو. ڀٽي اهو سڀ ڪم پنھنجي ملڪ لاءِ ڪيو. ھن اهڙو گرائونڊ ٺاهيو پئي جنھن جي ذريعي ڪيترائي ڀٽو پيدا ٿي پئي سگهيا پر افسوس صد افسوس تہ 4 اپريل 1979ع تي ملڪ تي ڇانيل ڪاري بدبخت رات اڃا ختم نہ ٿي آهي. اڃا نحوست جا ڪڪر سج جا ڪرڻا ڌرتيءَ تي لھڻ نٿا ڏين. ها! ان مفڪر، مدبر، دانشور، ليکڪ جي سوچ سمجهہ ۽ فڪر جي روشن سج جا چند ڪرڻا بہ ٻاٽ کي اورانگهي عوام تائين رسندا تہ ڪجهہ سھائيءَ جي اُميد بہ پوندي!
اڄ بہ اسان جو دانشور اڳواڻ اسان جي دلين ۾ زنده آهي پر هڪ نعري جي شڪل ۾، جيئي ڀٽو ڀلي چئجي پر جيڪڏھن ان مفڪر ان نڊر ليڊر جي قلم مان نڪتل لفظ اڄ جي ان نسل تائين نصابي ڪتابن ذريعي پھچائجن جنھن ڀٽو کي ڪڏھن ڏٺو نہ ٻڌو آهي، اهي ان جي سمجهہ ۽ فڪر کان آگاھہ ٿيندا. ھن جا افڪار ھن جون ڳالھيون ميڊيا ذريعي نوجوان نسل تائين پھچائجن تہ اهو نعرو دلين سان گڏوگڏ ذھن ۽ فڪر کي بہ سنواريندو روشن ڪندو. سجاڳ ڪندو ۽ سدائين امر رھندو. ڀٽو جي ڏنل سماجي شعور ۽ سياسي تدبر کي تعليم ذريعي نصابي ڪتابن ذريعي نئين نسل تائين پھچائجي تہ جيئن هو آئينده جياپي جي جنگ جوٽڻ لاءِ ڪو منشور ڪو رهبر اڳيان کڻي هلڻ جي قابل بڻجي سگهن.
عوام لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ، نہ وڪامجندڙ نہ جهڪندڙ، عظيم، نڊر ليڊر جو عدالتي قتل بہ 17 ڪروڙ عوام جي مٿان قرض آهي. اهو تاريخ جو الميو آهي هڪ درد آهي هڪ دانھن آهي تہ جنھن عوام لاءِ ھن دار جي تختي تي لٽڪڻ قبول ڪيو اهو 17 ڪروڙ عوام اڄ بہ پنھنجي اڳواڻ کي هڪ سزا يافتہ مجرم طور قبول ڪيو ويٺو آهي. ان صابر شاڪر قوم کي خبر نہ آهي تہ گهڻيون صديون انتظار ڪرڻو پوندو، تڏھن وري ڪو ڀٽو ھن ديس ۾ جنم وٺندو. ھن جي قدرن جي سرزمين تي پيڙهجندڙ بک ۾ پاھہ ٿيندڙ پورهيت کي مناسب اجورو ڏيڻ جي ڳالھہ ڪئي. ھن کان ڪرسي کسي وئي . ھن گرمين ۾ سڙندڙ محنت ڪندڙ هر هلائيندڙ هاريءَ کي ٿڌي ڇانوَ ڏيڻ جي ڳالھہ ڪئي. ھن کي زندان جي قيامت خيز گرميءَ ۾ ڌڪيو ويو. ھن علم ۽ شعور جي روشني پکيڙي، ھن کي اونداهي ڪوٺڙيءَ ۾ واڙيو ويو. . . !
ھن غريب عوام جي آسائشن جي ڳالھہ ڪئي. ھن کي پٿريلي جيل جي ڌرتي ڏني وئي. ھن بکن ۾ پاھہ ٿيندڙ عوام کي روزي روٽي ڏيڻ جي ڳالھہ ڪئي. ھن کان سندس گرھہ بہ کسيو ويو. ھن عوام جي سک جي ڳالھہ ڪئي. ھن جي لاغر جسم کي اذيتون ڏيئي چچريو ويو. ھن عوام جي اتحاد. يڪجهتيِءَ جي ڳالھہ ڪئي ھن کي قيد تنھائي ڏني وئي. قيد هو اڪيلائي هئي! تندور جيان تپندڙ چند فوٽن جي ڪوٺڙي هئي. حوصلو ٽوڙيندڙ ڏاڍ ۽ جبر جا ظالمانہ رويا هئا. جسماني اذيتون هيون، پنھنجن پيارن کان جدائي هئي! پر ھن قيدخاني مان بہ ھن نہ رحم جي درخواست ڪئي نہ مدد جي گهر! نہ سزا ۾ گهٽتائي جي ڳالھہ ڪئي. موت جي مند تي ويھي ھن زندگي ۽ حوصلي سان تاريخ قلبند ڪئي ۽ تاريخي دستاويز لکي ويو. پنھنجي ڌيءَ کي ھن پنھنجن تڪليفن مان سبق حاصل ڪرڻ جو نہ چيو پر ھن کي بہ ھن اها جي رسم نڀائڻ لاءِ اتساهيو. پنھنجي زخم زخم وجود کي خوف جي نہ پر حوصلي ۽ اعتماد جي علامت بڻائي پيش ڪيو. ڪٺن ۽ پرخار راھن کان ڊيڄاريائين ڪو نہ پر پنھنجي ڌيءَ کي بہ ان اذيتن ۽ قربانين جي رستي تي هلڻ جي آڇ ڪيائين. هو عالم هو، اديب هو، مفڪر هو، دانشور هو سياستدان هو، قانوندان، بين الاقوامي شھرت رکندڙ اڳواڻ هو ۽ 4 اپريل جي سياھہ رات جي چند اڪيلن گهڙين ۾ خاموشي سان تختہ دار جي حوالي ٿي ويو. 10 ڪروڙ عوام ساڪت ۽ خاموش تماشائي بڻجي ويو. سچ پچ هو مجرم ڪو نہ هو پر اسين ضرور تاريخ جا ڏوهاري آهيون. اهو خاموشيءَ جو جرم ڪڏھن بہ معاف نہ ٿي سگهندو نہ وري ڀٽو جي زندان ۾ گذاريل ڪنھن بہ هڪ گهڙي جو ملھہ ڏيئي سگهنداسين. ائين ٿو لڳي تہ قوم کي انقلاب لاءِ جاڳائڻ لاءِ، پنڊيءَ جي ڦاهي گهاٽ تان اڄ بہ اها صدا اچي رهي آهي.

اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها. . . !
ڇا تن جي قيمت ٿيندي آ،
جنھن آزاديءَ جا گيت چيئہ
سا آزادي ڪٿ نيندي آ
اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها
سا، آزادي ڪيئن ايندي آهي. . . !
06 اپريل 2011ع