ٻھراڙيءَ جي عورت جي جيءَ ۾ جهاتي!
جيءَ جيءَ تي جنھن جو جادو
”ڇا لکي ساجن؟
اون هون، اون هون
اي لکي سنڌو. “
شيخ اياز جون پروليون پڙهي دل چوي ٿي تہ پرولي ان جي نانءِ ڪجي، جيڪا اسم ذات جيان، نالو ۽ صفت رکي ٿي، پر نظر نہ ٿي اچي هو وجود بہ رکي ٿي، پر موجودگيءَ جي مڃتا کان محروم ئي ٿي رهي.
ھن جو اس ۾ سڙڻ ٻين لاءِ ڇانورو بڻجي ٿو!
ھن جي بک ٻين لاءِ ڍؤ ٿي بڻجي!
ھن جو موت ٻين کي زندگي ٿو بخشي!
ھن جو قيد ٻين لاءِ آجپو آهي.
ھن جون ڀوڳنائون ٻين جون حاصلات آھن!
ڳالھہ سماجي اڳواڻ يا ڪنھن سياسي ليڊر جي نہ پئي ڪئي وڃي. ڳالھہ آهي، ان هستيءَ جي جيڪا سماج جي سيني ۾ دل بڻجي ڌڙڪي ٿي، جيڪا سماج جي رڳن ۾ رت جيان ڊوڙي ٿي، جيڪا سماج کي سڌو ڪري بيھارڻ ۾ پٺ جي ڪنڊي جيان اهم آهي. ها ڳالھہ ان هارياڻيءَ جي پيا ڪريون، جيڪا زمين ۾ خواب پوکي ٿي ۽ اوجاڳا لڻي ٿي. هوءَ غريب هارياڻي رونبي کان وٺي ڪٽائي تائين هر مرحلي ۾ پنھنجو رت ست ڏي ٿي. رونبي، گُڏ، دڙاتي، چونڊائي ۽ ڪٽائي دوران ھن جا هٿ، هٿ نہ پر گهيڙا ۽ رنبا بڻجي ٿا وڃن، ھن کي سڄي ڏينھن جي پورهيي جي صلي ۾ راهڪي جي نالي تي چند داڻا اَن جا پيٽ ڀرڻ لاءِ مس ٿا ملن. اقوام متحدہ جي هڪ رپورٽ مطابق اسان جي غذائي جنسن جي پوکائيءَ ۾ 60 سيڪڙو حصو غريب هاري عورتن جو آهي. سماج ۾ ان غريب هاري عورت جو ڪم مڃتا نٿو ماڻي، ڇو تہ جتي عورت جو عورت هجڻ ئي هڪ جرم هجي، اُتي غريب هارياڻي کي مڃتا ڪير ڏيندو؟ پر هي چند سٽون ان مڃتا جي نانءُ آھن، جيڪا 15 آڪٽوبر 2010ع تي اسلام آباد ۾، ٻھراڙيءَ جي عورت کي ڏني وئي هئي، 15 آڪٽوبر اقوام متحدہ پاران ٻھراڙيءَ جي عورتن جو عالمي ڏينھن طور ملھايو ويندو آهي. پاڪستان جي سماجي تنظيمن پاران سالانا ڪانفرنس 15 آڪٽوبر 2010ع تي اسلام آباد ۾ منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ سڄي پاڪستان مان عورتن کي گهرايو ويو هو تہ هو PODA جي پليٽ فارم تان پنھنجا مسئلا ٻڌائين ۽ انھن مسئلن جو سندن نظر ۾ جيڪو حل هجي اهو بہ شيئر ڪن.
سڄي پاڪستان جي رنگا رنگ ثقافت جو مجموعو بڻجندڙ ٻن ڏينھن جي ڪانفرنس جي سڄي سونھن عورتن جي ذھني سجاڳيءَ ۾ هئي. جن عورتن ڪڏھن هڪ گهر کان ٻئي گهر تائين اڪيلي قدم نہ کنيو هو، اُهي عورتون دعوت نامي تي ملڪ جي هر صوبي مان گروپ ٺاهي پھتيون. ھنن جيڪي مشورا ڏنا، اهي ڪن پڙهيل لکيل دانشورن ۽ اقتصاديات جي ماهرن کان گهٽ نہ هئا.
درد استاد آهي، پيڙائون ۽ ڀوڳنائون تربيت ڪندڙ هجن ٿيون. هر انسان وقت جي بٺيءَ ۾ سڙي ڪندن بڻجي ٿو. ڀوڳنائن جعطا ڪيل شعور ڪنھن تعليمي اداري جو محتاج نہ آهي، جيڪا عورت سج جي ساڙيندڙ ڪرڻن کي منھن ڏيئي ٿي، اها يقينن اهو چاهيندي تہ سندس ڌيءَ اهو ڏينھن نہ ڏسي. هوءَ ضرور ڪنھن نہ ڪنھن چانورن جو بندوبست ڪندي؟ ساڳي طرح جن غريب هاري عورتن، غربت ۽ محنت جا ڏينھن گذارڻ جي دوران وري تباھہ ڪن ٻوڏ جا ستم سٺا آھن، انھن جو شعور سڄاڻ ڌرين کي بہ شرمائي ٿو. اڄ خيبر پختونخواھہ جي ٻھراڙيءَ جي عورت اهو سوال ٿي پڇي تہ سياستدانن وڙهي بحث ڪري صوبي جو نالو مٽائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آھن، پر ٻڌايو تہ ان سان خيبر پختونخواھہ جي عورت جي سماجي ۽ معاشرتي ۾ ڪھڙو فرق آهي؟ گلگت، بلتستان جي عورت، جيڪا ڪنھن بہ زرعي يونيورسٽي جي طالب علم نہ رهي آهي، پر اها چوي ٿي تہ گلگت، بلتستان ۽ اسڪردو ۾ پوکجندڙ فروٽ اتي جي فروٽن کان وڌيڪ آهي، ان کي ايڪسپورٽ ڪيو وڃي ۽ ماڻھن کي Food Preservation جي تربيت ڏني وڃي. گلگت بلتستان ۾ پٽاٽن جي پيداوار سٺي ٿي ٿئي، ان ڪري اتي پٽاٽا ۽ چپس ٺاهڻ جا ڪارخانا لڳايا وڃن. اها خواهش بہ خيبر پختونخواھہ جي عورتن جي هئي تہ ھنن کي امداد ڏيئي فقير نہ بنايو وڃي، پر روزگار جا ذريعي ۽ موقعا فراهم ڪيا وڃن.
بلوچستان جي پسمانده علائقن جون عورتون بہ اهو ڄاڻن ٿيون تہ نفسياتي مسئلن جو هجڻ بيمارين کي جنم ٿو ڏيئي. ٻارن جي گهڻائي عورتن جي صحت جي تباهي آهي، ان ڪري ھنن جي خواهش هئي تہ حڪومت عورتن جي صحت لاءِ سنجيدہ قدم کڻي. ٻھراڙيءَ جي جفاڪش عورت، پنھنجي وس کان وڌيڪ محنت ڪري ٿي، ٻنين ۾ پنھنجي همت محنت ۽ پورهيي جا جهنڊا اڀا ڪرڻ بعد بہ هوءَ گهر ۾ چپ ڪري نٿي ويھي. ٻھراڙيءَ جي عورت آرام جي لفظ کان واقف ئي نہ آهي. ھن جي واندڪائيءَ جي وندر بہ پورهيو آهي، هو پنھنجي سوچ جي نفاست ۽ روح جا رنگ ڪپڙي تي مشتمل ٿي ڪري بنا ڪنھن آرٽ جي اسڪول ۾ تربيت وٺڻ جي هو عقل کي حيران ڪندڙ شاھہ پاران تخليق ٿي ڪري، اهو ڀرٿ هجي، رلين جو ڪم هجي، ڪروش جي ڪاريگري هجي، دٻڪيون، وچڻيون ۽ تڏا ٺاهڻ جو فن هجي، هوءَ هر ميدان جي کٽڻھار آهي. ھن جي اندر جو حسن، جنھن ويل انڊلٺي رنگن جو ويس ڍڪي، رلين، گجن، گُلن جو روپ ڌارڻ ڪري سامھون اچي ٿو تہ دنيا لاءِ ان جو ملھہ ڪٽڻ ڪٺن ٿي ٿو وڃي. صرف هوءَ غريب عورت ان ملھہ کان واقف ٿئي ٿي، ان ڪري ئي بلوچستان جون عورتون چون ٿيون تہ عورتن جي هٿ جي ھنرن جي مارڪيٽنگ ڪئي وڃي. حڪومت جي سرپرستي انھن ھنرن کي دنيا ۾ مشھور ڪري سگهي ٿي. بلوچستان جون عورتون اهو ڄاڻن ٿيون تہ پسمانده علائقن ۾ گهريلو صنعت جو فروغ، عورتن جي سماجي ۽ معاشي صورتحال کي تبديل ڪندڙ ثابت ٿيندو. پنھنجي تڪليفن کي ساھہ سان سانڍيندڙ عورت، ٻچن ٻارن لاءِ ڏينھن رات پاڻ پتوڙيندڙ، پاڻ ڌڪا کائي پنھنجن ٻارن لاءِ رستا آسان ڪندڙ، ڦٽين چونڊڻ ويل، رئي جي هڪ پلئہ ۾، پورهيي جا گل رکندڙ ۽ ٻئي پلئہ ۾ پنھنجي ٻار کي لڪائيندڙ، لاباري محل ٻار کي پٺيءَ سان ٻڌندڙ عورت گهر جي پالتو جانورن کي بہ پنھنجي گهر ڀاتيءَ جيان مان ڏيندڙ هجي ٿي. مينھن هجي، ڍڳي هجي، ٻڪري هجي، ھن کي کارائڻ، پيارڻ، وھنجارڻ، گهمائڻ هر ڳالھہ ڄڻ تہ ھن جي زندگيءَ سان وابستہ هجي ٿي. گهر جي فرد وانگيان ھن کي جانورن جي ضرورتن جي بہ پروڙ هجي ٿي. کارائڻ، پيارڻ کان علاوہ ھن جي آرام جو خيال رکڻ بہ ڄڻ تہ ھن جي ذميواري هجي ٿي. انھن سڀني ڳالھين جي باوجود هوءَ مالڪيءَ جي حق کان محروم آهي. هوءَ مينھن ڍڳيءَ جو کير ڏهي سگهي ٿي، وڪڻي سگهي ٿي، صبح جانورن کي چارو ڏيئي، کير ڏهي وري بار مٿي تي کڻي ڳوٺ کان ٻاهر يا اندر وڪڻڻ وڃي سگهي ٿي، پر ان آمدنيءَ تي اختيار کان محروم آهي. پنجاب جي عورت ان منفي اڻ برابري واري رويي خلاف آواز بلند ڪيو آهي. پنجاب جي عورت مالڪي وٺڻ واري رستي تي پھريون قدم کنيو آهي. هو ان ڀوڳنا جي سفر کي مختصر ڪرڻ جي اڇا رکي ٿي. ھن اعلان ڪيو تہ گهر جا مال مويشي، ڍور عورت جي نالي ڪيا وڃن، انھن جي مالڪي عورت کي ڏني وڃي ۽ جتي ضرور محسوس ٿئي، سرڪار گهريلو جانورن جي پرورش لاءِ عورتن کي جديد معلومات ۽ تربيت فراهم ڪري، زماني جا سرد و گرم حالات برداشت ڪري، ڏکن ڏاکڙن جون منزلون اڪري، سماج جا ستم سھي، پنجاب جي عورت جو شعور اها گواهي ٿو ڏي تہ انتظامي ادارن ۾ عورتن جي غير موجودگي مسئلن کي وڌائيندڙ هجي ٿي. بي قرار ٿي، ھن اهو نعرو ھنيو آهي تہ حڪومت جي هر انتظامي ادارن ۾ ۽ ٻوڏ جي تباھہ ڪارين کان پوءِ قائم، ٿيندڙ بحاليءَ جي ادارن ۾ عورتن کي مردن جي برابر شريڪ ڪيو وڃي.
صدين جي پيڙا ڀوڳيندڙ عورت جو شعور صبح جي روشن اڀرندڙ سج جيان شفاف ۽ اجرو آهي، جيڪو سماج تي ڇانيل تعصب جي ڪاراڻ کي ڪٽڻ جي جاکوڙ ٿو ڪري ۽ انھن راھن جي نشاندهي ڪندڙ ثابت ٿيندو، جيڪي غربت ۽ بدحالي جي خاتمي طرف وڃن ٿيون. غربت ۽ بدحاليءَ جو خاتمو تڏھن ممڪن آهي، جڏھن ان جي پاڙن کي ختم ڪيو وڃي ۽ ان غربت جون پاڙون سماج جي منفي اڻ برابريءَ واري رويي ۾ موجود آهي. نفرتن جو خاتمو غربت جو خاتمو ثابت ٿي سگهي ٿو. پشپا ولڀ جون سٽون آھن تہ:
آئون ئي لڪشمي، آئون ئي سرسوتي
آئون ئي ورکا آهيان
جي سچ پڇو تہ
ڏاڍ جي ڀوت کي ناش ڪندڙ
آئون ئي ڪالي آهيان
ٻاهر تہ ڄڻ
راھہ جي ڌوڙ آهيان
رات جي ڪاري چادر
۽ ڏينھن جو چلھہ ۽ چوڪو آهيان!
آئون اڇن ڪپڙن ۽ پٽڪي واري
بوٽ، ڪوٽل پاتل
ماڻھوءَ جي پويان
ٻانڌڻي پڙي ۾
کھنڀي اوڍيلپيرن اڀراڻي
ويندڙ ڪولھڻ آهيان!
ها اها ئي پراچين سمي کان مرد جي پويان پيرن اگهاڙي ڊوڙندڙ ڀڄندڙ ڪولھڻ، جنھن ويل اسٽيج تي بيھي مائيڪ تي ڳالھائي ٿي تہ، چوي ٿي تہ، سڄي پاڪستان جي عورتن لاءِ ڪيٽل فارم ٺاهيا وڃن ۽ بنا پارٽي ۽ منصب جي تفريق جي سڀني کي هڪجھڙا موقعا ڏنا وڃن، ڳوٺن ۾ ڪليڪٽو ايگريڪلچر فارم ٺاهيا وڃن ۽ مالڪاڻا حق عورتن کي ڏنا وڃن. صدين کان پيڙائن جو سفر ڪندڙ سنڌي عورت کي جنھن مھل پنھنجي ڏکن جو ادراڪ ٿئي ٿو تہ ھن جا حواس گواهي ٿا ڏين تہ هوءَ اهڙيءَ سلوڪ جي مستحق نہ آهي تہ پوءِ ذھني سجاڳيءَ جا در ائين کُلن ٿا جو سماج بہ ڪجهہ تبديليءَ بابت سوچڻ تي مجبور ٿي ٿو وڃي. عورتون بہ پنھنجا ڏک دنيا جي آڏو ٻڌائين ٿيون، جن کي ٻوڏ جي هاڃن سان گڏوگڏ تعصب جي روين کي بہ منھن ڏيڻو پيو. ذات پات جي ڄار ۾ ڦاٿل سماج انھن کي مڪليءَ جي قبرستان ۾ بہ پناھہ وٺڻ نہ ڏني ۽ رليف جي شين کان انھن کي محروم رکيو ويو.
اڄ جي سنڌي عورت هر ضلعي ۾ هڪ مثالي شھر اڏڻ جي خواهش رکي ٿي، هوءَ حڪومت کان مطالبو ٿي ڪري تہ اهڙو شھر هجي، جتي بھترين جديد تعليمي سھولتن سان ڀرپور اسڪول هجي. هڪ مثالي جديد اسپتال هجي، جنھن ۾ عورتن جي گائني جي مسئلن ۽ نفسياتي مسئلن کي حل ڪيو وڃي، عورتن جو مناسب علاج ۽ انھن کي صحت ۽ تندرستيءَ بابت مناسب مشورا ڏنا وڃن، لاتعداد ننڍيون ننڍيون، وڏيون وڏيون معنائون رکندڙ خواهشون آھن، جيڪي مضبوط پس منظر رکن ٿيون، ڪابہ خواهش، ڪو بي ربط سوچن تي مشتمل خواب نہ آهي. ڏکن تڪليفن، پيڙائن عورتن کي سيکاريو آهي، ھن جي تربيت ڪئي آهي. ھن جي امتحان گاھہ بہ سماج آهي، تربيت گاھہ بہ سماج آهي ۽ وري هوءَ ان سماج جي بھتري لاءِ قدم کڻڻ جي سوچ بہ رکي ٿي. مڃتا ماڻڻ جي رستي تي قدم رکندڙ جفاڪش ٻھراڙيءَ جي عورت جي سجاڳيءَ زماني جي هر چئلينج کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ھن جي خواهش ۽ سوچن کي سماج ۾ رائج ٿيڻ کان ڪوبہ روڪي نٿو سگهي. صرف سماجي شعور جا اها دروا ڪرڻ جي ضرورت آهي، جن تي صنفي اڻ برابريءَ جا تالا لڳل آھن، جيڪي هر مثبت سوچ کي اندر داخل ٿيڻ نٿا ڏين. سامي شايد انھن لاءِ ئي چيو آهي تہ:
پٿر پوڄا ڪن، رام نہ ڏسن روح ۾
پنڊت ڄاڻي پاڻ کي، ڪرمن منجهہ پچن
جهاتي پائي گهر ۾، سامي ڪين ڏس
چريا سي چئجن، جن مرهم نہ رکيو من جو.
28 آڪٽوبر 2010ع