ڪتاب جو نالو: مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾
مصنف: دادا سنڌي
ڇپائيندڙ: مهراڻ اڪيڊمي
ڪيٽيگري: مذهب
شايع ٿيڻ جو سال: 2009
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 27 مارچ 2020 ع
پڙهيو ويو: 620 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 168 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
حضور نبي ڪريمﷺ جي سهڻي سيرت تي دنيا جي سڀني ٻولين ۾ ايترا ته ڪتاب لکيا ويا آهن جن جو شمار ڪونهي . پر ان کان پوءِ تشنگي اڃان موجود آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جي سيرت، اخلاق، پيغام، آندل شريعت ۽ زندگي جي مختلف پهلوئن بابت غير مسلمانن جي شاهدي آندي ويئي آهي.
رسول ڪريمﷺ کي ”صادق ۽ امين“ جا لقب ڪنهن مسلمان جي ٽولي نه ڏنا هئا، پر عام مخلوق سالن جا سال رسول رحمت ﷺ سان گڏ گذارڻ کان پوءِ مديني جي مير ﷺ جي خصلتن ۽ خوبين کي ڏسندي کيس حقيقت ۽ سچائيءَ جي بنياد تي پرکيندي ” صادق ۽ امين “ جي خطابن جو حقدار ڄاتو هو. جنهن جو ساڻن سخت دشمني رکندي به برملا اظهار ۽ اعتراف ڪندا رهندا هئا.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • پنهنجي پاران ( پنجين ڇاپي لاءِ)
  • مڃ محمد ﷺ ڪارڻي
  • ڀاڱو پهريون : مشرقي عالم

  • اسلامي ڪلمي جو روح: مالڪ رام
  • حضرت محمد ﷺ جن جون شاديون : پنڊت سندر لال
  • حضرت محمد ﷺ جي ڪاميابي جو راز: شري لاله ديش، بنڌوجي
  • وڏو مذهبي اڳواڻ: لالا لجپت راءِ
  • پيغمبر اسلام جي رهڻي ڪهڻي: پنڊت سندر لال
  • حضور اڪرم ﷺ جن جي زندگي جا روشن پهلو : راڻا ڀڳوان داس
  • ٻانهپ جو خاتمو: لالا شيام ايم اي ( دهلي )
  • اقوال محمد جي اهميت: سردار ديوان سنگهه مفتون
  • نور جو مينار: مسٽر پي، يون منت رائو
  • من مرادون پنيون: پروفيسر بي ايس دارا ( سک )
  • آرياڻي اجاريو: سوامي ديانند
  • عرب جو لعل : سوامي لڪشمن جي مهراج
  • ساري عالم لاءِ رحمت: جناب بي ايس انڌاواهو شيارپور
  • ٻڌي ۽ اتحاد جي تعليم: موتي لال ماٿر
  • عالمي پيغام: پنڊت گووند پلنٿ
  • رحمت العالمين: سوامي برج نارائڻ سنياسي
  • ڪملا ديوي
  • ڪاري چادر وارو: مهاتما گانڌي
  • عظيم پيغمبر: ٽئگور
  • جهموريت جو قائد: مسز سرونجي نائڊو
  • تاريخ جي معتبر هستي: پروفيسر اگهو پتي فراق گورکپوري
  • امن ۽ سچائي جو سج: ساڌو ٽي ايل واسواڻي
  • ڪرامتن جو خزانو: مسٽر اي آر واريا
  • پيغمبر اسلام: راما ڪرشن رائو
  • اعلى انسان: ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي
  • ڪامل انسان: سواسي ويڪانند
  • سچو پيغمبر: شري پت مهاشر منوهر سهائي
  • حوصلي مند شخصيت: تامل ناڊ مسٽرانادوائي
  • حب رسول جو اعلى مثال: ڊاڪٽر مسز ايني بيسنت
  • رحمت جو ڪڪر: پنڊت گوپال ڪرشن بي اي
  • عظيم مصلح : ماستر شنڪر داس گياني
  • ڪائنات لاءِ پيغام: مسٽر اجيت پرشاد اجين
  • توحيد جو پرچارڪ: جناب ڊاڪٽر يُڌوير سنگهه
  • حب الوطني جو درس ڏيندڙ: سردار رام سنگهه گياني امر ترسي
  • حضرت محمد ﷺ جو سبق: ٺاڪر حڪم سنگهه
  • جهموريت جو علمبردار: جناب لالا رام ورما
  • ڀاڱو ٻيو: مغربي عالم

  • خراج عقيدت: نيپولين بونا پارٽ ( فرا نس)
  • صاف سٿري زندگي: ڊاڪٽر جي ويل 
  • اسلام جو باني: ٿامس واڪر آرنولڊ ( انگلينڊ )
  • مذهبي اتحاد جو پيغمبر: نان ڪريمر
  • عقليت جو پيغمبر: پروفيسر ايڊورت مونت
  • جڳ لاءِ رحمت: ڊاڪٽر ڊي رائيٽ
  • بهترين مصلح: مسٽر وائل
  • غار ثور جو واقعو: سي ايف اينڊ ريوز
  • سياسي مدبر: روسو
  • حضرت محمد ﷺ جو پيغام: ايڊيٽر لائف انٽرنيشنل نيويارڪ
  • پاڻ سڳورن جي سچائي جا دليل: جان ڊيون پورٽ
  • پاڻ سڳورن جي سادگي: اسٽينلي لين پول
  • رحمدل پيغمبر: موسيو بار ٿيلمي
  • مصلح اعظم: ڪائونٽ ٽالسٽائي
  • عظيم انقلاب: ڪار لائل
  • سچا نبي ﷺ: ٿامس ڪار لائل
  • دستورالعمل: هائنگر
  • دنيا جو محسن اعظم ﷺ: جارج برناڊشا
  • محمدي قانون: ايڍمنڊيرڪ
  • عظيم مفڪر: ڪيمر ٽين
  • قوم جا محسن: نڪولس
  • سٻاجهو نبي ﷺ: ليفٽيننٽ ڪرنل سائلس
  • منتظم اعلى ﷺ: پروفيسر باسورٿ اسمٿ
  • محمد ﷺ جي شخصيت: سر وليم ميور
  • اسلام جي ترقي جو راز: ڊاڪٽر برمنگهم
  • دين محمدي جي سچائي: بشپ بوڊ ڪارپنٽر 
  • ابدي تعليم: لين پول
  • سادگي: ڊاڪٽر ليبان
  • سچي نبوت: جاج ميل
  • ساراهه جوڳو قدم: وليم ڊائو
  • سچا رسول: ريورنڊ آرميڪوئل
  • قرب جي حڪومت: واشنگٽن ارونگ
  • عورتن جي حقن جو محافظ: مسٽر پيٽر ڪريبٽس
  • اعلى اخلاق جو مجسمو: منٽگمري واٽ
  • اعلى نصب العين: لئمر ٽين
  • ايل اي برائون
  • پاڪ دعوت: جان وليم ڊريپر
  • روشني جي لاٽ: ميجر آرٿن ڪلائن ليونارڊ
  • مڃڻ جهڙا اصول: پروفيسر ايڊورڊ مانٽي
  • ڊاڪٽر آرفري مين
  • آخري رسول: مسٽر اين گراسن
  • عالمي اتحاد: پروفيسر هرگونجي
  • مددي ڪتاب

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب: مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾
    ليکڪ: دادا سنڌي
    ڇپائيندڙ : مهراڻ اڪيڊمي
    ڪمپوزنگ : اسٽار ڪمپوزرس شڪارپور
    ڇاپو پهريون : 1994
    ڇاپو پنجون: 2009
    تعداد : هڪ هزار
    ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    books.sindhsalamat.com


    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ” مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، محقق ۽ تاريخدان دادا سنڌيءَ جو لکيل آهي.
    حضور نبي ڪريمﷺ جي سهڻي سيرت تي دنيا جي سڀني ٻولين ۾ ايترا ته ڪتاب لکيا ويا آهن جن جو شمار ڪونهي . پر ان کان پوءِ تشنگي اڃان موجود آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جي سيرت، اخلاق، پيغام، آندل شريعت ۽ زندگي جي مختلف پهلوئن بابت غير مسلمانن جي شاهدي آندي ويئي آهي.
    رسول ڪريمﷺ کي ”صادق ۽ امين“ جا لقب ڪنهن مسلمان جي ٽولي نه ڏنا هئا، پر عام مخلوق سالن جا سال رسول رحمت ﷺ سان گڏ گذارڻ کان پوءِ مديني جي مير ﷺ جي خصلتن ۽ خوبين کي ڏسندي کيس حقيقت ۽ سچائيءَ جي بنياد تي پرکيندي ” صادق ۽ امين “ جي خطابن جو حقدار ڄاتو هو. جنهن جو ساڻن سخت دشمني رکندي به برملا اظهار ۽ اعتراف ڪندا رهندا هئا.
    ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1994ع ۾ مھراڻ اڪيڊمي پاران، جڏھن ته پنجون ڇاپو 2009ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون پياري قاسم سومري جا جنهن ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پنهنجي پاران ( پنجين ڇاپي لاءِ)

    رب پاڪ جا ڪروڙين ڪرم ٿيا جو ٻنهي جهانن جي سردار، ڪائنات جي ڪارڻي حضرت محمدﷺ جي ڀلاري سيرت ۽ پيغام تي سنڌي ۾ هن ڪتاب شايع ڪرڻ جي توفيق ملي. الله پاڪ، الله پاڪ جا ڪروڙين ملائڪ جنهن هستي تي سلام موڪلين، اها هستي انسانن جي سلامن کان بي نياز آهي. پر ايمان وارن تي لازم آهي ته پنهنجي هادي ۽ رهبر، شافع محشر، حضرت حبيب ڪريمﷺ تي صبح وشام سلام ۽ درود موڪلين. سندس سيرت پاڪ نه صرف بيان ڪن پر پاڻ ڪريمن جي آندل تعليم جي روشني ۾ سموري حياتي گذارين.
    حضور نبي ڪريمﷺ جي سهڻي سيرت تي دنيا جي سڀني ٻولين ۾ ايترا ته ڪتاب لکيا ويا آهن جن جو شمار ڪونهي . پر ان کان پوءِ تشنگي اڃان موجود آهي. اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ به جيتوڻيڪ گهڻو ڪم ته ڪونهي پر ڪجهه نه ڪجهه ضرور آهي.
    مهراڻ اڪيڊمي هن کان اڳ رهبر اعظمﷺ، سچو سرورﷺ، سهڻو سردارﷺ، هادي جون هدايتون، پيغمبري فرمان جهڙا انمول ڪتاب شايع ڪيا آهن.
    هي ڪتاب به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جي سيرت، اخلاق، پيغام، آندل شريعت ۽ زندگي جي مختلف پهلوئن بابت غير مسلمانن جي شاهدي آندي ويئي آهي.
    سنڌ جي نامياري اسڪالر ۽ اديب محترم دادا سنڌي رح، وڏي عقيدت، محبت ۽ پاٻوهه مان ”مٺي محبوب“ ﷺ بابت غير مسلمانن جا رايا سهيڙِي، ڪتابي شڪل ۾ پيش ڪيا آهن، جنهن لاءِ هو مبارڪباد جو مستحق آهي. منهنجي ڄاڻ ۾ سنڌي ٻولي ۾ هن قسم جو ڪتاب اڄ تائين شايع نه ٿيو آهي.
    ”مٺو محبوب ﷺ غير مسلمانن جي نظر ۾“ جا پيش لفظ مشهور محقق ۽ نوجوان اسڪالر انجنيئر عبدالمالڪ لکيا آهن. جنهن لاءِ مان سندس ٿورائتو آهيان.
    پروفن پڙهڻ ۾ خالد سيف الله ڀٽي ۽ سردار احمد گڏاڻي ۽ اسٽار ڪمپوزرس شڪارپور جي آپريٽر رضاءُ الله گهمرو جو پڻ ٿورائتو آهيان جن رات ڏينهن هڪ ڪري هن ڪتاب ڱي وقت سر ِ آڻڻ ۾ منهنجو هٿ ونڊايو.
    مونکي اميد آهي ته هي ڪتاب مصنف ناشر ۽ جملي سهڪار ڪندڙ دوستن لاءِ آخرت جو ثمر ثابت ٿيندو. انشاءَ الله.

    قمر ميمڻ
    سيڪريٽري
    مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور


    مڃ محمد ﷺ ڪارڻي

    هي هڪڙي عام فطري ڳالهه آهي ته ڪنهن آفيسر يا بادشاهه جي نظر هميشه ڪنهن سهڻين صفتن واري ۽ ڄاڻو ماڻهو کي پسند ڪندي آهي جيڪو بادشاهه جو گهڻگهرو هوندو آهي. تنهن ۾ ضرور ڪي اهڙيون صفتون ۽ اخلاق موجود هوندا آهن جيڪي بادشاهه جي دل ۾ هن لاءِ جاءِ پيدا ڪندا آهن، تڏهن ئي ته کيس بادشاهه جو خاص قرب حاصل ٿيندو آهي ۽ انهيءَ قرب سبب اڳتي وڌي هو بادشاهه جو خاص رازدان بڻبو آهي ۽ پوءِ هو شاهي احڪام ۽ فرمان چڱيءَ طرح سمجهي سگهندو آهي. هر حڪم جو مقصد ۽ مطلب ۽ ان جي حد، بادشاهه جو اشارو، مرضي ۽ ناراضپو ڀليءَ ڀت پروڙي وٺندو آهي. پوءِ جڏهن عام ماڻهو بادشاهه سان سندس قرب ۽ پيار ڏسندا آهن ته، ساڻس ويجها ٿيڻ لڳندا آهن. سندس فرمانبرداري ڪري قرب ماڻڻ جا حيلا ڪندا آهن ۽ سندن دلين ۾ هن لاءِ محبت، عزت ۽ عظمت قائم ٿي ويندي آهي.
    هي معاملو آهي عام دنيا جي بادشاهن ۽ سندس پيارن جو، جن جي نه عزت ۽ عظمت ڪامل، نه علم مڪمل، نه قدرت جامع ۽ نه هو پنهنجي حڪمن کي مڃرائڻ ۾ وس وارا! ڇو ته انسان هئڻ جي ناتي منجهن بشري اوڻاين ۽ ڪمزورين جو هئڻ اڻ اثر آهي. پر هن جي ڀيٽ ۾ ملڪ ۽ ملائڪن جي مالڪ ۽ حقيقي خالق الله بادشاهه جو شان، مان، قدرت، عزت ۽ عظمت هميشه هميشه رهڻ واري ۽ هر ڪنهن نقص کان پاڪ ۽ بي عيب آهي. هاڻي سوچيو ته ڀلا اهڙو شهنشاهه عالم الغيب والشهادته جڏهن ڪنهن کي چونڊي مقرب بڻائي، پنهنجي ۽ پنهنجي خلوق جي وچ ۾ پيغمبريءَ جهڙو عظيم منصب عطا فرمائيندو ته اهو عظيم انسان ڪيڏين نه سهڻين صفتن وارو، عظمت ڀريو، ڪمال ۽ جمال جو مالڪ هوندو!
    جڏهن اها ڳالهه پڌري ٿي وئي ته رب العالمين، رحمت اللعالمين حضرت محمد مصطفى ﷺ کي سڄي ڪائنات مٿان فضيلت ۽ اعلى مقام عطا ڪري، پنهنجي خاص قرب سان نوازيو ته هاڻ ظاهر آهي ته جنهن کي خالق عظيم بڻائي، عظيم سمجهي ۽ عظيم سڏي، تنهن کي عظيم مڃڻ کان ڀلا مخلوق ڪيئن ٿي انڪار ڪري سگهي!
    جڳ مشهور آمريڪي عيسائي ليکڪ وليم هارٽ پنهنجي ڪتاب ” 100 THE“ جي صفحي 39 تي سچ جو اظهار ڪندي لکي ٿو ته، ”ٻين مکيه سببن جي ڪري محمد ﷺ کي عيسى (عليه السلام) تي سرسي حاصل آهي، هڪڙو هي ته عيسى عه جي عيسائيت کي پکيڙڻ تي سرسي حاصل آهي، هڪڙو هي عيسى عه جي عيسائيت کي پکيڙڻ وارين ڪوششن جي ڀيٽ ۾ محمد ﷺ اسلام کي زور وٺائڻ لاءِ تمام گهڻو وڌيڪ اهم ڪردار ادا ڪيو جيتوڻيڪ عيسى عه عيسائيت جي مکيه روحاني ۽ اخلاقي قدرن جو باني هو، پر عيسائي نظريي جي ترقي ۽ ان جي مکيه واڌ ويجهه کان سواءِ انجيل جي وڏي حصي جي ليکڪ هئڻ جو اعزاز سينٽ پال کي حاصل آهي.
    جڏهن ته محمد ﷺ ٻنهي ڳالهين، اسلامي نظريي ۽ ان جي مکيه روحاني ۽ اخلاقي اصولن جو اڪيلو سرواڻ هو. هن سان گڏوگڏ هن اسلام جي نئين عقيدي کي پکيڙڻ ۽ ان جي مذهبي معاملن کي زور وٺائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. هن کان سواءِ، هو مسلمانن جي مذهبي مقدس ڪتاب يعني قرآن جو سهيڙيندڙ پڻ آهي، جيڪو مٿس الله پاڪ پاران وحيءَ ذريعي نازل ٿيو، جنهن جو گهڻو ڀاڱو ديانتداريءَ سان محمد ﷺ جي حياتيءَ ۾ ئي قلمبند ڪيو ويو ۽ اهو سمورو ڪتاب معتبر طريقي سان سندس وفات جي ٿورڙي ئي عرصي ۾ جمع ڪيو ويو، تنهن ڪري قرآن، محمد ﷺ جي اصولن ۽ تعليمات کي ظاهر ڪري ٿو ۽ اهو ممڪن حد تائين سندس حقيقي لفظن تي ٻڌل آهي. هن جي ڀيٽ ۾عيسي عه جي تعليمات هي اهڙي قسم جي ڪابه جامع تحريري صورت موجود ڪونهي . جيئن ته مسلمانن وٽ جهڙي قرآن جي اهميت آهي تهڙي عيسائين وٽ انجيل جي آهي، هن حالت ۾ به قرآن جي موجودگيءَ سبب محمد ﷺ وڌيڪ اثرائتو ۽ مانائتو آهي. هن ڳالهه جي ئي ڪري ٿي سگهي ٿو ته اڪيلي محمد ﷺ جو اسلام ۾ اثر حضرت عيسى عه ۽ سينٽ پال جي عيسائيت ۾ گڏيل اثر کان به واڌارو آهي.“
    جڏهن اسين پاڻ ڪريم ﷺ جن جي اخلاق، ڪردار ۽ صفتن تي نظر وجهون ٿا ته اها حقيقت سج جيان چٽي ڏسجي ٿي ته واقعي پاڻ سڳورا ﷺ پنهنجي ڪمالات ۾ جميع الخلائق ۾ مٿاهان ۽ معتبر آهن ۽ سندس اهي ڪمال ڪي ڳجها ڪونهن، بلڪ اظهر من الشمس آهن، جن کي دوست ۽ دشمن سڀئي ڄاڻن ٿا. ائين ڪونهي ته پاڻ ڪريمن ﷺ جي ڪمالات کي ڪنهن جماعت رڳو عقيدت وچان دنيا ۾ مشهور ڪري ڇڏيو هجي. پر پاڻ سڳورن ﷺ جي ڪمالات ۽ عظمت کي سڄي دنيا ڏسي واسي ” پرکي ۽ پروڙي پوءِ تسليم ڪيو آهي.
    کين ” صادق ۽ امين“ جا لقب ڪنهن مسلمان جي ٽولي نه ڏنا هئا، پر عام مخلوق سالن جا سال رسول رحمت ﷺ سان گڏ گذارڻ کان پوءِ مديني جي مير ﷺ جي خصلتن ۽ خوبين کي ڏسندي کيس حقيقت ۽ سچائيءَ جي بنياد تي پرکيندي ” صادق ۽ امين “ جي خطابن جو حقدار ڄاتو هو. جنهن جو ساڻن سخت دشمني رکندي به برملا اظهار ۽ اعتراف ڪندا رهندا هئا.
    هيءَ ڳالهه چڱيءَ طرح سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته پاڻ سڳورن جا سمورا حيرت ۾ وجهندڙ ڪمالات، محيرالعقول (عقل کي دنگ ڪندڙ ) ڪارناما ۽ فوق العادت صفتون بحيثيت الرسول هئا. ائين نه هو جيئن ڪن متن موڙهيل ڏاهن سمجهيو آهي ته پاڻ سڳورا ﷺ تمام وڏا رفارمر (سماج سڌارڪ) هئا يا قوم جا همدرد ۽ هڪ مدبر ليڊر هئا ۽ هڪ رفارمر ۽ قوم جي ليڊر واري حيثيت ۾ پاڻ سڳورن ‌ﷺ هي عظيم انقلاب برپا ڪري ڏيکاريو ۽ پنهنجي ڏتڙيل ۽ پٺتي پيل قوم ۾ نهايت خوبصورتيءَ سان ٻڌي، ايڪو ۽ اتحاد پيدا ڪري، کيس انسانيت جي هڪڙي اعلى مقام تي پهچايو.
    حضورﷺ جن بابت اهڙي راءِ رکندڙن کان پڇجي ٿو ته هن دنيا ۾هزارين رفارمر، لکين ليڊر ۽ قوم جا همدرد پيدا ٿيا آهن. جيڪڏهن پاڻ سڳورن ﷺ جا هي سمورا حيرت انگيز ڪارناما انهن جي آڏو ڇڙو هڪ رفارمر جا ڪارناما هئاته ڀلا توهان دنيا وارن جي زندگيءَ مان گهڻا نه ته ٻه چار ئي اهڙا مثال ڳولهي ڏيکاريو، جن اهڙو همه گير انقلاب برپا ڪري، هڪ ظاهري تهذيب ۽ تمدن، علم ۽ اخلاق کان عاري ۽ سڀني ڏوهن ۾ ٻڏل قوم کي ايتري ٿوري عرصي ۾ ايڏو بااخلاق عادل ۽ نرم دل، بامروت، خوش اخلاق، ايثار ڀريو، مدبر حڪمران ۽ علم ۽ سمجهه جو علمبردار بڻايو ويو هجي! جن جي نالي کان هڪ طرف دنيا جون عظيم طاقتون ڏڪنديون هجن ته ٻئي طرف هو راتين جا اوجاڳا ڪڍي خدا جي خلق جي خدمت ڪرڻ ۾ هڪ ٻئي کان اڳ کڻڻ جون ڪوششون ڪندا هجن. ڇا دنيا ۾ ڪنهن رفارمر ڪڏهن ڪو اهڙو انقلاب به آندو آهي ته جيڪي ماڻهو اڳ نياڻين ۾ مان محسوس ڪرڻ لڳن؟ جڏهن کان دنيا قائم ٿي آهي، تڏهن کان اڄ تاءِ وڏا وڏا بادشاهه فاتح، حڪمران، ڏاها، عقلمند، فيلسوف، رفارمر ۽ ليڊر پيدا ٿيندا رهيا آهن پر تاريخ جواب ڏئي ته مديني جي مير مٺي مرسل محمد رسول الله ﷺ جي پيدا ڪيل، سيکاريل ۽ سڌاريل انسانن کان سواءِ ڇا ٻيا به اهڙا مصلح پيدا ٿيا آهن، جن جي اصلاح سان ايڏي وڏي جاهل قوم اهڙي عادل، عديل، بيمثال، بامروت ۽ ايثار واري بڻجي وئي هجي.
    بيشڪ دنيا جي تاريخ ۾ اهڙن بادشاهن جا بيشمار واقعا ملندا، جن ملڪ فتح ڪيا، وڏا وڏا قلعا محل ۽ ماڙيون اڏيون ۽ مٿن پنهنجي فتح جا جهنڊا کوڙيا، پر ڇا دنيا ۾ ڪو اهڙو فاتح به ٿي گذريو آهي. جنهن ملڪن کي فتح ڪرڻ کان اڳ دلين کي فتح ڪيو هجي جنهن محل ۽ قلعا اڏائڻ کان اڳ سيرت ۽ ڪردار جي تعمير ڪئي هجي ۽ ” رحماه بينهم “ جي صفت واري متحد ۽ متفق، ايثار سان سرشار اهڙي جماعت تيار ڪئي هجي جو سندن اتفاق، اتحاد، عدل ۽ انصاف جي اثر سان ٻڪري ۽ شينهن گڏ چرندا هجن ۽ بگهڙ ۽ رڍ هڪ هنڌان پاڻي پيئندا هجن.
    جڏهن اسين هنن حقيقتن جي روشنيءَ ۾ غور ڪنداسين ته ضرور هن حقيقت کي مڃڻو پوندو ته هي ڪم، هي ڪارنامو هرگز ڪنهن بادشاهه، ليڊر يا رفارمر آيا ۽ اڄ به هام هڻن پيا، جيڪي دنيا وارن لاءِ امن سلامتيءَ ۽ انسانن جي سڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ وڏا وڏا منصوبا رٿين ۽ پيش ڪن پيا، پر سچ ٻڌايو ته ڇا اهي ماڻهو تر جيتري به دنيا کي امن اطمينان قلبي سڪون، سک ۽ ايمانداريءَ جي دولت ڏئي سگهيا آهن؟ ڇا سندن تجويزون ۽ تعليم سندن پنهنجي نفس کي به سڌاري ۽ اصلاح ڪري سگهيون آهن؟ جيڪڏهن جواب انڪار ۾ آهي ۽ پڪ سان ناڪار ۾ آهي ته پوءِ اسان کي هي مڃڻو پوندو ته هي عظيم انقلاب هڪ سچي سرواڻ، سرور ۽ رسول ﷺ جو ئي هو. جيڪو عظيم ترين سڏائڻ ۽ سڏجڻ جو سچو پچو حقدار آهي.
    محترم دادا سنڌي جي شخصيت سنڌ واسين کان هرگز ڳجهي ناهي، سندس لکڻي ۾ رواني ۽ ميٺاج پڙهندڙ کي اوجاڳي جي احساس کان آجو رکندڙ آهي. اکرن جي جوڙجڪ، جملن جو سٽاءُ ۽ ٻوليءَ جي واهپي ۾ هو ڏات ڌڻي آهي. هن ڪتاب ۾ جيئن ته ڌارين جا رايا سهيڙيا اٿس، تنهن لاءِ اها ڳالهه ڀليءَ ڀت پڌري آهي ته انهن مان گهڻا ڪنهن نه ڪنهن ڌاريءَ ٻوليءَ ۾ هوندا. تنهن هوندي به هن ڪتاب ۾ اهو مواد ائين پيو ڀانئجي جهڙوڪ انهن صاحبن اهي رايا اصل سنڌي ٻوليءَ ۾ ظاهر ڪيا هجن. انهيءَ ڪامياب ملوڪ ۽ ملهائتي ڪاوش تي دادا ضرور کيرون لهڻيون.
    داداسنڌي جي بقول ته ” مان انهن بزرگن ۽ دوستن جو نهايت ٿورائتو آهيان، جن مونکي ديني ادب ڏانهن راغب ڪيو ۽ آخرت سنوارڻ جي ترغيب ڏني. مان هن وقت تائينءَ جيڪي به لکيو آهي ان ۾ بنيادي نقطو صحتمند ادب جو ديني نظريو رهيو آهي. مون تي بنيادي طرح عالمن جو اثر رهيو آهي.“ ههڙي عظيم ۽ انمول ڪتاب جوڙڻ تي مونکي دادا جي من مندر ۾ لڪل اڻپوري آس جي تڪميل ۾ منزل ۽ ماڳ ڏانهن ڪامياب اڏام جا پڌرا اهڃاڻ پيا پسجن. رب ڪريم جي درٻار ۾ نماڻو عرض ۽ التجا اٿم ته پنهنجي حبيب مٺِي مرسل ڪريم ﷺ جي صدقي اسان اٻوجهن جو هي ننڍڙيون ڪوششون اگهائي، ٻئي جهان سڦلا ۽ سڪارتا ڪري. ( آمين)


    انجنيئر عبدالمالڪ ميمڻ
    پهرين آگسٽ 1993ع
    ٿرمل پاور اسٽيشن گڊو


    ڀاڱو پهريون : مشرقي عالم

    اسلامي ڪلمي جو روح: مالڪ رام

    الله تعالى جي نبي کان سواءِ ٻيو ڪير قول ۽ عمل ۾ سچو ٿي سگهي ٿو؟ جڏهن، انهن ڪنهن موقعي تي انساني سوچ کان مٿي ڳالهايو، يا ڪو ڪم ڪيو، ته ظاهربين ماڻهن، اهو ته، نه ڏٺو ته انهن جو هر ڪم، الله تعالى جي حڪم سان ٿئي ٿو، پر انهن، پنهنجي ننڍي کوپري کان ڪم وٺندي، اهو سوچيو ته هي ڪو معمولي انسان نه آهي، پر بشري شڪل ۾، الله تعالى پاڻ زمين تي آيو آهي. پوءِ ڪن کيس الله تعالى جو پٽ سڏيو، ته ڪن کين الله جي ڌيءَ بڻايو. اها ئي قومون، هن خيال جي ڪري گمراهه ٿيو ويون. انهن ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾، پنهنجن نبين کي اصلي حيثيت کان وڌيڪ، اهميت ڏيئي ڇڏي، ۽ انهن کي خدا جي هر صفت ۾ شامل ڪري ڇڏيو. هندستان جا اوتار ۽ ديوتا به، انهيءَ روپ ۾ پيش ڪيا ويا. عيسائين ته، حضرت عيسى عه کي الله جو پٽ، پر اهو به اڪيلو ۽ سڪيلڌو قرار ڏيئي ڇڏيو. مطلب ته، اها ساڳي غلطي ايترا دفعا ورجائي ويئي، جو ان جي پاڙ پٽڻ ڏکي ٿي پيئي. ان ڪري انکي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ کي، اسلام پنهنجي ڪلمي ۾ واضح ڪيو. مخالف چون ٿا ته، خود اسلامي ڪلمي ۾، شرڪ آهي. گنگا پرشاد اوپاڌيا، مصابيح الاسلام جي صفحي نمبر 277 تي لکي ٿو ته، جڏهن حضرت محمد ﷺ دنيا ۾ هئا، ته ان جي عزت ڪرڻ اسان جو فرض هو. پر اڄ مسلمانن، پنهنجي ڪلمي ۾، محمد ﷺ کي به، شامل ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن اسان چئون ٿا، ته الله کان سواءِ ڪو ٻيو معبود ناهي، الله حاضر ۽ ناظر آهي. اهو اسانجي ڳالهه ٻڌي ٿو، پر، جڏهن اسان چئون ٿا ته، محمد ﷺ اسان جا رسول آهن ۽ هن جملي کي، الله جي ڪلمي سان ڳنڍين ٿا. ظاهر ٿيو ته، حضرت محمد ﷺ به اسان جي ڳالهه ٻڌن ٿا، ته الله تعالى جي تصور سان، محمد صاحب جو، تصور به ان وقت اسان جي دل ۾ اچي وڃي ٿو، ته پوءِ توحيد ڪٿي رهي.“
    هي اعتراض گهڻن ئي ماڻهن ڪيو آهي. معنى ۽ مطلب ساڳيو ئي آهي. لفظ کڻي ٻيا هجن . سندن چوڻ آهي ته، ڪلمي ۾ رسول جي شموليت، توحيد جي خلاف آهي ۽ هڪ قسم جو شرڪ آهي. پر ڏٺو ويو آهي ته هن اعتراض جو بنياد ئي غلط آهي ۽ سمجهه جي کوٽ جو نتيجو آهي. ڪلمو الله يا رسول جي ٻڌائڻ لاءِ ته، پڙهيو ئي ڪونه ٿو وڃي، پر هي پنهنجي ايمان جو اعلان آهي . ڪلمو جماعتي تعلق کي ظاهر ڪري ٿو، جڏهن ڪو به ماڻهو، لا الله الا الله محمد رسول الله ﷺ چوي ٿو ته، هو هن ڳالهه جو اعلان ڪري ٿو ته، مان اڄ کان پوءِ، ڪنهن ٻئي معبود جي عبادت نه ڪندس . ايتريقدر جو، محمد ﷺ جي عبادت نه، ڇو ته هو فقط ان جا رسول آهن نه معبود آهن. هي ته عين، توحيد تي ايمان ۽ ايقان جو اعلان آهي، جنهن ۾ شرڪ ڪٿان آيو؟ ۽ ان جي ضرورت ان ڪري پيش آئي، جيئن اڳ ٻڌايو ويو آهي ته، ماضي ۾ ڪيترين ئي امتن، پنهنجن نبين کي معبود بڻايو. حالانڪ انهن نبين، اهو ٻڌايو هو، ته ” عبادت جي لائق، صرف الله تعالى آهي، ۽ اسان به اوهان وانگر انسان آهيون، اوهان وانگر ئي ماءُ پيءَ مان پئدا ٿيا سون. اوهان وانگر کائون پيئون ٿا. گهٽين ۽ رستن ۾ گهمون ڦرون ٿا، ۽ ڌنڌو ڪريون ٿا. فرق صرف هي آهي ته، اسان کي الله تعالى پنهنجي وحي سان نوازيو آهي، ورنه اسان به، اوهان وانگر ئي بشر آهيون. انما انا بشر مثلڪم يوحي. الى انما الهڪم الله واحد ( س 18، آيت 110).
    مطلب ته، اسلامي ڪلمي جو مقصد هي هو ۽ آهي ته، ڪٿي مسلمان به اڳين قومن وانگر، پنهنجي نبي ﷺ کي معبود نه بڻائين، معاذ الله! هي ڄڻڪ، خالص توحيد جو اعلان آهي. ان جي پڙهڻ وارو انجام ڪري ٿو ته اڄ کان پوءِ مان ڪنهن غيرالله جي عبادت نه ڪندس. هو کلم کلا اعلان ڪري ٿو ته، مان شاهدي ٿو ڏيان ته ” دنيا جي وڏي ۾ وڏي هستي به، عبادت جي لائق نه آهي، ۽ محمد الله جا رسول آهن.“


    حضرت محمد ﷺ جن جون شاديون : پنڊت سندر لال

    حضرت محمد ﷺ جن جون شاديون : پنڊت سندر لال

    محمد ﷺ جي، پهرئين شادي 25 سال جي عمر ۾ ٿي. انهن 25 سالن ۾، عرب ۽ خاص ڪري مڪي جي بدترين ماحول ۾، سندن رهڻي ڪهڻي بي داغ هئي. جڏهن ته، ان وهيءَ ۾، نوجوان عيش و عشرت ۽ بي راهه روي ۾ وقت وڃائيندا هئا، پر پاڻ سڳورن، ماٿرين ۽ ٽڪرين ۾ اڪيلا، ٻڪريون چاريندا هئا ۽ سوچ ۾ وقت گذاريندا هئا. ان جي دور جي شريفانه زندگي تي، ڪوبه آڱر کڻي نٿو سگهي. 25 سالن کان 50 سالن تائين، پنهنجي وفادار گهرواري حضرت خديجه رضه سان، جيڪا کانئن 15 سال وڏي هئي، پاڻ سڳورن نهايت سٺي زندگي گذاري. ان زماني ۾ هڪ ماڻهو وٽ گهڻين زالين جو رواج، عرب،يورپ ۽ گهڻو ڪري سڀني ملڪن ۾ ايترو ته عام هو، جو حضرت محمد ﷺ کانسواءِ، مڪي جي وڏن ماڻهن ۾ ڪو اهڙو گهر ڪونه هو، جنهن ۾ هڪ زال هجي، سندن پهرئين گهرواري بابت مورخ لکي ٿو ته ” 25 سالن تائين، حضرت محمد ﷺ پنهنجي وڏي گهرواري سان نهايت وفادار رهيا. جڏهن هوءَ 65 سالن جي ٿي، تڏهن به ان سان، اهو ساڳيو برتاءُ برقرار رکيائون، جهڙو شادي ڪرڻ وقت هو. انهن 25 سالن ۾ محمد ﷺ جي نيڪ رهڻي ڪهڻي خلاف ڪابه ڳالهه ڪا نه نڪتي. ان وقت جي زندگي کي، جيڪڏهن خوردبيني سان به ڏسجي ته بنهه ننڍو چٽڪو به نظر نه ايندو“.
    حضرت بيبي خديجه رضه جي وفات کان پوءِ، پاڻ آخري 13 سالن ۾ نو (9) شاديون ڪيائون. انهن شادين بابت ساڳيو مورخ لکي ٿو ته ” انهن مان ڪجهه شاديون، هن خيال سان ڪيون ويون ته ڪن عورتن جا مڙس اسلامي جنگين ۾ مارجي ويا هئا، ۽ انهن کي ڪو سنڀالڻ وارو ڪونه هو. محمد ﷺ انهن مردن کي ديني جوش ڏياري، جنگ ۾ موڪليو هو. انهن رنڙ عورتن جو حق هو، ته کين حضور ﷺ جو سهارو ملڻ کپي، ۽ جيئن ته محمد ﷺ رحمدل ته ائين به هئا، باقي ٻين شادين جو مقصد صرف، راڄ ڪاڄ جو هو، يعني هڪ ٻئي جي دلين مان نفرت ڪڍي، سردارن کي پيار ۽ محبت جي ڌاڳي ۾ ٻڌڻ هو. هي ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته، انهن ڏينهن ۾ ڪابه عزت واري عورت، سواءِ شادي ڪرڻ جي ٻئي جي گهر ۾ رهي نه ٿي سگهي. هڪ ٻيو مورخ لکي ٿو ته ” اٿڻي ويهڻي جي خيال سان محمد ﷺ معزز حيثيت رکندڙ هئا. سندن فڪر ايڏو ته بلند هو، جو هي ٿي به نٿو سگهي ته، پاڻ ان کي ائين مٽي ۽ دز ۾ روليندا رهن. پاڻ سمجهندا هئا ته، پنهنجي اثر رسوخ وڌائڻ لاءِ شادي اثرائتو ذريعو آهي. سئو ڀيري وانگر شادي به هر پاسي پنهنجون ٽنگون ڊگهيون ڪري ڇڏي ٿي ۽ اهڙا ناتا ۽ رشتا پئدا ڪري ڇڏي ٿي جيڪي ڪڏهن نه ڀڄي سگهن. تقريباً اسان جي ڄمار ۾، يورپ ۾ به اهو ئي اصول رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي، جنهن پاڻ سڳورن کي گهڻين شادين ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو. حضور ﷺ جي ايڏي وڏي مشن جو اهو هڪ ضروري حصو هو.“
    حضرت محمد ﷺ جي نون شادين جو مختصر ذڪر هن طرح آهي.
    حضرت خديجه رضه جي وفات کان پوءِ، ٻي شادي پنهنجي پياري دوست، حضرت ابوبڪر رضه جي نياڻي بي بي عائشه رضه سان ٿي، جيڪا 11 سالن جي ڪنواري عورت هئي. حضرت ابوبڪر صديق، من، تن ۽ ڌن سان، اسلام جي خدمت ڪئي. حضرت خديجه رضه جي وفات کان پوءِ هن پاڻ سڳورن کي عرض ڪيو عرب ۾ ان زماني ۾، اهڙي پيشڪش کي ٺڪرائڻ وڏي بي عزتي سمجهبي هئي. ان ڪري پاڻ اها ڳالهه قبول ڪري، حضرت ابوبڪر رضه کي احسان مند بنائڻ سان گڏ ٻنهي ڪٽنبن کي به ڳنڍي ڇڏيو. ان کان پوءِ پاڻ سڳورن ﷺ ساري ڄمار، ڪنهن ڪنواري ڇوڪري سان شادي نه ڪئي.
    ٽين شادي، هڪ غريب عورت حضرت سوده رضه سان ڪيائون جيڪا سڪران جي گهر واري هئي. مڪي جي قريشن جي ظلمن کان تنگ ٿي، هو پنهنجي مڙس سان ايٿوپيا هلي ويئي، جتي سندس مڙس مري ويو. سوده، مڪي ۾ موٽي آئي، اتي ڪو به کيس سنڀالڻ ۽ پالڻ وارو ڪونه هو، ايتريقدر جو ويجها مائٽ به جواب ڏيئي بيٺا. ان ڪري، هن حضور اڪرم ﷺ کي عرض ڪيو. پاڻ ساڻن نڪاح ڪري، گهر ۾ سهارو ڏنو.
    چوٿين شادي، حضرت محمد ﷺ حضرت عمر رضه سان ٿي، جنهن جو مڙس جنگ بدر ۾ شهيد ٿي ويو هو. حضرت عمر رضه، پنهنجي نياڻي ڪنهن وڏ گهراڻي ۾ پرڻائڻ پئي چاهي، ان ڪري هن اول حضرت ابوبڪر رضه ۽ پوءِ حضرت عثمان رضه کي عرض ڪيو، پر انهن جواب ڏنو. حضرت عمر رضه سخت ماڻهو هو. هن انهيءَ ۾ پنهنجي بي عزتي سمجهي ۽ شڪ هو ته انهيءَ مسئلي تي مسلمانن ۾جهيڙو نه ٿي پوي، ان ڪري پاڻ سڳورن ﷺ ان کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ خاطر، حضرت حفضه رضه سان نڪاح ڪيو.
    پنجين شادي، احد جي جنگ کان پوءِ، اميه جي نياڻي هند سان ٿي. اميه وڏو اثر رسوخ رکندڙ هو. احد جي جنگ ۾ سندس گهر وارو زخمي ٿي پيو، ۽ اٺن مهينن کان پوءِ مري ويو. سندس ٻار گهڻا هئا، انهن جي پالڻ جو مسئلو، کيس پريشان ڪري رهيو هو، ان ڪري پاڻ سڳورن ﷺ کي نڪاح لاءِ عرض ڪيو ۽ پاڻ ان ٺڪرائي نه سگهيا.
    ڇهين شادي حضرت زينب رضه سان ٿي، جيڪا قريش جي دودان شاخ مان هئي ۽ پاڻ سڳورن جي پڦاٽ هئي. سندن والد، ابو سفيان جو مائٽ هو. مڪي کان مديني اچڻ وقت، پنهنجن گهرن کي تالا هڻي سڀ مرد، عورتون ۽ ٻار حضور ﷺ سان گڏ آيا. حضرت زينب رضه جي شادي، پاڻ سڳورن سان ڪرڻ پئي گهري، پر پاڻ جواب ڏنائون. سندن خيال آيو ته زينب رضه جي شادي حضرت زيد رضه سان ٿئي، جيڪو پهرئين سندن غلام هو ۽ پوءِ کين آزاد ڪيو ويو هو. ان نڪاح ڪرائڻ ۾، سندن ارادو هو ته اهڙي طرح خانداني غرور ۽ تڪبر ختم ٿي ويندو. شادي ٿي ويئي پر هڪ عرب سردار جي ڌيءَ جي شادي هڪ غلام سان ٿي. اهو ڪنهن نه سٺو ! آخر زيدرضه، خود اچي حضور ﷺ کي طلاق ڏيئڻ لاءِ عرض ڪيو. ان کان پوءِ هن طلاق ڏني ۽ زينب رضه پيءَ جي گهر ۾ رهڻ لڳي. سندس والد ڪيترن ماڻهن کي، زينب رضه سان شادي ڪرڻ لاءِ چيو، پر ڪنهن به نه مڃيو ته، هڪ اهڙي عورت جا هڪ غلام جي گهر واري رهي چڪي هجي، ان سان شادي ڪجي. بنو دودان کي ڏک ٿيو ۽ هنن ساري بي عزتي، حضرت اڪرم ﷺ کان سمجهي . انهن حضور اڪرم ﷺ کي زينب رضه سان نڪاح وجهڻ لاءِ چيو . پاڻ قبول ڪيائون . ان وقت زينب رضه جي عمر 35 سال کان مٿي هئي.
    ستين شادي هڪ بيوه جويريه سان ٿي. جويريه جو پيءُ، بنو مصطلق قبيلي جو سردار هو. مديني کان ٻه سئو ميل پري، سمنڊ جي ڪناري وٽ، حارث مارجي ويو ۽ ان ڪٽنب جا ٻه سئو ماڻهو مسلمانن گرفتار ڪيا. بنو مصطلق وارن، صلح نامو ڪيو. انهن ڏينهن ۾ هي رواج هو ته کٽيل ڌر جو ڪو خاص ماڻهو هارايل ڌر جي ڪنهن عورت سان شادي ڪري. حضور اڪرم ﷺ، بنو مصطلق جي گذارش تي جويريه سان شادي ڪري ساري ڪٽنب کي کير کنڊ ڪري ڇڏيو. هن شادي ڪري سندس ڪٽنب جا ٻه سئو قيدي آزاد ٿي ويا. حضرت عائشه رضه جو چوڻ آهي ته ” ڪابه عورت پنهنجي خاندان لاءِ ايتري مفيد ثابت نه ٿي جيتري جويريه رضه پنهنجن ماڻهن لاءِ.“
    اٺين شادي پاڻ سڳورن ﷺ جنگ خيبر کان پوءِ يهودي خاندان جي بنو قريطه جي سردار اخطيب جي بيوهه نياڻي صفيه رضه سان ڪئي. جنهن جو مڙس خيبر جي جنگ ۾ مارجي ويو هو.
    نائين شادي مڪي جي پراڻي حاڪم ۽ اسلام جي سخت ترين دشمن، قريش سردار ابوسفيان جي نياڻي امه جبيبه سان ٿي. ام حبيبه جو مڙس ايٿوپيا ۾ مئو هو. هن کي اولاد به اڳئين مڙس مان گهڻي هئي.
    ڏهين ۽ آخري شادي صلح حديبيه کان پوءِ مڪي جي زيارت وقت هڪ قريشي سردار حارث جي رنڙ نياڻي، ميمونه رضه سدان ٿي. هي شادي حضور جن پنهنجي چاچي جي صلاح سان ڪئي. ان شادي مان هي فائدو ٿيو، جو وليد جي پٽ خالد رضه ۽ عاص جي پٽ عمر رضه جهڙا به سخت دشمن حضور ﷺ جا ساٿاري بڻجي ويا.
    پنهنجين سڀني گهر وارين سان سندن ورتاءُ هڪجهڙو ۽ هڪجيترو رهيو. اسان اڳ به چئي آيا آهيون، ته ان زماني ۾ دنيا جي ڪنهن به خطي ۾ هڪ کان وڌيڪ شادي ڪرڻ ڪو عيب نه هو ۽ محمد ﷺ جي انهن شادين جو مقصد صاف ۽ کليل هو. محمد ﷺ کي ٻه پٽ ۽ چار نياڻيون ٿيون. ٻيئي پٽ ننڊپڻ ۾ ئي گذاري ويا. ٽن نياڻين جون شاديون پاڻ عرب جي پراڻي ڌرم جي ماڻهن ۾ ڪيون ۽ هڪ ڌيءَ فاطمه رضه جي شادي حضرت علي رضه سان ڪئي.

    وڏي نياڻي زينب جي شادي حضرت ابو العاص سان ٿي. جيڪو پوءِ مسلمان ٿيو. ٻي نياڻي حضرت رقيه جي شادي، ابو لهب جي پٽ عقبه سان ٿي. ٽين نياڻي حضرت ام ڪلثوم رضه جي شادي ابولهب جي ٻئي پٽ عقبه سان ٿي، پر اعلان نبوت کان پوءِ ٻنهي پٽن پيءَ جي حڪم تي طلاق ڏيئي ڇڏي. حضرت رقيه جي ٻي شادي حضرت عثمان رضه سان ٿي، اها 2 هجري ۾ گذاري ويئي ته پوءِ ام ڪلثوم جي 3 هجري ۾ شادي کي حضرت عثمان رضه سان ٿي. ان ڪري کيس ” ذو النورين “ چيو وڃي ٿو.


    حضرت محمد ﷺ جي ڪاميابي جو راز: شري لاله ديش، بنڌوجي

    حضرت محمد ﷺ جي ڪاميابي جو راز: شري لاله ديش، بنڌوجي
    ڊئريڪٽر اخبار تيج دهلي

    دنيا ۾ وڏن ماڻهن جي ڪاميابي جو راز، صرف هي آهي ته انهن کي، پنهنجي مشن جي سچائي ۾ يقين هو. اهي جبل وانگر، پنهنجي ارادي جا مضبوط هئا ۽ دنيا جي ڪابه طاقت کين، ان کان هٽائي نه سگهي.پاڻ سڳورن جي زندگي ۾، منڍ کان آخر تائين، اهائي خوبي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو کين جلدي ڪاميابي حاصل ٿي. سندن ارادي جي مضبوطي ۽ پختگي ۽ پنهنجي مشن جي سچائي جو مثال تاريخ ۾ ڳوليو نه ٿو ملي. هڪ مشهور واقعو آهي ته ” پاڻ هڪ جهنگ ۾ اڪيلا سمهيل هئا، ته اتان سندن هڪ ذاتي دشمن تلوار سان اچي لنگهيو. پاڻ سڳورن کي ڏسي، ننڊ مان اٿاري، کين تلوار ڏيکاريندي، نهايت وڏائي سان چوڻ لڳوته، اي محمد ﷺ بڌاءِ، هاڻي توکي مونکان ڪير ٿو بچائي سگهي! نهايت ڏکيو وقت هو، ۽ ويچار ۽ فڪر ڪرڻ جي مهل هئي. پر پاڻ نهايت پرسڪون نموني، ۽ سواءِ ڪنهن گهٻراهٽ جي جواب ڏنائين ته ” الله “ ۽ اهو ئي خدا ئي ته هو جنهن ان کي محمد ﷺ جو جاني دشمن بڻائي ڇڏيو هو، ورنه ڪا ذاتي رنجش يا ڪو ذاتي جهڳڙو ته ڪونه هو. تڪرار فقط ان ڳالهه تي هو ته، حضور ‌ﷺ هڪ سچي الله جي عبادت ڪرڻ لاءِ چوندا هئا. ۽ هو گهڻن خدائن جي پوڄا ڪندا هئا. ۽ جيئن محمد ﷺ جي واتان ” الله “ جو نالو نڪتو ته، هو ڪاوڙجي وڃي ها ۽ آپي کان ٻاهر نڪري وڃي ها، ۽ انتقام جي باهه ۾ جلڻ لڳي ها ۽ بروقت پاڻ سڳورن کي، قتل ڪري ها. پر هي ته سچائي جو آواز هو، جنهن جي گونج، سندس ڪنن مان ٽپي هن جي دل ۾ پهتي، ۽ مٿس ايڏي ته هيبت ڇائنجي ويئي، جو تلوار هن جي هٿ مان ڪري پيئي ۽ پاڻ سڳورن بر وقت تلوار کڻي ورتي. جيڪو سوال هن حضور ﷺ کان پڇيو هو، اهو ساڳيو پاڻ هن کان پڇيائون . پر هن جي دل ته، پنهنجي مقصد جي صداقت کان خالي هئي ۽ اهڙي سچائي به، سندس دل ۾ نه هئي، جيڪا ان کي لازوال قوت ۽ طاقت بخشيندي آهي، ان ڪري هو سندس هٿ ۾ تلوار ڏسي ڏڪڻ لڳو ۽ منت ڪري چوڻ لڳو ته اوهان ئي بچائي سگهو ٿا.پاڻ سندس حالت تي ڏک ڪندي چوڻ لڳا، ته ” ڪاش ! هاڻي به تون چئي پئي سگهين، ته جنهن اوهان کي بچايو آهي، اهو الله مون کي اوهان جي هٿان بچائي سگهي ٿو.“ ان کان پوءِ، پاڻ کين تلوار واپس ڪري ڏني. حضور جن جو پنهنجي خدا ۾ ايڏو ايمان ۽ يقين ڏسي، هو متاثر ٿيو ۽ مسلمان ٿي پيو. هن هڪ واقعي مان ئي سمجهي سگهجي ٿو ته، پاڻ سڳورن کي پنهنجي مشن جي سچائي تي ڪيڏو نه ڀروسو ۽ يقين هو. هو اهڙي نازڪ ۽ خطرناڪ وقت ۾ به، حراسان نه ٿيا. اهو بنيادي عقيدو هو، جنهن سندس دل کي لازوال قوت بخشي هئي جنهن ۾،ذري برابر گهٻراهٽ پئدا نه ٿي. تڪليفن جا پهاڙ سندس واٽ ۾ آيا . ڏکن ۽ ڏولاون جا جهولا لڳا. پر پاڻ پنهنجي جڳهه تان، تِر برابر به نه هٽيا ۽ ان جو نتيجو هي نڪتو، جو سڀ تڪليفون ختم ٿي ويون ۽ ٿوري عرصي ۾ کين، ايڏي ته ڪاميابي حاصل ٿي، جيڪا ڪنهن کي نصيب ٿي هجي!.
    ان کان پوءِ، ٻي شئي سندس عزم جي بلندي ۽ ارادي جي مضبوطي آهي. واقعات
    مان، هرڪو سمجهي سگهي ٿوته، پنهنجي مشن کي ڪامياب بنائڻ لاءِ، پاڻ ڪيڏي نه مضبوط ارادي سان ڪم ڪيائون ۽ ڪيڏي نه خنده پيشاني سان هر قسم جي مصيبتن جو مقابلو ڪيو. جنهن ڏينهن کان، پاڻ پنهنجي مشن جو اعلان ڪيائون ۽ ماڻهن کي پاڻ ڏانهن، سڏڻ شروع ڪيائون، تڏهن کان مڪي جا ماڻهو جيڪي اڳي سندس عزت ڪندا هئا، سندس دشمن ٿي بيٺا ۽ ڪيترن ئي، هٿرادو طريقن سان، کين ستائڻ لڳا . سندن تبليغ جي راهه ۾، جيڪي رنڊڪون وڌيون ويون، تن جو ذڪر نهايت ڏکوئيندڙ آهي. واٽ ۾ ڪنڊا وڇائڻ، کڏون کوٽڻ، گندگي سندن جسم تي اڇلڻ، ته روز جي ڪرت هئي. اهڙي طرح، ننڍن ڇوڪرن کي، سندن پٺيان لائڻ، تاڙيون وڄائڻ، ٽوڪون ڪرڻ، پٿر ماري سندن جسم کي رتورت ڪرڻ، تان ته ٽي سال سختي سان بائڪاٽ ڪري کين داڻي پاڻي کان محروم ڪرڻ حد کان وڌيڪ ظلم آهي. جتي پاڻ سڳورن ۽ سندن ڪٽنب کي قيد ڪيو ويو هو، اتان ٻارن جي روئڻ، پوڙهن ۽ عورتن جو بک ۽ اڃ جي سختي ڪري چيخڻ کي اهي ظالم ٻڌندا هئا، پر ڇا مجال جو، صرف پاڻي چڪو به ڏين. اهڙي طرح پاڻ ڀريا ٽي سال هن تڪليف ۾ رهيا. ان تي به، هنن بس نه ڪئي. پاڻ کي قتل ڪرڻ جي سازش رٿائون ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي تيار ڪيائون ته هو کين قتل ڪن ۽ ان لاءِ انعام به مقرر ڪيائون پر جڏهن ان ۾ به ڪامياب نه ٿيا، تڏهن هڪ خاص سازش تيار ڪري، سڀني ڪٽنبن جي سردارن گڏجي، کين قتل ڪرڻ جي اجتماعي رٿ رٿي. پر ان ۾ به ناڪامي و منهن ڏسڻو پين. آخر پاڻ سڳورن پنهنجي پياري وطن کي ڇڏي مديني هليا ويا. پر اتي به سندن دشمنن پٺ نه ڇڏي ۽ کين قتل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. ايڏين تڪليفن هوندي به، پاڻ چپ ڪري نه ويٺا، پر پنهنجي مشن جي تبليغ ۾ رڌل رهيا.
    هڪ دفعي جڏهن سندن مخالفن جو ظلم ۽ تشدد وڌي ويو، تڏهن سندن چاچي ابوطالب جيڪو سندن مربي ۽ حمايتي به هو چيو ته ” محمد ﷺ هاڻي ته سختيون ۽ صعوبتون سهڻ کان وڌي ويون آهن ۽ اوهان جي ڪري، سارو خاندان عذابن ۾ آهي، ان ڪري بهتر آهي ته پنهنجو ڪم بند ڪر ۽ ٿورن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏ.“ اهو ٻڌي پاڻ جواب ڏنائون ” اي چاچا سائين ! جيڪڏهن هڪ هٿ تي سج ۽ ٻئي هٿ تي چنڊ جي رکن ۽ دنيا جي بادشاهت به ڇو نه کڻي ڏين، تڏهن به الله جي هيڪڙائي جي تبليغ ڪرڻ کان نه رڪندس. اوهان سڀئي مون کي بيشڪ ڇڏي ڏيو. اوهان ۽ خاندان وارا، منهنجي ڪري تڪليفن ۾ نه پئو. منهنجو نگهبان منهنجو الله آهي ۽ اهو منهنجي لاءِ ڪافي آهي.“ اهڙي طرح هڪ دفعي، مڪي جي سڀني وڏيرن کين گڏجي چيو ته ” جي اوهان بادشاهه ٿيڻ گهرو ته اسان توکي بادشاهه مڃون ٿا. جي اوهان دولتمند ٿيڻ چاهيو ته اسان اوهان کي ايتري دولت گڏ ڪري ڏيون جو ڪوبه اوهان کان وڌيڪ امير نه هجي. جي اوهان سهڻي عورت چئو، اها اوهان کي پرڻايون، پر پنهنجي مذهب جي پرچار بند ڪريو.“ پاڻ کين اهو جواب ڏنو، جيڪو مخلص ۽ سچو رهبر ڏيندو آهي.
    پاڻ چيائون ته ”مون کي انهن شين مان، ڪنهن هڪ به چيز جي ضرورت نه آهي. هي بادشاهت، دولت ۽ حسن هڪ هنڌ ڪٺيون ڇو نه ڪيو وڃن، تڏهن به منهنجي خدا جيڪو ڪم، منهنجي حوالي ڪيو آهي، ان کي هرگز نه ڇڏيندس.“
    هنن واقعن مان صاف ظاهر آهي ته، کين پنهنجي مشن جي سچائي تي پورو يقين ۽ مڪمل ڀروسو هو ۽ اهائي خوبي آهي، جيڪا انسان ۾ جبل کان وڌيڪ اوچائي ۽ ارادي جي مضبوطي پئدا ڪندي آهي. اسان جڏهن حضورﷺ جي زندگي تي نظر ڪريون ٿا، ته خبر پوي ٿي ته هڪ پاسي کين پنهنجي ڪم سان پيار هو ۽ ٻئي پاسي هو عزم ۽ ارادي جا ايڏا ته مضبوط هئا جو پهاڙن کان به وڌ. پهاڙ به پنهنجي جاءِ تان هٽي پئي سگهيا، پر حضور سائين جي ارادي ۾ تر جيترو به لوڏو نه آيو. ڪيتريون ئي سختيون سٺائون، جان جوکي ۾ وڌائون، قتل جون رٿون رٿيون ويون، جسماني ايذاءُ ڏنا ويا. آخر ۾ ڏيهه نڪالي ملي، پر سندن ارادي ۾ ڦيرو نه آيو. ۽ دل جي گهرائي ۽ سچائي سان، ساڳئي جوش ۽ جذبي سان، پاڻ پنهنجي پاڪ ۽ پوتر مشن جي ڪاميابي ۾ مشغول رهيا ۽ سندن انهي عزم ۽ استقلال جو، اهو نتيجو نڪتو جو پاڻ پنهنجي ڪم ۾ فتحياب ٿيا ۽ صرف 23 سالن جي ٿوري وقت ۾، پنهنجي اڻٿڪ ۽ لڳاتار محنت سان، عرب جهڙي وحشي ۽ جاهل ملڪ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.


    وڏو مذهبي اڳواڻ: لالا لجپت راءِ

    مان مذهب اسلام سان، محبت ڪريان ٿو . ان جي تعليم کي عزت ۽ مان ڏيان ٿو، ۽ وڏي ڳالهه ته، اسلام جي پيغمبر کي وڏن مذهبي اڳواڻن مان سمجهان ٿو.


    پيغمبر اسلام جي رهڻي ڪهڻي: پنڊت سندر لال

    پيغمبر اسلام جي رهڻي ڪهڻي: پنڊت سندر لال

    مديني ۾ پاڻ سڳورن جي زندگي، منڍ کان آخر تائين، نهايت سادي ۽ مصروف گذري. سرڪاري ٽئڪس، زڪوات يا صدقي مان، هڪ ڪوڏي به پنهنجي يا پنهنجي گهروارن لاءِ وٺڻ کي حرام سمجهندا هئا. خاص ماڻهن کان سوکڙيون وٺندا هئا، پر ضرورت کان وڌيڪ نه. رات جو، جيڪڏهن ڪابه شئي، بچي پوندي هئي ته، اها غريبن ۾ ورهائي ڇڏيندا هئا. ٻئي ڏينهن جي لاءِ، پچائي رکڻ کي الله تعالى ۾ ايمان آڻڻ جي ڪمزوري سمجهندا هئا. ان جو نتيجو هي نڪتو جو پاڻ ۽ گهر وارا ٽن ٽن ڏينهن تائين بک تي رهندا هئا. صرف کارڪن ۽ پاڻي تي ڪيترائي مهينا گذري ويندا هئا. سندن وفات کان پوءِ حضرت عائشه رضه ٻڌايو ته ” ڪڏهن ڪڏهن مهينا گذري ويندا هئا، جو محمد ﷺ جي گهر ۾ باهه نه ٻرندي هئي. “ ڪنهن پڇيو ته ” پوءِ اوهان زندهه ڪيئن رهيا؟ ته جواب مليو ته ” ٻن شين جي سهاري ( کارڪون ۽ پاڻي) جيڪي مديني وارا اسان کي موڪليندا هئا.“ حضرت عائشه رضه چيو ته ” پيغمبر ڪڏهن به، ٻن کاڌن جو سواد نه ورتو. اسان جي گهر ۾ ڇاڻي نه هئي، ان ڪري داڻن کي ڪٽي، ڦوڪي سان صاف ڪندا هئاسون. ڪيترا دفعا، رات جو گهر ۾ بتي ٻارڻ لاءِ تيل نه هوندو هو. حديثن ۾ اچي ٿو ته بک جي ڪري سندن پيٽ تي ڪپڙن جي هيٺيان پٿر ٻڌل هوندا هئا، پر گهر ۾ سختي سان منع ڪئي ويئي هئي ته ڪنهن گهرواري بک جي شڪايت ڪئي. پاڻ کين نرمي سان سمجهايائون ته ” جيڪا به ان ڏک کي نه سهي سگهي، ان کي موڪل آهي ته مون کان طلاق وٺي، جيڏانهن وڻيس اوڏانهن وڃي، پر پڇاڙي تائين نه ڪنهن گهرواري کي طلاق ڏنائون ۽ نه وري ڪا کين ڇڏي ڪيڏانهن ويئي. پنهنجي گهر ۾ ٻهاري پاڻ ڏيندا هئا. پنهنجيون ٻڪريون پاڻ ڏهندا هئا. ڪپڙن ۾ پنهنجن هٿن سان چتيون هڻندا هئا. پنهنجي جتي پاڻ ڳنڍيندا هئا. پنهنجي اٺ کي کرکرو پاڻ هڻندا هئا. تڏي يا ڌرتي تي سمهندا هئا. هڪ دفعي سندن پٺي تي تڏي جا نشان ڏسي، ڪنهن چيو ته ” اوهان کي گاديلو وڇائي ڏجي“ ته پاڻ ﷺ ائين چئي انڪار ڪري ڇڏيو ته ” مان آرام ڪرڻ لاءِ، پئدا نه ٿيو آهيان.“ وفات وقت سندن زرهه، هڪ يهودي وٽ ڏيڍ مڻ اَن ۾ گروي رکيل هئي. سندن حالت هي هئي، جو وٽن ڪو مهمان ايندو هو، ته پاڻ يا گهروارن کي، بکيو رکي مهمان جي خاطر تواضع ڪندا هئا. جڏهن ته ايران، روم ۽ ايٿو پيا وارا وٽن ايندا ويندا هئا، پر عرب جو هي عجيب حڪمران تخت، ڪرسي يا ڪنهن اتانهين جاءِ تي ويٺل نظر نه ايندو هو، پر عام ماڻهن سان گڏجي پٽ تي اهڙي طرح وهندا هئا جو ڪو فرق ظاهر نه ٿيندو هو. سندن اچڻ تي ڪو اٿي بيهندو هو، ته پاڻ ناراض ٿيندا هئا. ڪڏهن به ريشمي ڪپڙو ڪتب نه آندائون. فرمائيندا هئا ته ” مومن کي ريشمي ڪپڙو نه ٿو سونهي.“ رنگين ڪپڙا، ڪڏهن ڪڏهن پائيندا هئا، پر گهڻو ڪري اڇو، ٿلهو، سوٽي ڪپڙو پسندا ڪندا هئا ۽ اهو ڍڪيندا هئا. پاڻ اڻ سبيل ڪپڙو اڪثر ڪم آڻيندا هئا.
    سندن گهر ڪچي سرن جو ٺهيل هو. گهر وارين لاءِ، ڌار ڌار جهوپڙيون هيون، جن جي وچ ۾، کجي جي پوٽن جو ليپو ڏنل ڀت هئي. ان جي ڇت ڪکن ۽ پنن جي هئي. گهر کي دروازو ڪو نه هو. پر چمڙي يا ڪاري رنگ جي ڪپڙي جا پردا لٽڪيل هئا. پاڻ اٺ يا ٻڪري جو گوشت کائيندا هئا، پر گهڻو ڪري کارڪون، جَوَن جي ماني ۽ پاڻي تي گذارو ڪندا هئا. کير ۽ ماکي سندن وڻندڙ کاڌو هو. پر اهو گهٽ کاڌائون. هڪ دفعي کين بادام جو اٽو ۽ کير نذراني طور ڏنو ويو ته پاڻ هي چئي واپس ڪيائون ته ” هي اجايو خرچ آهي ۽ فضول خرچ ماڻهن جو ڪم آهي. “ کين ڪچي بصر ۽ ٿوم کان ايتري ته نفرت هئي جو ڪڏهن به اهڙي شئي نه کاڌائون جنهن ۾ ڪچو بصر يا ٿوم پيل هجي ۽ نه وري اهڙي ماڻهو سان ويهڻ پسند ڪندا هئا جنهن جي وات مان بصر يا ٿوم جي ڌپ ايندي هجي. حڪم هو ته ڪوبه ماڻهو ڪچو بصر يا ٿوم کائي مسجد ۾ نه اچي.“
    پاڻ سڳورا ننڍن وڏن سان هڪجهڙو برتاءُ ڪندا هئا. خاص ڪري ٻارن سان کين محبت هئي. رستي ويندي ٻارڙن سان بيهي ڳالهيون ڪندا هئا. بيمار کان گهر وڃي پڇي ايندا هئا. گهٽ درجي وارو، يا ڪو ٻانهو کين دعوت ڪندو هو ته خوشي سان قبول ڪندا هئا. ننڍي کان ننڍي ماڻهو سان محبت ۽ عزت سان پيش اچڻ، ڪنهن جي ڳالهه دل ۾ نه ڪرڻ، پاڻ تي ضابطو رکڻ، دل ڪشادي ۽ هٿ کليو رکڻ، سندن زندگي جا اهي روشن پهلو آهن، جن عام ماڻهن کي متاثر ڪري، سندن درٻار ۾ آندو.
    انهن ڏينهن ۾ عرب ۽ ساري دنيا ۾، ٻانهن رکڻ جو رواج هو، پر وٽن جيڪي به غلام هئا، تن کي آزاد ڪري ڇڏيائون ۽ ان سلسلي ۾، عام ماڻهن جي وڏي مدد ڪندا هئا. پنهنجن مريدن کي چوندا هئا ته ” مان اوهان جهڙو ماڻهو آهيان.“ الله تعالى کان روئي پنهنجن گناهن جي معافي گهرندا هئا. پاڻ سدائين اونهي فڪر ۾ رهندا هئا، ۽ کين چپن تي مرڪ هوندي هين. جڏهن پيدل هلندا هئا، ته تيز نظر ايندا هئا ۽ پٺيان ايندڙ ماڻهو، ڊوڙي وڃي ساڻس پهچندو هو.


    حضور اڪرم ﷺ جن جي زندگي جا روشن پهلو : راڻا ڀڳوان داس

    حضور اڪرم ﷺ جن جي زندگي جا روشن پهلو : راڻا ڀڳوان داس

    الف : - خلق نبوي : آسماني ڪتابن ۾، قرآن شريف اڪمل ۽ دستور الاهي آهي. حضوراڪرم ﷺ جو اخلاق مبارڪ، قرآن جي عملي تصوير آهي. قرآن پاڪ ۾ الله تعالى فرمائي ٿو ته ” انڪ لعلى خلق عظيم“ ” اي محمد! تون اخلاق جي اعلى مقام تي فائز آهين.“ قرآن شريف ۾ ٻيءَ جاءِ تي آهي ته ” رسول خدا جي ذات ۾، اوهان لاءِ بهترين نمونو آهي.“ الله تعالى جي هن فرمان مان ظاهر آهي ته ” رسول خدا، دنيا ۾ دنيا وارن لاءِ مثالي نمونو آهن ۽ پاڻ جيڪي چيائون، ان تي عمل ڪري ڏيکاريائون. حضرت انس بن مالڪ رضه، ڏهه سال پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ رهيو. پاڻ ٻڌائين ٿا ته ” مان ڏهه سال پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ رهيو. پاڻ ٻڌائين ٿا ته ” مان ڏهه سال حضور ﷺ جي خدمت ڪئي، ڪڏهن مونکي نه ڇينڀيائون ۽ نه وري چيائون ته هي ڪم تو ڇو نه ڪيو؟ زيد مسند، وعدي کان ٽي ڏينهن اڳ، پنهنجي قرض اڳاڙڻ جي سختي سان گهر ڪئي. ان تي حضرت عمر رضه، کيس ڳالهايو. پاڻ ان تي اٽلو حضرت عمر رضه کي هدايت ڪيائون ته، بدوي کي نه ڳالهائي ۽ کيس قرض کان وڌيڪ رقم ڀري ڏي. هڪ بدوي کين چادر سان گهٽو ڏي ٿو ۽ بدشد به ڳالهائي ٿو، پر قربان وڃجي خلق محمدي تان، پاڻ ان بدوي کي اٺ مال جا ڀري ڏنا. الله جي برگزيدهه رسول، هر وقت پنهنجي اعلى اخلاق جو مظاهرو ڪيو. مجلس ۾ ڪڏهن به ٽنگون ڊگهيون ڪري نه ويٺا. مصافحي لاءِ پهرئين، پاڻ ٻانهن ڊگهي ڪندا هئا. ڪنهن جي ڳالهه نه ڪاٽيندا هئا. جيڪڏهن نماز ۾ هوندا هئا ۽ ڪو ساڻن ملڻ ايندو هو، ته نماز کي مختصر ڪندا هئا. کين سخت ڪلامي کان نفرت هئي . شيرين ڪلامي، رحمت ۽ شفقت سندن خلق جا خاص جز هئا. فرمائيندا هئا ته ” شهزور ۽ ڏاڍو، اهو نه آهي جيڪو ٻين کي چيري ڦاڙي پر طاقتور اهو آهي جيڪو ڪاوڙ کي کائي ڇڏي ٻئي دفعي فرمايائون ته ” ڪنهنجا عيب نه ڳوليو“ . وڌيڪ فرمايائون ته ” اوهان مان، ڪو ڪنهنجي غيبت نه ڪري.“ ابودائود ۽ ترمزي ۾ آهي ته ” قيامت جي ڏينهن، عملن جي تارازي ۾ خوش خلقي کان وڌيڪ ٻي ڪا به شئي وزني نه هوندي. ۽ الله تعالى بدگو ۽ بدزبان شخص کي ڌڪاري ٿو.“ پاڻ هدايت ڪندا هئا ته ” ماڻهن سان گفتگو ميٺاج سان ڪندا ڪريو“. هڪ دفعي حضرت ابوذر رضه، هڪ شخص کي ” اي حبشي جا پٽ“ ڪري سڏيو، پاڻ ٻڌائون ته چيائون ” اي ابوذر، اڇي کي ڪاري تي ڪابه فضيلت نه آهي“ پاڻ حڪم ڪيائون ته جيڪو قرضدار مسلمان مري وڃي ته مونکي اطلاع ڏيو ته مان ان جو قرض ادا ڪريان ۽ هو ملڪيت ڇڏي وڃي اها سندس وارث سنڀالين. پاڻ فرمايائون ته ” اهو مومن نه آهي، جنهن جي حرڪتن کان ان جو پاڙيسري محفوظ نه هجي.“
    اخلاقيات ۾ وعده وفائي وڏي اهميت رکي ٿي. يثرب جي والي حڪم ڪيو ته ” اقرار ۽ وعدي کي پورو ڪريو.“ ۽ اها صفت به، منجهن مڪمل موجود هئي ته نه صرف پاڻ حڪم ڪيائون، پر واهه جو پاڙيائون به. ابو طحامه جو چوڻ آهي ته ”هڪ دفعي حضور سائين بازار ۾ مليا. مون کين چيو ته ” اوهان سان ڪا صلاح ڪرڻي آهي. سو ترسو ته مان گهران ٿي اچان.“ پاڻ وعدو ڪيائون. مان گهر آيس ۽ ڳالهه وسري ويئي. ٻئي ڏينهن شام جو ڳالهه ياد آئي. ڏک ٿيو ۽ بازار اچان ته پاڻ سڳورا اتيئي موجود آهن. مون کي ڏسي فقط ايترو چيائون ته ” ابوطحامه، تون مون کي تڪليف ڏني.“ الله الله، خلق محمد جو ڇا شان هو.
    امانت جي حفاظت ۽ واپسي، اخلاق حسنه جو عظيم رڪن آهي. عرب جي مشهور سردار، نصر بن الحارث اسلام جي دشمنن کي خطاب ڪندي هڪ تقرير ۾ چيو هو ته ” محمد ﷺ اوهان مان ئي هڪ نوجوان هو. جيڪو سڀ کان وڌيڪ پسنديده انسان هو. هو هر وعدي ۾ سچو ۽ امانت ۾ سڀ کان وڌيڪ هو .پر جڏهن هو پوڙهو ٿيو ۽ اوهان وٽ پيغام آندو ته اوهان کين ساخر سڏڻ ڪيو. خدا جو قسم، هو ساحر هرگز نه آهي.“ هجرت جي رات، سندن گهر جي چوڌاري، دشمن اگهاڙيون تلوارون کنيو بيٺا آهن. پر پاڻ حضرت علي رضه کي امانتون سلامتي سان مالڪن کي پهچائڻ جون هدايتون ڏيئي رهيا آهن. پنهنجن ذاتي دشمنن کي، معاف ڪري ڇڏيائون. ابوسفيان، جو هڪ ماڻهو کين قتل ڪرڻ لاءِ خنجر کڻي اچي ٿو، پر پڪڙجي پوي ٿو. پاڻ کين معافي ڏين ٿا. رئيس المنافقين عبدالله بن ابي، ساري ڄمار سندن دشمن ٿي رهيو، پر جڏهن مئو ته، پاڻ سڳورن کين قميص لاهي، ان جي ڪفن لاءِ موڪلي.
    پاڻ سڳورن ملت اسلاميه جي اخلاق ۽ ڪردار کي سنوارڻ لاءِ هر وقت تاڪيد ڪيو. فرمايائون ته ” ڪو به مسلمان، ٻئي مسلمان کي گهٽ نه سمجهي ۽ نه ئي ان جي بي عزتي ڪري.“ هڪ دفعي چيائون ته ” جنهن جي دل ۾، ذري برابر به تڪبر هوندو، اهو جنت ۾ نه ويندو.“ بدگماني کان بچڻ لاءِ تاڪيد ڪيائون. چيائون ” ٽي ماڻهو گڏ هجن ته ٻه ماڻهو ڪن ڀڻ نه ڪن.“ فرمايائون ته ” جنهن به ڪنهن مسلمان کي ايذاءَ ڏنو، ان ڄڻ الله کي ايذاءَ ڏنو.“ انسان جي سماجي زندگي ۾، ان جي اجتماعي ڪردار کي سنوراڻ لاءِ همدردي، غمگساري ۽ الله جي ٻانهن جي، ڏکئي وقت ۾ مدد ڪرڻ جي جيڪا تعليم ڏني اٿن، اها ته اڻ لڀ آهي. فرمائين ٿا ته ” جيڪڏهن ماڻهو، منهنجي امت مان، ڪنهن هڪ جي به حاجت پوري ڪندو، ان ارادي سان ته ان مان الله تعالى خوش ٿيندو، ته ان ڄڻ مون کي خوش ڪيو، ۽ جنهن مون کي خوش ڪيو، الله تعالى ان کي جنت ۾ جاءِ ڏيندو.“ پاڻ فرمايائون ته ” ڪنهن مسلمان کي، کل ڀوڳ ڪري، پريشان ڪرڻ جائز نه آهي.“ حسد جي خرابين کي نمايان ڪندي فرمائين ٿا ته ” اوهان حسد نه ڪندا ڪريو ڇو ته حسد نيڪين کي ائين ساڙي ڀسم ڪري ڇڏي ٿو، جيئن باهه ڪاٺين کي ساڙي رک ڪري ٿي. پاڻ سڳورن خلق ۽ محبت جي حدن کي، وسعت ڏيندي بين الاقوامي ليلول (سطح) تي آندو. فرمايائون ته ” انسان، انسان جو ڀاءُ آهي“. حضرت ابوهريره کان روايت آهي ته ” پاڻ سڳورن فرمايو ته ” اوهان مان ڪوبه سچو مومن ايتري تائين ٿي نه ٿو سگهي، جيتري تائين هو ٻئي جي لاءِ اها شئي پسند ڪري، جيڪا پنهنجي لاءِ ڪري ٿو ۽ جيتري تائين هو انسان سان محبت صرف الله جي راضپي لاءِ ڪري“ . مطلب ته حضورﷺ پنهنجي سڄي سمار ۾ بي مثال خلق ۽ محبت جي اعلى معيار کي، قائم ڪري انسان ذات کي اعلى ڪردار جو مالڪ بنايو.

    ب :- پاڻ سڳورن جو نظام مملڪت : تاريخ جي صفحن ۾ يثرب جي مالڪ، دنيا کي هڪ اهڙو سياسي نظام ڏنو جيڪو عبادت ۽ رياضت سان گڏ نظم، نسق ۽ سياست جون خوبيون به رکي ٿو. پاڻ سڳورا رات جو نه صرف عبادت ڪندا هئا، پر ميدان جنگ، خواهه مملڪتي نظام ۾ به وڏي مهارت رکندڙ هئا. پاڻ مقدمن جي پيروي به ڪندا هئا، ته زڪوات جي رقم وصول ڪري حقدارن ۾ ورهائيندا به هئا. سياسي مسئلن کي دوستن جي راءِ سان حل ڪندا هئا ۽ کين چوندا هئا ته مونکي مشورو ڏيو. ديني مسئلن کي پنهنجي راءِ سان حل ڪندا هئا، مسلمان ٿيڻ وارن ڪٽنبن کي اسلامي تعليم ڏيڻ لاءِ پنهنجا ايلچي موڪليائون. مديني ۾ اسلامي حڪومت قائم ڪيائون ۽ ان جي چوڌاري شهرن ۽ ڳوٺن جي قبيلن ۾ پنهنجا علمدار مقرر ڪيائون. حجاز ۽ يمن جي هر وڏي شهر ۽ وڏي قبيلي ۾ پنهنجا نائب مقرر ڪيائون. سڀني واسطيدارن ملڪن ۽ شهرن ۾ انهن جي مقرر ڪرڻ جو مقصد اسلام جي سياسي ۽ ديني نظام کي مروج ڪرڻ هو. خود مديني ۾ به، پنهنجو نائب مقرر ڪرڻ فرمايو هئائون. هڪ دفعي پاڻ هڪ غزوهه ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ مديني کان ٻاهر ويا ته حضرت عتاب بن آسيه رضه کي پنهنجو نائب مقرر ڪيو ۽ هڪ درهم روزانو جي حساب سان سندس پگهار مقرر ڪيائون. پاڻ سڳورن جي زماني ۾ هي پهرئين پگهار هئي، جيڪا ڪنهن کي ڏني ويئي ورنه اصحابي فقط مال غنيمت مان حصو وٺندا هئا.
    حضور اڪرم ﷺ جي زماني ۾، مسجد نبوي کي بنيادي حيثيت حاصل هئي، اتي هر قسم جا فيصلا حل ڪيا ويندا هئا. قرآن ۽ حديث جو مرڪز به مسجد هئي ته امامت، عبادت، عدالت ۽ صلاح مشوري جو مرڪز به مسجد هئي، پاڻ مسجد ۾ سفيرن جي آجيان ڪندا هئا سياسي ۽ ديني مسئلن تي عام مسلمانن کي ليڪچر به مسجد ۾ ڏيندا هئا ۽ مهمات دولت جو انتظام به مسجد ۾ ڪندا هئا. مطلب ته اسلامي حڪومت جو صدر دفتر، پارليامينٽ، مقام عبادت ۽ سيڪريٽريٽ مسجد ئي هئي ۽ ديني ۽ دنوي اقتدار جو مرڪز به مسجد هئي. هن مان صاف ظاهر آهي ته حضور اڪرم ﷺ پنهنجي ئي زماني ۾ مملڪتي نظم ۽ نسق قائم ڪري، اسلامي حڪومت جو بنياد وڌو.
    ث: - حضور اڪرم ﷺ جي سياست : سيرت پاڪ جي سڀني واقعن ۾، فتح مڪه کي عظيم الشان حيثيت حاصل آهي. حديبيه جو عهدنامو، حضور اڪرم ﷺ جي رحمدلي، مسلمانن جي امن پسندي ۽ سياسي بصيرت جو لازوال ڪارنامو آهي، پر جڏهن مڪي جي مشرڪن جي اسلام دشمني حضور ﷺ جن خلاف لاڳيتن سازشن ۽ معاهدي جي کلي خلاف ورزي هن صلح کي ختم ڪري ڇڏيو، تڏهن پاڻ هڪ وڏي لشڪر سان مڪي کي فتح ڪرڻ جون رٿون رٿيون هيون، شعب ابي طالب ۾ قيد ڪيو هو. سندس ساٿين کي ڪوسي واري تي ليٽايو هو. هٿن ۾ ڪليون ٺوڪيون هيون ۽ سيني تي پٿر رکيا هئا، رستن ۾ ڪنڊا وڇايا ۽ مٿن پٿر هنيا هئا. مطلب ته مسلمانن تي تيرهن سالن جا ڪيل ظلم، کين هڪ هڪ ٿي ياد اچڻ لڳا. ويچارڻ لڳا ته ” هاڻي ڇا ٿيندو؟ هو صرف حضور ﷺ جي حڪم جا منتظر هئا. الله الله قربان وڃجي سندن اخلاق تان. حڪم ٿئي ٿو ته گهر کان بي گهر ڪرڻ وارن کي مان معاف ڪيو. تلوارون اگهاڙيون ڪري قتل ڪرڻ وارن مان معاف ڪيو، يهودين سان سازباز ڪندڙن کي مان معاف ڪيو. امير حمزه جي وحشي قاتل کي مان معاف ڪيو. ابوسفيان کي مان معاف ڪيو. پر ان جي گهر ۾ پناهه وٺندڙ کي مان معاف ڪيو. اڄ اوهان لاءِ ڪا سزا ناهي اڄ اوهان تي ڪابه معيار نه آهي.
    ڪيڏي نه سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي، ته فاتح عالم، دنيا جي فاتحين لاءِ، ڪيڏو نه عبرت جو درس ڇڏيو آهي. ليگ آف نيشنز کان پوءِ مهاڀاري لڙائي جي غارتگري، انساني حقن جي چارٽر ۽ ان کان پوءِ اسان جي هن دور ۾ اقوام متحده جي موجودگي ۾،جي ڪوريا خونريزي، سڪندريه تي بمباري، فلسطين ۾ اسرائيلي تباهڪاري، آفريڪا ۾ الجزائر ۽ ڪانگو جون لڱ ڪانڊاريندڙ ڪاروايون، هن ڳالهه کي واضح ڪن ٿيون ته موجوده دور جون طاقتور حڪومتون، تعليمات محمدي کان، بنهه اڻ واقف آهن ۽ ان ڪري هي دنيا جنسي جهنم بڻجي ويئي آهي. امن اڻ لڀ آهي. جيڪڏهن دنيا جا حڪمران، فاتح مڪه جي مقدس اصولن ۽ سندن ڪارڪردگي کي سامهون رکن ته هي دنيا جنت جو نمونو بڻجي پوي. پاڻ سڳورن مڪي جي فتح وقت فاتحن کي عظيم درس ڏنو آهي. اهو محمدي طريقو اڄ به دنيا جي طاقتور قومن ۽ بااختيار حڪمران لاءِ بهترين معيار جو عمل آهي.


    ٻانهپ جو خاتمو: لالا شيام ايم اي ( دهلي )

    ٻانهپ جو خاتمو: لالا شيام ايم اي ( دهلي )

    دنيا ۾ سڀ کان وڏي لعنت، جيڪڏهن ڪا آهي ته اها غلامي ۽ ٻانهپ آهي. الله ٿو ڄاڻي ته اها ڪهڙي منحوس گهڙي هئي، جڏهن ان جو رواج پيو، جو هزارين سالن گذرڻ کان پوءِ به، دنيا جي ڪنهن نه ڪنهن ٽڪري ۾ اڄ به هي موجود آهي. هونئن ته، هن جو پراڻو رواج آهي ۽ هر ملڪ، هر قوم ۽ هر مذهب ۾ هن جو مثال ملي ٿو. پر يورپ جي واپارين، جهڙي طرح هن کي هٿي ڏني ۽ نڪ جي پڪائي سان، هن کي روزگار جو ذريعو بڻايو، ان جو تاريخ ۾ نظير نٿو ملي . يورپ جا ماڻهو پوءِ اهي کڻي انگلينڊ، جرمني، فرانس، هالينڊ يا آمريڪا جا هجن، آفريڪا پهچندي ئي، هزارن جي تعداد ۾، ماڻهن کي پڪڙي جهازن ۾ ڀريندا هئا. آفريڪا، ڄڻ ته غلامن جو ٻيٽ هو. انهن پٿر دل واپارين، وسندين جون وسنديون ويران ڪري ڇڏيون. جيئن ته جهاز کي ٽٻ ڪري ڀريندا هئا، ان ڪري کائڻ پيئڻ جو سامان گهٽ هوندو هو. سفر جي تڪليفن ۽ سوڙهه ۾ دم گهٽجڻ ڪري، ڪيترائي غلام دڳ ۾ ئي مري ويندا هئا ۽ جيڪي بچندا هئا، تن کي وڏن اگهن تي وڪرو ڪري، هو سٺو نفعو ڪمائيندا هئا. روم جي حڪومت جيڪا پاڻ کي مهذب سڏائي ٿي، پر اتي غلامي اهڙي ته ڪني شڪل اختيار ڪئي هئي، جو مالڪ کانئن ايڏو ته ڏکيو ڪم وٺندا هئا، جو هو مري ويندا هئا، جيڪي بچندا هئا، تن جي حالت ڍورن کان به بدتر کان به بدتر هوندي هئي. ڪوڙن سان سندن کل اڊيڙي ويندي هئي، پر سندن آواز ٻڌڻ وارو ڪو ڪونه هوندو هو. ٿوري غلطي تي سندن جسم جا ڳڀا ڳڀا ڪيا ويندا هئا‏، يا زندهه باهه ۾ ساڙيا ويندا هئا، يا کين پاڻي ۾ ٻوڙيو ويندو هو. هندستان جا اڇوت، جيڪي اڄ سماجي ٻنڌڻن کان آجا ٿي رهيا آهن، هزارين سالن تائين آزار ۾ هئا ۽ هر سک ۽ آسائش کان پري هئا. اڄ کين مندرن ۾ وڃڻ جي اجازت آهي ڪن خاص سڙڪن ۽ کوهن تي اچڻ وڃڻ کان ڪوبه کين نٿو روڪي ٽوڪي. مطلب ته دنيا جي هر ٽڪري ۾ هي غلام طبقو جهنم ۾ هو. ۽ ڪوبه کين انسان سمجهي حق ڏيڻ لاءِ تيار نه هو. هنن غريبن لاءِ، زمين تنگ ۽ آسمان ڪوهين ڏور هو. آخر خالق حقيقي کي پنهنجن بندن تي رحم آيو ۽ عرب جي تپندڙ ڌرتي تي حضرت محمد ﷺ جلوه افروز ٿيا، جنهن سڀ کان پهرئين هن پوئتي پيل طبقي جي ڇوٽڪاري لاءِ وک وڌائي. جيئن ته غلامي جون پاڙون پاتال ۾ هيون، ۽ هي هر گهر ۽ ڪٽنب لاءِ وک وڌائي. جيئن ته غلامي جون پاڙون پاتال ۾ هيون، ۽ هر گهر ۽ ڪٽنب ۾، زرخريد غلام موجود هو ۽ هر ڌنڌي جي ڪاميابي، زراعت جو واڌارو ۽ ٻين معاشي ڪمن جو لاڳاپو به، هن طبقي سان هو، ان ڪري پاڻ سڳورن سندن آزادي کان اڳ، غلامي جي مذمت شروع ڪئي ۽ غلام بنائڻ ۽ انهن جي واپار ڪرڻ کي ايڏو ته ڌڪاريو جو عرب ۾ هڪ انقلاب اچي ويو. واپاري ٻانهن کي وڪرو ڪرڻ ۽ خريدار کين خريد ڪرڻ کان ڊڄڻ لڳا. اهڙي طرح پاڻ پهرين ان چشمي کي سڪائي ڇڏيائون جتان ٻانهن جي وڻ جون پاڙون، خوراڪ حاصل ڪري چوطرف پکڙجي وينديون هيون.
    ان کان پوءِ پاڻ غلامن سان نيڪ سلوڪ ڪرڻ جي هدايت ڪيائون. هي به دنيا ۾ پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان پهرين صدا هئي. غلام هڪ ڪمتر ۽ ذليل ترين ماڻهو سمجهيو ويندو هو. عزت ۽ سٺو برتاءُ ته پنهنجي جاءِ تي، پر هو ڪنهن آسائش لائق به نه هو. اها صدا ڪنهن معمولي ماڻهو جي نه هئي، جيڪا فضا ۾ گم ٿي وڃي. پر ان جو اثر ضرور ٿيڻو هو ۽ ٿيو، پر واهه جو ٿيو !. جيئن جيئن، مسلمانن جو تعداد ۽ اثر رسوخ وڌڻ لڳو، تيئن غلام طبقي جي حالت سڌرڻ لڳي. پاڻ فرمايائون ته ” غلامن جي معاملي ۾، خدا کان ڊڄو. جيڪو پاڻ کائو، اهو انهن کي کارايو ڪنهن کي حد کان وڌيڪ تڪليف نه ڏيو. سندن طاقت کان وڌيڪ ڪم نه وٺو.“ پاڻ هي به فرمايائون ته ” غلامن کي گاريون ڏيڻ وارو جنت ۾ نه ويندو.“ ان جو نتيجو هي نڪتو جو غلامي جو صرف نالو رهجي ويو. هو هر معاملي ۾ آزاد رهڻ لڳا. غلام پنهنجي مالڪ سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي نماز پڙهڻ لڳا. جنگين ۾ حصو وٺڻ لڳا. فوجن جا ڪمانڊر انچيف بڻجي ويا. شاديون ڪرڻ لڳا. معيشت ۾ ترقي ۽ عروج جا سڀ دروازا مٿن کلي ويا. سختي ۽ تشدد ته پنهنجي جاءِ تي، کين اولاد وانگر سمجهيو ويو ۽ مٿن محبت جون بوندون وسڻ لڳيون.
    دنيا ۾ غلامي جا مختلف طريقا هئا. سڀ کان خاص ذريعو جنگ هو. هن موجب فتح کان پوءِ، فاتح، مفتوح قوم جا سڀئي ماڻهو، مرد ۽ عورتون گرفتار ڪري کين غلام بڻائي ڇڏيندو هو ۽ هي مصيبت جا ماريا، اميرن ۾ ورهائجي ويندا هئا. ۽ جيئن ته هي سلسلو وڌندڙ هو، ان ڪري اهي سوداگرن کي وڪرو ڪيا ويندا هئا. اهي نسلي طور شريف ۽ وڏگهراڻي جا کڻي ڇو نه هجن پر کين غلام ٿي رهڻو پوندو هو. سندن مالڪ کانئن اهڙو ئي ڪم وٺندا هئا جنهن مان کين مرڻ ويلي ڇوٽڪارو ملندو هو. جڏهن ته افلاطون جهڙو حڪيم ۽ فلاسفر، غلام بڻجي هارپو ڪندو هو ته پوءِ ٻئي ڪنهنجي لاءِ ڇا ٿو چئي سگهجي؟ ڪڏهن وري هنئين ٿيندو هو ته ڌاڙيل قافلي جي ماڻهن کي گرفتار ڪري وٺي ويندا هئا، ۽ ٻئي ولايت ۾کين وڪري ڪري ڇڏيندا هئا. مطلب ته غلام بڻجڻ کان پوءِ زندگي حرام ٿي ويندي هئي. دنيا جو ڪوبه ملڪ ۽ مذهب هن لعنت کان خالي نه هو ۽ خدا جي مخلوق عذاب ۾ مبتلا هئي. هي اسلام جو زماني دنيا ۽ مخلوق تي احسان آهي، جو هن غلامن جي آزادي جو اعلان ڪيو. قرآن شريف ۾ غلامن بابت کليل لفظن ۾ آهي ته ” جڏهن اوهان جنگ ختم ڪريو ته پوءِ کين گرفتار ڪيو. پوءِ يا ته مٿن احسان ڪري ڇڏي ڏيو. “ ۽ هي ان حڪم جو نتيجو آهي ته اسلام جي سڀ کان پهرئين جنگ ۾، جيڪي ماڻهو گرفتار ٿيا، انهن سان نهايت حيرت انگيز ۽ شريفانه برتاءُ ڪيو ويو. سر وليم لکي ٿو ته ” اصحابي پاڻ پيادا هليا پر انهن کي اٺن تي ويهاريو ويو. پاڻ بکيا رهي به، انهن کي ماني کارائيندا رهيا. انهن قيدين کي پنهنجو ذاتي دشمن سمجهندي به کانئن معاوضو وٺي آزاد ڪيو ويو. جن وٽ پئسا ڪونه هئا، تن کان وعدو ورتو ويو ته اهي ڏهن مسلمانن کي لکڻ پڙهڻ سيکارين. هڪ ماڻهو وٽ نه پئسو هو ۽ نه علم سيکارڻ جي صلاحيت . ان عرض ڪيو ته ” گهر وڃي معاوضو موڪليندس. کيس ان انجام تي ئي آزاد ڪيو ويو. هڪ ماڻهو عمرو هو، جنهن چيو ته ” مان غريب آهيان جيڪڏهن هت رهيم ته پٺيان منهنجا ٻار ٻچا بکن ۾ مري ويندا. پاڻ سڳورن کي رحم اچي ويو ۽ کانئس اهو وعدو وٺي آزاد ڪيو ويو ته هو وري مقابلي لاءِ نه ايندو. رحم ڪرم ۽ جنگ جي قيدين سان نرمي ۽ شفقت جو، هي ڪيڏو نه عظيم مثال آهي، جنهن جي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. ظاهر آهي ته اهي دشمن ۽ جنگجو ماڻهو، جيڪي رت جا پياسي بڻجي ايندا هئا، جن کي آزاد ڪرڻ، خطري کان خالي نه هو، پر انهن سان برادرانه سلوڪ ڪري، کين ڇڏيو ويو. پاڻ سڳورن کي غلامن جو ايڏو اونو هو، جو دنيا مان وڃڻ وقت به، ساڻن سلوڪ ڪرڻ جي هدايت ڪيائون.
    پاڻ سڳورن غلامن کي آزاد ڪرڻ جو، هڪ رستو هي به ڏسيو ته، جيڪو به غلام کي آزاد ڪندو، ان جا سڀ اڳيان گناهه معاف ڪيا ويندا.“ جا قرآن شريف جي آيت به نازل ٿي ته ” جنگ جي قيدين تي احسان ڪري، کين آزاد ڪريو يا معاوضو وٺي آزاد ڪريو.“ هوازن قبيلي جا ڇهه هزار قيدي، بنا معاوضي جي آزاد ڪيا ويا. ان کان پوءِ وري اهڙو مثال ڪونه ٿو ملي جو پاڻ سڳورن ڪنهن کي غلام بڻايو هجي. هڪ اصحابي رضه پنهنجي ٻانهي جي منهن تي، ان ڪري چماٽ هنئي جو، ان جي موجودگي ۾، سندس هڪ ٻڪري بگهڙ کڻي ويو. صحابي جو هي فعل، شرعي حڪم جي خلاف هو. مائي ساري ڳالهه حضور ﷺ کي ٻڌائي. پاڻ ڏاڍا ڪاوڙيا ۽ ان چماٽ جي بدلي، ان کي آزاد ڪيو ويو. رومي معمولي غلطي تي ٻانهن جي کل اڊيڙي ڇڏيندا هئا، ۽ هيڏانهن مطابق، مسلمان پنهنجن ٻانهن جي سنڀال اولاد وانگر ڪندا هئا. غلام گهر ۾ هڪ ڀاتي جي حيثيت ۾ رهندو هو. حد ته اها هئي جو غلام، حضور ﷺ پنهنجي ماءُ پيءَ کان به بهتر سمجهندا هئا. سندن هڪ غلام هو، جيڪو ڪافي وقت کان وٽن رهندو هو. سندس والد ڳولا ڪندو مديني ۾ آيو ۽ پٽ جو معاوضو ڏيئي ان کي آزاد ڪرائڻ پئي گهريو. پاڻ بنا معاوضي جي کيس جلد آزاد ڪري ڇڏيو ته هو روئڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته ” مون کي ماءُ پيءَ جي محبت کان اوهان جي غلامي هزار دفعا بهتر آهي . پيءَ واپس هليو ويو. هڪ ٻيو غلام حضرت انس رضه جو چوڻ آهي ته ” مان ڏهه سال پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ رهيم، پر اهو سارو عرصو گهرڀاتين وانگر گذاريو جيڪو پاڻ کاڌائون، مون کي به اهو کارايائون. جهڙو پاڻ پاتائون مون کي به اهو پارايائون. ڪڏهن هڪ ڏينهن به مون کي نه ڇينڀيائون. حضرت زيد رضه به، سندن غلام هو. پاڻ سڳورن پنهنجي سڳي ڀڦي جي ڌيءَ سان سندس شادي ڪرائي . حالانڪ سندن ڪٽنب عرب جو معزز ترين خاندان هو ۽ زيد رضه غلام هو. اهڙي طرح هڪ ٻئي غلام اسامه رضه کي هڪ لشڪر جو سپهه سالار مقرر ڪيو ويو. جنهن جي هيٺان وڏا وڏا معزز ماڻهو هئا، پر ڪنهن به چون چران نه ڪئي. حضرت بلال رضه مشهور بزرگ ٿي گذريو آهي. پاڻ سڳورن جي ڏينهن ۾ ٻانگو هوندو هو ۽ حضور اڪرم ﷺ سندن شادي جو ارادو ڪيو ته وڏا وڏا شريف ۽ مالدار قريش گهراڻي جا ماڻهو، کيس سڱ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا. جڏهن هو گذاري ويو ته حضرت عمر رضه جهڙو عظيم الشان حڪمران به، روئي چوڻ لڳو ته ” اڄ اسان جو آقا دنيا مان هليو ويو“ هي هو اسلامي مساوات جو ڪرشمو! جو حڪمران به غلامن کي ڀريل مجلسن ۾ آقا سڏيندا هئا. واقعي اسلامي دور ۾، ٻانهن جي حالت هن دور جي آزاد ماڻهن کان بهتر هئي ۽ سندن مڪمل حفاظت ڪئي ويندي هئي. وڏي کان وڏا عهدا انهن کي ملندا هئا. اهي مسلمانن جا ڀائر هوندا هئا. هندستان ۽ مصر تي، اسلام جي غلامن حڪومت ڪئي ۽ اهڙي دٻدٻي سان، جو تاتارين جهڙي وحشي ۽ بهادر قوم، به پاڻي پاڻي ٿي ويئي ۽ انهن جي هٿان، کين شڪست ملي. وڏا وڏا بهادر حڪمران ۽ ڪامل بزرگ انهن مان پئدا ٿيا. اسلام غلامن کي فرش تان کڻي عرش تي پهچايو، ۽ سچ پچ اهي بادشاهه بڻجي ويا. يورپ ۾ 1794ع ۾ فرانس ۾ انگلينڊ ۾ 1833ع ۾ غلامن جي آزادي جو قانون پاس ڪيو. پر اسلام ان کان سوين سال اڳ، انسان ذات جي بهترين خدمت ڪئي. ڇا وهين صدي جو يورپ، اهڙي کلي دل سان انساني خدمت جو ڪو ثبوت پيش ڪري سگهي ٿو؟ يورپ ڇا، پر دنيا جو ڪوبه خطو، اهڙي رواداري جو مثال نه ٿو ڏيئي سگهي. اهو فخر فقط اسلام کي ئي حاصل آهي.


    اقوال محمد جي اهميت: سردار ديوان سنگهه مفتون

    اقوال محمد جي اهميت: سردار ديوان سنگهه مفتون

    مان هڪ ڪيس جي ڪري دهلي جيل ۾ هوس. ان وقت ” احرار تحريڪ “ جو زور هو. مولوي عبدالقيوم ڪانپوري به ان تحريڪ جي سلسلي ۾ دهلي جيل ۾ آيو. سندس رهائش مون سان گڏ ٿي. هڪ دفعي مولوي صاحب مون کي پيغمبر اسلام حضور اڪرم ﷺ جي هڪ حديث ٻڌائي ته ” اشرف الجهاد، اعلي ڪلمته الحق“ ” اشرف جهاد حق ٻڌائڻ آهي.“ مان جڏهن اهي لفظ ٻڌا، تڏهن سوچڻ لڳم ته، ان شخصيت جي بلندي جو ڇا اندازو ڪري سگهجي ٿو، جنهن وقت جي حاڪم جي سامهون حق ۽ صداقت جي آواز کي، سڀ کان وڏو جهاد قرار ڏنو. جيل کان آزاد ٿيڻ کان پوءِ، مون ” رياست“ ۾ هڪ نوٽ لکيو، جن ۾ هي لفظ به هئا ته انهن لبن جي قدر ۽ قيمت جو ڪوبه اندازو نٿو ڪري سگهي، جنهن مان هن هن حديث جا لفظ نڪتا. ان واقعي کان پوءِ مان قرآن ۽ حديث کي پڙهڻ شروع ڪيو جن جي مطالعي کان پوءِ، مون تي ٻين ڳالهين کان سواءِ هن حديث جو به ڏاڍو اثر ٿيو، جنهن ۾ رسول الله هي دعا گهري آهي ته ” يا الله مون کي غريبن جي ٽولي ۾ رک ۽ مرڻ کان پوءِ غريبن جي ٽولي مان اٿار.“ اڄ به مون تي انهن ٻنهي حديثن جو اثر آهي جو مان پنهنجي زندگي ۾ حق ۽ صداقت جو آواز بلند ڪندي ڪيترن ئي خطرن کي وڏي دل سان منهن ڏنو آهي ۽ خدا جو شڪر آهي، مالي لحاظ کان به مان غريب ۽ مقروض آهيان. منهنجو يقين آهي ته گهڻي غربت انسان ۾ گهٻراهٽ پئدا ڪري ٿي. پر گهڻو پئسو به ته انسان کي انسانيت کان محروم ڪري ڇڏي ٿو. ڪي ٿورا ماڻهو هوندا، جيڪي مالدار هوندي به انساني اوصاف کي هٿان نٿا ڇڏين. هنن ٻنهي حديثن کان سواءِ مون تي حضرت عمر رضه جو به وڏو اثر آهي. جنهن جي حڪومت ايران تائين پکڙيل هئي، پر سندس ڪپڙن ۾ چتيون لڳل هيون ۽ رات جو وهاڻي جي بدران سر مٿي هيٺيان رکي سمهندا هئا. مان سک آهيان ۽ مون کي سک ئي سمجهڻ گهرجي. پر ذاتي خيالات سان مان حضرت مسيح ۽ حضرت محمد ﷺ جو ايترو معتقد آهيان، جيترو هڪ عيسائي ۽ مسلمان ٿي سگهي ٿو. ۽ منهنجي اها خوش قسمتي ٿيندي، جو مون کي سک، گورو صاحبان کان سواءِ، حضرت مسيح، رسول اڪرم ﷺ ۽ شري ڪرشن جهڙين عظيم ۽ بلند هستين جي اسوه حسنه جي پيروي ڪرڻ جي سعادت نصيب ٿئي.


    نور جو مينار: مسٽر پي، يون منت رائو

    نور جو مينار: مسٽر پي، يون منت رائو

    ” امن و سڪون جي متلاشي هن دنيا ۾ پيغمبر اسلام جو پيغام هڪ نور جي مينار وانگر آهي.


    من مرادون پنيون: پروفيسر بي ايس دارا ( سک )

    من مرادون پنيون: پروفيسر بي ايس دارا ( سک )

    ايڊيٽر انڊيا – لنڊن

    آرياڻي آيو. جنهن ڀنڀور کي اجاريو. هر ڪنهن جو آسون پنيون. مرادون پوريون ٿيون. محبوب جي ديدار سان، سوين سالن جو گناهه معاف ٿيا. تن اجرو ٿي پيو. من مان مير نڪري ويو. پارس جي صحبت ۾ لوهه سون ٿي پيو.
    آن که خاک را به نظر کيميا کنند
    آيا بود که گوئشه چشمي بما کنند
    اي عرب جي سرزمين ! اي ويران بيابان ۽ واري جي دڙن جا ملڪ ! اي وحشي درندن جا جهنگل ! اي چورن ۽ ڌاڙيلن جي ڌرتي ! اي ظالمن ۽ لٽيرن جا مسڪن ! اي ريڍارن ۽ اوٺارن جا وٿاڻ ! اي شراب خورن جا ميخانا ! اي وحشي عرب ! تو ۾ ساري دنيا جا بدڪار ۽ جهان جا مڪار رهندا هئا. جيڪي نالي جا انسان پر ڪرتوت شيطان کان به بدتر آهن.
    چلن ان کي جتني تهي سبهه وحشيانا
    هر ايک لوڻ اور مار مين تها يگانه
    فسادون مين کڻتا تها ان کا زمانه
    نه تها قانون کا کوئي تازيانه
    وه تهي قتل و غارت مين چالاک ايسي
    درندي هون جنگل مين باک جيسي
    اي عرب جي ڌرتي ! اڄ تنهنجو نالو، ٻار ٻار جي زبان تي آهي. خلق خدا، هر وقت تنهنجو ذڪر ڪري ٿي. اها ڪهڙي اک آهي، جيڪا تنهنجي ديدار لاءِ آلي نه هجي. اها ڪهڙي دل آهي، جيڪا تنهنجي درشن لاءِ نه تڙپي هجي. اهو ڪهڙو ملڪ آهي، جنهن تنهنجي شهنشاهه جو حڪم نه مڃيو هجي. اهو ڪهڙو حڪمران آهي، جنهن تنهنجي رعب ۽ دٻدٻي آڏو سر نه جهڪايو هجي.
    اي خطئه عرب ! تون پراڻو لباس لاهي، نئين پوشاڪ پهري. تون نئون روپ ورتو. توکي نئون جنم مليو. نئين زندگي حاصل ڪئي، ڇو ته تو رسول خدا کي ڏسڻ جي عظمت حاصل ڪئي. اي عرب، سڀ الله جي هٿ ۾ آهي، جنهن کي ڏي. ان جا وارا نيارا آهن نه ته هي فيض رسول توکي ملي ها! ۽جمال محمدي جي زيارت توکي نصيب ٿئي ها! اي هماليه جون فلڪ بوس چوٽيون ! اوهان ئي ڪجهه ٻڌايو. سوين پروهتن اوهان جي پيار ڀري گود ۾ گذريا. سوين جوڳين تنهنجي هنج ۾ جوڳ ڪيا، هزارين پوڄارين، تنهنجي پهلو ۾ ويهي، تپسيا ڪئي. لکين ساڌن، تنهنجي چرنن ۾ ڀيٽائون ڏنيون. اي هماليه ! ٻڌاءِ ته سهي، سچ چئجانءَ ته ڪڏهن توبه مڪي جو اهو سهڻو جوان ڏٺو. ڪٿي توکي مديني جو گهوٽ نظر آيو. اي درياءِ گنگا جون لهرون ! تنهنجي پوتر پاڻي پوڄارين کي، رام جي نالي جپڻ ۾ لطف بخشيو تنهنجي پاڻي جي هڪ ڦڙي، معرفت جي متوالن کي پُر ڪيو. اي موج گنگا ! جنهنجي توسان اک لڳي، توان کي پنهنجو ڪري ڇڏيو. جيڪي اڄايل تو وٽ آيو، تو ان کي ڍو ڏيئي ڇڏيو. پر ٻڌاءِ ته سهي! ڪڏهن ان آب زم زم جي مالڪ کي ڏنو! ڪڏهن ان به توکان گنگا جو ڍڪ گهريو.
    اي تاجدار عرب ! ٻڌئون ٿا ته اوهان جي چال من موهيندڙ هئي ۽ تنهنجي صورت
    دلربا هئي. اي دلدار عرب، ٻڌئون ٿا ته جنهن توسان لنئو لاتي، اهو اڏجي ويو ۽ جنهن تنهنجو چيو مڃيو، ان جا وارا نيارا ٿي ويا.


    آرياڻي اجاريو: سوامي ديانند

    آرياڻي اجاريو: سوامي ديانند

    شايد اوهان اهو سوال ڪريو ته اسلام ۾ ڪهڙي خوبي يا صلاحيت آهي. مان جواب ڏيندس ته جيڪڏهن ان ۾ ڪا خوبي، ڪا خصوصيت نه هجي ها، ته اڄ تائين اهو ڪيئن زندهه رهي سگهي ها. ۽ ان کي ايڏو مقام ڪيئن ملي ها؟ الله تعالى جو قانون هي آهي ته هن دنيا ۾ اها شئي جيتري رهي سگهي ٿي جنهن مان انسان کي فائدو ملندو هجي. اسلام هجي. اسلام جي هي خصوصيت آهي ته هو دنيا ۾ آزادي، ڀائپي ۽ برابري جو سڀ کان وڏو علمدار آهي . حضرت محمد ﷺ دنيا ۾، انساني برابري ۽ عالمگيري برداري جا پيغمبر هئا ۽ انساني ڀائپي جا مبلغ هئا. سندس آندل مذهب ۾ ذات پات، برادري، قبيلي ۽ رنگ نسل جو ڪوبه فرق ۽ مت ڀيد نه آهي. پاڻ سڳورنﷺ صرف زباني تقرير نه ڪئي. پر جيڪا تعليم ڏنائون، ان تي عمل به ڪري ڏيکاريائون، ۽ ان ڪرئي سندن مبارڪ زندگي، مسلمانن لاءِ مثالي قرار ڏني ويئي. پاڻ سڳورن، پنهنجي ٻانهي پٽ بنائي ڇڏيو ۽ ان سان اهڙو ورتاءُ ڪيو. جو جڏهن کين والد وٺڻ آيا ته پنهنجي پيءَ کان وڌيڪ پنهنجي آقا وٽ رهڻ کي ترجيح ڏنائين.
    حضرت بلال حبشي رضه کي ڪير نه سڃاڻي. هي ڪاري رنگ جو مسلمان هر لحاظ کان قريش جو همسر هو ۽ وڏي کان وڏا قريشي سردار ساڻس گڏ ويهي ماني کائيندا هئا ۽ ڪلهو ڪلهي سان ملائي نماز پڙهندا هئا.
    ذات پات ۽ رنگ نسل جو فرق، جهڙو آفريڪا ۾ آهي، تهڙو هندستان ۾ به آهي. جيڪڏهن ڪو اڇوت ڪنهن هندو جي دسترخوان کي هٿ لڳائي ته ان ۽ جو سمورو کاڌو ناپاڪ ٿي وڃي ٿو. ان ڀيٽ ۾ سڀ مسلمان ڪنهن نئين مسلمان جي جوٺي پاڻي پيئڻ ۾ به حرج نه ڪندا. اسلام جي عظمت ۽ ٻين مذهبن تي برتري جو راز ان ۾ لڪيل آهي ته هن مذهب سڀ فرق ۽ امتياز ختم ڪري ڇڏيا.


    عرب جو لعل : سوامي لڪشمن جي مهراج

    حق ۽ صداقت جي تبليغ لاءِ ڪيل ڪوشش، جيڪا خلوص ۽ سچي دل سان ڪئي وڃي، ڪڏهن به ناڪام نه ٿي ٿئي. تاريخ شاهد آهي ته اصلاح لاءِ کنيل نيڪ قدم ڪڏهن به پوئتي نه رهيو آهي. نيڪ ۽ اعلى خيال فنا نه ٿا ٿين، سندن اهميت ۽ افاديت، ڏينهون ڏينهن وڌندي رهي ٿي. جيتوڻيڪ اهي مصلح دنيا ٿا وڃن، پر پٺيان ڇڏيل سندن هدايتون، نصيحتون ۽ طريقا، ان جي قوم لاءِ رهبر ثابت ٿين ٿا ۽ ضرور اثر ڏيکارين ٿا. اهو معاملو حضرت محمد ﷺ جي تبليغ سان به ٿيو. منڍ ۾ جن ماڻهن سندن تبليغ تي ڇترون ڪيون. تن آخر اچي ڪنڌ نمايو.
    تهذيب، تمدن، اخلاق ۽ شرافت جي فقدان واري ماحول ۾، پاڻ سڳورا اعلى اخلاق جا روشن ستارا بڻجي آسمان عرب تي اڀريا، ۽ عام ماڻهو سندن اوصاف حميده ۽ خصائل حسنه کان منور ٿيا. ان زماني ۾ جڏهن ڪوڙ ۽ ٺڳي، بي ايماني ۽ فريبڪاري، عربن جي خاص خوبي هئي، تڏهن به پاڻ سچائي ۽ صداقت سان، هرهڪ کي ديوانو بنائي ڇڏيو. ايتري تائين جو هرڪو کين امين ۽ صادق سڏڻ لڳو. واپار سندن محبوب پيشو هو. قيس بن صائب، ساڻن ڀائيوار هو. پاڻ هڪ ڀيري وکر کڻي، يمن ويا ۽ کين اڳ کان وڌيڪ نفعو مليو. پاڻ واپس اچي قيس کي پائي پائي جو حساب ڏيئي نفعو ڏنو. ٻئي ڀيري، قيس پاڻ سامان کڻي يمن ويو ۽ واپس ٿي حساب ڪري حضور جن کي اڌ رقم حصي ۾ ڏني. پاڻ سڳورن کي جڏهن خبر پيئي ته قيس حساب ۾ ڀليو آهي ۽ کين رقم وڌيڪ ملي آهي، تڏهن ان وقت، قيس وٽ ويا ۽ ان کي واڌاري رقم موٽائي ڏني.
    ٻئي دفعي جو واقعو آهي ته ڪعبته الله شريف جي نئين جڳه ٺهرائڻ کان پوءِ حجر اسود کي پنهنجي جاءِ تي رکڻ جو مسئلو پئدا ٿيو. هر سردار پيو گهري ته ان کي هٿ مان لڳايان، ۽ معاملو وڃي تلوارن تي پهتو. آخر فيصلي لاءِ پاڻ سڳورن کي چونڊيو ويو حضور سائين چادر وڇائي، حجر اسود کي پنهنجن هٿن سان کڻي ان ۾ رکيو ۽ سڀني سردارن کي حڪم ڪيائون ته هاڻي گڏجي ان جي ڪنڊن کان وٺو، ۽ ان جڳهه تي جڏهن کڻي آيا ته پاڻ ان کي کڻي سندس اصلي جڳهه تي رکيو. سندن اهڙي فيصلي سان هڪ خونريز جنگ ٿيندي ٿيندي، رڪجي ويئي، جيتوڻيڪ عام ماڻهن جي نظر ۾، هي معاملي ڳالهه آهي، پر نتيجي جي خيال کان ان جي اهميت جو ڪوبه انڪار ڪري نه ٿو سگهي.
    پاڻ سڳورن جي اخلاق حسنه بابت هڪ حديث مان معلوم ٿئي ٿو ته حضور اڪرم ﷺ اخلاق جا مجسمه هئا. جاهلن کي علم ڏيندڙ الله جا ٻانها ۽ رسول، سڀ ڪم الله جي حوالي ڪندڙ، نه گفتگو ۾ سخت، نه چال ۾ سخت، نرم طبع، حليم، بردبار، مهربان ۽ صرف الله جي هيڪڙائي کي مڃيندڙ، سندس تعليم انڌي کي ديد، ٻوڙي کي ڪن ۽ غافل دل کي سجاڳ ڪري ٿي. هو هر برائي کان پاڪ ۽ هر نيڪي سان لبريز هئا. سندس ڪلام حڪم آهي. صدق ۽ وفا سندس طبيعت آهي. معاف ڪرڻ ۽ احسان ڪرڻ سندن عادت آهي. انصاف ان جي سيرت آهي، سچائي ان جي شريعت آهي. هدايت ڪرڻ ان جو طريقو آهي. مذهب ان جو اسلام ۽ احمد ﷺ ان جو نالو آهي. هو ضلالت مان ڪڍي رفعت ڏيڻ وارو انڌاري مان سوجهري ڪرڻ وارو گمنامن کي نالو ڏيڻ وارو جاهلن کي عالم بنائڻ وارو اقليت کي اڪثريت ۾ آڻڻ وارو، سڃن کي امير ڪرڻ وارو، ڇڙو ڇڙو کي گڏ ڪرڻ وارو، نفاق کي اتفاق ۾ آڻڻ وارو، فرد کي جماعت بنائڻ وارو، ڪيني ۽ ڪروڌ مان ڪڍي، الفت ۽ محبت بخشڻ وارو، محمد ﷺ ئي آهي. جنهن جي امت دنيا ۾ ڀلاري امت بڻي. جنهن جو ڪم ماڻهن کي هدايت ڪرڻ آهي.
    سندس عادات مبارڪ جي ڇا ڳالهه ڪجي ! سواري هوندي، ڪنهن کي پيرين پنڌ نه ڇڏيندا هئا. حضرت ابوهريره رضه کان روايت آهي ته، هڪ ڀيري خچر تي پاڻ سڳورا، اگهاڙي پٺي چڙهيل هئا. رستي ۾ مان ساڻن مليس. فرمايائون ته مونسان گڏ چڙهيو.“ سندن هٿ وٺي جيئن چڙهيم، ته پاڻ سوار ٿي، ٻيهر چڙهڻ لاءِ حڪم ڪيائون، ته وري به ائين ٿيو. ٽئين دفعي پاڻ حڪم ڪيائون، پر مان انڪار ڪيو ته اوهان هلو. سخاوت جا ته صاحب هئا. ڪڏهن به سوالي کي خالي نه موٽايائون. جيڪڏهن ڪجهه نه به هوندو هون ته سوالي کان معافي وٺندا هئا، الله تعالى کان دعا گهرندا هئا ته ” يا الله هڪ ڏينهن بکايل رهان، هڪ ڏينهن کايان. بک ۾ تهنجي اڳيان، آزي نيزاري ڪريان ۽ ڍئو ڪري تنهنجو شڪريو بجا آڻيان. سڀني سان پيار ۽ محبت سان پيش ايندا هئا. يتيمن کي پاليندا هئا. ڪو مسلمان مري ويندو هو ته ان جو قرض لاهيندا هئا. حضرت محمد ﷺ جي تعليم اعلى پائي جي آهي. هت سندن تعليم جو صرف نمونو ڏيکارڻو آهي. سندن فرمان آهي ته :
    1. سياڻو اهو آهي جيڪو پاڻ کي سڀني کان گهٽ سمجهي ۽ اهو ڪم ڪري، جيڪو مرڻ کان پوءِ کيس ڪم اچي . اياڻو ا هو آهي جيڪو پنهنجي نفس جو بندو هجي ۽ الله کان ڪابه شئي نه گهري صرف اميد رکي.
    2. بهادر اهو نه آهي، جيڪو الله جي ٻانهن کي ستائي، پر بهادر اهو آهي جيڪو پنهنجي نفس کي ضابطي ۾ رکي.
    3. قناعت اهو خزانو آهي، جيڪو ڪڏهن خالي نه ٿو ٿئي.
    4. رايو ڏيڻ امانت آهي، غلط صلاح ڏيڻ خيانت آهي.
    5. شر يا گناهه جو ڪم نه ڪرڻ صدقو آهي.
    6. حيا چڱائي جي نشاني آهي، ۽ نيڪي ئي نيڪي آهي.
    7. تندرستي ۽ واندڪائي، اهڙيون نعمتون آهن، جيڪي هر هڪ کي نه ٿيون ملن.
    8. جيڪو وعدي جو پڪو ناهي، اهو ديندار ئي ناهي.
    9. عقل کان وڌيڪ ٻي دولت نه آهي.
    10. مرد جي سونهن، سندس گفتگو آهي.
    11. جهالت کان وڌيڪ، ٻي تنگي نه آهي.
    12. جنهن ۾ امانت جي خوبي نه آهي، ان ۾ ايمان نه آهي.
    13. سٺيون عادتون، محبت جي نشاني آهي.
    14. خيرات ڪرڻ سان ملڪيت نٿي گهٽجي.
    15. پنهنج ڀاءُ کي طعنو نه ڏيو. ٿي سگهي ٿو ، اوهان سان به ساڳئي حالت ٿئي.
    16. الله جي خوشي، پيءُ جي خوشي ۾ آهي. ۽ خدا جي ڪاوڙ پيءُ جي ڪاوڙ ۾ آهي.
    17. سڀني ڪمن کان بهتر ڪم وقت تي نماز پڙهڻ آهي. ان کان پوءِ ماءُ پيءُ جي پيروي ڪرڻ .
    18. سڀني گناهن کان وڌيڪ گناهه شرڪ، ۽ ماءُ پيءُ جي نافرماني آهي! پوءِ ڪوڙي شاهدي ڏيڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ.
    19. نياڻين جي پالنا هڪ امتحان آهي . جيڪو ان ۾ پاس ٿيو، اهو دوزخ کاب بچي ويو.
    20. حڪومت ڪفر سان نٿي ٽٽي. پر ظلم سان ختم ٿي ٿئي.
    21. مرڪي ملڻ، سٺي ڳالهه ٻڌائڻ، خراب ڪم کان بچائڻ، ڀليل مسافر کي واٽ ڏيکارڻ، انڌي کي راهه لائڻ، رستي مان ڪنڊو، پٿر، هڏي هٽائڻ، ڪنهن کي پاڻي جو ڏول ڪڍي ڏيڻ، هي سڀ ڪم صدقي برابر آهي.
    22. سڀ سان پيار ڪرڻ، عقل جي نشاني آهي.
    23. حڪمت ۽ دانائي کي، پنهنجي وڃايل وٿ سمجهو، جتان به ملي حاصل ڪريو.
    24. تحقيق ڪرڻ جو شوق اڌ علم برابر آهي.
    25. عبادت جي بزرگي کان علم جي بزرگي بهتر آهي.
    26. ڪنهن پڇيو ته خدمتگار کي ڪيتري معافي ڏجي پاڻ فرمايائون ته ” ڏينهن ۾ ستر دفعه “


    ساري عالم لاءِ رحمت: جناب بي ايس انڌاواهو شيارپور



    مهاتما گوتم ٻڌ، زرشت، شري ڪرشن مهراج ۽ شري رامچندر کي سندن مائٽن ۽ قوم جي ماڻهن وڏيون تڪليفون ڏنيون. ابراهيم ع کي نمرود باهه ۾ وڌو. ذڪريا کي چيري به ٽڪر ڪيو ويو. فرعون موسى کي ڏک ڏنا. عيسى کي ڦاهي چاڙهيو ويو. پر جيترو ايذاءُ ۽ پيڙاءَ پيغمبر اسلام، حضرت محمد ﷺ کي ڏنو ويو، ايترو ٻئي ڪنهن کي به نه مليو. کين پٿر سان رتو رت ڪيو ويو. مٿن گند سان ڀريل اُٺ جي اوجهري رکي ويئي. کيس چريو ۽ جادوگر سڏيو ويو. گهر کان بي گهر ڪيو ويو، ايتري تائين جو، سندس قتل جو رٿون رٿيون ويون. ٻڌايو ته انهن نبين ۽ بزرگن، پنهنجا پنهنجا مذهب جاري ڪري آخر ڇا حاصل ڪيو! ۽ کين ڪهڙو سڪون مليو. هنن چڱن ڪمن ڪرڻ جي ماڻهن کي هدايت ڪئي. جنهن ۾ سندن ئي بهتري هئي. هو دنيا جي ڀلائي جا خواهشمند هئا. نه ڪوڙا هئا ۽ نه وري ٺڳ هئا. اهڙي حالت ۾ مان حضرت محمد ﷺ جي فياض رحمدلي ۽ نيڪ سيرت کي ڇو نه واکاڻيان، جنهن سور ۽ سختيون سهي به، واتان ويڻ نه ورايو. ويتر اڳين کي دعائون ڏنيو ن ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ کان پوءِ به ڪو بدلو نه ورتو. جيڪي به مذهبي اڳواڻ ٿي گذريا آهن، تن مان حضرت محمد ﷺ تي سڀ کان وڌيڪ ظلم ڪيا ويا ۽ تاريخ نويسن، ويتر تعصب کان ڪم وٺي، کين هڪ قاتل ۽ بي رحم انسان جي شڪل ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته جيئن هرڀرو ٻين کانئن نفرت ڏياري وڃي. معلوم ٿئي ٿو ته انهن نڪتچيني ڪندڙن، نه ڪڏهن اسلامي تاريخ ۾، نه وري اسلام جي باني جي سيرت جو چڱي طرح مطالعو ڪيو آهي. اچو ته مان اوهان کي سندن رحمدلي جا ڪجهه واقعا ٻڌايان.
    الله تعالى پيغمبر ﷺ جي زباني دنيا وارن لاءِ هي اعلان ڪرايو ته، اسان محمد ﷺ کي ساري جهان لاءِ رحمت ڪري موڪليو آهي. خاص ڳالهه هن اعلان جي هي آهي ته هن ۾ اها دعوى نه ڪيل آهي ته محمد ﷺ فقط مسلمانن لاءِ رحمت ڪيا ويا آهن. پر پاڻ ساري عالم يعني حيوانات، نباتات ۽ جمادات جي اڳيان ڪئي ٿي وڃي، جيڪي ڏينهن رات کين ايذائن ڏيڻ ۾ مشغول رهندا هئا. جي پاڻ سڳورا، بي رحم ۽ سنگدل هجن ها ۽ پاڻ ڪنهن تي هرڀرو، ظلم ۽ ڏاڍ ڪن ها ته اعتراض ڪندڙ، بروقت رحمت واري دعوى کي ڪوڙو ثابت ڪن ها، پر اسلامي تاريخ ۾ اهڙي اعتراض جو ڳوليو به مثال نه ٿو ملي.
    ڪنهن شخص جي رحمدلي ۽ ڪٺورپڻي جي خبر، تڏهن پوندي آهي. جڏهن کين پنهنجن دشمنن ۽ مخالفن کان بدلي وٺڻ جي پوري طاقت هجي. مان ان اصول کي سامهون رکي، حضور اڪرم ﷺ جو مڪي کي فتح ڪرڻ کان پوءِ، پنهنجن جاني دشمنن کي معاف ڪرڻ واري ورتاءُ تي نظر ڪريان ٿو ته ڏندين آڱريون اچي وڃن ٿيون خاص ڪري سندن هي لفظ سي به جاني دشمنن لاءِ ته ” اڄ اوهان آزاد آهيو. اوهان کان نه پڇا ڳاڇا ڪئي ٿي وڃي ۽ نه وري ڪو معاوضو ورتو ٿو وڃي. ۽ ان جو نتيجو هي ٿو نڪري ته، سندس رحمدلي ۽ شفقت کي ڏسي، اهي سڀئي اسلام جي دائري ۾ داخل ٿين ٿا.
    بدر جي جنگ ۾ کين، ڪاميابي حاصل ٿي ۽ ڪيترائي قيدي وٽن آيا. جن کي رات جو رسين سان جڪڙيو ويو. انهن ۾ پاڻ سڳورن جو چاچو حضرت عباس رضه به هو، جيڪو رسين جي مضبوطي ڪري چيخڻ لڳو ۽ جڏهن اهو آواز حضور ﷺ جي ڪن تي پيو، تڏهن سندن ننڊ ڦٽي ويئي ۽ سج اڀرڻ سان ئي پنهنجن صحابين سان صلاح ڪري، سمورن قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو.
    حضوراڪرم ﷺ ٻين ماڻهن سان رحمدلي ۽ نيڪ ورتاءُ ڪرڻ جي جيڪا تعليم ڏني سا ٻڌو:
    الله تعالى نرمي ڪري ٿو. نرمائي کي پسند ڪري ٿو، نرمائي کان خوش ٿئي ٿو ۽ نرمي ڪرڻ واري جي مدد ڪري ٿو.
    هر اڃايل کي پاڻي پيئارڻ ثواب آهي. جانورن تي ايترو بار رکو، جيترو هو کڻي سگهي ۽ انهن کي ڍئو تي کاڌو ڏيو.
    جيڪو شخص ماڻهن تي رحم نٿو ڪري، الله به ان تي رحم نٿو ڪري.
    هي سڀئي حڪم عام آهن پنهنجي، پرائي مائٽ دوست، جو ان ۾ ڪو سنڌو نه آهي. پرساري انسان ذات سان رحمدلي، همدردي، نفع رساني ۽ خدمت خلق جي هدايت آهي. هي اها قيمتي ۽ سونهري تعليم آهي، جنهن مونکي سندن عقيدتمند بڻايو.


    ٻڌي ۽ اتحاد جي تعليم: موتي لال ماٿر

    ٻڌي ۽ اتحاد جي تعليم: موتي لال ماٿر

    حضرت محمد ﷺ مسلمانن ۾ ٻه اهڙا گڻ پيدا ڪيا جن کين دنيا جو فاتح بڻايو ۽ علم و فن، تهذيب ۽ تمدن جو سڀني کين پنهنجو استاد مڃيو‏، اهي گڻ آهن : الله تعالى تي ايمان، اسلامي ڀائپي ۽ برادري.
    سچي توحيد مسلمانن ۾ همت، جرئت، بي خوفي، بهادري ۽ دليري پئدا ڪئي ۽ منجهن اهو عزم ۽ حوصلو پئدا ٿيو، جو انهن جي اڳيان جيل جي اوچائي ۽ مضبوطي ختم ٿي ويئي ۽ سمنڊ جي طغياني گهٽجي ويئي. پيغمبر اسلام کين اهڙي تعليم ڏني جو سڀئي وهم ۽ سئونسا ختم ٿي ويا. هر قسم جا باطل عقيدا ويندا رهيا ۽ خدا کان سواءِ ٻيءَ هر شئي جو خوف، سندن دلين مان نڪري ويو. مخلوق ۽ انهن جي هٿ ٺوڪين خدائن ۾ اهڙي جاءِ جوڙي، جو ٻين امير امرائن ۽ شهنشاهن جي سکڻي رعب ۽ دٻدٻي کي، هن وساري ڇڏيو. جلال خدا وندي جو جلوو سندن نظر ۾ايڏو سمائجي ويو، جو دنيا جا حڪمران، سندن اڳيان ڪجهه نه هئا. پاڻ سڳورن جي به مرضي هي هئي ته، پنهنجن پوئلڳن ۾ ايڏي ايماني قوت ۽ جرئت پئدا ڪجي جو دنيا جي سڀني ڪوڙن خدائن ۽ آپي خانن جو رعب هنن کي متاثر نه ڪري سگهي ۽ اهڙي طرح هن عظيم مقصد ۾ کين پوري ڪاميابي حاصل ٿئي.
    ٻيو گڻ مسلمانن ۾ اتحاد ۽ ڀائپي جو جذبو پئدا ڪرڻ هو. پاڻ هر مهل ۽ هر موقعي تي مسلمانن کي ڀائپي جو درس ڏنو ۽ پنهنجي زندگي ۾ ان کي عملي جامو به پهرايو. مديني مان آيل مسلمانن کي مهاجر ۽ مديني ۾ رهندڙ مسلمانن کي انصار چئي کين ڀائپي جي رشتن ۾ ڳنڍيو ويو، ۽ پوءِ مديني جي انصارن مهاجرن کي پنهنجي ملڪيت ۾ ڀائيوار بنائي گهر، ٻار، جائيداد ۽ روڪڙ مطلب ته هر شئي جيڪا به انصاري وٽ هئي، ان مان اڌ پنهنجي مهاجر ڀاءُ کي ورهائي ڏني. هن جو مثال دنيا جي تاريخ نه ٿو ملي. اهو صرف سندن تعليم ۽ تربيت جو نتيجو هو جو سڄي جي سڄي جماعت کي ٻي به اوتري جماعت صحيح معنى ۽ مڪمل طرح ڀاءُ سمجهي، ان کي پنهنجي اڌ ملڪيت ورهائي ڏي ۽ اهو به تڏهن جڏهن ٻئي ٽولا ڌار ڌار شهرن جا رهڻ وارا ۽ اڳ نه هڪ ٻئي جا ڏٺل وائٺل ۽ نه وري منجهن اڳ، ڪا هڪجهڙائي يا هيڪڙائي هئي. هن مان ئي، پاڻ سڳورن جي موثر تعليم جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. پيغمبر اسلام جا سڀ ارشاد اصولي طور، قرآني احڪام جي ماتحت آهن. اسلامي ڀائپي جو بنياد به قرآن آهي جنهن ۾ آهي ته ” انما المومنون اخوته “ ”بيشڪ مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آهن“ ته گويا بنيادي اصول پنهنجي پيغمبر کي الله تعالى ٻڌائي ڇڏيا. جن کي سامهون رکي پاڻ سڳورن پنهنجي دوستن ۾ اسلامي برادري کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ قدم قدم تي هدايت ڪئي . پاڻ فرمايائون ته
    المومن، للمومن اکالبنيان يشد بعفه بعضاً
    هڪ مسلمان جو ٻئي مسلمان سان مثال ائين آهي، جيئن ڀت هوندي آهي. جنهن جي هڪ سر ٻيءَ سر سان چنبڙيل هجي . هن حديث ۾ پاڻ سڳورن پنهنجن مريدن کي ٻڌايو ته انهن کي پاڻ ۾ ائين متحد رهڻ گهرجي جيئن ڀت هوندي آهي جو ان جي هڪ سر ٻئي سر کي زور سان جهلي بيهندي آهي ۽ اهڙي طرح هڪٻئي جو سهارو بڻيل هوندي آهي ۽ جيڪڏهن اوهان مسلمان ٻڌي ۾ رهندئو ۽ هڪ ٻئي جي مدد ڪندو، هڪٻئي کي ڏکي ويل ۾ ڪم ايندو ته ڀت وانگر مضبوط رهندو ۽ نه ته ٻي صورت ۾ سرن جو ڍير بڻجي ويندو. جنهن کي ڪابه قوت ۽ طاقت نه هوندي آهي، ۽ اهو ڍڳ يا ان جي سر کي هرڪو ٺڪرائيندو رهندو. ٻي حديث ۾ آهي ته ” من استطاع منکم، ان يفيد اخاه فليفعل “ اوهان مان جيڪو ڪنهن به ڀاءُ کي جيترو فائدو پهچائي سگهي اهو کيس پهچائڻ گهرجي. هي هڪ حڪم آهي پر ٻين ڪيتن ئي حديثن مان ملي، هي اهم حيثيت والاري وڃي ٿي. مثال : ولايومن احدکم حتى يحب لاخيه، ما يحب لنفسته . اوهان مان ڪوبه شخص ايتري تائين، مومن بڻجي نٿو سگهي جيتري تائين هو ٻئي لاءِ اهو پسند ڪري، جيڪو پنهنجي لاءِ پسند ڪري ٿو. هن حديث ۾ کولي ٻڌايو ويو آهي ته مسلمانن جو ڪنهن ٻئي مسلمان سان برتاءُ ڪهڙو هجڻ گهرجي ته ٻئي مسلمان جي نفعي ۽ نقصان جو به اهڙي طرح خيال ڪري، جهڙي طرح پنهنجي لاءِ ڪري ٿو. جيڪا شيءَ پنهنجي لاءِ ڪني سمجهي ٻئي لاءِ ائين سمجهي. اهڙي طرح مسلمان جو هي فرض قرار ڏنو ويو ته هو ٻئي مسلمان کي به پنهنجي ساهه ۽ جان وانگر، پيارو رکي ۽ جهڙي محبت هن کي پنهنجي ساهه سان آهي، اهڙي محبت ٻئي مسلمان وانگر هجي. مسلمان اهو آهي، جنهن جي هٿ ۽ زبان کان ٻيا مسلمان محفوظ هجن. هن حديث ۾ مسلمان کي ٻئي مسلمان سان ڏاڍ ۽ ظلم ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي پوءِ اها ڏاڍائي هٿ سان هجي يا زبان سان. هن حديث مان ظاهر آهي ته هڪ مسلمان جو ڪنهن ٻئي مسلمان سان زيادتي ڪرڻ ڪيڏو نه وڏو گناهه آهي. يعني اهو سچو مسلمان ئي ڪونهي، جنهن جي هٿ ۽ زبان سان ٻئي کي تڪليف پهچي. هڪ ٻئيءَ حديث جو ترجمو آهي ته مسلمان جي هر شئي ٻئي مسلمان لاءِ حرام آهي. ان جي رت، عزت، آبرو ۽ ان جو مال. هن حديث ۾ کولي ٻڌايو ويو آهي ته، هر مسلمان لاءِ ٻئي مسلمان جي شئي، جيڪا جان دولت ۽ عزت آبرو سان وابسته هجي، اها ٻئي مسلمان لاءِ حرام آهي. ۽ انهن شين کي مسلمان کان نقصان پهچڻ نه گهرجي. ٻيءَ حديث جو ترجمو آهي ته، ٻه خوبيون اهڙيون آهن، جن کان وڌيڪ ٻي ڪابه خوبي ناهي. هڪ الله تي ايمان آڻڻ ٻيو مسلمان کي فائدو پهچائڻ . ۽ ٻه خاميون اهڙيون آهن، جن کان وڌيڪ ٻي خامي ناهي، هڪ شرڪ يعنى خدا سان ٻئي کي شريڪ ڪرڻ ۽ ٻئي مسلمان کي هدايت ڪئي ويئي آهي ته جيترو ٿي سگهي ٻئي مسلمان کي فائدي پهچائڻ جي ڪوشش ڪن ۽ مسلمان کي نقصان پهچائڻ کان پاڻ بچائين.
    ٻي حديث ۾ آهي ته ” المسلم اخوالمسلم لا يظلمه ولا يلمهُ من کان في حاجته اخيه کان الله في هاجته ومن فرج الله عنه کربته من کرباته يوم القيامته “ يعنى هڪ مسلمان ٻئي مسلمان جو ڀاءُ آهي، پنهنجي ڀاءُ سان زيادتي نه ڪرڻ گهرجي ۽ نه ان کي ڪنهن تڪليف ۾ رهڻ ڏنو وڃي. جيڪو مسلمان پنهنجي ڀاءُ جي تڪليف هٽائي ٿو، ته الله تعالى ان جي تڪليف هٽائي ٿو، ۽ جيڪو ڪنهن مسلمان ڀاءُ جي تڪليف ختم ڪري ٿو، ته الله تعالى ان جي قيامت ۾ آندل تڪليفن مان هڪ تڪليف دور ڪري ٿو، ته الله تعالى ان جي قيامت ۾ آندل تڪليفن مان هڪ تڪليف دور ڪري ٿو. هن حديث ۾ چتي طرح مسلمانن کي، سندن انهن فرضن جي يادگيري ڏياري ويئي آهي. جيڪي هڪ مسلمان جا ٻئي مسلمان تي عائد ٿين ٿا. سڀ کان پهرئين ته کين هي ٻڌايو ويو آهي ته اهي پاڻ ۾ ڀائر آهن. ان ڪري ڀاءُ سان برادرانه سلوڪ ڪرڻ ضروري آهي . ان کان پوءِ کين آگاهه ڪيو ويو آهي ته هڪ مسلمان لاءِ هي جائز ڪونهي ته هو ٻئي مسلمان سان ڏاڍائي ۽ زوراوري ڪري صرف اتي ئي بس نه ڪئي ويئي آهي، پر هي به حڪم ڪيو ويو آهي ته، ان کي ڏکن سورن ۽ ايذائن ۾ رهڻ نه ڏنو وڃي. پر هڪ ڀاءُ جيئن ٻئي ڀاءُ جي تڪليف نٿو سهي سگهي ۽ ان مان ڀاءُ کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ گهري. اهڙي طرح هڪ مسلمان ٻئي مسلمان جي تڪليف دور ڪري، ان کان پوءِ ان ڪم جو درجو ۽ ثواب ٻڌايو ويو آهي ته جيڪو هڪ مسلمان جي تڪليف دور ڪري ٿو الله تعالى ان جي تڪليف هٽائي ٿو. اهڙي طرح ٻيون گهڻيون حديثون آهن، جن ۾ مسلمانن کي ٻڌايو ويو آهي ته اهي هڪ ٻئي سان ڀائرن جهڙو برتاءُ ڪن. هڪ ٻئي جي مدد ڪن ۽ ٻڌي ۾ رهن. پاڻ ۾ ڪڏهن به نه وڙهن ۽ جيڪڏهن اٽڪي به پون ته ٽن ڏينهن کان وڌيڪ رٺل نه رهن. پر ٽن ڏيهن کان پوءِ پاڻ ۾ پرچاءُ ڪن.
    هي هئي اها اتحاد جي تعليم، جنهن مٺ جيترن مسلمانن کي اها لازوال طاقت بخشي جو انهن ٿورن ڏينهن ۾ اڌ دنيا کي فتح ڪيو. سچ آهي ته اسلام کان سواءِ ٻئي مذهب اهڙي تعليم نه ڏني آهي.


    عالمي پيغام: پنڊت گووند پلنٿ

    عالمي پيغام: پنڊت گووند پلنٿ

    سندن تعليم ڪنهن هڪ خطي لاءِ نه پر سندن پيغام ساري دنيا لاءِ هو. پاڻ اتحاد، ڀائپي ۽ انساني همدردي جي اصولن تي زور ڏنو. اهڙي عظيم الشان هستي جي خدمتن ۾ عقيدت جو نذرانو پيش ڪريان.


    رحمت العالمين: سوامي برج نارائڻ سنياسي

    رحمت العالمين: سوامي برج نارائڻ سنياسي

    ڏٺو ويو آهي ته مغربي مورخن ننڊي کنڊ ۾ عيسائيت جي پرچار ڪرڻ وقت، هروڀرو پيغمبر اسلام جي شخصيت تي حملا ڪيا آهن ۽ کين پٿر دل ۽ ظالم سڏيو آهي. پر اصل ۾ ائين نه آهي . اهو بي بنياد الزام آهي. پهرئين ڳالهه هي آهي ته الله تعالى پاڻ حضوراڪرمﷺ لاءِ فرمايو آهي ته ” وما ارسلنڪ الا رحمت للعالمين“ يعني ” ۽ اسان توکي ساري عالم لاءِ رحمت ڪري موڪليو.“ هن مان صاف ظاهر آهي ته ” الله تعالى کين صرف مسلمانن لاءِ نه پر، جيترا به جهان آهن سڀني لاءِ رحمت ۽ شفقت ڪري موڪليو آهي، جنهن ۾ انسانن،پکين، جيتن ۽ جانورن جي دنيا سان گڏ، نباتات ۽ جمادات جي دنيا به اچي وڃي ٿي. مطلب ته پاڻ سڳورا، ساري ڪائنات لاءِ رحمت آهن. پيغمبر اسلام لاءِ هي دعوى چٽي صاف ۽ عام آهي ۽ سوين سالن جي دشمني رکندڙ به هن کي ڪوڙو ثابت ڪري نه سگهيا. ڏٺو وڃي ته سندن هڪ اهڙي قوم سان واسطو پيو هو، جيڪا اٺئي پهر هن تاڙ ۾ هئي ته ڪو اهڙو ثبوت ملي جو پاڻ سڳورن تي الزام هڻي سگهن . پر تاريخ شاهد آهي ته ايڏي ڪوشش هوندي به هو صرف ايترو چئي سگهيا ته پاڻ سڳورن اسان جي خدائن جي خلاف ڳالهائين ٿا ۽ اسان جي مذهب جي مخالفت ڪن ٿا. هن مان ظاهر آهي ته جيڪڏهن هنن کي پاڻ سڳورن جي ظلم ۽ تشدد جو صرف هڪ ثبوت به ملي وڃي ها ته هو ضرور هنن خدائي دعوى جي ترديد ۾ ان کي پيش ڪن ها.
    حقيقت هي آهي ته حضور اڪرم ﷺ ستائڻ ۽ ايذائڻ ته پنهنجي جاءِ تي، ڪڏهن ڪنهن کان بدلي وٺڻ جو به خيال نه ڪيو. جڏهن پا ڻ طائف ويا ۽ اتان جي ماڻهن مٿن ايڏا ته پٿر وسايا جو رتورت ٿي بيهوش ٿي ڪري پيا. جڏهن اک کوليائون ته ڪنهن کين چيو ته هنن ظالمن لاءِ بددعا ڪيو ته ان وقت زبان مان هي لفظ نڪتا ته ” اللهم اهد قومي فاانهم لا يعلمون “ يعنى الله تعالى منهنجي قوم کي سئين راهه ڏيکار. هو مونکي نه ٿي سڃاڻي. “ ڇا هي واقعو سندن فطري رحمدلي جو ثبوت نه ٿو پيش ڪري.
    هڪ ٻيو مثال سندن رحمدلي جو ٻڌايان ٿو . بدر جي جنگ ۾ شاندار فتح حاصل ڪرڻ کان پوءِ جيڪي جنگي قيدي گر فتار ٿي آيا. تن کي رات جو رسين ۾ جڪڙيو ويو. انهن ۾ حضور ﷺ جو چاچو حضرت عباس رضه به هو، جيڪو رسين جي سختي ڪري ڪنهنجي رهيو هو. پاڻ سڳورن ان کي ٻڌو. ڏينهن جو سڀني اصحابين سان، انهن جي معاملي بابت صلاح ڪئي . حضرت عمر چيو ته ”سڀني کي قتل ڪيو وڃي.“حضرت ابوبڪر چيو ته ”سڀني کي آزاد ڪيو وڃي. “ پاڻ سڳورن ﷺ حضرت ابوبڪر رضه جي ڳالهه کي وزن ڏيندي، سڀني کي آزاد ڪري ڇڏيو. ان وقت جي جنگي قانون مطابق، دشمنن کي قتل ڪرڻ عام هو.
    مڪي جي فتح وارو واقعو تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو. مڪو جيڪو سندن اباڻو وطن هو، جتي پاڻ پلجي وڏا ٿيا ها. اتان جي رهاڪن کين ستايو، قتل ڪرڻ تي انعام رکيو. جلاوطن ڪيو. پر سندن پٺ به نه ڇڏي ويئي. جتي به ملي ( نعوذ باالله) کين قتل ڪيو وڃي، پر جلاوطني کان پوءِ به کين مديني ۾ سک جو ساهه کڻڻ نه ڏنو ويو ۽ جڏهن پاڻ مڪو فتح ڪن ٿا، تڏهن هي چوندي شهر ۾ داخل ٿين ٿا ته ” انتم الطلقاءَ لا تثريب عليڪم اليوم“ اوهان آزاد آهيو اوهان کان پڇاڳاڇا نه آهي نه وري ڪو معاوضو به ورتو وڃي ٿو. پاڻ جيئن ته رحمت اللعالمين هئا، ان ڪري هر ظالم کي معاف ڪري ڇڏيائون.
    هاڻي اسان سندن تعليم مان رحمدلي بابت ڪجهه قول ٻڌايون ٿا پاڻ فرمائين ٿا ته
    ” الله تعالى نرمي ڪري ٿو، نرمي کي پسند ڪري ٿو، نرمي سان خوش ٿئي ٿو، ۽ اهڙي ماڻهو جي مدد ڪري ٿو جو ڪنهن سان سختي نه ٿو ڪري.“
    اوهان جڏهن ڪنهن گگدام جانور ت سوار ٿيوته ان کي اهڙي جاءِ تي ويهاريو، جتي جڳهه صاف هجي، جي گاهه وغيره نه هجي ته اتان جلدي نڪري اچو.“ حضوراڪرم ﷺ جي هن حديث ۾ جانورن سان رحم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي انهن تي ايترو بار کڻو جيترو هو کڻي سگهن. ايترو پنڌ ڪرايو، جيترو هو ڪري سگهن. انهن جي خوراڪ جو مڪمل انتظام ڪريو ۽ ان جڳهه تي داٻو ڪريو جتي گاهه ۽ پاڻي جهجهو هجي.
    هڪ ٻيءَ حديث ۾ آهي ته ” هر اڃايل کي پاڻي پيئارڻ ثواب جو ڪم آهي .“ هو قول پاڻ ان وقت فرمايو، جڏهن مراق بن مالڪ پاڻ سڳورن کان پڇيو ته منهنجي حوض تي ڪو اڃايل ۽ ڇڙواڳ جانور پاڻي پيئڻ اچي ته ڇا مونکي ان جو ثواب ملندو. “ پاڻ ان وقت جواب ۾ چيائون ته ”هر اڃايل کي پاڻي پيئارڻ ثواب جو ڪم آهي.“ ” الله تعالى ان شخص تي رحم نه ٿو ڪري، جيڪو ٻين ماڻهن تي رحم نه ٿو ڪري .“ هي حديث مشهور آهي، جنهن ۾ شخص جو لفظ پنهنجي ۽ پرائي سڀني لاءِ آهي . سڀني تي رحم ڪرڻ جو حڪم ڪيل آهي، کڻي اهو مسلمان هجي يا غير مسلمان، هن کان وڌيڪ موثر نموني ۾ ٻي ڪا نصيحت ٿي سگهندي؟
    ”خيرالناس من ينفع الناس “ يعنى اهو ماڻهو بهتر آهي جنهن مان ٻئي انسان کي فائدو پهچي. هن حديث ۾ ساري خلقت کي نفعي پهچائڻ جي هدايت ڪيل پهچي. هن حديث ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سڀ کان ڀلو ماڻهو اهو آهي، جيڪو سواءِ ڪنهن لالچ جي ٻئي کي فائدو پهچائي. نفع رساني جو لفظ رحم ۽ ڪهل جي نمائندگي ڪري ٿو. بي رحم ۽ ڪٺور دل ماڻهو، ٻئي سان ڪڏهن به ڀلائي نه ٿو ڪري. ڀلو به اهو ماڻهو ڪندو جنهن جي دل نرم هوندي آهي ۽ بي رحم ان ورتاءُ جو نالو آهي، جو ڪو ماڻهو، ڪنهن کي مصيبت يا تڪليف ۾ ڏسي ته ان کي ان مان ڇوٽڪارو ڏياري هڪ اپاهچ ۽ بيمار ٻار تي ڪهل ان حالت ۾ ٿيندي، جڏهن ان جي دوا درمل ڪرائي کيس کارائي پيئاري آرام ڪرايو وڃي، صاف ظاهر آهي ته نفع رساني ۽ رحم ٻه ڳنڍيل لفظ آهن ۽ رحم نفع رساني کان سواءِ بي معنى آهي. مطلب ته پاڻ سڳورن ﷺ هن ننڍڙي جملي ۾ واضح ڪيوي ته رحم ۽ شفقت ڇاکي چئبو آهي ۽ ڀلو ماڻهو ڪهڙو آهي”؟ هڪ حديث شريف ۾ اچي ٿو ته ” واٽ تان آزاريندڙ شيون هٽائڻ به صدقو ۽ خيرات آهي ۽ ان ڪم مان ثواب حاصل ٿئي ٿو. مثال پٿر، شيشي جو ٽڪر ڪنڊو، کل ۽ کڏ وغيره. ڇو ته اهي شيون واٽهڙو کي تڪليف ڏين ان ڪري انهن جو هٽائڻ لازمي آهي . هي ڪرت به رحم سان وابسته آهي . ڇو ته ان جو احساس ۽ ان جي تڪليف جو خيال به ان کي ٿيندو جنهن جي دل ۾ ٻئي لاءِ رحم جو جذبو هوندو. ساڳيءَ طرح ڇانءُ ڏيندڙ وڻ کي ڪٽڻ کان منع ڪئي ويئي آهي ڇو ته ان مان ٻين کي فائدو پهچي ٿو. تلاءُ ۽ درياءَ کي ڪنهن جي ذاتي ملڪيت قرار نه ڏنو ويو آهي ڇو ته درياءَ ۽ تلاءُ جو پاڻي ۽ ان ۾ رهندڙ شيون، عام ملڪيت آهن ۽ هرڪو انهن مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو . اهڙي طرح جهنگ جي پيدائش ۽ گاهه وغيره به عام شيون آهن جن مان هر ماڻهو فائدو وٺي سگهي ٿو. هنن حڪمن مان پاڻ سڳورن جي رحمدلي ۽ ڪشادهه دلي جو پتو پوي ٿو.
    دنيا ۾ سزا ڏيڻ جا جيڪي وحشيانه طريقا هئا، پيغمبر اسلام انهن کي ختم ڪيو. مثال منهن تي ڌڪ هڻڻ، جانورن کي مارڻ، جيئرو باهه ۾ ساڙڻ، هٿ، پير، نڪ ۽ ڪن وڍڻ. اهي عام سزائون هيون. جن کي پاڻ روڪيو ۽ اهڙو ڪم جنهن مان عام ماڻهن کي نقصان رسي ۽ انهن مان غريب ڪو فائدو حاصل نه ڪري سگهي، تنهن کي گناهه ليکيو ويو. مثال اهڙو جهنگ جتي عام غريبن جو مال چرندو هجي، ان کي باهه ڏيئي ساڙڻ ڏوهه جو ڪم قرار ڏنو ويو. اهڙو تلاءُ جنهن مان عام ماڻهن کي پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ جو موقعو ملندو هجي. ان کي نقصان پهچائڻ کان به روڪيائون.
    دنيا ۾ غلامن سان جيڪا تعدي هوندي هئي، ان جي هر هڪ کي خبر آهي نه تن ڍڪڻ لاءِ کين ڪپڙو ڏنو ويندو هو ۽ نه وري پيٽ ڀرڻ لاءِ ماني ڳڀو. پر پاڻ سڳورن غلامن جو درجو وڌائي عام ماڻهن جهڙو ڪيو. حڪم ڪيائون ته جيڪو پاڻ کائو اهو انهن کي کارايو ۽ جيڪو پاڻ پايو اهو انهن کي پهرايو. انهن کان ايترو ڪم وٺو، جيترو هو ڪري سگهن. کانئن وڌيڪ ڪم نه وٺو. سڀ کان وڌيڪ ثواب وارو ڪم آهي ٻانهن کي آزاد ڪرڻ ٻانهن کي گهٽ سمجهڻ جي مخالفت ڪئي ويئي، ۽ هڪ جنگ ۾ ته هڪ اعلى خاندان جي قريشي سردار جي مٿان هڪ غلام کي سردار بڻائي مڪمل طرح هي سبق ڏنو ويو ته هو به اوهان جهڙو ئي آهي.
    هن ساري تجزئي مان صاف ظاهر آهي ته حضور اڪرم ﷺ مخلوق لاءِ رحم ۽ شفقت جا مجسما آهن. حقيقت هي آهي ته قرآن شريف جي دعوى ته ” حضور اڪرم ﷺ ڪائنات لاءِ سراپا رحمت ۽ شفقت ڪري ويو آهي.“ سندن اقوال ۽ اعمال جو آئينو آهي ۽ ان ۾ ذري برابر جو به شڪ نه آهي ته پاڻ رحمت اللعالمين نه آهن. ۽ جن ماڻهن پاڻ سڳورن تي بي رحمي جو الزام هنيو آهي اهي پاڻ حد درجي جا بي رحم سنگدل ۽ تعصبي آهن.


    ڪملا ديوي

    ڪملا ديوي

    ”عرب جي هن عظيم انسان، ڏکن ڀري دنيا ۾ شانتي ۽ امن جو پرچار ڪيو.“


    ڪاري چادر وارو: مهاتما گانڌي

    ڪاري چادر وارو: مهاتما گانڌي

    مان پوري يقين ۽ خاطري سان چوان ٿو ته اسلام تلوار جي زور سان سرفرازي ۽ سربلندي حاصل نه ڪئي آهي، پر انهي جو بنياد نبي ڪريم ﷺ جو خلوص، خودي تي غلبو حاصل ڪرڻ، وعده وفائي، غلام، دوست ۽ ساٿي سان هڪ جهڙو سلوڪ ڪرڻ، جرئت ۽ بي خوفي، الله تي يقين رکڻ واريون خوبيون آهن. ان ڪري هي چوڻ سراسر غلط آهي ته اسلام تلوار جي ذريعي پکڙيو . پر ان فتوحات ۾ اهي اوصاف حميده شامل آهن. هي اهي گڻ آهن، جن جي مدد سان، مسلمان سڀني پابندين ۽ رڪاوٽن جي باوجود به اڳتي وڌي رهيا هئا. يورپي عوام آفريڪا ۾، اسلام کي تيزي سان ڦهلڻ کان ان ڪري روڪين ٿا. اسلام جنهن اندلس کي مهذب بڻايو. اسلام جنهن ڀائپي جو درس ڏنو. يورپي عوام، ان ڪري ڊڄن ٿيو ن ته جي اصلي باشندن، اسلام قبول ڪيو ته پوءِ هڪجهڙن حقن جو مطالبو ڪندا ۽ ان لاءِ وڙهندا. مون پاڻ ڏٺو آهي ته رولو عيسائيت قبول ڪرڻ سان به عيسائي حقوق حاصل نه ڪري سگهيا آهن. پر جڏهن هنن اسلام قبول ڪيو، تڏهن مسلمانن سان انهن جو اتحاد ٿي ويو ۽ هي يورپ ان اتحاد کان ڊڄي ٿو.
    مون کي ان ڳالهه تي اچرج ٿيندو آهي، جڏهن ڪاري ڪمبل ويڙهڻ تي ڪو مسلمان مون کان سوال ڪندو آهي. مان کين ٻڌائيندو آهيان ڪاري ڪمبل پائڻ مان مراد حضرت محمد ﷺ کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ آهي، جنهن جهڙو عظيم ترين انسان وري دنيا ۾ پئدا ئي ڪونه ٿيو. رسول خدا پنهنجي روز مراه زندگي ۾ ايڏو ته سادو هو جو خيال ۾ ئي نه ٿو اچي ته هو لکن انسانن جي دلين تي حڪمراني ڪري رهيو هجي. 1936ع جي اليڪشن کان پوءِ ڪانگريسي حڪومتون قائم ٿيون هيون ته مون کين حضرت عمر رضه جي نقش قدم تي هلڻ جي هدايت ڪئي هئي ڇو ته حضرت فاروق اعظم نبي ﷺ جي هر قول ۽ دعوت تي لبيڪ چئي، ان جو مڪمل نفاذ ڪري عام ماڻهن جي زندگي سنواري ڇڏي هئي.
    محمد ﷺ جي سيرت جو مطالع ڪرڻ کان پوءِ مون کي معلوم ٿيو ته اسلام جي ڪاميابي جو راز پيغمبر جي پوتر هستي ۽ تپسياواري شخصيت آهي. هو علم ۽ عمل جو اٿاهه ساگر، قول ۽ عمل ۾ هڪجهڙو الله جي ذات ۾ پڪو ويساهه رکندڙ ۽ حق جو پرچار ڪندڙ هو. هن ساري زندگي سادگي ۽ مسڪيني ۾ گذاري. بيشڪ ڪروڙين انسانن ۾ هڪ اهڙي هستي به آهي جنهن جو هرهڪ قدم الله جي خوف سان کڄيو ٿي. سندس اهم انقلاب ۽ امن لاءِ بهترين دستور سندس وجود مبارڪ آهي.
    اسلام پنهنجي عروج جي زماني ۾ تعصب ۽ هٺ ڌرمي کان پاڪ هو. اسلام ساري دنيا کان خراج تحسين وصول ڪيو آهي. جڏهن مغرب جهالت جي اونداهه ۾ هو، ان وقت مشرق مان هڪ روشن تارو ظاهر ٿيو، جنهن جي روشني سان سڀ ظلمت ڪدهه روشن ٿي ويا. اسلام ڪوڙو دين نه آهي. هندن کي ان جو مطالعو ڪرڻ گهرجي ته جيئن هو مون وانگر ان جي تعظيم ڪرڻ سکن مونکي قرآن شريف کي الهامي ڪتاب سمجهڻ ۾ ذري جو به شڪ نه آهي . حضوراڪرم ﷺ ڪڏهن به مذهب ۾ سختي نه ڪئي ۽ نه وري مسلمانن ڪنهن کي زبردستي مسلمان ڪيو. اڄ جيڪي ماڻهو تعصب ۽ هٺ ڌرمي ڪري اسلام تي الزام هڻن ٿا، اهي اک کولي ڏسن ته مشاهير عالم ڇا ٿا چون؟


    عظيم پيغمبر: ٽئگور

    عظيم پيغمبر: ٽئگور

    اهي مختلف قومون جيڪي هندستان ۾ آباد آهن، تن ۾ صلح ۽ دوستي پئدا ڪرڻ جي صورت ۾ ۽ کين باهمي اتفاق ۽ اتحاد ڏانهن هڪ سچي ۽ سڌريل ذهنيت ڏانهن مائل ڪرڻ جو مدار وحي ۽ تنزيل جي ابدي ۽ ازلي سرچشمي تي آهي. آءُ ان عظيم پيغمبر جي خدمت ۾ تعظيم، تڪريم ادارت ۽ عقيدت جو تحفو پيش ڪريان ٿو. بيشڪ اسلام دنيا جي سڀني مذهبن ۾ وڏو مذهب آهي. مسلمانن کي گهرجي ته هو پنهنجي عملي زندگي ۾ پنهنجي مذهب جي عظمت ۽ شوڪت جي گواهي ڏين.


    جهموريت جو قائد: مسز سرونجي نائڊو

    جهموريت جو قائد: مسز سرونجي نائڊو

    منهنجو واسطو هڪ اهڙي مذهب سان آهي، جنهن کي عمومن الهامي مذهب کان ٻاهر سمجهيو وڃي ٿو. يعني ان جو بنياد الهامي ڪتاب تي به آهي. تڏهن به مان اها همت ڪريان ٿي ته ان عالمگير برادري جو اوهان آڏو اهو اعتراف ڪريان جنهن منهنجي دل تي اڻ مٽ نقش ڇڏيا آهن ۽ اهو نقش پاڻ سڳورن جي پاڪيزه ۽ شاندار ڪوششن جو نتيجو آهي. پيغمبر اسلام کي هن عاليشان سچائي جي خبر هئي. هن اعلى ۽ پاڪ انسان پنهنجي پوڄا نه ڪرائي . کيس انسان جي طاقت ۽ ڪمزوري جي مڪمل ڄاڻ هئي. پاڻ ماڻهن سان ملي جُلي ويا. انهن سان ڳالهائيندا هئا. اٿندا ويهندا هئا. پاڻ به انسان هئا پنهنجي رات ڏينهن عمل مان هن پنهنجن پوئلڳن کي ٻڌايو ته پاڻ جيڪي ڪجهه چون ٿا ته اهو ڪري ڏيکارين ٿا. هو دنيا ۾ خدا بڻجي نه آيا پر انسان بڻجي انسانن ۾ آيا. اهو پاڪ ۽ مقدس انسان نفرت ۽ ڪروڌ سان ڀريل دنيا ۾ آيو ۽ ان رڻ پٽ ۾جيڪا سندس جنم ڀومي هئي، ان ۾ مٿس هڪ اڻ مٽ سچائي منڪشف ٿي.
    محمد ﷺ کي جنهن مذهب جي تبليغ جو ڪم حوالي ڪيو ويو ان ۾ نالي ماتر به تعصب جي تعليم ڪانه هئي. هن ماڻهن کي صحيح مساوات ۽ اخوت جي روشني ۾ جڪڙي ڇڏيو. پاڻ ان خدا جو تصور پيش ڪيائون، جيڪو سڀني ملڪن ۽ سڀني مذهبن جو هڪ ئي خدا آهي. اسلام ۾ حقيقي ۽ خالص جهموريت جو رنگ ڏٺو وڃي ٿو جيڪو ڪنهن ٻئي مذهب جي پئداوار نه آهي. نه منهنجي مذهب ۾ ۽ نه وري عيسوي مذهب ۾ پر محمد ﷺ جي مذهب ۾ آهي ۽ اهو سندس محنت جو نتيجو آهي. عربن سسلي تي حڪومت ڪئي ۽ اسپين تي ستن سلان تائين سهڻي نموني حڪومت ڪئي، پر انهن ڪڏهن به عوام جي حقن سان هٿ چراند نه ڪئي.
    قرآن ڪريم غير مسلمانن سان رواداري سان هلڻ جي تعليم ڏي ٿو .دنيا جا وڏا وڏا مذهب پنهنجي نفس جي ايثار جي قرباني جي هدايت ڪن ٿا، پر اسلام انهن کان هڪ وک اڳتي وڌندي، بني نوع انسان جي تعليم ڏي ٿو. اسلام اهڙي طرح عالمگير برادري جو اصول دنيا آڏو پيش ڪيو . دنيا اڄ به ان اصول تي هلي خوشحال ٿي سگهي ٿي.


    تاريخ جي معتبر هستي: پروفيسر اگهو پتي فراق گورکپوري

    تاريخ جي معتبر هستي: پروفيسر اگهو پتي فراق گورکپوري

    منهنجو پڪو عقيدو آهي ته پيغمبر اسلام حضرت محمد ﷺ جي سخصيت انسانن لاءِ هڪ رحمت هئي. پيغمبر اسلام تاريخ ۽ تمدن، تهذيب ۽ اخلاق کي اهو سڀ ڪجهه ڏنو، جيڪا وڏي ۾ وڏي هستي ڏيئي سگهي ٿي.


    امن ۽ سچائي جو سج: ساڌو ٽي ايل واسواڻي

    امن ۽ سچائي جو سج: ساڌو ٽي ايل واسواڻي

    حضرت محمد ﷺ غيب جي آواز تي لبيڪ چوي ٿو . ”اي ڪاري چادر وارا اٿ ۽ تبليغ ڪر.“ماڻهن کين تڪليفون ڏنيون ۽ زندگي خطري ۾ پئجي ويئي پر پوءِ به پنهنجن فرضن ۾ ڪوتاهي نه ڪيائون. هو امن ۽ سچائي جي تلقين ڪندو رهيو. پاڻ پيغمبر ۽ رهبر هو. مان سندن آخري لفظن تي غور ڪندو رهيو آهيان ته مالڪ مونکي معاف ڪر ۽ پنهنجن نيڪ ٻانهن مان اٿار.“ پاڻ دنيا ۾ رهبانيت جو خاتمو ڪيائون. پاڻ بهادري شجاعت،رحم، عدل ۽ دليري جي تعليم ڏنائون. آءُ محمد ﷺ تي سلام موڪليان ٿو ڇاڪاڻ ته پاڻ دنيا جا عظيم الشان انسان هئا ۽ ساري دنيا جي سڀني قومن جي ترقي ۽ سڌاري لاءِ هڪ زبردست طاقت وارو ڪم ڪري ڏيکاريو اٿن. تاريخ جي مطالعي مان سندن دلڪش زندگي جو جلوو نظر اچي ٿو. اسلام آفريڪا، چين، وچ ايشيا، يورپ، ايران ۽ هندستان ۾ تهذيب ۽ تمدن جي روشني پئدا ڪئي. چين جا مسلمان ڏسو ته اسلامي شان ۽ اسلامي جرئت جو زندهه مثال آهن. ان زماني ۾ جڏهن يورپ علم ۽ حڪمت ۾ بنهه پوئتي هو، اسپين جا مسلمان علم ۽ ادب جي مشعل هٿ ۾ کڻي گمراهه ماڻهن کي سنئين راهه ڏيکاري رهيا هئا. اهي روحانيت، رياضي، ڪيميا، تاريخ، ادويات ۽ فنون لطيفه ۾، پنهنجو مٽ ڪونه رکندا هئا. هندوستان جو ڪنڌ اسلام اڳيان نميل آهي. ان هندستاني فلسفي، شعر وسخن ۽ فن تعمير کي چار چنڊ لاتا. اسلام تاج ۽ اقليم جو شهنشاهه آهي. اسلام حريت ۽ مساوات جو مذهب آهي. اسلام حريت ۽ اخوت جو پرچارڪ آهي.


    ڪرامتن جو خزانو: مسٽر اي آر واريا

    ڪرامتن جو خزانو: مسٽر اي آر واريا

    حضوراڪرم ﷺ انسانن ۾ وڏي ۾ وڏي شخصيت جو مالڪ هو. وڏي ڳالهه اها ته هن ڪراتمن ڏيکارڻ جي ڪوشش بلڪل ڪانه ڪئي. تنهن هوندي به حياتي جي وڏي ۾ وڏي ڪرامت ڏيکاري چڪو هو. يعنى قرآن جنهن جي ئي وسيلي لکن بگڙيل انسانن جون حياتيون سڌري پيون. اها هڪ ئي ڪرامت ٻين سڀني ڪرامتن کان گهڻو بلند آهي. عربستان جي ماڻهن جا فرقه الڳ الڳ هئا ۽ وڙهيل هئا. پاڻ سڳورن انهن کي ڀاءُ ڀاءُ ڪري ڇڏيو. عورتن کي سڀ انساني حق ڏياري عزت ماب بنائي ڇڏيو. عربن مان بت پرستي ڪڍي انهن کي هڪ الله جو پوڄاري بڻائي ڇڏيو. ائين ناهي ته انهن جو سڌارو هن تلوار سان ڪيو، پر اهو هن پنهنجي سچائي ۽ عقلمندي جي طاقت سان آندو ۽ اها ڪرامت ٿوري آهي ڇا؟


    پيغمبر اسلام: راما ڪرشن رائو

    پيغمبر اسلام: راما ڪرشن رائو

    راما ڪرشن رائو هندو آهي. ڪنهن زماني ۾ هو گورنمينٽ ڪاليج ميسور، هندستان ۾ فلسفي جي شعبي جو صدر هو. هي اقتباس سندس هڪ طويل مقالي تان ورتل آهي، جيڪو پهريون دفعو ” دي بورڊ آف اسلامڪ پبليڪيشن “ دهلي ۾ شايع ٿيو ۽ انهيءَ اداري جي حوالي سان ” رابطه العالم الاسلامي“ پنهنجي رسالي دي جرنل ۾ شايع ڪيو هو.
    جڏهن پيغمبر اسلام، عربستان ۾ ڄاوا، تڏهن اهو صرف بيابان هو. ٻيو ڪجهه به نه، پاڻ سڳورن انهيءَ ويراني ۾ هڪ نئين دنيا آباد ڪئي. هڪ نئين زندگي، نئين ثقافت، نئين تهذيب ۽ هڪ نئين بادشاهت جيڪا مراڪش کان وٺي انڊونيشيا تائين پکڙجي ويئي، جنهن ٽن کنڊن ايشيا، آفريڪا ۽ يورپ جي طرز زندگي کي بدلائي ڇڏيو.
    پيغمبر اسلام اهڙن عربن کي نظم ۽ ضبط جي تعليم ڏني جيڪي معمولي ڳالهه تي پاڻ ۾ وڙهي پوندا هئا ۽ اها ويڙهه ايڏي ته وڌي ويندي هئي جو قبيلن جا قبيلا فنا ٿي ويندا هئا. اهڙن جنگجو ۽ جذباتي عربن کي اهڙي تعليم ڏنائون، جو ميدان جنگ ۾ ڪي دشمن سان مقابلو ڪري رهيا آهن، ته ٻيا نهايت انتظام سان خدا جي آڏو سر جهڪائي نماز ادا ڪري رهيا آهن. حضور جن جي انهي تعليم کي جڏهن قوم جي مغرور سردارن رد ڪري ڇڏيو ۽ اسلام تي جارحانه حملا شروع ڪيائون تڏهن پيغمبر اسلام کي بچاءُ لاءِ جنگ ڪرڻي پئي ۽ جنگ جي طور طريقي کي اهڙي نموني ۾ بدلايائون جو سڀني جنگين ۾ کپي ويل مسلمانن جو تعداد صرف چند سئو ٿئي ٿو. پاڻ بدوي عربن کي نظم ۽ ضبط سيکاريو جيڪو نماز جي معرفت يعني جڏهن ان جو وقت اچي ته ان کي منسوخ ڪرڻو ناهي ايتري تائين جو جنگ جي طوفان ۾ به هڪ گروهه جنگ ڪندو ته ٻيو قاعدي نماز پڙهندو ۽ جڏهن اهو گروهه نماز پڙهي پوري ڪندو ته هو وڃي دشمن جي سامهو پوزيشن سنڀاليندو ۽ پهريون ٽولو اچي نماز پڙهندو. ان سخت بربريت واري دور ۾ ميدان جنگ کي ماڻهپي ۽ شرافت جو گهوارو بڻايو ويو ۽ هدايتون ڏنيون ويون ته غداري نه ڪجو، وعده خلافي نه ڪجو، مئل ماڻهو جا چپ نڪ ۽ ٻيا عضوا ڪاٽي کيس بدشڪلو نه ڪجو. پوڙهن، ٻارڙن ۽ عورتن کي نه مارجو ميويدار وڻ نه ڪٽجو، اهڙا عابد جيڪي وڙهڻ ۾ شريڪ نه هجن تن کي تنگ نه ڪجو. پاڻ سڳورن جو پنهنجو رويو ته ان ڏس ۾ نهايت مثالي آهي. جڏهن مڪو شريف فتح ڪيائون ۽ اقتدار جي عروج تي پهتا، ان وقت اهو شهر جنهن پيغمبر ﷺ کي ٻڌڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن کين اذيتون پهچايون هيون، جنهن کين لڏڻ تي مجبور ڪيو هو، اهو شهر سندن قبضي هيٺ هو. جنگي قانون مطابق پيغمبر اسلام انهن کان پئسي پئسي جو حساب وٺي پئي سگهيا، پر پاڻ ﷺ انهن سان ڪهڙو برتاءُ ڪيو. سندن دل رحم ۽ پيار سان ڀرجي ويئي ۽ فرمائڻ لڳا ته ” توهان سڀ آزاد آهيو.“ سندن مقصد هو انسانيت کي متحد ڪرڻ. ۽ اهو اعلى مقصد جڏهن پورو ٿي ويو ته پنهنجي سخت ترين دشمن کي به معاف ڪري ڇڏيائون. حتاڪ پنهنجي چاچي حمزه رضه جي قاتل کي به معاف ڪري ڇڏيائون.
    عالمي اخوت ۽ مساوات انساني جا اصول جن انسانيت جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، انهن اصولن جو اعلان سڀ کان پهريائين پيغمبر اسلام ئي ڪيو. ٻين مذهبن جيتوڻيڪ انهن اصولن جي هدايت ڪئي آهي. پر محمد ﷺ ئي اهو پهريون شخص آهي، جنهن انهن اصولن کي عملي جامو پهرايو. انهن اصولن جي قدر ۽ قيمت جي خبر اسان کي ايندڙ زماني ۾ پوندي، جڏهن عالمي شعور بيدار ٿيندو، نسلي تعصب ختم ٿي ويندو ۽ ” سڀ انسان ڀائر آهن“ جو نظريو عمل ۾ ايندو.
    هر سال حج جي موقعي تي ساري دنيا ” اسلامي مساوات“ جو عظيم الشان نظارو ڏسندي آهي. يورپي، آفريڪي، ايراني، هندي ۽ چيني سڀئي هڪ هنڌ گڏ ٿين ٿا ۽ صرف ٻن اڻ سبيل ڪپڙن ۾ ويڙهيل هوندا آهن. هڪ ڪلهي تي ۽ ٻيو گوڏ ۾ مٿي اگهاڙا ديوانه وار ” اللهم لبيڪ لا شريڪ لڪ لبيڪ“ چوندي رڪن ادا ڪن ٿا. اهڙي طرح ننڊي وڏي جو فرق مٽجي وڃي ٿو ۽ حاجي ” عالمگيري برادري “ جو سبق وٺي گهر موٽي ٿو.
    پيغمبر اسلام جهموري حڪومت کي بهترين شڪل ۾ پيش ڪيو. اڄوڪي سڌريل دنيا ۾ ڪارن حبشين سان گورا وحشي جيڪو سلوڪ ڪري رهيا آهن ان کي ساري دنيا ڄاڻي ٿي. پر چوڏهن سئو سال اڳ هڪ حبشي غلام بلال رضه کي اسلام ڪهڙو درجو ڏنو؟ اسلام جي شروعاتي ڏينهن ۾ موذن جو درجو مان وارو هو. اهو عهدو انهي حبشي غلام کي سونپيو ويو. مڪي جي فتح واري ڏينهن تي، پيغمبر اسلام ان حبشي غلام کي حڪم ڪيو ته ڪعبته الله جي ڇت تي بيهي ٻانگ ڏي. جڏهن بلال رضه پنهنجي ڪاري رنگ ۽ ٿلهن چپن سان ڪعبته الله جي ڇت تي ٻانگ ڏيڻ لڳو ته قريش جي مغرور سردارن ڏسي دانهون ڪري چوڻ لڳا ته اڙي ڪاري غلام کي ڏسو خدا جي گهر تي بيهي ٻانگ ڏي ٿو. انهيءَ غلط عصبيت، غرور ۽ قريش جي انهي نفرت واري انداز کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ چيايون ته الله جا لک لک ٿورا آهن جنهن اسان کي جاهليت واري زماني جي شر ۽ فخر کان ڇوٽڪارو ڏياريو. او انسانو! ياد رکو ته انسان فقط تقوى ۽ خدا ترسي جي بنياد تي ئي عزت ۽ مان وارو آهي. ان کان سواءِ ٻيو اهڙو ڪوبه معيار ڪونهي جو انسان پاڻ کي مٿيرو سمجهي. سمورا انسان آدم جي اولاد آهن ۽ آدم مٽي مان ڄائو.“ پاڻ سڳورن اهڙي طاقتور تبديلي آندي جو معزز عرب خاندان پنهنجون ڌيئرون حبشين سان پرڻائڻ لڳا. بلال کي جڏهن به حضرت عمر فاروق ” ثاني الخلفاءِ راشده“ ڏسندا هئا ته احتراماً اٿي بيهندا هئا ۽ چوندا هئاته اسانجو ملڪ اسان جو آقا اچي رهيو آهي.
    پيغمبر اسلام هڪڙي يتيم ٻار ۽ بيواهه مهاجر منجهان دنيا ۽ آخرت جا ليڊر پنهنجي قوم جي تقدير جا مالڪ بڻجي ويا. پنهنجن ماڻهن طرفان ڏنل تڪليفون زماني جي ڏولاون، ڏکن ۽ ڏوجهرن کي بهادري ۽ دليري سان منهن ڏيئي ڪاميابي حاصل ڪيائون سندن ڪاميابيون زندگي جي هر شعبي تي حاوي آهن . مثال طور قوم کي تباهي ۽ بربادي جي ڪُن مان ڪڍي کين خوشحال ۽ اعلى اخلاق جو مالڪ بنائڻ آهي ته کين مڪمل ڪاميابي حاصل ٿي. پاڻ عرب جهڙي پسماندهه ۽ قوم پرست قوم کي تهذيب جو مينار ۽ مشعل راهه بڻائي ڇڏيو. اهي عرب جيڪي هڪ ٻئي جو ڪچو گوشت کائڻ تائين وڙهيل هئا تن کي اخوت ۽ محبت جي لڙهي ۾ پوئي متحد ڪيو. عربن جي بدوين ۽ صحرائن ۾ ڀٽڪندڙ انسانن کي مڪارم اخلاق جو مجسمو بڻائي دنيا لاءِ مثالي انساني معاشرو قائم ڪري ويا. اڃان به جيڪڏهن توهان چئو ته پاڻ فاتح عظيم آهي ته محمد ﷺ توهان کي اهڙو شخص ملي ويندو جيڪو يتيم ٻار منجهان جزيره العرب جو بادشاهه بڻجي ويو. قيصر ۽ ڪسرى جي درٻارن ۾ زلزلو وجهي ڇڏيائين ۽ هڪ اهڙي بادشاهت قائم ڪري ويو، جيڪا چوڏهن سئو سال دنيا تي حڪومت ڪندي رهي. پاڻ انسانيت کي فلسفي جو لازوال ۽ ابدي حقيقتون ٻڌايون. پاڻ امي هئڻ جي باوجود به تقرير ايڏي ته فصاحت ۽ رواني سان ڪندا هئا جو ٻڌندڙن جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي پوندا هئا.
    جيڪڏهن دنيا ۾ ڪنهن به شخص حڪومت الاهي قائم ڪئي ته اهو محمد ﷺ ئي آهي ڇو ته کين اقتدار جي شان و شوڪت، رعب ۽ دٻدٻي جو ڪوبه خيال نه هو. سندن گهرو زندگي به اهڙي سادي هئي، جهڙي عام ٻهرئين زندگي . مڪي جي فتح کان پوءِ، حضور جن 10 لک ميل جا مالڪ بڻجي ويا. سڄي عرب جا بادشاهه پر اهڙي عروج وراي زماني ۾ به پنهنجي جتي پاڻ ڳنڍيندا هئا. ان جو کهرو لباس پائيندا هئا. گهر ۾ ٻڪري پاڻ ڏهندا هئا. چلهي جي ڪيري ڪڍي باهه پاڻ ٻاريندا هئا. سندن آخري ڏينهن ۾ جڏهن مدينو خوشحال ٿيو ويو ۽ دولت جي فراواني ٿي ويئي، اهڙي زماني ۾ ” شاهه عرب “ جي گهر ۾ ڪيتريون ئي راتيون باهه ٻارڻ کان سواءِ گذري وينديون هيون ڇوته گهر۾ پچائڻ لاءِ ڪجهه به نه هوندو هو. محمد ﷺ ڪنهن نرم بستري تي نه سمهيا. سارو ڏينهن مشغول رهڻ کان پوءِ به رات جو ڳپل حصو وري عبادت ۽ دعا ۾ گذاريندا هئا. عبادت ۾ وري ڇا حال هوندو هو جڏهن پاڻ ان حالت ۾ هوندا هئا ته سندن روئڻ ڪري ماڻهو ائين سمجهندو هو ته ديڳڙي باهه تي پيئي ٽهڪي. ايتري تائين جو گهڻِ روئڻ ڪري، سندن آواز به بند ٿي ويندو هو. مرڻ وقت سندن ڪل ملڪيت ڪجهه سڪا هئا، جنهن مان قرض لاهي، باقي خيرات ڪري ڇڏيائون ۽ جنهن ڪپڙن ۾ وفات ڪيائون، انهن ڪپڙن ۾ ڪيترن جائين تي چتيون لڳل ۽ ٽوپا آيل هئا ۽ جنهن گهر ۾ وفات ڪيائون، جنهن گهر مان ساري دنيا روشن تي اهو گهر تيل نه هئڻ ڪري اونداهه ۾ هو.
    حالتون بدلجي ويون مگر محمد ﷺ نه بدليا. هاريا فتح ۾ تنگدستي يا تونگري ۾ پاڻ ساڳيا ئي رهيا. ساڳيا اخلاق ۽ نيڪ اطوار. خدا جي قوانين وانگر خدا جا انبياءَ به تبديل نه ٿيندا آهن. چوڻي آهي ته شريف انسان خدا پاڪ جو عظيم ڪارنامو آهي. پاڻ سڳورن شريف نه پر اشرف هئا. انسانيت جي خدمت انسانيت جي اصلاح ڪرڻ، انسانيت جي تعليم ۽ ترقي ۽ انسان کي انسان بنائڻ، سندن عظيم مقصد هو ۽ انسانيت جي ڀلائي هن جو اصول هو.
    محمد ﷺ حد کان وڌيڪ لڄاڙ ۽ حجابي هئا ۽ بي غرض انسان به. انهن صرف ٻه لقب پسند ڪيا عبد ۽ پيغمبر. پر عبد اول ۽ پيغمبر پوءِ چوندا هئا ته مون وٽ آسمانن ۽ زمينن جا خزانا ڪونهن. مان به توهان وانگر انسان آهيان. محمد ﷺ پنهنجن مريدن جو ڌيان فطرت ڏانهن ڇڪايو ۽ انهن کي حڪم ڪيائين ته خدا جي قدرت ۽ حڪمت تي غور ۽ فڪر ڪيو. اهو محمد ﷺ ئي هو. جنهن عملي سائنس جي تعليم ڏني ۽ اهو محمد ﷺ ئي هو جنهن روز مرهه جي معمولات کي به مقدس بنايو ۽ انهن کي عبادت جو درجو ڏنو. ان ڪري عبادت صرف نماز تائين منحصر نه رهي پر اهو ڪم، جيڪو جائز طريقي سان ڪيو ويو آهي، اهو عبادت آهي. ايتري تائين جو حلال روزيءَ مان مڙس زال کي جيڪو گراهه کارائي ٿو، اهو به عبادت ۾ ڳڻيو. پاڻ فرمائين ٿا ته پنهنجي دل جو مقصد، جيڪڏهن جائز طريقي سان حاصل ڪيو وڃي ته اهو به عبادت آهي، ۽ اجر جو مستحق پڻ . عمل کي ” عبادت قرار ڏيڻ واري نظرئي “ ساري زندگي کي بدلائي ڇڏيو. سوسائٽي جا باهمي تعلقات، حقوق ۽ فرائض جي خيالن ۾ ڦيرو اچي ويو. محمد ﷺ اهو نظريو اڻ پڙهيل بدوين يا دانائن فلسفين ٻنهين آڏو پيش ڪيو. عمل کي عبادت قرار ڏيڻ جو مطلب عقائد کي نظرانداز ڪرڻ نه آهي. سندن تعليم موجب نظرئي ۽ عمل جو واسطو، حياتياتي اتحاد وانگر آهي. جيڪڏهن هڪ کي ٻئي کان ڌار ڪبو ته ٻيئي ختم ٿي ويندا. ٻنهين کي گڏ هلائبو ته ٻئي زندهه رهندا ۽ وڌندا ويجهندا. قرآن مجيد ۾ به جڳهه جڳهه تي اچي ٿو ته جيڪي ايمان رکن ٿا ۽ وري عمل به ڪن ٿا صرف اهي ئي جنت ۾ ويندا. خدا جو قانون جيڪو محمد ﷺ نافذ ڪيو اهو نظرئي ۽ جدوجهد ٻنهي جو نالو آهي.


    اعلى انسان: ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي

    حضرت محمد ﷺ صاحب دنيا جي عظيم انسانن منجهان هڪ آهي جنهن انسان جو نالو جهان جي ڪروڙين ماڻهن مردن عورتن ۽ ٻچن ۾ روحاني جذبو پئدا ڪري. هنن جي دلين ۾ سڪ ۽ قرباني جاڳائي، سو انسان روح جي فلڪ ۾ چمڪندڙ ستارو سمجهڻ گهرجي . منهنجو اهو به رايو آهي ته جيئن آسمان جا تارا ڪنهن به خاص ديس، قوم يا علائقي جي ملڪيت نه آهن، پر اهو ساري عالم کي روشني بخشيندڙ صاحب آهن .تيئن روحانيت جا صاحب نبي ۽ اولياءَ ڪنهن به خاص ديس قوم يا علائقي لاءِ نه آهن، مگر هو ساري جهان جي رهبري ڪندڙ آهي. خاص ڪري هن سائنس جي ترقي جي سمي ۾ جهاز، ريلون ۽ هوائي جهاز مڪاني لنبائي جا نشان ڦٽائي رهيا آهن. تنهن رسمي ۾ هندستان ۽ عربستان جي وچ واريون حدون جي اڳ به بلڪل نئون ڪين هيون، سي ته بنهه غائب ٿي وڃڻ گهرجن .ڀلا جي مغرب اڃان ڏور آهي، ته مشرق ته ميلاپ جي مٺ ۾ هڪ ٿي وڃڻ گهرجي. اسلام جو پيغمبر هڪ اعلى انسان هو. جنهن جو سنيهو ڪنهن حد يا سرحد وهڻيو ڪين هو. هن اها توحيد جي تار هلائي، جنهن جون تنوارون هر مڪان ۽ زمان سان ساز رکن ٿيون . اسلام جي پيغمبر جنهن ” رب “ جو بيان ڪيو، سو ڪو عربستاني، عراقي، ايراني ۽ افغاني نه هو، بلڪ هو فقط ” هڪ جهاني“ به نه هو اسلام جي پيغمبر جنهن الله جي ڳالهه ڪئي. سو ته ” رب العالمين “ آهي. جنهن کي ” سڀ جهاني“ چئجي. هندستان جا ماڻهو جيڪڏهن اسلام ۽ اسلام جي پيغمبر جي حياتي جي اعلى اصولن جا واقف هجن ته هن ديس ۾ امن امان قائم ٿي وڃي.
    مونکي ٿوري ڪي گهڻي اڀياس مان ايترو معلوم ٿيو آهي ته اسلام جو نبي ڪريم ﷺ هڪ حيرت انگيز ماڻهو هو. هن جي حياتي سچ پچ دل گرفتار ڪندڙ آهي. ياد ڪرڻ گهرجي ته حضرت محمد ‌ﷺ فقط مذهبي اڳواڻ ڪين هو، پر هو هڪ وڏو بادشاهه به هو. هو نه رڳو هڪ درويش فقير هو،پر اعلى امير هو. فقير دنيا جا لڳ لاڳاپا ڇڏي گوشه نشيني اختيار ڪري انهيءَ حالت ۾ هو دنيا کان دور ٿو رهي. مگر بادشاهت جون واڳون جهلي، تنهن سان گڏ درويشي ڪمائڻ، ڪا ٿوري ڳالهه نه آهي. اسلام جي نبي انيڪ جنگيون ڪيون ۽ ملڪ فتح ڪيا. حڪومت قائم ڪئي . وزارتون ٺاهيون . قانوني ۽ ڪاروباري واڳون هلايون . جدا جدا قومن ۽ فرقن کي ملائي، هڪ راڄ ڪيو. اهڙين ڪارواين ڪندي به هن پنهنجي دل کي نفس کان واندو رکيو. بادشاهه هوندي به هن ڇٽ ڇڏي پٽ اختيار ڪيو.تخت تي نه ويٺو، پر هڪ واڻ جي ننڍڙيءَ منجي تي ويٺو. ٻانهن هوندي ڪم پنهنجي هٿن سان ڪيائين. مسجد جون ڀتيون پاڻ ٺاهيائين، گانين جا وٿاڻ پاڻ صفا ڪيائين. جتي پنهنجن هٿن سان سبيائين. گهر ٻهارڻ ۽ ماني پچائڻ جو ڪم پاڻ ڪيائين . پيغمبر جي راڻين کي به پورهيو ڪرڻو پوندو هو . پر تنهن سان گڏ بکون به ڪڍڻيون پونديون هيون. سندس ” وڏي راڻي “ جو چوڻ آهي ته سندس گهر ۾ ٻه ٻه مهينا تئو ڪين تپندو و. پيغمبر صاحب ﷺ اهي فاقا ڪڍيا جن جي ڀيڻي نه آهي. پيٽ کي پٽيون ٻڌي، نفس کي ماري هڪ عجيب رهت رهيو. نبي سڳورو بلڪ هاڻوڪي سوشلسٽ خيال وارن لاءِ عظيم مثال هو. ” وياج “ يعنى مفت ڪمائي کي حرام پيغمبر ئي ٺهرايو.
    منهنجو غير مسلم هندواسي ڀائرن کي چوڻ آهي ته هڪ ڳالهه ڪڏهن نه وساريو ته اسلام جي پيغمبر ڪڏهن به هڪ اکر هندستان يا هندن جي خلاف نه چيو. هي جيڪي ويرو رود آهن، تن جي جوابداري جو ذرو به بوجو پيغمبر ﷺ صاحب تي نٿو وجهي سگهجي تنهنڪري اسانکي جڳائي ته اسين هن جي حياتي ۽ هن جي سکيا کي بنان ڪنهن بغض جي پڙهون ۽ ويچاريون.


    ڪامل انسان: سواسي ويڪانند

    ڪامل انسان: سواسي ويڪانند

    ” ان کان پوءِ پيغمبر مساوات حضرت محمد ﷺ تشريف فرما ٿيا. توهان پڇوٿا ته ڇا ان جو مذهب سٺو آهي. جيڪڏهن ان جو مذهب سٺو نه هجي ها، ته اهو زندهه ڪيئن رهي ها. فقط سٺي ۽ ڪامل انسان کي ئي دائمي حياتي ملندي آهي. نيڪ انسان لافاني ان ڪري هوندو آهي جو ان ۾ تقدس جو جوهر پوشيدهه هوندو آهي. جيڪڏهن اسلام ۾ سٺائي نه هجي ها ته هڪ ڏينهن به قائم نه رهي ها. هن مذهب ۾ بي شمار خوبيون آهن، محمد ﷺ مساوات ۽ انساني اخوت جا علمبردار هئا.


    سچو پيغمبر: شري پت مهاشر منوهر سهائي

    سچو پيغمبر: شري پت مهاشر منوهر سهائي

    جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو ذاتي رنجش، تعصب ۽ حسد کي پاسيرو رکي، حضور سائين جي زندگي تي نظر ڪندو ته ان کي پاڻ سڳورن جي سچائي ۽ شرافت کي مڃڻو پوندو. مان يقين سان چوان ٿو ته هو خدا جو سچو پيغمبر ۽ نهايت ڪامياب مصلح آهي. پاڻ پنهنجي دور جي سڀني ماڻهن کان وڌيڪ سياڻا، خليق ۽ خدا تي ايمان رکندڙ هئا. پاڻ غريبن ماڻهن سان پيار ڪندا هئا. غربت ڪري ڪنهن کي گهٽ نه سمجهندا هئا. ڌرتي تي ويهڻ کي پسند ڪندا هئا. معمولي ڪم به پنهنجن هٿن سان ڪندا هئا. جنهن مان صاف ظاهر آهي ته پاڻ متڪبر ۽ وڏائي خور نه هئا. منڍ کان پڇاڙي تائين هڪ ئي حالت ۾ رهيا ۽ ثابت قدمي سان پنهنجي ڪم کان منهن نه موڙيائون.


    حوصلي مند شخصيت: تامل ناڊ مسٽرانادوائي

    حوصلي مند شخصيت: تامل ناڊ مسٽرانادوائي

    ( مسٽر انا دوائي ڊي ايم ڪي حڪومت جو پهريون چونڊيل وزيراعلى هو. هو رڳو هڪ سياستدان ئي نه، پر وڏو عالم ۽ علم الاديان جو به ڄاڻو هو)
    نبي ڪريم ﷺ کي اسين ڇو عظيم انسان مڃون ٿا ۽ سندن تعريف ۽ توصيف ڪرڻ جو ڪهڙو ڪارڻ آهي؟ ڇو ته اڄ 1957ع ۾ اسين جيڪڏهن انساني شعور کي بيدار ڪرڻ ۽ عوام الناس کي سندن خودي کان آگاهه ڪرڻ جي ٿوري گهڻي ڪوشش به ڪريون ٿا ته ڪيڏي نه مخالفت ٿئي ٿي. پر چوڏهن سئو سال اڳ جڏهن نبي ڪريم ﷺ دعوت ڏني ته بتن کي خدا ڪري نه مڃيو ۽ بتن جي پوڄا ڪندڙن جي وچ ۾ بيهي اهو اعلان ڪيائين ته ” هي بت اوهان جا خدا نه آهن. انهن جي آڏو مٿو نه ٽيڪيو ۽ فقط هڪ الله جي عبادت ڪريو. ان اعلان لاءِ ڪيڏي نه همت ۽ جرئت جي ضرورت ٿي هوندي ۽ انهيءَ دعوت جي ڪيڏي نه مخالفت ٿي هوندي پر ايڏي ساري مخالفت جي طوفان ۾ پاڻ جوانمردي سان بيٺا رهيا ۽ اهو انقلابي پيغام ڏيندا رهيا. اهو ئي سندن عظمت جو تمام وڏو ثبوت آهي. اها استقامت جيڪا نبي ڪريم ﷺ ۾ هئي، انهيءَ جي پيروي اڄ به اهل اسلام ڪن ٿا. اسلامي نظام حيات ماڻهن ۾ ٻڌي پئدا ڪري ٿو. انسانن جي ” پاڻ سڃاڻ واري احساس“ کي جاڳائي ٿو ۽ انهن ۾ ميٺ، محبت، پيار ۽ پريت جا لاڙا پئدا ڪري ٿو .انساني ذهن ۾ سجاڳي پئدا ڪري ٿو. اسلام جو ” نظريه حيات“ ۽ نظام زندگي محبت ۽ پيار جي آڌار تي ماڻهن کي پاڻ ۾ متحد ڪري ٿو.
    ماحول انسان ٺاهيندو آهي ۽ عام طرح ماڻهو به انهي مطابق پنهنجو پاڻ کي ٺاهيان ڇڏيندا آهن. عوام کي اهو فڪر هرگز نه هوندو آهي ته ماحول ڪنهن نظام حيات کي سٺي ۽ ڪارائتي عمل جو موقعو ڏي ٿو يا نه . اهي رڍن وانگر اکيون ٻوٽي ڪڍ لڳي پوندا آهن. وڏا ماڻهو اهي هوندا آهن جيڪي ماحول جي نبض تي هٿ رکندا آهن ته ماحول جو رخ صحيح آهي يا نه . جڏهن هو ڏسندا آهن ته ماحول جو رخ غلط آهي ته هو ان جي مخالفت طرف کان هلندا آهن. انهن کي اها ڳڻتي نه هوندي آهي ته مخالف پاسي کان هلڻ ڪري کين ڪو جو کو رسي سگهي ٿو. حق ۽ صحيح نظام حيات جي بهتر ۽ مفيد عمل حاصل ڪرڻ لاءِ هو ان طرف هلڻ جو پڪو ارادو ڪندا آهن ۽ انهي راهه تي ثابت قدم رهي، غلط ۽ نقصان ڪار ماحول کي بدلائي صحيح ۽ مفيد ماحول جي رنگ ۾ رڱي ڇڏيندا آهن. سور سهڻ ڏکن ۽ سختين سان منهن ڏيڻ جي منجهن قوت هوندي آهي. حق جي راهه ۾ سر ڏيڻ کان به ڪين ڪيٻائيندا آهن. سچ آهي ته اهي اهي ئي ارڏا ۽ مٿير مڙس هوندا آهن. اهڙا ئي دلير پٽ، وقت سان منهن ڏيئي هڪ اهڙو ماحول جي اوسر ڪندا آهن. جنهن جي ڇانءُ ۾ انسانيت لاءِ صحيح نظام حيات پنهنجا جلوا پسائي سگهي. حضرت محمد ﷺ جو ڳاڻاٽو به اهڙن ئي عظيم عام وڏين شخصيتن کان به تمام گهڻي مٿانهين آهي. اهڙي عظيم بزرگ شخصيت جي تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ سٺو ماحول گهرجي جنهن لاءِ صالح نظام تعليم نافذ ڪرڻ ضروري آهي.اهڙي تعليمي نظام کي آڻڻ لاءِ هڪ صالح حڪومتي نظام درڪار آهي. جيڪو نظام اهڙا نيڪ ۽ پرهيزگار بزرگ قائم ڪي سگهن ٿا. جن کي خدا جو خوف هجي. اهڙا ماڻهو ئي سوسائٽي جو اصل سرمايو آهن ۽ اسلام ئي اهڙا ماڻهو پئدا ڪري ٿو .اسلام انسان کي ڪامل ۽ بهتر انسان بنائي ٿو. خدا جن بلندين تائين پهچڻ لاءِ انسان کي پئدا ڪيو آهي، انهي درجي کي حاصل ڪرڻ ۽ انهيءَ مقام تي پهچڻ جي قوت ۽ صلاحيت، منجهس اسلام ئي پئدا ڪري ٿو. هاڻي اها دين اسلام جي داعين جي ذميواري آهي ته هو اسلام تي عمل پيرا ٿي، پنهنجي رب جي خوشنودي ۽ رضا به حاصل ڪن. غريبن ۽ مجبورن جا مسئلا به حل ڪن ۽ انسانيت، مادي ۽ روحاني ترقي جي طرف به تکي وک وڌائي سگهي.


    حب رسول جو اعلى مثال: ڊاڪٽر مسز ايني بيسنت

    حب رسول جو اعلى مثال: ڊاڪٽر مسز ايني بيسنت

    حضرت محمد ﷺ عيسوي سن جي ستين صدي ۾ ڄاوا. جنهن کي تاريخي دور چئجي ٿو. پاڻ هڪ اهڙي قوم ۾ پئدا ٿيا جيڪا ڏينهن رات بتن جي پوڄا ڪندي هئي ۽ سڀ برائيون منجهن گهر ڪري ويون هيون. پاڻ انهن ۾ پنهنجي نيڪ رهڻي ڪهڻي ڪري امين ۽ صادق سڏبا هئا. مون کي هن کان وڌيڪ وزندار ۽ شريف لقب ٻيو نه ٿو ملي، جنهن سان اهي ماڻهو کين ياد ڪندا هئا. پاڻ سڳورن ﷺ جڏهن بازارن ۽ گهٽين مان لنگهندا هئا، تڏهن ننڍا ٻار ڊوڙي اچي، سندن ٽنگن ۽ ٻانهن ۾ چنبڙي پوندا هئا. جڏهن اها هي ٻيئي ڳالهيون هڪ ماڻهو ۾ گڏ ڏسو تڏهن پڪ سمجهو ته اهو هڪ هيرو ۽ هڪ قومي ليڊر ٿيڻ جي لائق آهي. هي ڳالهه قابل ذڪر آهي ته پاڻ لاڳيتو 15 سال پنهنجي قوم جي ماڻهن جي هلت چلت تي هڪ تپندڙ پهاڙ جي غار ۾ اڪيلائي ۾ ويهي سوچيندا رهيا. پوءِ هڪ ڏينهن فرشتي کين حڪم ڏنو ته ” اي الله جا رسول اٿ ۽ وڃي ماڻهن کي پيغام ڏي“ . پاڻ ڊڄندا گهر آيا، پر سندس گهرواري کين همت ڏياريندي چيو ته ” تون ڊڄين ڇو ٿو؟ ڇا تون الامين نه آهين . خدا اهڙي ماڻهو سان ڪڏهن به دوکو نه ڪندو. جنهن تي ماڻهن جو يقين هجي.“ ان کان پوءِ پاڻ سڀ کان وڏي مشن شروع ڪئي. سندس گهرواري سڀ کان پهرين ايمان آندو. جيڪا 26 سال ساڻس گڏ رهي، جا کين سڀ کان وڌيڪ ويجهو هئي.
    عام طرح چيو ويندو آهي ته هڪ پيغمبر جي پنهنجي ملڪ ۾ عزت نه ٿي ٿئي، پر حضور ﷺ جي پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي ماءُ پيءُ جي گهر ۾ ۽ پنهنجن مائٽن جي دلين ۾ عزت هئي. ۽ انهن ئي منڍ ۾ ايمان آندو. يعني اول مائٽن، پوءِ دوستن. سندس زندگي سادي ۽ ڪيفيت واري هئي. پاڻ پنهجي ٽٽل جتي جي ڳنڍ ٽوپ ڪندا هئا ۽ پنهنجا ڪپڙا پاڻ سبندا هئا ۽ هي ڪم به ان وقت ڪندا هئا، جڏهن پاڻ پيغمبر جي حيثيت ۾ هزارين ماڻهن جي وچ ۾ عزت وارا ليکيا ويندا هئا. هي هو ان هستي جو ڪردار ڪيڏو سادو! ڪيڏو شريفانه ڪيڏو ايماندارانه؟ هڪ دفعي پاڻ ڪنهن امير ۽ معزز ماڻهو سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته هڪ انڌي ماڻهو رڙ ڪري چيو ته ” اي الله جا رسول مونکي به ڇوٽڪاري جي واٽ ڏسيو پاڻ ان طرف ڪو به ڌيان نه ڏنو. ٻيهر ان ماڻهو دانهن ڪري ساڳيا لفظ چيا. ٻئي ڏينهن ان ماڻهو دانهن ڪري ساڳيا لفط چيا. ٻئي ڏينهن صبح جو کين اهو پيغام مليو جيڪو سندن ايمانداري ۽ انڪساري جي شاهدي طور سدائين قرآن شريف ۾ محفوظ رهندو ۽ اهو ان لاءِ ته سڀ ماڻهو ان کي ياد رکن “ هو ترشو ٿيو ۽ منهن موڙي ڇڏيو ڇو ته ان وٽ هڪ انڌو آيو ۽ توکي ڪهڙي خبر ته شايد هو پاڪيزگي حاصل ڪري سگهي ها يا سوچيائين ته سمجهائڻ ان کي فائدو ڏيندو جيڪو پرواهه نه ٿو ڪري.ان ڏانهن تون ڌيان ڏئين ٿو، جي هو نه سڌرن ته ان جو توتي الزام نه آهي. ۽ جيڪو تو وٽ ڊوڙندو آيو، ۽ خدا کان ڊڄي ٿو ان کان منهن موڙو ٿا.“ ڪي ٿورا ماڻهو هوندا، جيڪي ان تنبيهه کي عام ڪندا هجن، جيڪا سڌي سنئين ان سان وابسته هجي. پر پاڻ ايڏا عظيم ۽ ايماندار هئا، جو جڏهن به ان پوڙهي کي ڏسندا هئا ته اٿي بيهندا هئا ۽ ان کي هيئن چئي وهاريندا هئا ” ته ڀلي ڪري آئين. تنهنجي ڪري ته منهنجي خدا مونکي تنبيهه ڪئي هئي.“ پاڻ ايڏا ته عظيم هئا جو ذري جيتري ماڻهو سختي جي لائق به هوندو هو ان کي به پيارو گهرندا هئا ۽ ان جي عزت ڪندا هئا.
    حب رسول : سندس مريدن کي پاڻ سڳورن سان جيڪا محبت هئي ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. کين تتل واري تي سمهاريو ويندو هو. عرب جو گرم سج کين ساڙي وجهندو هو. سندن سينن تي پٿر رکيا ويا. کين پيئڻ لاءِ پاڻي جو ڍڪ به نه ملندو هو. کين ڳڀا ڳڀا ڪيو ويندو هو. هڪ مسلمان جي ٻوٽي ٻوٽي ڪئي ويئي. سندس جان جي هڏن تان گوشت اڊيڙيو ويو ۽ کائنس پڇيو ويو ته ” ڇا تون هن جاءِ تي پنهنجي بدران پنهنجي نبي جو هجڻ برداشت ڪندين؟ پر ان درد ۾ تڙپندڙ مسلمان ورندي ڏني ته ” الله ڄاڻي ٿو ته منهنجي نبي ﷺ جي پير ۾ ڪنڊو به لڳي وڃي ته مان پاڻ پنهنجن گهروارن سنا گهر ۾ آرام سان نه وهندس.“ هن مان ڄاڻي سگهجي ٿو ته پاڻ سڳورا پنهنجن مريدن ۾ ڪيڏا نه مقبول هئا. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ جنگ مال غنيمت جو تمام گهڻو سامان آيو، ته ان ٽولي کي ٿورو حصو مليو جيڪو پاڻ سڳورن سان گهڻو عرصو گڏ رهيو ۽ اسلام لاءِ قرباني به ڪافي ڏني. ان ڪري اهو ٽولو ڏکيارو ٿيو ۽ پاڻ ۾ ڪن ڀرڻ لڳا. پاڻ سڳورن کين گهرائي چيو ته ” اوهان جيڪا سس پس ڪريو ٿا ان جي مونکي ڄاڻ آهي. مان جڏهن اوهان وٽ آيو هوس ان وقت اوهان جهالت ۾ هئا. الله تعالي اوهان کي سڌي راهه ڏيکاري . اوهان ڏک ۾ هئا ۽ سک حاصل ڪيو. اوهان پاڻ ۾ وڙهيل هئا ۽ پوءِ کير کنڊ ٿي ويا. ڇا هي ڳالهيون گهٽ آهن؟ وراڻيائون ته ” ائين ئي آهي، جيئن اوهان فرمايو ۽ سڀ ساراهه الله ۽ ان جي رسول جي آهي.“ ان تي پاڻ فرمايائون ته ” خدا جو قسم اوهان هينئن جواب ڏيو ۽ اهو ٺيڪ به آهي، ڇو ته مان ان جو شاهد آهيان. اوهان اسان وٽ ان حالت ۾ آيا، جڏهن ماڻهن اوهان جي ڳالهين کي ڪوڙو سمجهي رد ڪري ڇڏيو ۽ اسان اوهان تي ايمان آندو. اوهان اسان وٽ بي يارو مددگار پناهه وٺڻ آيا ۽ اسان اوهان جي مدد ڪئي . اوهان مسڪين ۽ گهر کان بي گهر هئا ته اسان اوهان کي رهڻ جي جڳهه ڏني. اوهان گهٻرايل هئا، اسان اوهان کي آٿت ڏني. زندگي جي هنن ٿورين شين لاءِ ڇو ٿا پريشان ٿيو. ڇا اوهان هي ڳالهه پسند نٿا ڪريو ته ٻيا ماڻهو ڌن ۽ اٺ ڪاهي وڃن ۽ اوهان گهر وڃو ته مان اوهان سان گڏ هجان.“ ۽ تاريخ شاهد آهي ته پاڻ سڳورن جي زبان مبارڪ مان اهي لفظ نڪري رهيا هئا ته ان وقت انهن جون ڏاڙهيون ڳوڙهن سان تر هيون ۽ اهي چئي رهيا هئا ته ” اي الله جا رسول ! اسان پنهنجي حصي مان راضي آهيون“ سوال ٿو اٿي ته اهي ماڻهون پاڻ سڳورن سان ايڏي محبت ڇو ڪندا هئا. ان ڪري جو پاڻ انهن لاءِ روشني بڻجي آيا. سندن مريدن ڇا مان ڇا بڻجي ويا. تاريخ جي گواهي آهي ته انهن پاڻ مڃيو ته ” اسان بتن جي پوڄا ڪندا هئاسين. اسان پليت زندگي گذاريندا هئاسين. اسان مردار کائيندا هئاسين، اسان گاريون ڏيندا هئاسين، اسان انسانيت جي هر ڳالهه کي وساري ڇڏيو. مهمان ۽ پاڙيسرين جي حقن کي ٺڪرائي ڇڏيو اسان زور ۽ زبردستي کان سواءِ ٻي ڪابه ڳالهه نه ٻڌي. ايتري ۾ الله تعالى اسان مان هڪ شخص کي پئدا ڪيو. جنهن جي حسب نسب، دينداري ۽ پاڪيزه زندگي مان اسان واقف هئاسون ۽ ان اسان کي خدا جي هڪيڙائي ڏانهن سڏيو ۽ اسان کي ٻڌايو ته اسان انهي ( الله ) سان ٻئي کي ڀائيوار نه ڪريون. ان اسان کي بتن جي پوڄا ڪرڻ کان روڪيو. سچ ڳالهائڻ، امانت ۾ خيانت نه ڪرڻ، رحم ڪرڻ ۽ پنهنجن پاڙيسرين جي حقن جي احترام ڪرڻ جو حڪم ڪيو. ان عورتن سان برائي ڪرڻ ۽ يتيمن جي مال کائڻ کان به روڪيو. بدڪاري نه ڪرڻ، نماز پڙهڻ، زڪوات ڏيڻ ۽ روزي رکڻ جي هدايت ڪئي. اسان ان تي ايمان آندو آهي ۽ اسان سندس تعليم کي قبول ڪيو آهي.
    بيعت عقبه : هڪ دفعي ساڻن ڪجهه ساٿي هئا. جن سان پاڻ عهد ۽ انجام ڪيائون جنهن کي ” بيعت عقبه “ چئجي ٿو . ان تي غور ڪريو. اسان الله سان گڏ ٻئي کي شريڪ نه ڪنداسون ڪنهن شادي شدهه يا ڪنوراري ڇوڪري سان زنا نه ڪنداسون. پنهنجن ٻارن کي قتل نه ڪنداسون، فحش ڪلامي نه ڪنداسون. گارين کان پرهيز ڪنداسون. هر ڳالهه ۾ حضور اڪرم ﷺ جو چوڻ مڃينداسون. هر ڏکئي ۽ سکئي وقت ۾ ان سان گڏ رهنداسين. هي اها بيعت آهي، جن جي لفظن مان ئي، انهن ماڻهن جي نيڪي ظاهر ٿئي ٿي جن کي پاڻ ڪامياب ۽ مٿانهون ڪيو. اوهان ذرا انهن ڳالهين کي ڏسو، جن کان بچڻ لاءِ انهن ماڻهن انجام ڪيو. انساني خون عام هو. بدڪاري سندن روز جو ڌنڌو هو. هي اهو وعدو هو جيڪو هن پنهنجن پوئلڳن کان ورتو. ڏسو ته سندن اخلاقي تعليم زماني جي ضرورت سان ڪيتري نه مطابقت رکي ٿي. پاڻ پنهنجي جاهل قوم جي جاهل افراد ۾ هڪ اعلى اخلاق جو بنياد وڌو ۽ ان کي مضبوط ڪيو. ڏسو پاڻ نيڪي لاءِ ڇا چيو اٿن ته ” اوهان پنهنجي ڀاءُ سان مرڪي ڳالهائڻ نيڪي آهي. پنهنجن دوستن کي چڱي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪرڻ نيڪي آهي، ڀٽڪي مسافر کي سنئين راهه ڏيکارڻ نيڪي آهي . انڌي جي راهگيري ڪرڻ نيڪي آهي . رستي مان پٿر، ڪنڊو يا ٻي رڪاوٽ هٽائڻ نيڪي آهي. اڃايل کي پاڻي پيئارڻ نيڪي آهي.“ ڪيڏي نه اعلى پر سادن لفظن ۾ نيڪي جي تعريف ڪئي ويئي آهي. قرآن شريف م آهي ته ” هي هرگز نيڪي نه آگهي ته اوهان اولهه ۽ اوڀر ڏانهن منهن ڪريو پر نيڪي هي آهي ته ماڻهو الله ۽ آخرت تي فرشتن تي الله جي ڪتابن ۽ نبين تي ايمان آڻن ۽ مال سان محبت رکڻ جي باوجود به مائٽن، محتاجن مسافرن ۽ سوالين کي ڏين ۽ ملازمن کي آزاد ڪرائڻ ۾ خرچ ڪن.“ نماز پڙهن زڪوات ڏين ۽ وعدو ڪن ته پاڙين ۽ مصيبت ۽ تڪليف ۾ يا جنگ وقت ثابت قدم رهن.
    ( بقره رڪوع 22 آيت 177)
    علم جي اهميت : پاڻ سڳورن اڻ پڙهيل هوندي به علم کي انسان جي بنيادي اهميت قرار ڏين ٿا. فرمائين ٿا ته علم حاصل ڪريو. ڇاڪاڻ ته جيڪو علم حاصل ڪري ٿو، اهو خدا جي راهه ۾ نيڪي جو ڪم ڪري ٿو. جيڪو علم حاصل ڪري ٿو. اهو خدا جي ساراهه ڪري ٿو. جيڪو علم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، اهو ڄڻ الله کي خوش ڪري ٿو. جيڪو اهو علم ٻئي تائين پهچائي ٿو، ڄڻ ته زڪوات ادا ڪري ٿو. علم حاصل ڪرڻ سان حلال ۽ حرام جو پتو پوي ٿو. علم سڃ ۾ سچو ساٿي ۽ اڪيلائي ۾ سنگتي آهي. اهو ڏکي ويل ۾ اسان جي مدد ڪري ٿو. اهو پريشانين وقت اسان جي حوصله افزاي ڪري ٿو. دشمنن جي وچ ۾ طاقت ڏي ٿو. علم سان ئي ن دنيا ۾ عزت ۽ آخريت ۾ ابدي زندگي حاصل ٿئي ٿي. پاڻ فرمائين ٿا ت ” عالم جي مس، شهيد جي رت کان افضل آهي. هي اهو جملو آهي جنهن کي مسلمان پنهنجي قائم ڪيل درسگاهه جي ڀت تي سونهري اکرن ۾ لکن ٿا.


    رحمت جو ڪڪر: پنڊت گوپال ڪرشن بي اي

    رحمت جو ڪڪر: پنڊت گوپال ڪرشن بي اي
    ايڊيٽر ڀارت سماچار

    حضرت محمد ﷺ جي حياتي اسان جڏهن نگاهه وجهون ٿا ته پتو پوي ٿوته سندن هن دنيا ۾ اچڻ جو ڪارڻ، دنيا کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ هو. منجهن اها قوت، طاقت ۽ ڏات هئي، جيڪا هڪ عظيم مصلح ۾ هئڻ گهرجي. پاڻ سڳورن عرب جي انهن بدن کي ڪامل انسان بنائي ڇڏيو، جيڪي ظلم ۽ ڏاڍ جا هيراڪ هئا. پاڻ انهن ۾ ٻاجهه رحم، ڪهل ۽ بردباري جا گڻ پئدا ڪيا. منجهن عجز ۽ انڪساري جون وصفون پئدا ڪيون. اهي ماڻهو جيڪي جاهل ۽ وحشي هئا، تن کي ٿورن ئي ڏينهن ۾ بادشاهه ۽ حڪمران بنائي ڇڏيو. اهي شخص جيڪي پنهنجي ڀائرن جي رت وهائڻ ۾، خوشي محسوس ڪندا هئا، تن کي محمد ﷺ جي سکيا، اهڙو ته رحمدل بنائي ڇڏيو، جو اهي امن ۽ سڪون جا محافظ بڻجي پيا.
    حضرت محمد ﷺ مهربان به هئا، ته سخت به، جيڪڏهن ڪنهن مسڪين ۽ پريشان يتيم کي ڏسندا هئا ته کين مٿن رحم اچي ويندو هو.پر ظالم ۽ امن جي دشمن جي مقابلي ۾ پاڻ سختي کان ڪم وٺندا هئا. ان وقت ڪنهن به ڪٺور دل تي ڪهل نه ڪندا هئا. الله تعالى سندن دل مبارڪ کي پاڪيزه بنايو هو. پاڻ نهايت رحمدل هئا. پر انصاف جو دامن هٿان نه ڇڏيندا هئا.
    حضرت محمد ﷺ عرب جا عظيم فاتح هئا. پر مفتوح قوم لاءِ رحم ۽ ڪرم جا ڪڪر هئا. جن ماڻهن کين ۽ سندن دوستن کي آزاريو هو جي پاڻ گهرن ها ته کين ڦاهي تي ٽنگي پئي سگهيا. پر پاڻ سندن ساريون برايون معاف ڪري ڇڏيون ۽ کانئن ڪو به بدلو نه ورتو. هي هڪ اهڙو تاريخي واقعو آهي. جنهن جو مون کي مثال نٿو ملي . سندن سيرت پاڪ ۾ ڏسون ٿا ته حضور سائين امن جي دشمن کي ڪڏهن به معاف نه ڪيو ۽ ذاتي دشمن کان بدلو اصل نه ورتائون، پر بدلي وٺڻ کي مورڳو ناجائز قرار ڏنائون. ڇو ته اهو انساني فطرت جي خلاف آهي. پاڻ سڳورا پنهنجي ذات ۾ سراپا رحمت هئا ۽ معاف ڪرڻ سندن عادت مبارڪ هئي. سندن رحمدلي ۽ ٻاجهاري طبع جي اها حد هئي ته ڪوبه کين اڻوڻندڙ لفظ چوندو هو ته پاڻ کليل دل سان اهو سهي ويندا هئا. سندن سيرت مبارڪ ۾ اهڙو ڪوبه لفظ نٿو ملي جو پاڻ پنهنجي دشمن کي سخت لفظن ۾ جواب ڏنو هجي. سندن غريب پروري جو هي حال هو جو ڪو سوالي وٽن آيو ته ڪڏهن به هٿين خالي نه موٽيو. ايتريقدر جو وٽن ڪجهه به نه هوندو هو ته ان کي چوندا هئا ته ” منهنجي نالي قرض وٺ، مان پاڻهي ادا ڪري ڇڏيندس. سندن اخلاق ۽ ڪردار جي دشمن به ساراهه ڪندا هئا. ۽ کين پوتر آهستي سمجهندا هئا. سندن روزاني زندگي به مثالي هئي. پنهنجي گذران لاءِ هٿ جو پورهيو ڪندا هئا. ۽ ٻين کي سخت محنت ڪرڻ جي هدايت ڪندا هئا. پاڻ رهبانيت کي ننديندي چيائون ته ” هن دنيا ۾ رهو ان کي اپنايو“ هي به ٻڌايائون ته ” دنيا ۾ رهڻ جا اصول ڪهڙا آهن ۽ هت رهي اسان کي مان ۽ مرتبو ڪيئن ملي سگهي ٿو.
    سندن اچڻ کان اڳ، عربن ۾ بت پرستي عام هئي. جيئن هندستان ۾ رواج هو. پر سندن تبليغ جي ڪري، انهن بتن کي ڇڏي، هڪ الله جي بندگي شروع ڪئي. هي به سندن تعليم جو اثر هو جو عرب جا ظالم، لٽيرا شريف ۽ ايماندار بنجي ويا. پاڻ عربن ۾ اها لياقت پئدا ڪئي جو هڪ طرف پرهيزگار ۽ نيڪ هئا ته ٻئي طرف جنرل، ڪمانڊار ۽ چيف جسٽس ٿي پيا. پاڻ عورتن جي مظلومي جو انت آندائون. عورتن کي عزت واري حيثيت ڏنائون. سندن حق مقرر ڪري، مٿن مساوات جو تاج رکيائون. سندن سيرت ۾سڀ کان نمايان ڳالهه هيءَ آهي ته پاڻ ڪڏهن به ذاتي مفادن لاءِ نه سوچيائون. جي گهر ها ته پنهنجي لاءِ لکين رپيه گڏ ڪري پئي سگهيا. وڏن شاندار محلات ٺهرائي پئي سگهيا. پرپاڻ پنهنجي گهر ۽ گهر وارن لاءِ ڪو به سرمايو ڪٺو نه ڪيو. ڇو ته پاڻ نهايت سادي زندگي گذاريندا هئا. پاڻ امير ۽ غريب کي هڪ ئي نموني جي زندگي گذارڻ جي تعليم ڏني. سندن فرمودو آهي ته ” غريب جي جسم ۾ دل آهي، جيڪا سٺي برتاءُ سان خوش ۽ بري برتاءُ سان ناخوش ٿئي ٿي.“ سندن برابري ۽ غريب نوازي واري اها تحريڪ اڄ به زندهه آهي. ڪنهن مسجد ۾ وڃو ڏسندا ته اتي اوهان کي امير ۽ فقير، شاهه وگدا، ادنى ۽ اعلى سڀ هڪ صف ۾ بيٺل نظر ايندا. هي اُهي ڳالهيون آهن، جن کي سياڻا ماڻهو پسند ڪن ٿا ۽ سندس ساراهه جا ڍڪ ڀرين ٿا.


    عظيم مصلح : ماستر شنڪر داس گياني

    عظيم مصلح : ماستر شنڪر داس گياني
    هيڊ ماستر ضلع لائلپور

    عرب جي سرزمين ۾ اسان کي اهڙي هستي نظر اچي ٿي جنهن پنهنجو آرام ڦٽو ڪري، عرب جي وحشين کي انسان بڻايو ۽ پنهنجي تعليم سان سندن ڪايا پلٽي ڇڏي. هي ڪو سولو ڪم نه هو. سندس تعليم ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي خوبيون آهن. جن کي ڏسي سندن ساراهه ۾ واتان لفظ نڪري وڃن ٿا. پاڻ سڳورا پيار ۽ محبت جي دل رکندڙ هئا. سندس تعليم تي مسلمانن نه صرف ايمان آندو. پر عمل به ڪري ڏيکاريو. پاڻ پنهنجي امت کي انسانن سان همدردي، باهمي اخوت ۽ محبت جا گُر سيکاري، دنيا تي احسان ڪيو. پر دنيا جي سڀني مذهبي اڳواڻن جي عزت کي به قائم رکيو. پنهنجن دشمنن جي وچ ۾ رهندي دنيا جي مال، دولت، اقبال ۽ اقتدار کي لت هڻي ڇڏي ۽ ڪيترائي دفعا موت جي وات ۾ هوندي به عرب ۾ مروج مذهبي رسمن سان بغاوت ڪندي، هڪ اهڙي مذهب جو بنياد رکيو، جنهن ان زماني جي تهذيب ۾ عظيم الشان انقلاب پئدا ڪري، هڪ اهڙي قوم کي وجود ۾ آندو. جنهن جي اخلاقي معاشرت ۽ سياسي ذهني حيثيت هڪ اعلى درجي تي پهتل آهي. جيڪڏهن پاڻ ٻيو ڪجهه به نه ڪن ها، صرف خدا پرستي ۽ مساوات جي تعليم تي ئي رڪجي وڃن ها. تڏهن به اهو گهڻو ڪجهه هو ۽ دنيا سندن قدمن ۾ عقيدت جا گل نڇاور ڪري ها. پر هاڻ جڏهن سندن تعليم ۾ خدا پرستي ۽ مساوات سان گڏ، توحيد، پرهيزگاري، نيڪي، شرافت، محبت، رواداري ۽ عورتن جي حقن جي ادائيگي جهڙيون اعلى خوبيون به شامل آهن ته اهڙي حالت ۾ سندن تعريف نه ڪرڻ، حد درجي جي ڪينه پروري ۽ ٻيائي کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي.
    ڏسو ته حضرت محمد ﷺ جي تعليم عربن جي زندگي ۾ ڪيڏو نه ڦيرو آندو. اتي ٻارڙين کي جيئري ئي پوريون ويندو هو. عورتن تي جانورن کان وڌيڪ ظلم ڪيا ويندا هئا.پر حضرت محمد ﷺ هن ظالمانه رسم کي بلڪل بند ڪري ڇڏيو ۽ عورتن کي مردن سان گڏ اچي بيهاريو. ظالم ۽ جاهل عربن کان پنهنجن عورتن کي حق وٺي ڏنا. ۽ اها ڪا سولي ڳالهه نه آهي، پر سندن آزادي جي مضبوطي اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏيکاريو.
    پاڻ سڳورن کي خلق جي خدمت ۽ خدا جي عبادت جهڙا نيڪ جذبا ماڻهن ۾ پئدا ڪرڻ ۾ جيڪي تڪليفون آيون. انهن کي ڏسي، سندس صبر ۽ تحمل کي جس ڏيڻ کان رهي نه ٿو سگهجي. هي سچ آهي ته سڀني سماج سڌارڪن جي ڪاميابي ۽ وڏائي جو راز ان ۾ آهي ته جيتري هن ۾ سهڻ جي قوت وڌيڪ هوندي. اوترو اهو عظيم ۽ ڪامياب بڻجي سگهندو. ان کان سواءِ ڪوبه شخص ذاتي گڻن ۽ خوبين کان سواءِ اوچي مقام تي پهچي نٿو سگهي. مذهبي اڳواڻن سماجي سڌارڪن ۽ سياسي رهنمائن ۾ ڪي اهڙيون غير معمولي خوبيون ضرور هونديون آهن، جيڪي کين ٻين انسانن کان ممتاز درجو ڏيارينديون آهن سو محمد ﷺ به اهڙين چند پرڪشش خوبين جا مالڪ هئا، جن کين عرب جي بدن ۾ مقبول ڪيو.
    منهنجو رايو آهي ته جيڪڏهن مسلمان سندن تعليم کي چڱي طرح سمجهن ان تي عمل ڪري ٻين کي به سندن تعليم تي عمل ڪرڻ جي تبليغ ڪن ته اسلام ۽ مسلمانن خلاف جيڪي غلط فهميون ۽ تعصبانه ڳالهيون عام آهن، اهي ترت دور ٿي سگهن ٿيون.


    ڪائنات لاءِ پيغام: مسٽر اجيت پرشاد اجين

    ڪائنات لاءِ پيغام: مسٽر اجيت پرشاد اجين

    ”پاڻ سڳورن جيڪو پيغام ڏنو آهي. اهو ساري ڪائنات لاءِ آهي. جيڪڏهن صحيح معنى ۾ ڏٺو وڃي ۽ صحيح جذبي سان ڪم ڪيو وڃي ته غير مسلم به سندن تعليم ۽ زندگي مان گهڻو ڪجهه سکي سگهن ٿا.“


    توحيد جو پرچارڪ: جناب ڊاڪٽر يُڌوير سنگهه

    توحيد جو پرچارڪ: جناب ڊاڪٽر يُڌوير سنگهه

    هن ۾ ذري جو به شڪ نه آهي ته حضرت محمد ﷺ جي شخصيت نيڪ ۽ برگزيده آهي. مسلمانن کي ڇڏي جن جي عقيدي موجب پاڻ الله جا نبي آهن. ٻين ماڻهن لاءِ سندن سوانح عمري دلچسپ ۽ سبق آموز آهي. عرب جهڙي وحشي ملڪ ۾ جتي ٿورڙي مخالفت تي اڳلي جو سر وڍيو ويندو هو. هن پاڪ هستي جرئت ۽ همت سان اسلام جي اعلى اصولن جي پرچار ڪئي. اهو ملڪ جي تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ لکيل آهي. جنهن کي اسان چڱي طرح پڙهي سگهون ٿا. پر شرط اهو آهي ته اسان جي اکين تي تعصب جي عينڪ چڙهيل نه هجي. ڇهن سالن جي لاڳيتي عبادت کان پوءِ جڏهن حضور اڪرم ﷺ کي ” لا الله الا الله“ جو وحي ٿيو ته ان کان پوءِ هڪ ڏينهن به سواءِ ڪنهن خوف ۽ خطري جي بي ڌڙڪ ٿي هن نئين روشني کي ڦهلائڻ شروع ڪيو. سڀ کان پهرين گهر واري ۽ پوءِ هرهڪ انسان کي هي پيغام پهچايو. مشهور آهي ته انسان جي زندگي جو ڪونه ڪو مقصد ضرور هوندو آهي ۽ حضور جن جي مشن جو مقصد خدا جي سڃاڻ ۽ گهڻو ڪري هي ڏٺو ويو آهي ته جن ملڪن جي ماڻهن خدا تي ڀروسو ڪرڻ ڇڏي ديوتائن ۽ قبرن جي بندگي شروع ڪئي تن ملڪن جا رهاڪو يا ان مذهب جا مڃيندڙ ذلت جي اونهي کڏ ۾ ڪري پيا. جڏهن هڪ فرد جو عمل يا ڪردار خراب ٿيندو آهي ته سارو ملڪ به ان جو اثر قبوليندو آهي ۽ پوءِ ان ۾ اهڙي ڪني شيءَ پيدا ٿيندي آهي جنهن کي سنڀالڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آهي ۽ اها آخر ۾ سڀني کي نست ونابود ڪري ڇڏي ٿي. ملڪ ۽ ملت لاءِ اعلى ڪردار ۽ چال چلت جو هجڻ نهايت ضروري آهي. ان کان سواءِ ڪوبه انسان ترقي ڪري نٿو سگهي. دراصل چال چلت ئي فرد جي سڃاڻ آهي. جنهن افراد جي ٽولي يا جماعت جو ڪردار خراب آهي اهو ڏينهون ڏينهن غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙجي تڪليفن ۾ مبتلا ٿي آخر هڪ ڏينهن دنيا جي تختي تان مٽجي وڃي ٿو. حقيقت ۾ اعلى ڪردار نيڪ عمل، پيار، محبت، ايمان، دلي جي سچائي ۽ پاڪائي جو ٻيو نالو خدا آهي، ان ڪري قبرن، بتن، پير فقيرن جي عبادت ڪندڙ سٺي چال وارا ماڻهو نه ٿا ٿي سگهن ۽ جيڪي ماڻهو سچائي ۽ الله تي ايمان آڻين ٿا ۽ پاڻ کي ان سان ڳنڍيل رکن ٿا اهي ئي اعلى ڪردار جا مالڪ سڏجن ٿا. جيڪي ماڻهو ڊڄين ٿا اهي بزدل هوندا آهن ۽ بزدلي غير خدا جي عبادت، خوف ۽ لالچ جي ڪري پيدا ٿئي ٿي. ۽ اها ماڻهو انهيءَ خيال سان ڪن ٿا ته جيڪڏهن اسان فلاڻي ديوتا جي منت نه مڃي ته اسان جي ٻار کي فلاڻي بيماري ٿيندي. فلاڻي قبر تي پڙ وجهڻ سان مان مالدار ٿي پوندس. مونکي اولاد ٿيندي ته اهڙن ملڪن ۾ بت پرستي گهر ڪري وڃي ٿي ۽ اتان جي ماڻهن جي دلين ۾ محبت ۽ ايمان بدران خوف، لالچ ۽ غلامي جو رواج پئجي وڃي ٿو. جيڪو کين نيچ بڻائي ڇڏي ٿو. پر جيڪي ماڻهو الله جي هيڪڙائي ۽ سچائي تي ايمان آڻين ٿا، اهي اعلى اوصاف جا مالڪ بنجن ٿا. اوهان ڄاڻو ٿا ته حضرت محمد ﷺ اڄ کان چوڏهن سال پهرين ڪريل ۽ بداخلاق قوم کي وحدانيت جو درس ڏيئي ان قوم ۽ ان قوم جي رستي ساري مخلوق جو ڀلو ڪيو ۽ اها هڪئي قوت ۽ وٿ هئي جنهن اڳتي هلي عربستان جي وڏين وڏين طاقتن کي نمائي ڇڏيو.
    پيغمبر ﷺ جي سوانح عمري، محبت ۽ خدمت جي جذبن سان ڀريل آهي ۽ هڪ سچار ۽ سچائي ڏانهن ويندڙ واٽهڙو جي زندگي سدائين محبت ۽ خدمت سان ٽُٻ هوندي آهي. چون ٿا ته هڪ دفعي پاڻ سڳورن وٽ بدو مهمان ٿي آيو. پاڻ ڄاتائون ٿي ته هو مشرڪ ۽ غير مذهب آهي، تڏهن به کيس پاڻ وٽ رهايائون. کين سمهڻ لاءِ بسترو ۽ ڪپڙا ڏنائون . جيئن ته هي همراهه بيمار هو، ان ڪري سندن بستري ۾ گند ڪري وڌائين ۽ ان ڀئو کان ته متان مسلمان کيس ان گستاخي جي سزا ڏين، سوير ڀڄي ويو. پر هن کي پنهنجي تلوار وسري ويئي. ان ڪري ڊڄندو ۽ ڏڪندو واپس آيو، ڏسي ته حضور سائين پاڻ پنهنجن هٿن سان بسترو صاف پيا ڪن ۽ ڌوئين . سندن منهن تي ڪنهن به قسم جي ناراضگي جو نشان نه آهي. پاڻ کين ٻيهر ڏسي ڀرسان وهاريو، تسلي ڏني ۽ دل ٻڌرائي. هو سندن پيرن تي ڪري پيو ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ پاڻ سڳورن وٽ آيو ٻارن ٻچن سميت مسلمان ٿيو. اهڙا ڪيترائي مثال سندن زندگي ۾ ملن ٿا. جن مان محبت، خدمت ۽ خدا پرستي جا جذبا ظاهر ٿين ٿا.
    اچو ته اسان سڀ گڏجي نفرتن کي هڪ پاسي رکي ان معزز هستي کي ساراهيون ۽ دعا ڪريون ته اڄ جا مسلمان به پنهنجي نبي جهڙا مسلمان بڻجي پنهنجي نبي ‌ﷺ جي سنت رستي جيڪا خدا جي عبادت ۽ ٻانهن جي خدمت جو ٻيو نالو آهي، سڄِي دنيا کي توحيد جو پيغام ٻڌايون ۽ ساري ملڪ جي ماڻهن کي غلامي مان ڇوٽڪارو ڏياري بس هڪ خدا جي مخلوق جو خادم بڻايون.


    حب الوطني جو درس ڏيندڙ: سردار رام سنگهه گياني امر ترسي

    حب الوطني جو درس ڏيندڙ: سردار رام سنگهه گياني امر ترسي

    حضرت محمد ﷺ صاحب دنيا ۾ اچي هونئن ته وڏا وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا. جن مان ثابت ٿئي ٿو ته پاڻ اعلى درجي جا مذهبي پيشوا ۽ پنهنجي وقت جا وڏا مصلح ۽ سڌارڪ هئا. پاڻ جتي عرب جي سرزمين مان، بت پرستي ۽ وهم پرستي کي ختم ڪيو اتي ٻيا به بهترين ڪم سندس زندگي سان وابسته رهيا. پاڻ سڳورن عربن جي سرزمين مان غلامي جهڙي قبيح رسم جي هميشه لاءِ پاڙ پٽي ڇڏي، جيڪا انسانيت تي بدنما داغ هو. مسلمانن کي کولي ٻڌايائون ته ” غلام کي آزاد ڪرڻ سڀ کان وڏو ثواب جو ڪم آهي.“ ڪوبه شخص پيدائشي غلام ٿيڻ ڪري خليفي يا امام ٿيڻ کان محروم ٿي نه ٿو سگهي. دنيا کي سڀ کان اڳ جهموريت سان پاڻ ئي روشناس ڪرايو.
    سڀ کان وڌ ته وطن جي محبت کي ايمان جي نشاني سڏيندي حڪم ڪيائون ته ” وطن جي محبت ايمان جي نشاني آهي.“ ۽ ان ڪري ئي وطن واسين سان غداري، نفرت يا ناتا ٽوڙڻ ناجائز آهن. ان تعليم کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ پاڻ سڳورن يهودين ۽ ڪافرن سان معاهدو ڪري ساڻن محبت ۽ رواداري جو سلوڪ ڪري،مسلمانن لاءِ اعلى مثال قائم ڪيو. مطلب ته پاڻ سڳورن مسلمانن کي وطن سان محبت ڪرڻ جي نهايت سختي سان تاڪيد ڪئي، جنهن ڪري سندن مشن کي چارچنڊ لڳي ويا.


    حضرت محمد ﷺ جو سبق: ٺاڪر حڪم سنگهه

    حضرت محمد ﷺ جو سبق: ٺاڪر حڪم سنگهه

    حضرت محمد ﷺ انسان ذات کي ايمانداري، امن، اتحاد ۽رواداري جو سبق ڏنو.اڄ نفرت ۽ نفاق جي فسادن جي ڪري ٽڪرا ٽڪرا ٿي رهي آهي. ان وقت حضور ﷺ جي ٻڌايل واٽ تي هلڻ جي سخت ضرورت آهي.


    جهموريت جو علمبردار: جناب لالا رام ورما

    جهموريت جو علمبردار: جناب لالا رام ورما

    دنيا ۾ جيڪي به وڏيون هستيون ٿي گذريون آهن تن جي خيالن ۾ هڪجهڙائي رهي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو زندگي تهذيب تمدن ۽ معاشرت جا بنيادي اصول ڪڏهن به نه مٽيا آهن. پوءِ ڇو نه کڻي زماني جي رفتار ۽ قومن جي ضرورتن مطابق انهن جي تشريح ۽ تاويل ۾ کڻي ڪيترو اختلاف ڇو نه هجي. سچائي، ايمانداري، همدردي ۽ پرهيزگاري اهي گُڻ آهن. جن تي انسانيت جو بنياد آهي. جنهن کان سواءِ زندگي، تهذيب، تمدن ۽ معاشرت جي ترقي ناممڪن آهي. ان کان سواءِ خدا شناسي محال آهي . جڏهن دنيا ۾ انهن ڳالهين جي کوٽ ٿيندي آهي. تڏهن هڪ پيغمبر، پيشوا، رهبر يا رهنما تشريف فرما ٿيندو آهي جيڪو بني نوع انسان يا انسانن جي ڪنهن به ٽولي کي ذلت جي زندگي واري، اونهي غار ۾ ڪرڻ کان بچائي، سڌي راهه ڏيکاريندو آهي. اهو قدرت جو قانون آهي ته اهڙي ڏکئي وقت ۾، هڪ پيغمبر، پيشوا يا رهبر وجود ۾ ايندو آهي. جيڪو انسان ذات کي اونداهي مان ڪڍي سوجهري ۾ آڻيندو آهي. حضرت محمد ﷺ به اهڙن ئي اڳواڻن ۾ پيغمبر هئا. حضور اڪرم ﷺ اسلام جو بنياد وڌو، ان ڪافرن کي ايمان جي دولت سان نوازيو ۽ کين خدا جي راهه ڏسي . بس ! ايترو چئي اسان مسلمانن کي ته مطمئن ڪري سگهون ٿا. پر دنيا جي انهن ماڻهن کي جيڪي کيس پنهنجو مذهبي اڳواڻ نٿا مڃين، تن کي سندن عظمت مڃرائڻ لاءِ، حضور ﷺ جي زندگي ۽ تعليم جي انهن پهلوئن کان واقف ڪريون، جن دنيا کي فائدو پهچايو. اچو ته اسان حضرت محمد ‌ﷺ جي زندگي ۽ تعليم جو انهيءَ خيال سان تجزيو ڪريون، جن دنيا کي فائدو پهچايو. اچو ته اسان حضرت محمد ﷺ جي زندگي ۽ تعليم جو انهيءَ خيال سان تجزيو ڪريون.
    جڏهن عرب جي سرزمين خونريزي جو مرڪز هئي، عرب جي صحرا ۾ جان ۽ مال جي ڪابه اهميت ڪانه هئي. عربن جا رهاڪو تهذيب ۽ تمدن، اخلاق ۽ معاشرت جي الف ب کان به بنهه ڪورا هئا. باهمي خلوص، محبت، همدردي ۽ انسانيت جي کين ڄاڻ ڪونه هئي. تڏهن حضرت محمد ﷺ‌ عربن ۾ جلواافروز ٿيا ۽کين ٻڌايائون ته انسان پنهنجي فعل ۾ خودمختيار نه آهي جيئن هو ڄاڻين ٿا. پر انسان جي هر چرپر تي هڪ نظر رکندڙ به آهي، جنهن کي الله چئبو آهي.
    هن کين ٻڌايو ته انسان قتل ۽ خونريزي جي رسي ۾ ڳنڍيل نه آهن، پر جيڪا شيءَ پاڻ ۾ متحد رکي ٿي، ان جو نالو خلوص ۽ محبت آهي. حضرت محمد ﷺ ماڻهن ۾ خوف خدا پيدا ڪيو ۽ هوريان هوريان انهن جي ڪنين عادتن جي اصلاح ڪئي ۽ کين انصاف ۽ انسانيت جا اصول سيکاريا. هن جنگجو عربن کي ٻڌايو ته ” غلامي جي رسم ڪيڏي نه بڇڙي ۽ عورتن سان بدسلوڪي ڪيڏو نه عظيم گناهه آهي. “ ! مطلب ته پاڻ عربن کي زندگي جي نشونما، تهذيب ۽ تمدن جي ترقي جي رازن کان واقف ڪيو. ليڪن هن وقت جا تڪته چين جڏهن سندس زندگي تي تبصرو ڪن ٿا، تڏهن هو اهو وساري ٿا ڇڏين ته پاڻ سڳورن ﷺ اڄ کان چوڏهن سئو سال اڳ پئدا ٿيا هئا ۽ اهي ان ڌرتي تي ڄاوا. جتي جهالت ۽ وحشانيت جو راڄ هو. روشني ۽ تهذيب جي اڄوڪي زماني ۾ ۽ خاص طرح انهن ملڪن ۾ جتان جي ماڻهن ۾ رواداري، نرمائي ۽ بردباري جون خوبيون آهن، تن ۾ اخلاق ۽ انسانيت جي اعلى ترين اصولن جي اشاعت ڪرڻ سولو ڪم آهي. پر اڄ کان 14 صديون اڳ وحشي عربن ۾ ايمان جو عقيدو پئدا ڪرڻ ۽ پوءِ کين تهذيب ۽ انسانيت جي تعليم ڏيڻ ڪيڏو نه ڏکيو ڪم هو، جنهن کي پورو ڪرڻ سولو نه هو. سڌارو ستت نه ايندو آهي، اصلاح هوريان هوريان ٿيندي آهي. جنهن کي اسان ” انقلاب “ چوندا آهيون. حضرت محمد ﷺ جو وحشي عربن کي انسان بنائڻ هڪ ايڏو عظيم ڪارنامو آهي.“ جنهن جي اهميت ويهين صدي جي ماڻهن جي خيال ۽ خواب ۾ ئي نه ٿي اچي سگهي. پاڻ سڳورن جي رحلت وقت عربن ۾ مستقل ۽ باقاعده مملڪت وجود ۾ اچي چڪي هئي. جيڪا مشترڪه عقيدن جي پابند هئي. ان زماني ۾ وحشي عربن ۾ هڪڙو رشتو موجود هو، جيڪو خانداني تعلقات کان وڌيڪ طاقتور ۽ مضبوط هو. عربن ۾ اسلام پهچي چڪو هو، جنهن جو بنياد جهموريت ۽ اخوت تي هو. بس! حضرت محمد ﷺ جي زندگي جو ڪارنامو اسلام هو ۽ اسلام ڇا آهي؟ مسلمان عالمن جو مذهبي لحاظ کان ڪهڙو به جواب هجي، پر غير مسلمان ائين چوندا ته اسلام جيئن حضور جن ٻڌايو جهموريت ۽ مساوات اهي سوکڙيون آهن جيڪي حضور جن دنيا جي انسانن کي ڏنيون ۽ دراصل هي اهي ئي اصول آهن. جن جي هر زماني ۾ هر دور ۾ عالمن اشاعت ڪئي ۽ هي اهي اصول آهن، جن تي نه صرف مسلمانن پر دنيا جي ٻين قومن جي ترقي ۽ ڇوٽڪاري جو مدار آهي. ويهين صدي جي هاڻوڪي جدوجهد به، انهن اصولن تي مدار رکي ٿي. پر مسلمان جيڪي حضرت محمد ‌ﷺ جي آندل اسلام تي فخر ڪن ٿا. انهن اصولن کي سمجهڻ ۽انهن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا؟هي هڪ سوال آهي جنهن جو مسلمانن کي جواب ڏيڻو آهي.


    ڀاڱو ٻيو: مغربي عالم

    خراج عقيدت: نيپولين بونا پارٽ ( فرا نس)

    حضرت موسى عه، خدا جي وجود جو اعلان بني اسرائيل ۾مسيح عه رومي دنيا ۾ ۽ حضرت محمد ﷺ دنيا جي قديم ترين براعظم ايشيا ۾ ڪيو. پاڻ سڳورن اعلان ڪيو ته سواءِ هڪ الله جي ٻيو ڪوبه عبادت لائق نه آهي. نه هو ڪنهن مان پئدا ٿيو آهي ۽ نه ڪو سندس پٽ آهي. هن اها تثليث ئي آهي جيڪا بت پرستي جو رستو گهري ٿي. ان ڪري ياد رکو ته هڪ الله کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود نه آهي. محمد ﷺ جي ذات ڪشش ثقل هئي. جنهن ڏانههن ماڻهو ڇڪجي ايندا هئا. سندس تعليم ماڻهن کي ايڏو ته متاثر ڪيو جو ٿوري عرصي ۾ وٽس هڪ اهڙو ٽولو پئدا ٿي ويو. جنهن ٿورن سالن ۾اڌ دنيا تي اسلام جو جهنڊو ڦڙڪايو . اسلام جي انهن مڃيندڙ دنيا جي ڪوڙن خدائن کان جان ڇڏائي. کين ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. موسى عه ۽ عيسى عه جي پوئلڳن 15 سئو سالن ۾ ڪفر جي نشانين کي مٽايو، پر مسلمانن اهو ڪارنامو صرف 15 سالن ۾ ڪري ڏيکاريو.
    محمد ﷺ دراصل سردار اعظم آهن. پاڻ عربن کي اتحاد جو سبق سيکاري منجهانئن نفرت ۽ ٻيائي دور ڪري کين متحد ڪيو. پاڻ سڳورن اهل علم جي تعريف ڪئي. حڪمت جي همت افزائي ڪئي ۽ عقل ۽ دانش جي ڳالهين کي ساراهيو. پاڻ سڳورن زالن جو تعداد مقرر ڪيو. ان کان اڳ عربن کي ڪابه جهل پل ڪانه هئي ته هو ڪيتريون ئي زالون رکي پئي سگهيا. جيڪي طاقت ۾ زور هئا. اهي پاڻ وٽ گهڻيون زالون رکندا هئا. پر پاڻ سڳورن ان رسم کي سختي سان ڪچليو.حقيقت ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ عورتون گهٽ ڄائن ٿيون. ان ڪري سوال ٿو پئدا ٿئي ته پاڻ سڳورن عيسوي عهد جي پابندي ڇو نه ڪئي ۽ مردن کان گهڻين زالن رکڻ جي موڪل ڇونه ڏني. ڪثرت زواج ۾ هينئن ٿئي ٿو ته ٻار هڪئي پيءُ مان ٿئي ٿو . ان ڪري اڇا ۽ ڪارا پاڻ ڀائر ٿي وڃن ٿا ۽ ان ناتي سان ٻيئي ساڳئي دسترخوان تي ويهي ماني کائي سگهن ٿا. مشرق ۾ چمڙي جو رنگ، هڪ انسان کي ٻئي انسان تي فوقيت نه ٿو ڏي. رنگ ۽ نسل جي فرق ۽ متڀيد کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ سڳورن چئن زالن رکڻ جي اجازت ڏني. پر هڪ ڳالهه ويچار جي لائق آهي ته گهڻن زالن مان فائدو، فقط امير ماڻهو وٺي سگهي ٿو . سماج ۾ به اهي مٿانهان آهن ۽ صلاح مشوري ۾ ٻه ڳرا آهن. شاديون به انهن کي پاڻ ۾ ڳنڍين ٿيون. هت فرانس ۾ جيڪڏهن اسان پنهنجن نون کٽيل ملڪن، مصر ۽ اتر آفريڪا جي ڪارن کي آزادي ڏيڻ چاهيون ۽ منجهائين رنگ جو تعصب به ڪڍون ته اسان جن قانون سازن کي گهڻن زالن رکڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي.
    مشرق ۾ غلامي ايتري مضبوط جڙ نه پڪڙي آهي، جيتري مغرب ۾ آهي. مشرق ۾ غلام کي پنهنجي مالڪ جي ملڪيت مان حصو ملي ٿو. هو ان جي نياڻي سان شادي به ڪري سگهي ٿو. پر مغرب ۾ جيڪو غلامن سان ورتاءُ هو، اهو ان جي ملازمن کان به بدتر هو. مسلمانن جو معاشرو، اهڙو آهي جنهن ۾ پيءُ هڪ مئجسٽريٽ آهي کيس پنهنجي اولاد، زالن ۽ ٻانهن تي پورو اختيار آهي. ڪٽنب جي اندروني معاملي ۾ ڪنهن به انتظاميه کي دخل نه آهي ۽ نه وري ڪنهن ان معاملي ۾ جرئت به ڪئي . ڪٽنب جي سربراهه جون جيترون زالون هجن، تن سڀني سان هڪجهڙو سلوڪ ڪرڻ ضروري آهي. ايستائين گهرو لڙائين ۾ به، هن اصول کي سامهون رکڻو آهي.
    مون کي يقين آهي ته اهو ڏينهن پري نه آهي. جڏهن سڀني ملڪن جا ميمبر گڏجي قرآن حڪيم جي اصولن مطابق هڪئي قسم جي طرز جي حڪمراني کي اختيار ڪندا. قرآن جي تعليم ۽ ان جي اصولن جو بنياد سچائي تي رکيل آهي. جيڪي انسان ذات کي خوشين ۽ خوشحالين سان اڏي ڇڏڻ وارا آهن. تنهنڪري الله جي موڪليل رسول محمد ﷺ ۽ مٿائين نازل ڪيل ڪتاب قرآن شريف تي مان فخر ڪريان ٿو ۽ حضور ﷺ جي خدمت ۾ خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو.


    صاف سٿري زندگي: ڊاڪٽر جي ويل 



    بيشڪ حضرت محمد ﷺ ڀٽڪيل انسانن کي سنئين راهه ڏيکاري ۽ پڪ سان سندن زندگي پاڪ ۽ صاف سٿري هئي.


    اسلام جو باني: ٿامس واڪر آرنولڊ ( انگلينڊ )

    اسلام جو باني: ٿامس واڪر آرنولڊ ( انگلينڊ )

    جڏهن تمام گهڻي اندروني ڪشمڪش، بي چيني ۽ غار حرا ۾، سارين راتين 7 ڏينهن جي غور و فڪر، دعا عبادت بعد، حضرت محمد ﷺ جن کي آخر ڪار پنهنج نبوت جو يقين ٿيو ۽ خدا جي وحي کين، نااميدي ۽ خوف جي حالت مان بيدار ڪري، حڪم ڏٺو ته ماڻهن ۾ ان حقيقت جو اعلان ڪري، جيڪا روز بروز سندن اندر مبارڪ ۾ تمام گهڻي وقت سان ظاهر ٿيندي رهي ٿي. تڏهن سندن ڪوششن جو رخ سڀ کان اول، پنهنجي خاندان جي ماڻهن کي هن نئين دين جي دعوت ڏيڻ طرف ٿيو. خدا تعالى جي وحدانيت جو يقين، بت برستي کان بيزاري آهي. انسان جو فرض آهي ته پنهنجي پروردگار اڳيان، سر تسليم خم ڪري. هي سڀ سڌيون سنئيون حقيقتون هيون، جن کي اختيار ڪرڻ پاڻ مطالعو ڪندا رهندا هئا. پاڻ مڪي جي مهاجرن ۽ مديني جي انصارن جي وچ ۾ برادري جو ناتو قائم ڪرايائون. هن نئين ناتي ڪري قبيلن جا ذاتي اختلاف ختم ٿي ويا. هڪ عام مذهبي زندگي نسلي تعلقات جي جڳهه وڃي حاصل ڪئي. موت جي حالت ۾ پڻ مٽي مائٽي جي حقن کي بالائي طاق رکيو ويندو هو ۽ اسلامي ڀاءُ کي پنهنجي فوتي رفيق جي سڄي ملڪيت جو وارث بنايو ويندو هو. ليڪن بدر جي لڙائي کان پوءِ، جڏهن اهڙي مصنوعي برادرانه تعلقات جي ضرورت باقي نه رهي ته ان کي ترڪ ڪيو ويو.
    هڪ ابدي ۽ حيات بخش حقيقت خدا جي وحدانيت جو پيغام، عربستان جي ماڻهن اڳيان، عيسوي ستين صدي ۾انهيءَ پيغمبر ‌ﷺ پيش ڪيو، جنهن جي جهنڊي هيٺ عرب جا منتشر قبيلا ملي، هڪ قوم بنجي پيا. هن نئين قوميت جي جذبي، مذهبي جو ش ۽ ولولي انهن جي فوجن اندر هڪ غير مغلوب طاقت پئدا ڪئي، جنهن ڪري هو دنيا جي ٽن کنڊن تي فاتحانه ۽ غالب قوم جي حيثيت ۾ ڇانئجي ويا. شام، فلسطين، مصر، اتر آفريڪا ۽ ايران پهريان ملڪ هئا، جن مسلمانن اڳيان پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪيا. مسلمان اولهه طرف اسپين تائين ۽ اوڀر طرف سنڌوندي جي ٻئي ڪناري تائين ڌوڪيندا ويا ۽ حضرت پيغمبر ﷺ جن جي وصال کان هڪ سئو سال گذرڻ بعد انهن پاڻ کي هڪ ايڏي وڏي سلطنت جو مالڪ ڏنو، جا رومين جي انتهائي اوج تي پهتل حڪومت کان به وڌيڪ وسيع هئي.


    مذهبي اتحاد جو پيغمبر: نان ڪريمر

    مذهبي اتحاد جو پيغمبر: نان ڪريمر

    حضرت محمد ﷺ جن جي اها تمنا هئي ته هڪ نئين مذهب جو بنياد وڌو وڃي ۽ پاڻ انهي ۾ ڪامياب ٿيا. پر انهي سان گڏ نئين ۽ خاص قسم جو ملڪي نظام پڻ برپا ڪيائون. پهريائين سندن صرف اها خواهش هئي ته سندن هم وطن هڪ خدا يعني الله ۾ ايمان آڻين. پر انهي سان گڏو گڏ پاڻ پنهنجي ملڪ جي پراڻي حڪومتي نظام جو پڻ خاتمو آندائون . رسول الله ﷺ جن قبيلن جي اميراڻي راڄ جي جڳهه تي ( جنهن ۾ سرڪاري ڪاروبار بااختيار خاندان پاڻ ۾ ورهائي کڻندا هئا) هڪ خالص خدائي حڪومت کي قائم ڪيو ۽ پاڻ زمين تي خدا جي طرفان هڪ نائب جي حيثيت ۾ انهيءَ حڪومت جي قيادت فرمايائون. سندن وصال مبارڪ کان اڳ تقريباً سڄي عربستان سندن تابعداري قبول ڪئي. عربستان جو ملڪ جنهن هن کان اڳ ڪڏهن به ڪنهن هڪ بادشاهه جي اطاعت نه ڪئي هئي. هاڻي انهي هڪدم ملڪي اتحاد ظاهر ڪيو ۽ هڪ خودمختيار حاڪم کي هر طرح راضي رکڻ لاءِ انهن بيعت ڪئي. رسول الله جن جي ڪلام ڪيترن وڏن ننڍن خواهه سون قسمن جي مختلف قبيلن کي جي مسلسل پاڻ ۾ لڙايون ڪندا رهندا هئا، هڪ قوم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هڪ عام مهندار جي ماتحت هڪ عام مذهب جي خيال مختلف قبيلن کي هڪ اهڙي ملڪي نظام ۾ جوڙي ڇڏيو جنهن پنهنجون خاص خصوصيات حيرت انگيز تيزي سان ظاهر ڪيون. هن قسم جي نتيجي پئدا ڪرڻ جو باعث محض هڪ مکيه اصول يعني بت پرست عربستان ۾ هڪ قومي زندگي جو اصول ٿي سگهيو ٿي. اهڙي طرح پهرئين دفعي سان قبائلي سلسلو جيتوڻيڪ بلڪل ختم ٿي نه سگهيو ( جو ناممڪن هو ). تڏهن به ان پاڻ کي ”مذهبي اتحاد جي نظريي ماتحت“ ڪري ڇڏيو. هي هڪ زبردست ڪم هو، جو سرانجام ٿيو. رسول الله جي وصال بعد،عربستان جي هڪ وڏي حصي اندر اهو خدائي امن قائم ٿي ويو هو، جو ان کان اڳ عرب جي قبيلن، پنهنجي ڦرلٽ ۽ انتقام وٺڻ جي بي انتها چاهه ڪري انهيءَ قسم جو امن ڪڏهن به نه ڏٺو. اهو مذهب اسلام هو، جنهن انهن ۾ هن قسم جو امن ۽ صلح پئدا ڪيو.


    عقليت جو پيغمبر: پروفيسر ايڊورت مونت

    عقليت جو پيغمبر: پروفيسر ايڊورت مونت
    پئرس 1890

    اسلام لازمي طرح هڪ عقلي مذهب آهي، پوءِ کڻي هن کي ڪهڙي به معنى ۾ وٺجي، لغوي معنى ۾ يا تاريخي معنى. رئشنلزم يعني عقليت جي تعريف ته اهڙو اصول جنهن مطابق مذهبي عقيدن جو بنياد عقلي دليلن تي هجي، اسلام سان بلڪل پوري طرح لڳي ٿو . پيغمبر اسلام حضرت محمد ﷺ هڪ جوشيلو شخص هو ۽ منجهن ايمان جي حرارت ۽ ڪامل يقين جي شدت پڻ موجود هئي. پاڻ اهائي بي بها خوبي، پنهنجن بي شمار معتقدن ۾ منتقل ڪري ويا آهن. هي حقيقت آهي ته حضرت محمد ﷺ جن پنهنجي سڌاري ۽ واڌاري جو پروگرام هڪ وحي جي صورت ۾ پيش ڪيو. مگر وحي جو هي قسم ته رڳو بيان ڪرڻ جو نمونو آهي ۽ سندن مذهب، اهڙن مذهبي عقيدن جو هڪ مجموعو معلوم ٿئي ٿو، جن جو بنياد سراسر عقل تي مبني آهي . مسلمانن جي نزديڪ مذهب اسلام جو خلاصو، ٻن اصولن يعنى خدا تعالى جي وحدانيت ۽ پيغمبر خدا ﷺ جي رسالت ۾ سمايل آهي . هي ٻئي اصول قرآن شريف جي سڄي اعتقادي تعليم جو خلاصو آهن. قرآن شريف جي هي سادگي ۽ وضاحت يقيناً انهن زبردست قوتن مان آهي جن هميشه اسلام ۽ اسلام جي تبليغي جدوجهد جي فائدي ۾ ڪم ڪيو آهي. جيتوڻيڪ پيغمبر خدا ﷺ جي تعليم هر ڪنهن لحاظ کان شاندار ترقي ڪئي. تنهن هوندي به قرآن شريف جي اهائي ساڳي بنيادي حيثيت قائم آهي، جيڪا ان جي ابتدا ۾ هئي. خدا تعالى جي توحيد جو عقيدو، قرآ ن شريف ۾ هر جڳهه، اهڙي ته شان وشوڪت، جاءِ وجلال دائمي پاڪيزگي ۽ ڪامل يقين سان بيان ٿيل آهي، جو اسلام جي دائري کان ٻاهر ٻئي ڪنهن به مذهب ۾ اهو عقيدو اهڙي خوبي سان بيان ٿيل مشڪل سان ملندو . اسلام جي هن بنيادي عقيده توحيد تي مسلمانن جو ايمان لفظن جي جنهن ترتيب ۾ هن عقيدي کي پيش ڪيو ويو، تن جو بذات خود هن عقيدي تي والهانه يقين ته هي سڀيئِي ۽ ٻيا به ڪيترائي اهڙا سبب آهن، جي مسلمانن جي تبليغي جدوجهد جو راز سمجهائين ٿا. مطلب ته جيڪو مذهب اهڙي طرح بلڪل واضح ۽ صحيح هجي، جيڪو ديني مونجهارن ۽ پيچيدگين کان بلڪل پاڪ ۽ صاف هجي، ۽ انهي سبب ڪري اهڙو ته آسان هجي، جو معمولي ۾ معمولي سمجهه رکڻ وارو انسان به ان تائين پهچي سگهي ته اهڙي مذهب ۾ نه صرف اميد رکي سگهجي ٿي، پر ان ۾ يقيناً اهڙي ته هڪ عجيب و غريب قوت رکيل آهي، جو آخرڪار انسان جي ضمير يا ايمان تي وڃيو فتح حاصل ڪري.


    جڳ لاءِ رحمت: ڊاڪٽر ڊي رائيٽ

    جڳ لاءِ رحمت: ڊاڪٽر ڊي رائيٽ

    محمد ﷺ پنهنجي ذات ۽ قوم لاءِ نه پر سڄي جڳ لاءِ رحمت جو ڪڪر بڻجي آيو. تاريخ ۾ ڪنهن به اهڙي شخص جو مثال نٿو ملي . جنهن خدا جي حڪمن کي اهڙي طرح حسين ۽ سهڻي طريقي سان نڀايو هجي.


    بهترين مصلح: مسٽر وائل

    بهترين مصلح: مسٽر وائل

    حضرت محمد ﷺ وطن جا سڄڻ هئا. اها سندن ذات مبارڪ جي خاص خوبي آهي جو اهي عرب جيڪي هن ڪنڊ کان هن ڪنڊ تائين ٽڙيل پکڙيل ۽ ڇرو ڇڻ ٿيل هئا، تن کي متحد ۽ منظم ڪري، کين اهڙي مذهب سان ڳنڍي ڇڏيو، جنهن ۾ صرف الله تعالى جي عبادت ۽ ابدي نجات جي تعليم هئي.پاڻ عربن کي بت پرستي جي لعنت کان پاڪ ڪري، کين غلامي مان ڇوٽڪارو ڏياريو. وهم پرستي، قتل ۽ ڦرلٽ جن ماڻهن جي روزاني ڪرت هئي، انهن کي ابدي ۽ مڪمل شريعت سان بهرور ڪيو. کين هڪ اهڙو قانون عطا ڪيو، جيڪو هر دور ۾ هڪجيترو ۽ هڪجهڙو نافذ ۽ رائج ٿي سگهي ٿو. غلامن سان سخت ورتاءُ ڪرڻ جي منع ڪيائون. غريبن، يتيمن ۽ بي واهن جي دستگيري ڪيائون، ۽ زڪوات ۽ مال غنيمت ۾کين حصي دار بڻايو. قرآن شريف ظلم،ڏاڍ، جبر، تشدد، تڪبر، وڏائي ۽ هٿ ڦاڙ ٿيڻ، تهمت هڻڻ، جوا، شرابخوري ۽ اهڙي قسم جا ٻيا ڪم جيڪي انسانيت تي بدنما داغ آهن، تن جي پاڙ پٽڻ لاءِ سختي سان تاڪيد ڪئي. قرآن ڪريم الله تي ايمان آڻڻ ۽ ان جي ڏنل حڪمن تي هلڻ جي هدايت ڪري ٿو. حضور اڪرم ﷺ پنهنجن پوئلڳن لاءِ پنهنجي ذات هڪ مثال چڏي آهي. صنف نازڪ جي سلسلي ۾ ڪن ڪمزورين هوندي به سندن عصمت جو دامن بلڪل صاف ۽ بي داغ هو ۽ سندن گهر، پوشاڪ، کاڌ خوراڪ مان صاف سادگي ظاهر هئي. پاڻ ايڏا ته ملنسار هئا جو پنهنجن ساٿين سان گڏ هوندي به اهڙو نمونو اختيار نه ڪندا هئا جو پنهنجن ساٿين سان گڏ هوندي به اهڙو نمو نو اختيار نه ڪندا هئا جو حڪم ڏيندا هئا. جيڪو ڪم پاڻ ڪري سگهندا هئا اهو پنهنجي نوڪر کان ڪڏهن به نه ڪرايائون . ڪيترائي دفعا ڏٺو ويو ته پاڻ بازار مان سودو وٺن پيا. پنهنجن ڪپڙن کي پاڻ چتيون ڳنڍين پيا ۽ ٻڪري پنهنجن هٿن سان ڏُهن پيا. سندن گهر جو دروازو هر ڪنهن لاءِ ۽ هر وقت کليل رهيو. هر ڪو سواءِ ڪنهن روڪ ٽوڪ جي پاڻ سڳورن سان ملي سگهندو هو . پاڻ بيمارن کان پڇڻ ويندا هئا ۽ هر هڪ سان نرمائي واري هلت هلندا هئا. جيڪڏهن ڪو سياسي سبب نه هوندو هو ته پاڻ ڪڏهن به مصلحت کان منهن نه موڙيائون . سندن فياضي ۽ سخاوت جي حد ڪانه هئي. پاڻ سدائين امت جي ڀلائي ۽ آسودگي لاءِ ڪوشان رهيا. ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان وٽن سوکڙيون اچڻ لڳيون ۽ غنيمت جو مال به گهڻو ايندو هو، پر پنهنجي پويان تمام ٿوري رقم ڇڏيائون ۽ اها به پنهنجي پياري نياڻي حضرت فاطمه رضه لاءِ نه پر بيت المال جي ملڪيت قرار ڏني ويئي.


    غار ثور جو واقعو: سي ايف اينڊ ريوز

    غار ثور جو واقعو: سي ايف اينڊ ريوز

    هجرت کان ٿورو وقت اڳ جي ڳالهه آهي ته پيغمبر اسلام حضور اڪرم ﷺ بلڪل اڪيلا رهجي ويا هئا. حضرت عمر رضه، حضرت ابوبڪر رضه ۽ڪن سچن دوستن کي ڇڏي. ڏٺو وڃي ته سندن ذات مبارڪ خطري ۾ وڪوڙيل پئي نظر آئي ۽ جان غير محفوظ بڻجي ويئي. حقيقت ۾ قريش هر وک تي ڪامياب نظر اچڻ لڳا ۽ خطر ايڏو ته وڌي ويو جو هڪ هڪ ڏينهن ۽ هڪ هڪ گهڙي هن کي ظاهر ڪرڻ لڳي ته ڪٿي سندن حياتي ۽ ڪم ختم نه ٿي وڃي ۽ ائين پئي ڏسڻ ۾ آيو ته ڄڻ پاڻ کي موت جي منهن ۾ ڏيئي ڇڏيو هجين. پر ان سڀ ڪجهه هوندي پاڻ همت نه هارايائون ۽ دشمنن جي وچ ۾ رهندي به تبليغ کي جاري رکيون آيا، تانجو کين هجرت جو حڪم پهتو. پاڻ سڳورن ﷺ مديني جي ماڻهن کي جيڪي سندن دوست ۽ پوئلڳ هئا ثابت قدمي جا سنيها موڪليندا رهيا. سندن حڪم هو ته ” ڪوشش جاري رکو الله تعالى ۾ ڀرسو رکو . اسان به سندس آسري تي آهيون . اوهان مان به هر هڪ کي ان فضل جو انتظار ڪرڻ گهرجي . ان کان پوءِ اوهان کي خبر پوندي ته سچو ڪير آهي ؟ بس صبر ۽ همت کان ڪم وٺو، ڇو ته الله جو وعدو سچو آهي.“
    جيئن جيئن وقت گذرندو ويو مڪي ۾ مسلمانن جو شمار تيئن تيئن وڌڻ لڳو ۽ هڪ رات جو هڪ جڳهه تي 57 ماڻهن جي گڏجاڻي ٿي، جن ۾ جري عورتون هيون. انڌاري ۾ پاڻ ڳالهائي رهيا هئا ته آواز آيو ته محمد ﷺ پنهنجو هٿ وڌايو، سڀني گڏجي سندن هٿ مبارڪ تي بيعت ڪئي . جنهن کي ” بيعت عقبه “ چئجي ٿو جيڪا مڪي ۾ ٿي. قريش کي جڏهن هن ڳالهه جي سڌ پيئي ته هو ڏمريا ۽ مسلمانن تي سختيون ڪرڻ لڳا. ان وقت الله جو حڪم ٿيو ته مديني هليا وڃو . ڇو ته اتي الله جي مهرباني سان اوهان جا ڀائر وڌي رهيا آهن. اتي اوهان لاءِ گهر به آهن ته پناهه به آهي. مطلب ته ان کان پوءِ ٿورا ٿورا ٿي مسلمان اوڏانهن وڃڻ لڳا. اهڙي طرح اٽڪل سڀ مسلمان مديني پهچي ويا. سندن انگ 150 کان مٿي نه هو. انهن ۾ عورتون ۽ ٻار به هئا. منڍ ۾ ته قريش اهو ڏسي اچرج ۾ پئجي ويا ۽ کين ڪاوڙ اچڻ لڳي. هنن حضور ﷺ کي قتل ڪرڻ جي رٿ رٿي ۽ سندن گهر کي گهيري ۾ آ ندو. جنهن جو قرآن شريف ۾ هن طرح ذڪر آهي. ” ۽ ان وقت جو خيال ڪريو جڏهن ڪافرن اوهان جي لاءِ اها رٿ رٿي هئي ته اهي اوهان کي جهلن، قتل ڪن يا شهر نيڪالي ڏين. بي شڪ انهن سازش ڪئي ۽ الله تعالى تدبير ڪئي ۽ الله سڀني کان وڌيڪ تدبير ڪندڙ آهي.“ ان وقت حضرت علي رضه بستري تي ڳاڙهو ڪمبل پائي سمهي پيا ته جيئن اڳلا سمجهن ته پاڻ آرام۾ آهن . پاڻ سڳورا سڌو ابوبڪر رضه وٽ آيا جنهن کي ساڻ ڪري جبل ثور جي هڪ غار ۾ اچي پناهه ورتائون. قرآن مجيد ۾ ان واقعي جو ذڪر هن ريت اچي ٿو ته ” جڏهن اهي هڪ غار ۾ بي يارو مددگار موجود هئا ۽ جڏهن رسول اڪرم ﷺ پنهنجي دوست کي چيو ته گهٻراءِ نه ڇو ته بيشڪ الله تعالى اسان سان گڏ آهي. “ ۽ الله تعالى ان تي پنهنجي سلامتي نازل ڪئي ۽ اهڙي طرح فوج سان سندن مدد ڪئي جن کي اوهان ڏٺو ۽ ڪافرن جي ڳالهين کي ڪوڙو ثابت ڪيو . الله تعالى جو وعدو سچو آهي ۽ هو قادر ۽ حڪيم مطلق آهي.
    تاريخ اسلام ۾ هن واقعي کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه واقعو مشهور نه آهي ۽ هي ان شهرت جي لائق به آهي ڇو ته خطرو ايڏو ته وڌي ويو هو جو حضرت ابوبڪر صديق رضه جهڙو بهادر ۽ دلير ماڻهو به موت کي سامهون ڏسي ڊڄي ويو. ڏينهن جو جڏهن سج جا ڪرڻا غار ۾ پيا ته ان وقت ڏسڻ ۾ آيو ته غار جو مٿيون منهن کليل آهي ۽ سڀ ڪجهه نظريو پئي. اهو ڏسي حضرت ابوبڪر چوڻ لڳو ته ” ٿي سگهي ٿو ڪو قريش صرف جهاتي پائي ته اسان کي ڏسي سگهي ٿو ” ان تي پاڻ فرمايائون ته ” ابوبڪر هن ڳالهه جو خيال نه ڪر ته اسان به آهيون پر اسان جي وچ ۾ هڪ ٽيون خدا به آهي.“ اهڙي سخت موقعي تي سندن واتان نڪتل هي لفظ ان لائق آهن ته انهن کي دنيا جي مشهور عالمن جي چوڻين سان گڏ انهن کي به هٿيڪو ڪيو وڃي. هي الفاظ هن تاريخي موقعي جو خاص حصو آهن. واقعي کي عام طور هنن جملن تي ختم ڪيو ٿو وڃي ته ٽن ڏينهن تائين سخت ڳولا ڪئي ويئي، ٽن رات انڌاري آئي ۽ ڏکين حالتن کان پڇندا، پاڻ مديني پهتا.“ جتي خوشيون ڪيون ويون ۽ کلي دل سان آجيان ڪئي ويئي.
    مان مسلمان نه پر عيسائي آهيان، ۽ غار ثور جي هن واقعي جي تعريف ضرور ڪريان ٿو. خاص ڪري انهن لفظن جي ته ابوبڪر هن ڳالهه جو خيال نه ڪر، اسان به نه آهيون، پر ٽيون خدا به اسان جي وچ ۾ آهي.“ اهي لفظ حضور اڪرم ﷺ جي عظمت کي اوچو ڪن ٿا. ان لاءِ ضروري آهي ته ان دور جي حالتن تي نظر ڪريو. ماڻهو جهالت ۽ ڪفر ۾ غرق هئا. بي رحمي ۽ عيش وعشرت ۾ٻڏل هئا. سندن مذهب صرف بت پرستي هو. ڌيئرن کي مارڻ ڪو عيب نه سمجهندا هئا. زنا ايترو ته عام هو جو پيءُ جي مرڻ کان پوءِ پٽ انهن زالن مان جنهن کي پسند ڪندو هو ان سان شادي ڪندو هو. اتي بس نه هئي پر گناهن جي ڳالهه ڪرڻ سان لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. زبردست خطرن هوندي به حضور سائين جي استقامت جي ايمان ۾ ڪو فرق نه آيو. هن پنهنجن مريدن ۾ نئون روح ڦوڪيو حضورسائين جنهن ماحول ۾ گهريل هئا، اهو ڏسو ته سهي ! اتي روز نئين پرستش ٿيندي هئي. پاڻ سڳورن کي ان بت پرستي، وهم پرستي ۽ باطل خدائن جي پوڄا کان دلي نفرت هئي ۽ پاڻ کين ڌڪاريندا هئا. سندن يقين هڪ خدا تي ۽ ان جي فضل، ڪر، رحم ۽ بخشش تي هو. ٻين سان پيار ۽ محبت سان هلندا هئا. سچائي ۽ انصاف کان ڪم وٺندا هئا ۽ اهڙي طرح هڪ اڻ ڏٺل خدا جي ويجهو ٿيندا ويا. منجهن آخرت تي يقين ۽ گناهن کي ڊپ جو جذبو پئدا ٿي چڪو هو. هي سڀئي اچرچ ۾ وجهڻ واريون تبديليون منجهن ٿورڙي وقت ۾ پئدا ٿيون. جنهن جو سبب الله تي ايمان هو. جيڪڏهن حضرت محمد ﷺ هن زماني ۾ پنهنجو ڪم نه ڪري ها ته پوءِ سڀ اهم خوبيون به ان مان ائين ختم ٿي وڃن ها. جيئن جاڳڻ کان پوءِ خواب ختم ٿيو وڃي. پر هو هن ڪم مان ڪڏهن به نه ٿڪا. سندن الله تي مڪمل ايمان هو. اهو ئي سبب آهي جو سندن واتان نڪتو ته ” ابوبڪر هن ڳالهه جو خيال نه ڪر ته اسان ٻه آهيون نه اسان جي وچ ۾ هڪ ٽيون خدا به آهي. “ اهڙي ئي ڪٺن گهڙي ۾ جڏهن منهنجي اڳيان به اهي ساڳيا لفظ ورجايا ويندا آهن ته منهنجي دل به روحاني خوشي سان ڀرجي ويندي آهي. جڏهن به انهن لفظن کي جهونگاريندو آهيان ته دل روحاني جوش ۽ ولولي سان جهومڻ لڳندي آهي ۽ هي الفاظ وري وري منهنجي دل ۾ ايندا آهن ته ” ابوبڪر رضه خيال نه ڪر، ڪڏهن به نه ڪر ته اسان ٻه آهيون نه اسان جي وچ ۾ هڪ ٽيون به آهي . ” الله“


    سياسي مدبر: روسو

    سياسي مدبر: روسو

    اي محمد ﷺ ڪاش ! آءُ ان وقت زندهه هجان ها جڏهن اوهين انسانيت کي بلند درجي تي پهچائڻ لاءِ عرب جي لق و دق صحرا ۾ عظيم جدوجهد جو آغاز ڪري چڪا هئا. آءُ اوهان جا هٿ چمندو رهان. پاڻ وڏي مرتبي وارو سياسي مدبر هو . سندس قائم ڪيل نظام شاندار هو.“


    حضرت محمد ﷺ جو پيغام: ايڊيٽر لائف انٽرنيشنل نيويارڪ

    حضرت محمد ﷺ جو پيغام: ايڊيٽر لائف انٽرنيشنل نيويارڪ

    حضرت محمد ﷺ جي ڄمڻ وقت مڪو معظم شام ۽ هندستان جي وچ تي گرم مصالحن جي پراڻي تجارتي رستي تي هڪ خوشحال مرڪز هو. جتي بت پرست عرب شهر جي عبادتگاهن ۾ بتن جي پوڄا لاءِ ايندا هئا. هڪ مستطيل عمارت ڪعبي جي سڀ کان وڌيڪ عزت ڪئي ويندي هئي. جنهن ۾ ڪيترائي ڀت رکيل هئا ۽ ان جي هڪ ڪنڊ ۾ حجر اسود به رکيل هو.
    پاڻ سڳورن مڪي جي هڪ اعلى گهراڻي جي مان واري گهر ۾ پئدا ٿيا. جواني ۾ ئي کين ان وقت جي مروج رسمن کي سمجهڻ جو موقعو مليو. ڇو ته قريش ڪعبي جا سنڀاليندڙ هئا. منڍ کان پاڻ بت پرستي کي ڌڪاريندا هئا. ان ڪري يهودين ۽ عيسائين جي ” توحيد واري نظرئي “ کي هٿي ملي. پاڻ حساس هئڻ سان گڏ سوچ ۽ فڪر ڪرڻ جي به عادت رکندا هئا. ڪيترن ئي ڏينهن تائين مڪي جي ويجهڙين ٽڪرين ۾ وڃِي رهندا هئا. هڪ رات جو وٽن مقرب فرشتو حضرت جبرائيل وٽن آيو ۽ کيس چيائين ته ” اقرا“ ان شروعاتي وحي ۾ کين قرآن شريف جي اولين آيتن کي ادا ڪيو ويو. تڏهن کين پڪ ٿي ويئي ته پاڻ الله جا رسول آهن جيڪو هڪ ۽ سچو خدا آهي . اٽڪل 23 سالن تائين مٿن وحي ايندي رهي. پاڻ سڳورن جڏهن بت جي مذمت شروع ڪئي جڏهن مڪي جا اهي تاجر جن کي بت پرست زائرين مان بي پناهه آمدني ٿيندي هئي. سي سندس دشمن بنجي پيا ۽ کين قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ لڳا. آخرڪار پاڻ مڪي کي ڇڏي مديني هليا آيا، جتي پاڻ ستت ئي هڪ ڪامياب روحاني پيشوا ۽ حاڪم جي حيثيت ۾ سامهون آيا. مڪي وارن هتي به کين نه ڇڏيو، ۽ ساڻن جنگيون جوٽيون ۽ هي سلسلو ان وقت ختم ٿيو. جڏهن پاڻ مڪي ۾ فاتحانه انداز ۾ داخل ٿي ڪعبي ۾ رکيل سڀني بتن کي ڀڃي ڀوري ناس ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ عرب۾ پيغمبر ۽ حڪمران جي حيثيت سان پنهنجي عزت ۽ وقار کي ايڏو ته مضبوط ڪيو جو سندس وفات به دين جي ترقي ۽ ڦهلاءُ ۾ حائل نه ٿي سگهي . حضورﷺ جي وفات کان پوءِ هڪ ڪاتب قرآن شريف کي مستند ڪتاب جي صورت ۾ مرتب ڪيو جنهن کي صحابه جي هڪ ڪاميٽي ديني صحيفو تسليم ڪيو،جيڪو اڄ تائين محفوظ آهي. ان جي تعليم ۽ ڪلام کي هر مسلمان ڪلام الاهي جي حيثيت ۾ تسليم ڪري ٿو ۽ ان جي بنياد تي ئي اسلامي شريعت ۽ اسلام جو قانون بڻايو ويو آهي. ان جا بنيادي عقيدا توحيد خالص ۽ آخرت آهن. عربن وٽ هونئن ئي معبود اعلى جا قائل هئا، پر الله کي هڪ ۽ ” وحده لاشريڪ “ جي حيثيت ۾ پيش ڪيو. آخرت جو عقيدو خدا جي هيڪڙائي جي اصول ۾ شامل آهي جيڪو خالق به آهي ته منصف به آهي، جنت جي آسائيشن ۽ دوزخ جي تڪليفن جي باري ۾ قرآن شريف جو بيان انجيل جي ڀيٽ ۾ چٽو ۽ صاف آهي. جنت ۾ باغ، ڦهارا، شراب جون نهرون ۽ حسين عورتون حورون آهن، جن جون وڏيون وڏيون چمڪندڙ ڪاريون اکيون آهن، دوزخ ۾ باهه جاکُرا، تيز ۽ تند هوائون ۽ ٽچڪندڙ گرم پاڻي آهي، پاڻ سڳورن، مذهبي احڪامن ۽ فرضن جي ادائگي جو حڪم ڏنو جن کي اسلام جا پنج رڪن چئجن ٿا. ( 1 ) الله کي هڪ ڪري مڃڻ ۽ ان تي ايمان آڻڻ جيئن ڪلمه طيب ۾ آهي. (2) روزانو پنج دفعا ۽ جمعي تي نماز پڙهڻ ۽ ان وقت اهو ماڻهو دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ هجي، منهن ڪعبي طرف ڪجي. ( 3 ) پرهيزگاري جي بناءَ تي خدا جي راهه ۾ زڪوات ڏيڻ ( 4 ) رمضان شريف ۾ روزا رکڻ ( 5 ) خانئه ڪعبه جي زيارت يعنى حج ڪرڻ . انهن پنجن عبادتن کان سواءِ قرآن شريف هڪ عظيم الشان اخلاقي ۽ شرعي دستور العمل به پيش ڪري ٿو. قرآن ڪريم مسلمانن کي سوئر جو گوشت کائڻ، جوئا کيڏڻ ۽ وياج جي ڪاروبار کان روڪي ٿو. انهن ۾ نڪاح ۽ طلاق جا بنيادي قانون ۽ مختلف ڏوهن لاءِ سزائون به تجويز به ٿيل آهن. مجسمه سازي کان منع ڪئي ويئي آهي، ان ڪري ڪٿي به اڄ تائين حضور جن جو مجسمو ۽ تصوير نه ٿي ملي. اسلام جي حڪمن ۾ هي به آهي ته هر شاهوڪار مسلمان کي زندگي ۾ هڪ ڀيرو ضرور حج ڪرڻ گهرجي. هن حڪم هڪ متحد قوت جو ڪم ڪيو آهي. دنيا جي هر حصي مان زائرين مڪي جي پاڪيزه شهر ڏانهن هڪ ڪٽنب جي فرد جي حيثيت ۾ اچن ٿا. جيڪي بنا سبيل ڪپڙا احرام ٻڌي ايندا آهن. انهن جي هن برادرانه جذبي جي ڪري نسلي ۽ طبقاتي نفرت ختم ٿي وڃي ٿي.


    پاڻ سڳورن جي سچائي جا دليل: جان ڊيون پورٽ

    پاڻ سڳورن جي سچائي جا دليل: جان ڊيون پورٽ

    ڪن ليکڪن، تعصب ۽ حسد وچان توحيد پرستي جي محافظ جي نيڪ نامي تي جيڪو چٽو لاٿو آهي، ان مان صاف ظاهر آهي ته، خود انهن ۾ شرافت، انسانيت، علم ۽ تحقيق جو جذبو موجود نه آهي، پر انهن انصاف پسندي کان به ڪم نه ورتو آهي . محمد ﷺ جي سچائي جو کليل ثبوت هي آهي ته سڀ کان اول جن ماڻهن پاڻ سڳورن تي ايمان آندو، اهي سندن پيارا دوست ۽ ويجها مٽ مائٽ هئا، جيڪي پاڻ سڳورن جي عادتن ۽ اٿڻي وهڻي کان چڱي ريت واقف هئا ۽ باوجود ڪوشش جي به انهن پاڻ سڳورن ۾ اهڙي ڪوتائي نه ڏٺي جيڪا کين نعوذ بالله ڪوڙي ۽ ٺڳ ماڻهو ۾ نظر اچي. مان مڃان ٿو ته اهڙي ماڻهو ۾ اهو شڪ ڪرڻ، جنهن ماڻهن کي توحيد جي تعليم ڏيئي حق جي راهه ڏيکاري، جيڪو صدين کان بت پرستي جي ڪني عادت ۾ مبتلا رهيو هجي. جنهن ٻارڙين جي قتل واري رسم کي ختم ڪيو هجي. شرابخوري ۽ جوئاخوري کان دنيا کي ڇوٽڪارو ڏياريو هجي ۽ جنهن شادي جا پاڪ صاف، سماجي قاعدا ۽ ضابطا بنايا هجن. ڇا اهڙي ذات جيڪا ان سڌاري لاءِ خود نمونو رهي هجي. اها مڪار ۽ ڌوڪي باز ٿي سگهي ٿي ته ڪڏهن به نه . محمد ﷺ ۾ سواءِ سچائي ۽ حقانيت جي تعليم جي جذبي جي ٻيو ڪجهه به نه هو.
    حضور اڪرم ﷺ جي سچائي جو سڀ کان وڏو دليل هي آهي ته سڀ کان پهرين مٿن انهن ماڻهن ايمان آندو، جيڪا سندس گهرا دوست هئا ۽ اها نيڪ سيرت عورت جيڪا سندس خانگي زندگي ۾ سڀ کان ويجهي هئي. واقفڪار ۽ رازدارڻ هئي، ان کين سڀ کان اول سچو رسول مڃيو، جيڪڏهن سندن زندگي ۾ زري برابر به ڪوتاهي هجي ها ته جيڪي کين ايترا ويجها هئا، اهي ضرور ڄاڻ رکندڙ هجن ها، ۽ ڪڏهن به کين بني ڪري نه مڃين ها. اهڙن ماڻهن جي اسلام قبول ڪر ڻ مان اهو ثبوت ملي ٿو ته اندر ۽ ٻاهر سندن زندگي ۾ ڏيکاءُ نه هو، پر سموري زندگي کي آئيني وانگر صاف ۽ روشن هئي.
    جيڪڏهن اسان ان تي ٿورو ويچار ڪريون ته محمد ﷺ کان اڳ عرب ڇا هئا ۽ پوءِ ڇا ٿي ويا ۽ ان حقيقت کي به سامهون رکون ته جيڪو جوش، جذبو ۽ ولولو سندن تعليم پئدا ڪيو. اهو ڪروڙها دلين ۾ اڄ به موجود آهي، پوءِ اهڙي عظيم انسان جي تعريف نه ڪرڻ ظلم نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟
    هن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سڀني فاتحن ۽ قانوندانن ۾ اهڙو هڪ به نه آهي جنهن جي سنواح حيات حضرت محمد ﷺ جي سوانح عمري کان وڌيڪ سچي، مفصل ۽ معتبر هجي. بيشڪ پاڻ هڪ عظيم مصلح ۽ قانون ساز هئا. کين ايشيا جو سڀ کان عظي م انسان ۽ دنيا جو عظيم ترين فرد سمجهڻ گهرجي. حضرت محمد ﷺ جو دين جنهن جي ذريعي اڳواڻي رسم، انساني قرباني جي عيوض نماز، روزا ۽ خيرات جو حڪم جاري ٿيو ۽ دائمي دشمنين ۽ جهيڙن، جڳهڙن جي بدران فياضي ۽ حسن معاشرت جو روح انسان ۾ ڦوڪجي ويو. اهو اوڀر دنيا ۾ خير ۽ برڪت جو ذريعو ثابت ٿيو.
    مسٽر ڊيلز
    ” حضرت محمد ﷺ حاذق حڪيم، اعلى قانوندان ۽ عظيم الشان جنرل هو، جنهن ٿوري وقت ۾ دنيا جي تاريخ کي بدلائي ڇڏيو.


    پاڻ سڳورن جي سادگي: اسٽينلي لين پول

    پاڻ سڳورن جي سادگي: اسٽينلي لين پول

    حضور اڪرم ﷺ نهايت جوشيلا ماڻهو هئا، پر سندن اهو جوش نهايت شريفانه هو ۽ هڪ مقصد لاءِ پڻ سندن ذات مبارڪ انهن چند ماڻهن مان هڪ آهي جن هڪ الشان پيغام عام ماڻهن ۾ ڦهلائڻ لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. پاڻ الله تعالى جا پيغمبر هئا. نهايت بااخلاق ۽ رحمدل بزرگ هئا. سندن بي ريا، خداپرستي ۽ عظيم فياضي ساراهڻ لائق آهي. پاڻ ايتريقدر رحمدل هئا جو بيمارن کان سندن گهر پڇڻ ويندا هئا. غلامن جي دعوت قبول ڪندا هئا . ٻڪريون پاڻ ڏهندا هئا. پنهنجو سارو ڪم پنهنجن هٿن سان پاڻ ڪندا هئا‏. جڏهن پنهنجي اقتدار جي اوج تي رسيا، تڏهن سندن کائڻ پيئڻ ۽ گهر جو فرنيچر پراڻي نموني جو هو. پاڻ پنهنجن گهر وارن سان گڏ، هڪ سادي ڪکائين گهرن جي قطار ۾ رهندا هئا جيڪي کجي جي پوٽن وسيلي ڌار ٿيل هئا ۽ مٽي ۾ پوريل هئا . سندن گهرجي ٻاهران هڪ بئچ يا گئلري هوندي هئي، جتي ڪيترائي غريب ماڻهو ويٺل نظر ايندا هئا. جن سڀني کي نبي جي سخاوت جو آسرو هو ۽ پاڻ انهن کي دل گهريو دان ڏيندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو اهڙن صحابن کي ” اصحاب بينچ “ چوندا هئا. سندن رواجي کاڌو، ڪتل، پاڻي ۽ جون جي ماني هوندي هئي. کير ۽ ماکي کائڻ جا شوقين هئا، پر اهو به ڪڏهن ڪڏهن اڪيلا نه کائيندا هئا، پر ان ۾ ٻيا به ڀائيوار هوندا هئس، عرب جي بادشاهه بڻجڻ کان پوءِ پاڻ صحرائي ماحول کي سازگار سمجهيو ۽ انکي پسند ڪيو.
    مٿن عيش پسندي ۽ ظلم و تشدد جا جيڪي الزام هنيا وڃن ٿا. اسان جي تحقيق مطابق بي بنياد آهن.


    رحمدل پيغمبر: موسيو بار ٿيلمي

    رحمدل پيغمبر: موسيو بار ٿيلمي

    ” پاڻ حد درجي جا رحمدل ۽ اعلى اخلاق جا پيغمبر هئا.“


    مصلح اعظم: ڪائونٽ ٽالسٽائي

    مصلح اعظم: ڪائونٽ ٽالسٽائي

    حضور اڪرم ﷺ جو طرزعمل، انساني اخلاق جو حيرت انگيز ڪارنامو آهي. اسان کي مڃڻو پوندو ته سندن تبليغ ۽ تلقين جو بنياد خاص سچائي ۽ ايمانداري تي هو. پاڻ اولو العزم ۽ اعلى مصلح هئا. پاڻ ڀٽڪيل انسانن کي بت پرستي کان روڪيو . هڪ الله تعالى جي عبادت ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اخوت، همدردي ۽ مساوات جا سبق ڏيئي، کين انسان بڻايو. مار ڌاڙ ۽ ڦرلٽ ڪرڻ کان روڪيو.
    پاڻ سڳورن دنيا ۾ مصلح اعظم بڻجي آيا منجهن هڪ اهڙي روحاني طاقت هئي، جيڪا انساني قوت کان وڌيڪ زوردار ۽ اعلى هئي جيڪا هن وحشي انسانن کي حق جي هدايت ڪئي ۽ انهن لاءِ ترقي جا هر طرف رستا کولي ڇڏيا.


    عظيم انقلاب: ڪار لائل

    مسلمانن وٽ هڪ اهڙي قيمتي شئي موجود آهي، جيڪا ٻيءَ ڪنهن قوم وٽ نه آهي ۽ اها آهي حضرت محمد ﷺ جي ذات اقداس جنهن جي بي پناهه عزم، ولولو انگيز قيادت، حيات آفرين پيغام ۽ دنيا ۾ سڀ کان اعلى عمل هڪ وحشي ۽ جاهل قوم کي دنيا جو سردار بڻائي ڇڏيو . حضور اڪرم ﷺ سواءِ ڪنهن شڪ جي سڀني پيغمبرن ۾ اعلى حيثيت رکن ٿا. مان خود سندن شخصيت، صداقت ۽ سچائي جو قائل آهيان.
    ماڻهن مذهبي جوش ۽ جنون وچان ان جي باري ۾ جيڪي ڳالهيون هلايون آهن، اسان سڀني لاءِ اهي شرمناڪ آهن. اڄ خدا جي مخلوق جو گهڻو حصو حضوراڪرم ﷺ جي تعليم تي عمل پيرا آهي. اها مخلوق دنيا ۾ ڪنهن به ٻيءَ شئي کي اهڙي طرح نه ٿي مڃي. جهڙي طرح اسلام جي احڪام تي يقين رکي ٿي . ڇا اسان اهو مڃي سگهون ٿا ته هي سڀ ڪجهه هڪ قسم جو مذهبي فريب آهي. جنهن کي خدا جي ڪروڙين ٻانهن جن مان هڪ ڪي جيئرا آهن. قبول ڪيو آهي . مان ته گهٽ ۾ گهٽ اهڙي قسم جو خيال به دل ۾ نه ٿو آڻي سگهان.
    حضرت محمد ﷺ صاف دل ۽ پاڪ روح جو مالڪ آهي. سندس نظر ۾ ڪشادگي هئي. هو جوشيلو، باهمت، مدبر ۽ مفڪر انسان هو ۽ سدائين غور ۽ فڪر ۾ گذاريندو هو. جيڪو به خيال ڪندو هو. يا ڳالهائيندو هو ان ۾ سچ هوندو هو ۽ اهڙي طرح هو هر ڳالهه جي وضاحت ڪري سگهندو هو. ۽ جڏهن به الاهي حڪم جو اعلان ڪندو هو. تڏهن ان ۾ به اها قدرتي طاقت هوندي هئي جا سج چنڊ يا ٻين قدرتي طاقتن ۾ هوندي آهي ۽ جنهن کي سواءِ الله تعالى جي ٻيو ڪو به خاموش ڪرائي نٿو سگهيو. خدا تعالى ان کان اڳ به ڪيترائي الهام موڪليا، مگر ان محمد ﷺ کي سڀني مان آخري بني ۽ سڀني کان بلڪل نرالو ڪري موڪليو. خدا تعالي جي موڪليل الهام جي ذريعي ئي، ضرورت نه هوندي هئي. اتي ماٺ ۾ رهندا هئا. هو هڪ نوراني تجلو هئا، جن کي منڍ ۾ ڪونه سڃاتو ويو. پر پوءِ پاڻ دهلي کان غرناطه تائين ساري دنيا کي اونداهه مان ڪڍي سوجهري ۾ آندو. هو دنيوي حرص ۽ هوس کان پاڪ هئا. وڏا پرجوش مصلح هئا. سندس خيال متبرڪ ۽ اخلاق اعلى ترين هوندا هئا. پاڻ پنهنجي تبليغ پنهنجي اڻ ٿڪ ڪوشش سان پنهنجي حياتي جي آخري دم تائين جاري رکي جنهن ۾ پاڻ ڪامياب انسان ذات جو فرض آهي ته اهي سندن حڪميانه ارشادن مان فائدو وٺي.


    سچا نبي ﷺ: ٿامس ڪار لائل

    سچا نبي ﷺ: ٿامس ڪار لائل

    پاڻ سڳورن وحي الاهي اچڻ کان پوءِ ماڻهن کي سنئين واٽ ٻڌائڻ جو ڪم شروع ڪيو، ۽ اهو پيغام گهر گهر پهچايائين. سندن تعليم تي ماڻهو وائڙا ٿي ويا. نفرت به ڪيائون ته وري ان کي ڌڪاريائون به، جيئن ڪنهن سٺي هلچل کي هلائڻ وقت منڍ ۾ اڪثر ڪري ائين ٿيندو به آهي . سلجهيل سندن مريد ٿيا، پر ٿلهي دماغ وارن سندن ڳالهه کي ٻڌي پٺي پويان اڇلائي ڇڏيو ۽ چيائون ته سندن ڳالهيون اسان جن ابن ڏاڏن جي عقيدن جي خلاف آهن. سندن طبيعت ماٺيڻي هئي. پاڻ ڪنهن به قسم جي عيش ۽ آرام کي پسند نه ڪندا هئا. سندن گهرو سامان تمام مختصر هوندو هو. سندن کاڌ خوارڪ جون جي ماني هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته سندن گهر ۾ باهه نه ٻرندي هوندي. تاريخ اسلام ۾ هي هڪ وڏي فخر جي ڳالهه آهي ته پاڻ پنهنجي جتي جي مرمت ڪندا هئا. پنهنجن ڪپڙن ۾ چتيون به پاڻ هڻندا هئا. پاڻ پنهنجي زندگي، محنت ۽ جفاڪشي سان گذاريائون. دنيا ۾ ڪنهن به ماڻهو ڪنهن به تاجپوش شهنشاهه جي حڪم کي ايڏي سچي دل سان اکين تي نه رکيو جيڏو چتين لڳل حضوراڪرمﷺ جي حڪمن کي مڃتا ملي.
    پاڻ مشرق ۾ ڄاوا ۽ هرهڪ تائين پنهنجي مذهب کي پهچايو ۽ بت پرستي کي ايشيا، آفريڪا ۽ مصر جي ڪيترن ئي حصن مان ختم ڪري ڇڏيو ۽ انهن ملڪن ۾ اڄ به هڪ الله جي بندگي ڪئي پئي وڃي. لکين ماڻهو هن عربي نبي سان دلي محبت ۽ عقيدت رکن ٿا. اسان مڃون ٿا ته پاڻ الله جا سچا نبي آهن. اڄ به سندن صداقت ۽ سچائي جو جهنڊو اوچو آهي.


    دستورالعمل: هائنگر

    دستورالعمل: هائنگر

    پاڻ سڳورن جي اقوال مبارڪ کان وڌ ٻيو ڪوبه اهڙو دستورالعمل ڪونهي، جنهن تي انسان عمل ڪري دنيا کي سنواري سگهي. “


    دنيا جو محسن اعظم ﷺ: جارج برناڊشا

    دنيا جو محسن اعظم ﷺ: جارج برناڊشا

    وچين دور جي عيسائي راهين ۽ سندن مشنرين جهالت ۽ تعصب وچان اسلام جو خوفناڪ نقشو چٽيو آهي نه صرف ايترو پر انهن حضورﷺ ۽ سندن مذهب خلاف هڪ باضابطه تحريڪ هلائي، مون اسلام ۽ رسول خدا جي زندگي جو خبرداري سان مطالعو ڪيو آهي ۽ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته حضوراڪرم ﷺ سچ پچ وڏا ماهر هئا. هو انسان ذات جا محسن ۽ ڇوٽڪارو ڏياريندڙ هئا. جا ان وقت درد ۽ عذاب ۾ مبتلا هئي. ايندڙ سئو سالن ۾ اسان جي دنيا جو مذهب اسلام هوندو پر اهو هن زماني ۾ دلين، دماغن ۽ روحن ۾ موجود هو.
    ٻي مهاڀاري جنگ لڳڻ وقت جڏهن ساري دنيا جنگ جي شغلن ۾ وڪوڙجي ويئي، ان وقت برناڊشا حضوراڪرم ﷺ بابت هڪ بيان ۾ چيو هو ته ” ڪاش اڄ محمد ﷺ جيئرو هجي ها ته اسان جي وچ ۾ صلح ڪرائي، دنيا کي جنگ جي تباهه ڪارين کان بچائي وٺي ها. “ برناڊشا لکي ٿو ته ” عورتن ۽ ٻارڙن جي حيثيت توڙي جانورن سان رحمدلي ڏيکارڻ وارن معاملن ۾ حضورﷺ جي تعليم مغربي عيسائي خواهه جديد فڪر کان گهڻي مٿي ۽ آڳاٽي آهي. منهنجو يقين آهي ته جيڪڏهن هن دور ۾ حڪومت جو نظام محمد ﷺ جهڙي ڪامل رهبر جي هٿ ۾ ڏجي ته جيڪر موجوده بين الاقوامي مسئلا به حل ٿي وڃن ۽ عالمگير امن به قائم ٿي وڃي.


    محمدي قانون: ايڍمنڊيرڪ

    محمدي قانون: ايڍمنڊيرڪ

    ” حضرت محمد ﷺ جو قانون جيترو بادشاهن ۽ اميرن لاءِ مفيد آهي، تيترو ئي غريب ۽ بي سهارن انسانن لاءِ فائديمند آهي. انهن قانونن کي نهايت سنجيدگي سان فڪري انداز، عالمانه رنگ ۽ عميل سهولتن جي خوبين سان ساري دنيا جي سامهون پيش ڪيو ويو آهي.“


    عظيم مفڪر: ڪيمر ٽين

    عظيم مفڪر: ڪيمر ٽين

    اسلام جي پيروڪارن صرف هڪ صدي ۾ ايران، عراق، شام، مصر، فلسطين، مراڪش، اسپين ۽ سنڌ کي فتح ڪيو. جيڪڏهن نصب العين جي بلندي ۽ نتيجي جي سوڀيا، قيادت جو معيار بڻجي سگهي ٿو ته پوءِ حضوراڪرم ﷺ جي مقابلي ۾ ٻئي ڪنهن به رهنما جو نالو کڻي نٿو سگهجي. پاڻ عظيم مفڪر، بلند پايه خطيب ۽ بي مثال قانون ساز هئا. پاڻ شهرن ۽ قلعن کي فتح ڪرڻ سان گڏ هزارين دلين کي به پاڻ ڏانهن مائل ڪيائون ۽ اٽڪل ويهن سالن ۾ آسماني بادشاهت قائم ڪيائون.
    آ ڻيو انهن سڀني پئمانن ۽ معيارن کي جن سان انساني عظمت کي ماپيو ويندو آهي ۽ پوءِ هن سوال جو جواب ڏيو ته ” حضور اڪرم کان به وڌيڪ به ڪو ٻيو انسان ٿي سگهي ٿو.؟


    قوم جا محسن: نڪولس

    قوم جا محسن: نڪولس

    حضرت محمد رسول اڪرم ﷺ گهڻي وقت اڪيلي سر سخت ترين دشمنن جي سامهون اڏول ٿي صداقت ۽ سچائي جي هدايت ڪندا رهيا. پاڻ سڀني خطرن جو مقابلو جوانمردي ۽ بهادري سان ڪيائون ۽ پنهنجن دشمنن کي کلي طرح چيائون ته ” اوهان جيڪي ڪجهه ڪرڻو آهي ڪريو پاڻ سڳورن جي زندگي جو هي شاندار واقعو اهڙو عجيب منظر پيش ڪري ٿو، جو اسان ان کي ڏسي ساڻن عقيدت ڪرڻ تي مجبور ٿي ٿا وڃون. صرف ويهن سالن ۾ پاڻ هر قسم جي ترقي جي راهه هموار ڪري ڇڏي ۽ اها ساڳي واٽ پوءِ عربن جي سياسي ترقي لاءِ شاهراهه ثابت ٿي.
    دنيا ۾ جيڪي به انسان پئدا ٿيا آهن، تن ۾ پاڻ سڳورن پنهنجي قوم جي قسمت بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي . مان يقين سان چوان ٿو ته پاڻ نه ڪوڙا هئا، نه رياڪار. پر اهو نهايت بي ريا، نهايت سچا ۽ پرجوش سڌارڪ هئا، ان تي سچو وحي ايندو هو، جهڙو حضرت عيسى تي ايندو هو.


    سٻاجهو نبي ﷺ: ليفٽيننٽ ڪرنل سائلس

    سٻاجهو نبي ﷺ: ليفٽيننٽ ڪرنل سائلس

    پاڻ سڳورن جي نظرين ۽ حياتي تي نظر ڪرڻ کان پوءِ ڪوبه انصاف پسند ماڻهو سندس اوللعزمي، اخلاقي جرئت، نيڪ تمنا، سادي ۽ سٻاجهي طبيعت جو منڪر ٿي نٿو سگهي ۽ وري انهن صفتن سان گڏوگڏ ارادي جي مضبوطي،حق پسندي، انصاف ۽ معامله فهمي جي قابليت کي به وساري نه ٿو سگهجي . هي هڪ کليل حقيقت به آهي ته پاڻ پنهنجي سادگي، مهرباني، رحمدلي ۽ اعلى اخلاق جو دامن، هر مهل ۽ هر موقعي تي هٿان نه ڇڏيو آهي . پاڻ منڍ کان آخر تائين، خود کي هڪ معمولي پيغمبر سڏائيندا رهيا. حالانڪ پاڻ ان کان به وڌيڪ دعوى ڪري اعلى مقام حاصل ڪري پئي سگهيا.


    منتظم اعلى ﷺ: پروفيسر باسورٿ اسمٿ

    منتظم اعلى ﷺ: پروفيسر باسورٿ اسمٿ

    سڀني مذهبن جي شروعاتي ڳالهين بابت اسان کي گهٽ معلومات ملي آهي. زرتشت ۽ ڪنفيوشس جي باري اسان سولن ۽ سقراط کان به گهٽ ڄاڻو ٿا. حضرت موسى ۽ گوتم ٻڌ بابت اسان ايمروز ۽ آگسٽن کان به گ هٽ ڄاڻون ٿا. حضرت عيسى جي زندگي بابت اسان کي پوري خبر نه آهي. اسان کي سندس خانگي زندگي، وحي جو اچڻ ۽ رسالت جي مختلف مرحلن بابت ڪجهه به معلوم نه آهي . پر اسلام ۾ائين نه آهي هت سڀ ڳالهيون کليل ۽ واضع آهن.
    حضرت محمد ﷺ جي حالتن تي جڏهن نظر ڪريان ٿو سندس غير محمود، عزت ۽ محنت کي سامهون رکان ٿو ۽ عيسائي پادرين سان سندس مقابلي وارو واقعو جڏهن سامهون اچي ٿو ته مان سمجهان ٿو ته ڇا سڀڪجهه پاڻ ڪيائون. پر معجزو نه ڏيکاريائون. هو جيڪو به چوندا هئا، اهو ڪري ڏيکاريندا هئا ۽ جيڪو منڍ ۾ اعلان ڪيائون پڇاڙي تائين ان تي قائم رهيا. مونکي پڪ آهي ته فلسفي ۽ عيسائيت کي هڪ نه هڪ ڏينهن حضرت محمد ﷺ جي رسالت کي مڃڻو پوندو.
    پاڻ سڳورا جيئن ته هڪ مذهب جا اڳواڻ هئا، اهڙي طرح هڪ وڏي حڪومت جا منظم به هئا. هو قيصر جا حاڪم ۽ پوپ جيڏو مقام رکندڙ هئا. پر نه وٽن قلعا ۽ محلات هئا ۽ نه وري باڊي گارڊ هئا. الله تعالى کين ٽن طاقتن، قوميت، حڪومت ۽ مذهب جو باني بنايو. آخري گهڙي تائين پاڻ ﷺ هڪ ئي شئي توحيد الاهي جي دعوت ڏيندا رهيا. هي ئي اهو فلسفو آهي. جنهن جي اڳيان مونکي پڪ آهي ته هڪ ڏينهن ساري عيسائيت کي سر جهڪائڻو پوندو ۽ کين خدا جو سچو رسول مڃڻو پوندو.
    سواءِ ڪنهن شڪ جي مڃڻو پوندو ته حضرت محمد ﷺ خدا جا رسول هئا. جيڪڏهن ڪو پڇي کڻي ته آفريڪا ڇا پر ساري دنيا کي مسيحي مذهب فائدو پهچايو يا اسلام ته جواب ۾اسلام ئي چوڻو پوندو. اگر محمد ﷺ کي هجرت کان پهرين خدانخواسته شهيد ڪري وجهن ها ته اولهه ۽ اوڀر ٻيئي بيڪار ٿي وڃن ها. جيڪڏهن پاڻ نه اچن ها ته دنيا ۾ ظلم وڌي ان کي تباهه ڪري ڇڏي ها. جيڪڏهن پاڻ نه اچن ها ته يورپ ٻه دفعا اونداهي ۾ ٻڏي وڃي ها. مان جڏهن سندن جملي صفات ۽ ڪارنامن تي نظر وجهان ٿو ته پاڻ ڇا هئا ۽ ڇا مان ڇا بڻجي ويا ۽ پنهنجن پوئلڳن، غلامن ۾ جيڪو زندگي جو روح ڦوڪيائون تن ڇا ڇا ڪارناما ڪري ڏيکاريا. تڏهن پاڻ مونکي سڀ کان وڌيڪ برتر نظر اچن ٿا. جنهن جو ڪو مثالئ ي نٿو ملي.
    سندن خاص توجه جو مرڪز نه رڳو غلام هئا پر يتيم به جيئن ته پاڻ يتيم رهي چڪا هئا. ان ڪري چاهيندا هئا ته جهڙو سهڻو سلوڪ خدا ساڻن ڪيو آهي، سو ٻين سان به ڪري پاڻ سڳورن جو خلوص پڪو عزم ۽ ارادي جي پختگي هڪ اهڙو واقعو آهي. جنهن کان ڪوبه انڪار ڪري نٿو سگهي. پاڻ ڏاڍا سٺا انسان هئا، هن ۾ ذري جيترو شڪ نه آهي.


    محمد ﷺ جي شخصيت: سر وليم ميور

    محمد ﷺ جي شخصيت: سر وليم ميور

    پيغمبر اسلام جي جواني واري اٿڻي ويهڻي ۽ هلت چلت، پاڪ صاف هئي. پاڻ فطرتاً پاڪيزه دل، لطيف ذوق، صادق، اڪيلائي پسند ۽ فڪر ڪندڙ طبيعت جا مالڪ هئا. ان ڪر ئي سدائين پنهنجن خيالن ۾ محو رهندا هئا ۽ واندڪائي جي گهڙين ۾ جڏهن ٻيا ماڻهو واهيات ڳالهين ۽ عيش عشرت ۾ خرچ ڪندا هئا. پاڻ فڪر ۽ ويچار ۾ گذاريندا هئا. هن ايڪانيت پسند ۽ باحيا نوجوان جي شريفانه چال چلت ۽ نيڪ اطوار شهرين کي سندس مريد بنائي ڇڏيو ۽ سڀني کين الامين يا ديانتدار جو لقب ڏنو. هن شهر ۾ جتي وک وک تي شرابخانه کليل هئا ۽ گهٽي گهٽي ۾ مئي جا پيالا کڙڪندا هئا. ۽ جوئا جون محفلون هر جڳهه تي متل رهنديون هيون، پر پاڻ انهن ڏانهن هڪ اک کڻي به نه ڏٺو.
    پاڻ انصاف پسند، رحمدل ۽ اخلاق جا سڌارڪ هئا. سندن تحمل، صبر، استقلال، انساني اخلاق جو هڪ حيرت انگيز ڪارنامو آهي. اسان کي سواءِ ڪنهن حجت ۽ دليل جي مڃڻو پوندو ته حضور ﷺ جن جي تعليم هر قسم جي وهم پرستي کي ختم ڪري ڇڏيو. جيڪا پراڻي زماني کان عربن ۾ گهر ڪري چڪي هئي. پر پاڻ سڳورن ﷺ توحيد ۽ خدا جي لامحدود رحمت جو تصور پنهنجن پوئلڳن ۾ پئدا ڪيو. سندن تعليم ۾ سڀني خاصيتون موجود آهن. برادرانه محبت هن جي تعليم جو بنياد آهي. يتيمن جي حفاظت ڪئي ويئي آهي. غلامن سان سٺي سلوڪ جو حڪم آهي . سڀ کان وڌيڪ نشي کان منع ڪئي ويئي آهي.
    هي ڳالهه قابل ذڪر آهي ۽ حضور ﷺ جي صداقت جي گواهه آهي ته جن ماڻهن سڀ کان پهرين پاڻ سڳورن تي ايمان آندو، اهي سڀئي سچار هئا. اهي سندن همراز دوست ۽ سندن خاندان مان هئا . جيڪي سندن نجي زندگي مان واقف هئا. مان مڃان ٿو ته سندن مذهب اسلام ۾ پرهيزگاري ۽ خداترسي ايڏي وڏي درجي تي پهتل آهي. جيڪا ٻئي مذهب ۾ قطعاً ناهي ۽ مان هي به مڃان ٿو ته انساني اخلاق جي ترقي جو راز، صرف اسلام ۾ ئي آهي.
    رسول اڪرم ﷺ جن جو عرب جي مختلف قبيلن جي وفدن سان حسن اخلاق سان پيش اچڻ، انهن جي تڪليفن طرف ترت توجه ڏيڻ، انهن جي جهڳڙن کي تمام گهڻي حڪمت سان نباهڻ ۽ ستت ئي اسلام قبول ڪرڻ عيوض ملڪ انهن جي حوالي ڪرڻ انهن سڀني ڳالهين سندن نالي مبارڪ کي هر دلعزيز نڀايو ۽ سندن هاڪ ساري عرب اپٻيٽ ۾ پکڙجي ويئي ته پاڻ وڏا سخي حاڪم آهن.
    هجرت کان تيرهن سال اڳي مڪي جون حالتون تمام خراب هيون. پر انهن ٽن سالن ۾ ڪيڏو نه بهترين نتيجو نڪتو جو سوين ماڻهن بت پرستي ڇڏي، هڪ الله جي عبادت شروع ڪئي ۽ پنهنجن عقيدن مطابق الله جي حڪم جا فرمانبردار بڻجي ويا. اهي پنهنجي قادر مطلق کان هر وقت دعا گهرندا هئا. ان جي رحمت جا طالبو هئا ۽ نيڪ عمل هر وقت دعا گهرندا هئا ۽نيڪ عمل ڪرڻ،خيرات ڏيڻ پاڪدامن رهڻ ۽ انصاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. اهي رات ڏينهن انهي وحده لاشريڪ له جي راضپي لاءِ ڪوشان هوندا هئا. سندن عقيدو هو ته اهوئي رازق آهي . حاجيت روا آهي ۽ اسانجو ڪوبه عمل پوءِ اهو لڪل هجي يا ظاهر، ان کان ڳجهو نه آهي. حضور اڪرم ﷺ جنهن انهن ۾ روح ڦوڪيو، شعور ڏنو . تنهن کي پنهنجي نئين زندگي جو روح روان سمجهندا هئا ۽ سندن ايڏي عزت ڪندا هئا. جنهن لاءِ هو لائق به هئا. ان ٿورڙي مدت ۾ مڪو ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. هڪ قوم ۽ قبيلو هوندي به هو هڪ ٻئي جي مارڻ لاءِ تيار ٿي بيٺا. مسلمانن سڀني تڪليفن ۽ ڏکن کي سَٺو ڇو ته سندن ان ۾ ئي ڀلائي هئي. سندن ايڏي همت ۽ بردباري کي ساراهڻ لازمي آهي . هڪ سو مرد ۽ عورتون پنهنجو گهر ٻار ڇڏيو. پر ايمان کي هٿان نه وڃڻ ڏنو. جڏهن پاڻي سر کان مٿي چڙهي ويو. تڏهن حبش ڏانهن هجرت ڪري ويا. ان کان پوءِ ان کان وڌ تعداد ۾ حضور ﷺ سان گڏ پنهنجي پياري شهر ۽ ڪعبي کي ڇڏي، جيڪو انهن جي نظر ۾ ساري زمين ۾ سڀ کان وڌيڪ مقدس هو، مديني ڏانهن هجرت ڪئي ۽ هت به ان سحر انه تاثير ٻن سالن ۾ اهڙن جان نثار مسلمانن جي جماعت تيار ڪئي، جيڪا حضورﷺ جي اک جي اشاري جي هر وقت منتظر رهندي هئي.
    مان سوچيان ٿو ته تڪليفون سهڻ ۽ دنوي لالچن کي ٺڪرائڻ ۾ ٻئي مسيح عه ۽ حضرت محمد ﷺ هڪجهڙا آهن، پر پاڻ سڳورن جي تيرهن سالن جي وعظ ۽ حضرت مسيح جي ساري حياتي جي تقرير هڪ اهڙو انقلاب آندو، جيڪو ظاهري طرح ماڻهن جي نظر ۾ تمام وڏو ڪم آهي. مسيح جا پوئلڳ پيرن جو آواز ٻڌي ڀڃي ويا ۽ اسان جي نبي جي تعليم، انهن پنجن سون ماڻهن ( جن سندس ديدار ڪيو ) جي زندگي تي ڪوبه اثر نه ڇڏيو. انهن مان ڪنهن به پنهنجي رضا خوشي سان گهر نه ڇڏيو ۽ نه وري سوين مسلمانن وانگر هڪ آزاد ٿي وطن ڇڏيو ۽ نه وري اهڙو جوشيلو ارادو انهن ڪيو هجي جهڙو هڪ غريب شهر يثرب جي چند نون مسلمانن پنهنجي نبي جي جان بچائڻ لاءِ ڪيو هجي.
    حضرت محمد ﷺ جي سيرت، سوانح ۽ ابتدائي تاريخ معلوم ڪرڻ لاءِ قرآن شريف ۾ بنيادي ڳالهيون موجود آهن ۽ محمد ﷺ جي زندگي چون، تحقيق طلب ڳالهيون قرآن شريف مان ئي معلوم ٿين ٿيون. سچي ڳالهه هي آهي ته ان ۾ محمد ﷺ جا مذهبي خيال سندن سماجي ڪردار ۽ انهن جي نجي زندگي بابت سارو مواد قرآن مان ئي ملي وڃي ٿو. حقيقت هي آهي ته محمد ﷺ جي سيرت ۽ ان جي اندروني ڪردار معلوم ڪرڻ لاءِ قرآن هڪ اهڙو چٽو آئينو آهي، جنهن ۾ اسان کي سڀ ڪجهه صاف نظر اچي ٿو . ان ڪري اسلام جي شروعاتي دور ۾ هي چوڻي عام هئي ته محمد ﷺ جي سيرت، قرآن شريف ۾ محفوظ آهي.“


    اسلام جي ترقي جو راز: ڊاڪٽر برمنگهم

    اسلام جي ترقي جو راز: ڊاڪٽر برمنگهم

    ” مان هن خيال جو نه آهيان ته اسلام جي ترقي تلوار سان آهي، پر ان جي ڪاميابي جو راز حضور ﷺ جي ساري ۽ بي لوث زندگي وعده وفائي، اصح ابن ۽ ساٿين جي غير معمولي حمايت الله تي مڪمل ڀروسو ۽ ذاتي جرئت ۽ همت جهڙين اعلى پائي جي خصلتن ۾ آهي.“
    پاڻ سڳورن جي سادگي
    مسٽر ايڊ ورڊ گبن
    حضرت محمد ﷺ جي نرمدلي ۽ فياضي صرف قريش قبيلي تائين محدود نه هئي ۽ نه وري مڪي جي چوديواري تائين مقدس رسمون اد ڪرڻ پاڻ گهڻو ڪري ڪعبته الله ڏانهن ويندا هئا، جتي هر قبيلي جي ماڻهو سان ملندا هئا. ساڻن ڌار ڌار ڳالهه ٻولهه به ڪندا هئا ۽ کين هڪ خدا جي عبادت ڪرڻ جي هدايت ڪندا هئا. پاڻ هر ماڻهو کي ضمير جي آزادي ڏنائون. ڪنهن سان به ظلم ۽ زيادتي نه ڪيائون اٽلو کين عاد ۽ ثمود قوم جي واقعن مان عبرت حاضل ڪرڻ جو سبق ڏنائون. پاڻ مذهبي ۽ رسمي موقعن ۽ ڏڻن تي پنهنجي دوستن کي دعوتون کارائيندا هئا ۽ گهر ۾ جيڪو به سٺو کاڌو هوندو هو اهو کين کارائڻ ۾ نه ڪيٻائيندا هئا. پر انهي جي ڀيٽ ۾ سندن خانگي زندگي ۾ اهڙا ڪيترائي هفتا لنگهي ويا جو سندن گهر جي چلهه ۾ باهه ٻرڻ جي نوبت به نه آئي. سندن تقرير خالص سچائي، خلوص ۽ خير خواهي جي مظهر هئي. پاڻ ظاهري ٺٺ ٺانگر ۽ اڊنبر کي ڌڪاريندا هئا. گهر جا تمام گهٽ ڪم به پاڻ پنهنجن هٿن سان ڪندا هئا. مثال باهه ٻارڻ، ٻهاري ڏيڻ، جتي ڳنڍڻ ۽ ڪپڙن کي چتيون هڻڻ.
    مڪي جي پيغمبرن انسانن جي ٻانهن جي بتن جي ستارن جي ۽ سيارن جي پوڄا ڪرڻ کي هن چٽي دليل سان ختم ڪري ڇڏيو ته جيڪا شئي اڀري ٿي، اها لهي ٿي . جيڪا شئي ٺهي ٿي اها ڊهي ٿي دنيا جي هر شئي زوال پذير آهي. اها فاني آهي . ختم ٿيندڙ آهي.
    جيڪا ڳالهه اسان لاءِ توجه طلب آهي، اها هي آهي ته اسلام جي اشاعت ايترو جلد ڇو ٿي ۽ اهو ڏسجي ته اسلام جي تعليم، حق ۽ سچ تي مبني آهي. اها سادي پر مڪمل تعليم جيڪا پاڻ سڳورن مڪي ۽ مديني جي ماڻهن کي ڏني، اها ٻارهن صدين گذرڻ جي هوندي به هند کان آفريڪا تائين مسلمانن جي دلين ۾ محفوظ آهي . هنن پنهنجي مذهب ۽ عقيدي جي مقصد کي عام انساني حوس ۽ تخيل جي سطح تي اچڻ نه ڏنو. لا الله الالله محمد رسول الله ﷺ اسلام جو سادو پر غير متبدل عقيدو آهي.
    عيسائين کي هي ڳالهه ياد رکڻ کپي ته محمد ﷺ پنهنجن پوئلڳن ۾ اهڙو جذبو ۽ ولولو پئدا ڪيو، جو حضرت عيسى جي پوئلڳن ۾ ملڻ مشڪل آهي ۽ سندن مذهب اهڙي تيز رفتاري سان پکڙيو جنهن جو مثال دين عيسوي ۾ نٿو ملي . ان ڪري صرف پنجاهه سالن کان به گهٽ عرصي ۾ اسلام تمام وڏين حڪومتن ۽ رياستن تائين پهچي ويو. جڏهن حضرت عيسى کي تخته دار تي آندو ويو ته سندس مريدن پڄي ويا ۽ پنهنجي نبي جي موت جي منهن ۾ ڏيئي هليا ويا. جيڪڏهن کين نبي جي حفاظت ڪرڻ کان روڪيو ويو هو ته گهٽ ۾ گهٽ تسلي لاءِ کين اتي رهڻو هو ۽ مخالفن کي ڌمڪائڻو هو . ان جي ڀيٽ ۾ محمد ﷺ جا مريد پنهنجي پيغمبر جي چوڌاري رهيا ۽ سندس بچاءُ ۾ پنهنجون حياتيون خطري ۾ وجهي سڀني دشمنن کي مات ڪري پنهنجي بني کي سرفراز ڪيو.
    حضرت اڪرم ﷺ پنهنجي وقت جي عيسائي رعيت کي نه صرف واپار ڪرڻ جو سهولتون ڏنيون پر ان سان گڏ کين جان جي پڻ سلامتي ڏني پنهنجن خدائن جي بندگي ڪرڻ جي به . هي حقيقت آهي ته اسان جو علم ۽ هنر فضل ۽ ڪمال جو سرچشمو عرب آهي ۽ اسان کي جيڪي ڪجهه مليو سو حضور اڪرمﷺ جن کان ئي مليو.
    محمد ﷺ انسانيت جو ڪامل مظهر، نيڪ نيت، سهڻن صفتن وارو، مستقل مزاج، فهيم، دانشمند يا مروت، شيرين گفتار، دوست دشمن لاءِ ڪريم، سيرت ۽ صورت جو حسين ۽ جمال آفرين پيغبر هو. اسلام جي ڪاميابي جو راز به صرف ۽ صرف سندن اخلاقي قوت ۾ آهي.


    دين محمدي جي سچائي: بشپ بوڊ ڪارپنٽر 

    حضور اڪرم ﷺ کي گهڻو ڪري سڀني مورخن ان اک سان ڏٺو آهي . جنهن کي هر طرف خوف ۽ جهالت جي اونداهي نظر اچي ٿي. اهڙا تاريخدان پاڻ سڳورن بابت غلط ڳالهيون لکي سگهن ٿا. پر هاڻي تعصب ۽ جهالت جا ڪارا بادل افق تان هٽي چڪا آهن ۽ هاڻي اسلام جي باني حضرت محمد ﷺ کي پوري روشني ۽ تابتاڪي سان ڏسي سگهون ٿا ۽ سندس آندل مذهب جي سچائي جو اعتراف ڪري سگهون ٿا.


    ابدي تعليم: لين پول

    ابدي تعليم: لين پول

    اهو غير معمولي انسان جنهن سالن جا سال دليرن ۽ سورهين وانگر پنهنجي قوم جي مخالفت جو مقابلو ڪيو، پر ڪنهن جي به دل به ڏکوئي، سندن گڻ ايڏي ته اعلى پائي جا آهن جو ڪو ماڻهو انهن جو ڪاٿو ڪرڻ چاهي ته به مشڪل ڪري سگهندو . کين پنهنجي قوم ڌڪاريو به گهڻو، پاڻ انهن سان مقابلو به ڪيو، پر انهن کيس اکين تي به رکيو ۽ سندن پيغام کي هينئن سان هنڊايو . سندن عظيم خلق ڪنهن کان لڪل ڪين آهي. هو ٻارن سان پيار ڪندا هئا. پنهنجي مشڪندڙ چهري سان ٻارڙن جي مٿي تي هٿ گهمائيندا هئا، وڏي عمر وارن سان پيار ۽ نرمي سان ڳالهه ٻولهه ڪري کين خوش ڪندا هئا. اعلى پائي جي سخاوت ۽ مرداڻو تاب اسان کي مجبور ڪري ٿو ته اسان سندس تعريف ڪريون.
    هي چوڻ ته محمد ﷺ حوس پرست هئا غلط ۽ بي بنياد الزام آهي. سندن روزاني زندگي سمجهڻ وارو ٿڌو سندن معمولي خوراڪ، گهٽ کان گهٽ درجي وارو ڪم پنهنجن هٿن سان ڪرڻ مان ظاهر آهي ته اهڙو ماڻهو نفساني خواهشيات کان مٿانهون آهي سندس گهڻيون شاديون انهن بيواهن عورتن سان ٿيون، جن جا مڙس جنگ جي ميدان ۾ اسلام لاءِ جان قربان ڪندي مارجي ويا. اهي محمد ﷺ جي ڪشادهه دلي سان پنهنجي حفاظت ۽ پناهه جو حق رکندڙ هيون. ٻيون شاديون مصلحت خاطر به ڪيون ويون. سڀ کان وڏي ثابتي ان جي پهرئين گهرواري خديجه رضه سان وفاداري آهي. جنهن ۾ منڍ کان پڇاڙي تائين فرق نه آيو ۽ نالي ماتر به ڪروڌ نه ٿيو. خديجه رضه کان پوءِ جيتوڻيڪ پاڻ گهڻيون شاديون ڪيائون. پر ان کي ڪڏهن به نه وساري نه سگهيا ۽ آخر تائين ياد رکيو. هي محبت ڀري ياد هڪ شريف ماڻهو ۾ ٿي سگهي ٿي نه حوس پرست ۾ .
    حضور اڪرم ﷺ جي باري ۾ ڪي طبقا شڪ شبهي جو اظهار ڪن ٿا ۽ ڪندا پيا اچن. اهڙن ماڻهن جي اڳيان هي مسئلو آهي ته هر زماني ۾ بدلجندڙ حالتن ۽ تقاضائن مطابق حضرت محمد ﷺ جي تعليم ڪهڙي طرح آخري مڪمل ابدي ۽ اڻ مٽ آهي. هي سوال عام طرح اسلام جي سچائي جي باري ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. هڪ عام تاثر هي به ڏنو وڃي ٿو ته اسلام جي تعليم بي حد سخت ۽ ڏکي آهي . اسلام جي تعليم ۾ صبر جو عنصر وڌيڪ آهي. هونءَ ته اهي معترض اسلام کي هڪ بي لچڪ مذهب سڏي، هي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته اسلام ۽ محمد ﷺ جي تعليم هميشه لاءِ نه آهي . پر اهو اسلام ئي آهي جيڪو پنهنجي معاشري جي هر فرد کي وقار، آزادي، احترام ۽ عزت جو درجو ڏي ٿو ۽ هي عمل آهي جنهن جو مثال ٻين مذهبن جو معاشرو پيش ڪرڻ کان قاصر آهي.


    سادگي: ڊاڪٽر ليبان

    سادگي: ڊاڪٽر ليبان

    ” حضور اڪرم ﷺ جي سادگي ۽ انڪساري قابل تعريف آهي. پاڻ حد درجي جا صائب الراءِ هئا. دورانديشي جا مجسما هئا. پاڻ وحشي ماڻهن جي اصلاح ڪيائون.“


    سچي نبوت: جاج ميل

    سچي نبوت: جاج ميل

    مونکي تحقيق ڪندي اهڙي ڪابه ثابتي نه ملي سگهي آهي، جنهن مان خبر پوي ته حضرت محمد ﷺ واري رسالت نعوذباالله ڪوڙي هجي يا سندس مقدس ذات تي نعوذبالله ڪوڙ ۽ ٺڳي جو الزام لڳائي سگهجي.
    ننڍپڻ کان ئي پاڻ سوچڻ، سمجهڻ، غور ۽ فڪر ڪرڻ جا قائل هئا. جڏهن ٿورا وڏا ٿيا ۽ سمجهه پئدا ٿين، تڏهن جهنگلن ۽ جبلن ۾ وڃي غور ۽ فڪر ڪندا هئا، ايتريقدر جو آخري نبي جي حيثيت ۾قوم جي اصلاح لاءِ چونڊيا ويا. منڍ کان ئي پاڻ نيڪ، شريف ۽ معصوم هئاجو قوم ” امين “ جو خطاب ڏنو . وحي اچڻ واري سونپيل فرض کان اڳ ٻين جو تجارتي مال کڻي ڏورانهن ملڪن ڏانهن ويندا هئا. ان وقت جي هڪ مالدار بيواهه عورت حضرت خديجه رضه سندن اعلى اوصاف ڏسي ساڻن شادي ڪئي.
    پاڻ سڳورن مڪمل طرح فطري صلاحيتن سان آراسته هئا. صورت ۾ حسين عاقل ۽ سنجيده ذهن رکندڙ هئا. وڻندڙ عادتون، سهڻا اطوار، غريب پرور، هر هڪ سان هڪجهڙو سلوڪ ڪندڙ، دشمن سان مقابلي وقت همت ۽ بهادري ڏيکاريندڙ سڀ کان وڌيڪ الله تعالى جو ادب ۽ احترام سان نالو وٺندڙ هئا. ڪوڙي قسم کڻندڙ، زانين، ظالمن، ڪوڙي تهمت هڻندڙ، فضول خرچ ڪندڙ، لالچي ۽ ڪوڙي گواهي ڏيندڙ خلاف سخت قدم کڻندڙ، صدقو، خيرات، رحم ۽ ڪرم، شڪر گذاري، پيءُ ماءُ ۽ بزرگن جي عزت ڪرڻ جي تلقين ڪندڙ ۽ الله تعالى جي حمد ۽ ثنا ۾ گهڻو مشغول رهندڙ هئا.
    پاڻ سڳورن جو آندل ڪتاب قرآن شريف، عربي جو اعلى معيار آهي ۽ ڪنهن انساني قلم جي طاقت نه آهي جو ان جو جواب لکي سگهي . اهڙي طرح سندن نصيحتون ۽ هدايتون آهن، جن کي ” حديث “ چئبو آهي. حديثن جي زبان جيتوڻيڪ شاعري واري نه آهي، پر شاعري کان بهتر آهي. هي نه تاريخ آهي نه سوناح عمري آهي . هي شاعري جو ديوان به نه آهي. هي افلاطون جو اعلى خيالي به نه آهي هي ايتريقدر يا معنى ۽ مدلل مضمونن تي مشتمل آهي. جيڪو هر دور جون گهرجون پوريون ڪري ٿو. اڄ به محلاتن، برن، ٿرن، شهرن، ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ حديثن جو آواز گونجي ٿو جيڪو دلين ۾ نور پئدا ڪري ٿو.


    ساراهه جوڳو قدم: وليم ڊائو

    ساراهه جوڳو قدم: وليم ڊائو

    پاڻ مڪي جي فتح کان پوءِ منافقن سان جيڪو سلوڪ ڪيائون، اهو حد کان وڌيڪ ساراهڻ جوڳوآهي. بيشڪ اهو واقعو انساني اخلاق جو هڪ حيرت انگيز نمونو آهي.


    سچا رسول: ريورنڊ آرميڪوئل

    سچا رسول: ريورنڊ آرميڪوئل

    جيڪڏهن پاڻ سڳورن جي تعليم جو حق، انصاف ۽ ايمانداري سان جائزو ورتو وڃي ته هي مڃڻو پوندو ته پاڻ الله جا سچا رسول هئا.


    قرب جي حڪومت: واشنگٽن ارونگ

    قرب جي حڪومت: واشنگٽن ارونگ

    حضور اڪرم ﷺ گهڻو ڪري ماڻيٺا هئا. سندن طبيعت ۾ هڪجهڙائي هئي. پاڻ خوش طبع به هئا، پر عام طور سنجيده رهڻ پسند ڪندا هئا. سندن مرڪ پرڪشش هئي. عام عربن جي ڀيٽ ۾ سندن رنگ سرخ هو. اضطراب ۽ جوش جي حالت ۾ سندن منهن مبارڪ روشن ٿي ويندو هو. ذهانت بيشڪ غير معمولي هين. پاڻ نهايت عقلمند ۽ ذڪي هئا. يادگيري ڏاڍي هين . روزانه وهنوار جي سڀني پهلوئن تي سندن نظر هوندي هئي. کاڌو تمان سادو کائيندا هئا. روزا گهڻا رکندا هئا. امير، غريب، دوست دشمن، هيڻي ڏاڍي، سڀني سان هڪجهڙائي هلت هلندا هئا. طبيعت ۾ نرمي ۽ رحمدلي ڪري، ماڻهو کيس پيارو گهرندا هئا. غريبن جي شڪايت ٻڌي، سندن تڪليف دور ڪندا هئا. فوجي ڪاميابي کي ڏسي پاڻ ڪڏهن به مغرور نه ٿيا. جڏهن انتهائي طاقتور ٿي ويا. تڏهن به سندن اخلاق، عادتن ۽ طرز زندگي ۾ ساڳي سادگي ۽ شرافت رهي، جيڪا کين سندن ڏکئي دور واري زندگي ۾ ساڻن گڏ هئي. دنوي جاهه وجلال جو خيال سندن دل ۾ ڪڏهن به نه آيو. سندن اچڻ وقت ڪو اٿي بيهندو هو ته پاڻ سخت ناراض ٿيندا هئا. جيڪڏهن کين ڪو خيال هو مقصد هو چاهت هئي ته صرف اها ته دنيا۾ هڪ عالمگير حڪومت قائم ٿئي، جيڪا الله جي ڌرتي تي الله جي حڪومت هجي. قرب، محبت ۽ امن واري حڪومت هجي.


    عورتن جي حقن جو محافظ: مسٽر پيٽر ڪريبٽس

    عورتن جي حقن جو محافظ: مسٽر پيٽر ڪريبٽس

    ” محمد ﷺ ڪنهن به نه ڪئي. ان قانوني حيثيت مقر ر ڪئي ويئي. جنهن جي ڪري هو ورثي جي ملڪيت ۾ ڀاڱي ڀائيوار تي هو پاڻ اقرار نامي جي لائق ٿي ۽ هر برقعي پاتل عورت کي زندگي جي هر شعبي ۾ اهي حق مليا جيڪي ويهين صدي ۾ اعلى تعليم ياقته عورت کي به نه مليا آهن“


    اعلى اخلاق جو مجسمو: منٽگمري واٽ

    اعلى اخلاق جو مجسمو: منٽگمري واٽ

    مغرب جا عالم حضور اڪرم ﷺ تي هڪ هي به الزام هڻن ٿا ته پاڻ فريبڪار انسان هئا. انهن پنهنجي ڪاميابي ۽ خواهش جي تسڪين لاءِ هڪ اهڙي مذهبي تعليم جي پرچار شروع ڪئي، جنهن لاءِ کين پڪ هئي ته اها انسان جي تقدير بدلائي سگهي ٿي. پاڻ سڳورن کي مڪي جي زندگي ۾ جن ڏاڍاين ۽ مصيبتن سان منهن ڏيڻو پيو ۽ پاڻ انهن ظالمن کي جنهن کليل دل ۽ ذهن سان قبول ڪيو. ان مان هي صاف ظاهر ٿئي ٿو ته انکي پنهنجي ذات ۽ پنهنجي مشن جي ڪاميابي جو ڪيڏو نه يقين هو حالانڪ هي اهو زمانو هو جڏهن ته دنوي لحاظ کان سندن ڪاميابي جو ڪوبه امڪان نظر نه پئي آيو. خلوص ۽ سچائي جي بدران حضرت ابوبڪر رضه ۽ حضرت عمر رضه، جهڙن مضبوط ۽ راست باز، ڪردارن جي ماڻهن جي مدد ۽ تائيد حاصل ٿي. هڪ خدا پرست ماڻهو جي ذهن ۾ اهو سوال ٿو پئدا ٿئي ته اسلام جو بنياد جيڪڏهن ڪوڙ ۽ ٺڳي تي هجي ها ته الله تعالى ان کي ترقي ڏيئي، پنهنجي مشن ۾ صادق مخلص، امين ۽ ديانتدارهئا.
    ٻيو الزام مٿن اهو لڳايو وڃي ٿو ته پاڻ بي وفا ۽ نفس پرست هئا، هن الزام جي تائيد ۾ اهي غزوهه نخلا جي موقعي تي مقدس مهيني جي بي حرمتي ۽ پنهنجي پٽيلي جي طلاق يافته زلا زينب بنت حبش سان شادي ڪرڻ جا ثبوت ڏين ٿا. جيتري تائين انهن واقعن جو تعلق آهي ته اهي سچا آهن. پر اهو ضروري نه آهي ته اهي انهن الزامن جي تائيد ضرور ڪن. جيڪڏهن باريڪ بيني سان واقعن تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته اهو مقدس مهيني جي بي حرمتي جو فعل هو يا مشرڪانه نظرئي جي خلاف ورزي هئي. زينب رضه سان شادي نفساني خواهشن جي تڪميل هئي يا هڪ سياسي ترڪيب جنهنجو مقصد زباني پٽ جي بيخ ڪني ۽ فرسوده رسم کي ختم ڪرڻ هو، جا اخلاقي لحاظ کان هڪ حقير ۽ ڪريل رسم هئي. حقيقت هي آهي ته محمد ﷺ تي الزام تراشي ڪرڻ وقت، انهن واقعن جي جهڙي طرح تشريح ۽ تعبير ڪئي وڃي ٿي اها ڪمزور ۽ زوردار نه آهي.
    جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته معلوم ٿيندو ته پاڻ سڳورن کي ٽن عظيم خوبين سان نوازيو ويو هو. پهرئين خوبي هئي تدبر ۽ فراست، جنهن سان پاڻ ﷺ عرب ۾ حڪومت جو ڍانچو رکيو ۽ معاشري کي مستحڪم ڪيو. ٻي خوبي هئي اعلى سياست پاڻ وڏا سياستدان هئا. قرآن شريف ۾ صرف بنيادي اصول ٻڌايل آهن. پر پاڻ پنهنجي سياسي ڄاڻ، ذهانت ۽ دورانديشي کان ڪم وٺي، انهن اصولن کي عملي جامو پهرائي اعلى عمارت کڙي ڪئي ۽ مديني جي هڪ ننڍڙي رياست کي بين الاقوامي حيثيت بخشي. ٽين خوبي تنظيم هئي. بطور منتظم سندن مهارت ۽ پنهنجن آفيسرن ۽ نمائندن جي چونڊ ۾ اعلى قابليت رکندڙ هئا. عمدي پاليسي به عدم مهارت جي صورت ۾ بيڪار ٿي وڃي ٿي، پر پاڻ عمدي پاليسين کي عمدي نموني استعمال ڪيو.


    اعلى نصب العين: لئمر ٽين

    اعلى نصب العين: لئمر ٽين

    دنيا ۾ ڪنهن به انسان ڏسي وائسي ۽ ڄاڻي واڻي پنهنجي رضا خوشي سان محمد ﷺ جي نصب العين کان وڌ بلند ۽ بالا ٻيو ڪو به نصب العين پنهنجي سامهون نه رکيو. هي نصب العين عام انساني سطح جي سوچ کان اعلى هو جنهن کي اسان مافوق البشر نصب العين چئي سگهون ٿا. الله ۽ ٻانهي جي وچ ۾ جيڪي وهمن ۽ سئنسن جا پردا حائل هئا. تن کي هڪ هڪ ڪري هٽايو ويو ۽ اهڙي طرح انسان جي سيني ۾ هڪ خدا جي نظرئي کي سموهڻ ۽ انسان کي الله جي صفتن ۾ رنڱي ڇڏڻ ۽ ڪوڙن خدائن جي آمريت ۽ ماحول ۾ هڪ واحد ۽ منفرد خدا جو مقدس ۽ معقول تصور پيش ڪرڻ اڄ تائين ڪنهن به انسان ان جي همت نه ڪئي جو ايڏي عظيم الشان ڪم لاءِ سندرو ٻڌي بيهي . ان وقت جو اهو ڪم انسان جي وس کان ٻاهر هجي ۽ نه وري ان جا ايڏا وسيلا مضبوط هجن . ڏٺو وڃي ته ان وقت وٽس هڪ صحرا جي ڪنڊ ۾ چند ماڻهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه ساز سامان وٽس هڪ صحرا جي ڪنڊ ۾ چند ماڻهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه سازسامان ۽ ذريعو نه هو. اهڙن سخت ۽ ڪٺن مرحلن ۾ اڄ تائين ڪنهن به انسان دنيا ۾ ايڏو عظيم ۽ مستقل انقلاب نه آندو. اهڙو انقلاب جنهن جو نتيجو هي نڪتو جو ٻن سالن ۾ اسلام عملي ۽ روحاني طرح ساري عرب تي حڪمراني ڪرڻ لڳو، الله جي نالي تي ايران، خراسان، مغربي هندستان، شام، مصر، حبش، شمالي آفريڪا جو اهو سارو علائقو جيڪو ان زماني ۾ ڄاتل سڃاتل هو، بحر روم کان هسبانيه تائين محمدي دين ۾ اچي ٿو.


    ايل اي برائون

    ايل اي برائون

    محمد ﷺ جي تبليغ جي اثر سان عربن جي قبائلي عصبيت جو خاتمو ٿي ويو ۽ اهي هڪ اهڙي رشتي ۾ ڳنڍجي ويا، جنهن کان هو اڻ واقف هئا. هي ناتو توحيد جو عقيدو هو جيڪو کين هڪ مرڪز تي وٺي آيو ۽ سندن فتوحات کي ان لاءِ آسان بنايو.


    پاڪ دعوت: جان وليم ڊريپر

    پاڪ دعوت: جان وليم ڊريپر

    انسان ذات تي جنهن شخص جي زندگي کي سڀ کان وڌيڪ اثر ڪيو اها حضوراڪرمﷺ جي مبارڪ ذات گرامي آهي. پاڻ همت ۽ جوانمردي سان خدا جي مخلوق کي الله تعالى جي توحيد واري واٽ ڏيکاري ۽ هاڻي جيڪو شخص اهو ڄاڻڻ گهري ته دنيا سندن پاڪ ۽ اصلاحي دعوت جو ڪهڙو جواب ڏنو ته ان کي گهرجي ته هو ان جو جواب دنيا جي نقشي ۾ اڄ به ڏسي سگهي ٿو. جتي هن کي اسلامي ملڪن ۾ پاڻ سڳورن جي ان پاڪ تعليم جا چٽا نشان ملندا. جيڪي اڄ به روشن مينار آهن.
    حضرت محمد ﷺ جي آندل ڪتاب قرآن شريف ۾ اخلاق بابت بهترين نصيحتون ۽ صلاحون ڏنيون ويون آهن. ان جا مضمون ايتريقدر گهڻائي ۾ پکڙيل آهن. جو هن ڪتاب جو ڪوبه صفحو اهڙي اصول خاني نه آهي جيڪو ماڻهو لاءِ مفيد نه هجي.


    روشني جي لاٽ: ميجر آرٿن ڪلائن ليونارڊ

    روشني جي لاٽ: ميجر آرٿن ڪلائن ليونارڊ

    جسماني پاڪائي ۽ اخلاقي صفائي کي سامهون رکندي چئي سگهجي ٿو ته حضور اڪرم ﷺ هر لحاظ کان ارفع ۽ اعلى آهن. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو الله کي ڏٺو هجي ۽ ان هڪ نيڪ ۽ عظيم مقصد لاءِ خدا جي اطاعت ۾ پنهنجي زندگي قربان ڪئي هجي ته پڪ ڄاڻو ته اها شخصيت صرف محمد ﷺ جي آهي. حضوراڪرمﷺ صحرا جي خاموش ڀٽن ۾ آسمان جي وسيع بلندين ۾ تارن جي چمڪ ڌمڪ ۾ ۽ هر جيو جي چر پر ۾ الله جي ذات پاڪ کي ڏسندڙ هو. يعني هر جاءِ تي هر وقت الله تعالى ان سان گڏ هو.
    محمد ﷺ وٽ الله تعالى جي جسماني حيثيت جو تصور نه آهي. اهائي هستي آهي. جنهن ساري ڪائنات ۽ انسان ذات کي پئدا ڪيو ۽ هو ئي ان جو مالڪ آهي . بيشڪ محمد ‌ﷺ جو اسلام هڪ اهڙو مذهب آهي جنهن پنهنجن مڃيندڙن کي انساني جهالت ۽ گمراهين کان ٻاهر ڪڍي روشني ۽ سچائي جي اتاهين تي پهچايو.


    مڃڻ جهڙا اصول: پروفيسر ايڊورڊ مانٽي

    مڃڻ جهڙا اصول: پروفيسر ايڊورڊ مانٽي

    حضور اڪرم ﷺ جو سارو مذهب انهن اصولن جو مجموعو آهي. جيڪي سڀ مڃڻ جهڙا آهن. سندن تعليم جي سادگي ۽ صفائي اصل ۾ آهي، اثر انگيز قوتون آهن. جيڪي اسلام جي ترقي ۽ تبليغ ۾ مڪمل مدد ڪن ٿيون.
    پاڻ سڳورن پنهنجي سچائي سان پنهنجي مقصد ۾ سدائين ڪامياب رهيا. جيڪڏهن ڪو سندن دليرانه ڪارنامن ۽ روحاني خوبين جو انڪار ڪري ته مان کين عرض ڪندس ته اهي وڃي حنين، بدر ۽ احد جي ميدانن کي ڏسن ته کين خبر پئجي ويندي ته پاڻ سڳورن ڇا جي ڪري ٻين کان ممتاز ۽ اعلى آهن.


    ڊاڪٽر آرفري مين

    ڊاڪٽر آرفري مين

    ان ۾ ڪوشڪ نه آهي ته حضرت محمد ﷺ وڏا ايماندار ۽ سچا مصلح هئا.


    آخري رسول: مسٽر اين گراسن

    آخري رسول: مسٽر اين گراسن

    تاريخ صاف ٻڌائي ٿي ته محمد ﷺ نبين ۾ اهو نبي آهي جنهن جي تعليم ۽ اصلاح ماڻهن تي ستت اثر ڪيو ۽ مقبوليت حاصل ڪئي ۽ سندن قوم سندن زندگي ۾ ئي اعلى مقام حاصل ڪيو . اهو ئي سبب آهي جو عيسائي مورخن کين ڪامياب نبي ڪري مڃيو آهي. حضرت عيسى کي اسان عقيدي طور نبي مڃون ٿا، جيڪڏهن سندس ڪارنامن بابت پڇا ڪري ته اسان صحيح تفصيل ٻڌائي نه سگهنداسين . البت حضور ﷺ بابت سڀ ڪجهه ٻڌائي ۽ مڃرائي سگهون ٿا. سندس آندل ڪتاب قرآن شريف اڄ به موجود آهي ۽ ان ساڳي دعوى سان جيڪا هن منڍ ۾ ئي ڪئي هئي ته هن جهڙو ڪتاب ٻيو ڪو به آڻي نٿو سگهي ۽ ان وقت کان اڄ تائين وڏا وڏا اديب، شاعر ۽ خطيب پئدا ٿيا. پر هي حقيقت آهي ته ڪوبه انجو مثال پيش ڪري نه سگهيو آهي ۽ وڏن قادرالڪلام شاعرن ان کي ” الهامي ڪتاب“ ڪري مڃيو ته هاڻي ٻيو ڪير آهي جيڪو ان جو انڪار ڪري ۽ هاڻي جڏهن قرآن جو الهامي ڪتاب هجڻ ثابت ٿي ويو ته مڃڻو پوندو ته پاڻ سڀ کان وڏا ۽ آخري رسول آهن.


    عالمي اتحاد: پروفيسر هرگونجي

    عالمي اتحاد: پروفيسر هرگونجي

    ” پيغمبر اسلام جنهن ليگ آف نيشنر ۽ اخوت انساني جو عالمي بنيادن تي پايو وڌو، ان دنيا جي قومن کي اتحاد جو سبق سيکاريو. حقيقت هي آهي ته دنيا جي ڪابه قوم اهڙي عالمي اتحاد جو مثال پيش نه ٿي ڪري سگهي.“


    مددي ڪتاب

    مددي ڪتاب

    1. محمد رسول الله غير مسلمانون کي نظر مين – مولانا محمد حنيف يزداني
    2. سرور ڪونين اغيار کي نظر مين – حاجي بشير احمد پاڪستاني
    3. رحمت کان خزانه – محمد عبدالقيوم ندوي
    4. رمز ايمان – ڊاڪٽر غلام جيلاني برق
    5. ميري آخري کتاب - ڊاڪٽر غلام جيلاني برق
    6. يورپ اور اسلام – محمد عبدالقيوم ندوي
    7. اسلام کي تبليغ – ڊاڪٽر شيخ محمد حاجن
    8. سياره ڊائجسٽ سيرت نمبر
    9. ترجمان اسلام سيرت نمبر
    10. ماهنامه فاران سيرت نمبر
    11. ماهنامه شريعت سيرت نمبر
    12. ماهنامه نئين زندگي سيرت نمبر
    13. سماهي مهراڻ سيرت نمبر
    14. اردو ڊائجسٽ جا مختلف پرچا
    15. ماهوار پيغام ڪراچي
    16. روزانه جنگ ۽ مڊويڪ ايڊيشن
    17. روزانه هلال پاڪستان ڪراچي
    18. تذڪره غفوري
    19. An ideal profit by Maulana Fazal Khan
    20. اسلام کيا هي
    21. محبوب مصطفى – خالد مظفر ابڙو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 923
    ڪتابن جو مشاهدو: 2927533
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 760896
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ