ڪتاب جو نالو: نينهن جو نوحو
مصنف: فرزانه شاهين
ڇپائيندڙ: مرڪ پبليڪيشن
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 04 جولائي 2020 ع
پڙهيو ويو: 1032 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 249 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هن ڪتاب ۾ 84 نظم شامل آهن، ٽائيٽل نظم “نينهن جو نوحو” سندس اندروني ڪيفيت جو عڪاس آهي. فرزانا شاهين جي نظمن تي مشتمل ھن شعري مجموعي ”نينهن جو نوحو“ ۾ شامل اڪثر نظم هر وقت جو آواز ثابت ٿين ٿا. شاعرہ پنهنجي فني تجربي جي بنياد تي نظمن ۾ سماجي اڻاين کي چٽيو آهي. سندس اظهار جو انداز بلڪل سادو، سولڙو ۽ ٻوليءَ جو استعمال شاندار آهي. هُن پنهنجي هن شعري مجموعي ۾ پابند نظم ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ڪجهه شعر آزاد نظم جي شبيهه رکن ٿا، ان باوجود سندس لکڻي ۾ خوبصورت رواني آهي. فرزانا شاھين جي نظمن تي مشتمل هي ڪتاب سنڌي شاعريءَ جي شيلف ۾ بھترين واڌارو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • ليکڪا پاران: نينهن جو نوحو
  • نظم

  • امڙ جي شان ۾
  • صدائون
  • پنهنجو عشق اهو آ
  • اسان جي نينهن جو نوحو
  • حياتي هيجُ ٿي آهي
  • ثوابي رات
  • ڌرتي جيجل ماٺ رهي ٿي
  • هي جيون ساز آ
  • اڪيلي سنڌڙي
  • مون
  • وساريل ساعتون
  • بُت دنيا جو
  • آ لڳي لوري امان!
  • ٻريا ڏيئڙا ته ڇاٿي پيو
  • اسان جي ڳالهه ڳوٺاڻي
  • اگر تون نه آھين !
  • رڳو ”شاهين“ کي سارون
  • جاڳ ازل جي
  • حقيقت هاربي ناهي
  • ڪُل ڀلايون تون
  • مٺا! تون ٻارڙو آهين
  • مگر سڏي ته ڪو پيو
  • بَرَ ۾ جوڀن
  • تاسا لمحا
  • پل جو ميلو
  • رُڳو آ غم جهان ۾
  • خودڪشي
  • ماڻهو! مذهب جي لئه ناهن
  • سرخرو ٿينداسين ساٿي!
  • احساسن لاءِ خنجر ڪاتي
  • اسان جا ڏينهنڙا ڪارا
  • مان پاڻ لڪائڻ چاهيان ٿي!
  • پهر ڪو حياتي
  • ساٿ جا تارا
  • اڪيلا ٿي جيئو ڇو ٿا؟
  • قلندر سُور آ پنهنجو
  • ڪاٿي آهن ڀاڳ بهارون!؟
  • منهنجون راهون روهي روڳي
  • امن انسان جي نگري
  • حياتي ڏات ڏاتاري
  • ڳالهه دل جي
  • اسان جو بسيرو پرين! پيار ۾
  • توکان ڏور وڃان ٿي آئون!
  • لار نه لڳ تون منهنجي لالڻ
  • يزدان به چپ انسان به چپ
  • مرڻ جيئڻ
  • هتي ڏاهپ ڏکاري ماءُ وانگر
  • ڪيڏي آ ماٺار اندر ۾!
  • هي سنڌ سدائين رهڻي آ
  • عورت پوءِ ڀي عورت آهي!
  • بابل ايندو ڪهڙي پل؟
  • ڪا شمع ٽم ٽم ٻرڻي آ!
  • نه ڪو پارُ پنهنجو
  • اوندهه
  • ڏينهن يادن جا
  • مون کي کول نه ايذائڻ لئه
  • مظلومي آواز الاهي
  • من جو ٿر
  • احساس ويچارو
  • غمن جي چوٽ انبر تي
  • غمن جي گگهه ۾
  • وڌون اڳتي!
  • ها پر آزادي ڏي اڏران!
  • هي دنيا الائي آ ڪهڙي دنيا
  • جتي شاهين ۽ ڳيرو
  • اهو ڪر نه ليکو
  • چار پهر هي دم جي دنيا؟
  • نيڻ منڪر
  • هي دنيا خواب نيڻن جو
  • اسان آزاد اڄ آهيون
  • اڃان ته سنڌ ٿي جيئي
  • سڏڪا ناهن
  • اڪيلِي مان
  • وقت چوندو رهيو
  • گهاريون پيا حياتي
  • پُٽ لَٻاري
  • هڪڙو سور پراڻو آهي
  • سَڌُون ڪهڙيون
  • ٻه ٽي سارون
  • ويساھ
  • پيار درياهه شاهين آ
  • عشق ته منزل جو ڄاڻو آ
  • تڪرار جي نيڻ ۾
  • جهان سارو اداس آهي!
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    Book No: 25
    نينهن جو نوحو
    (نظم)
    فرزانا شاهين
    ڪمپوزنگ: سعيد مرتضيٰ
    لي آئوٽ: زين ڪمپيوٽرس
    اشاعت سال: 2018ع
    ڇپيندڙ:مرڪ پبليڪيشن

    ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت 2020ع
    www.sindhsalamat.com

    Office: Room No 403 4th Flor Sabir manzil 98
    Near Gul Plaza Morston Road Karachi
    murtaza.laghari9@gmail.com
    murtaza.laghari@ymail.com
    03005182494

    ملهه: 250 رپيا

    ڪـتـابـن ملـڻ جـا هـنـڌ:


    ڀٽائي ڪتاب گھر، حيدرآباد ، ڪاٺياواڙ شاپ، اردو بزار ڪراچي،
    رابيل ڪتاب گهر لاڙڪاڻو، مهراڻ ڪتاب گھر لاڙڪاڻو-
    وسيم ڪتاب گهر شڪارپور، عزيز ڪتاب گهر سکر،
    تهذيب بڪ اسٽور، خيرپورميرس، پريتم قاضي نواب شاه،
    مرڪ پبليڪيشن ڪراچي


    ارپنا

     مهان ڪوي،
    “شيخ اياز” جي نانءِ،
    جنهن سنڌي ادب کي جوت ۽ جدت جي دڳ تي
    روان رکيو.

     سنڌي غزل جي شهنشاهه شاعر،
    “ وفا ناٿن شاهيءَ” جي نانءِ،
    جنهن غزل کي پنڌُ ڪرڻ سيکاريو
    پر سندس وجود اڻ برابريءَ ۽ بي ڌيانيءَ جي سمنڊ ۾
    سنڌي عوام جيان غوطا کائيندو رهيو.

     شاعريءَ جي ڇيهه تائين پڄندڙ شاعر،
    “ آڪاش انصاري” جي نانءِ،
    جنهن جي شاعريءَ ۾ قلبي قرار لڪل آهي.
    سندس شاعري پڙهندي هيانوَ ۾ هلچل پيدا ٿيو وڃي.

    

    فرزانا شاهين


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”نينھن جو نوحو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب نامياري شاعرہ ۽ ڪھاڻيڪارہ فرزانا شاھين جي نظمن جو مجموعو آھي.
    هن ڪتاب ۾ 84 نظم شامل آهن، ٽائيٽل نظم “نينهن جو نوحو” سندس اندروني ڪيفيت جو عڪاس آهي. فرزانا شاهين جي نظمن تي مشتمل ھن شعري مجموعي ”نينهن جو نوحو“ ۾ شامل اڪثر نظم هر وقت جو آواز ثابت ٿين ٿا. شاعرہ پنهنجي فني تجربي جي بنياد تي نظمن ۾ سماجي اڻاين کي چٽيو آهي. سندس اظهار جو انداز بلڪل سادو، سولڙو ۽ ٻوليءَ جو استعمال شاندار آهي. هُن پنهنجي هن شعري مجموعي ۾ پابند نظم ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ڪجهه شعر آزاد نظم جي شبيهه رکن ٿا، ان باوجود سندس لکڻي ۾ خوبصورت رواني آهي. فرزانا شاھين جي نظمن تي مشتمل هي ڪتاب سنڌي شاعريءَ جي شيلف ۾ بھترين واڌارو آهي.
    هي ڪتاب مُرڪ پبليڪيشن پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون مُرڪ پبليڪيشن جي سرواڻ مرتصيٰ لغاريءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي، مھربانيون ڀيڻ فرزانا شاھين جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    ”فرزانا شاهين“ جو جڏهن پهريون ڪهاڻي ڪتاب ”وجود جي ڳولا“ شايع ٿيو هو ته ايترو اندازو ڪنهن کي نه هوندو ته هوءَ سگهاري شاعري به لکي سگهي ٿي. توڙي جو سندس شاعري مختلف مئگزينن ۾ ڇپجندي رهي هئي. پڙهندڙن جي خواهش توڙي نقادن جي راءِ کي سامهون رکي هُن شاعري ڏانهن قدم وڌايو. مسلسل لکندي رهي، ٻن سالن ۾ سندس ٻه شعري مجموعا ڇپجي به ويا.
    “فرزانا شاهين” جي پهرين شعري مجموعي يعنيٰ سندس ٻئي ڪتاب“نيڻ آسائتا” ۾ مختلف صنفن تي لکيل شاعري شامل آهي، ٻيو شعري مجموعو يعنيٰ سندس ٽيون ڪتاب “پهڻ پير پٿون ڪيا” سنڌي شاعري جي ڪلاسيڪل صنفن واين ۽ بيتن تي آڌاريل آهي، اُن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته کيس شاعري جي مڙني صنفن تي ابور حاصل آهي. هوءَ شاعري جي فن کي به خوبي ڄاڻي ٿي، پر سندس خيالن جو اظهار به پڙهندڙن کي متاثر ڪري ٿو.
    “فرزانا شاهين” جا مختلف ڪتاب جنهن ۾: “روڳي روح جون رولاڪيون” (ڪهاڻيون) “ساٿ نه سارون ٿين” مضمون ۽ ٻيا ڪتاب اشاعت هيٺ آهن، پر سوشل ميڊيا، فون ۽ خطن ذريعي پڙهندڙن جي بي حد اسرار تي سندس چوٿون ڪتاب ۽ شاعري جو ٽيون مجموعو “نينهن جو نوحو” شايع ڪري رهيا آهيون. هي شعري مجموعو “فرزانا شاهين” جي صرف نظمن تي مشتمل آهي، هن ڪتاب ۾ سندس 84 نظم شامل آهن، ٽائيٽل نظم “نينهن جو نوحو” سندس اندروني ڪيفيت جو عڪاس آهي، هونئن ته پڙهندڙ ڪنهن به ليکڪ جي لکڻي کي پنهنجي نظر سان ڏسندو ۽ محسوس ڪندو آهي، پر هر ليکڪ جي اُها لکڻي جيڪا ڪنهن به وقت ڪنهن واقعي يا سانحي جي عڪاسي ڪري ته اُها ان ليکڪ جي اضافي خوبي هجي ٿي. ان ئي لکڻي کي سدا بهار چيو ويندو آهي، اهڙي طرح “فرزانا شاهين” جي هن نظمن تي مشتمل شعري مجموعي “نينهن جو نوحو” ۾ شامل اڪثر نظم هر وقت جو آواز ثابت ٿين ٿا، شاعره پنهنجي فني تجربي جي بنياد تي نظمن ۾ سماجي اڻاين کي چٽيو آهي، سندس اظهار جو انداز بلڪل سادو، سولڙو ۽ ٻوليءَ جو استعمال شاندار آهي، هُن پنهنجي هن شعري مجموعي ۾ پابند نظم ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ڪجهه شعر آزاد نظم جي شبيهه رکن ٿا، ان باوجود سندس لکڻي ۾ خوبصورت رواني آهي، پڙهندڙ کي ڪٿي به بوريت جو احساس نه ٿيندو. فرزانا جو نظمن تي مشتمل هي ڪتاب سنڌي شاعري ۾ بهترين واڌارو آهي.
    مرڪ پبليڪيشن طرفان “فرزانا شاهين” جو هي ٻيو شعري مجوعو شايع ڪري رهيا آهيون. اسان جي ڪوشش رهي آهي ته خوبصورت لکڻيون ڪتابي صورت ۾ آڻي پڙهندڙ تائين پهچايون.
    ان ڪوشش ۾ ڪيترا ڪامياب آهيون اهو پڙهندڙ ئي ٻڌائي سگهن ٿا، اوهان جي راين جو انتظار رهندو.

    مرتضيٰ لغاري
    03005182494


    ليکڪا پاران: نينهن جو نوحو

    تخليق جي واٽَ ايتري سولي سهنجي ناهي ٿيندي جيتري پڙھندڙن جي اکين ۽ ذھن ۾ محسوس ٿيندي آهي، تخليق ۾ تخليق ڪندڙ جو رَتُ سَتُ هوندو آهي، نور هوندو آهي، اکين جا اوجاڳا هوندا آهن، پلن جون پيڙائون هونديون آهن.
    قلم تي خواهشن جو حڪم ناهي هلندو بلڪه لوچون سوچون جوڙڻَ بعد ئي جذبن جون جوتون جڳ ۾ جرڪي جيئنديون آهن.
    مون نثر توڙي نظماڻي پورهئي منجهان اهو سڀ پرکيو آهي ته سچ جو سڏ ڪوئي به نه ٿو ورنائي، هر جاءِ تي ڪچ جو ميلو متل رهيو آهي.
    جاڙ سين جيئندي ماڙ جي مٺڙي ٻولي ڪوئي ٻُڌڻ پسند نه ٿو ڪري، هن وقت سنڌي ادب ۾ تخليقن کان وڌيڪ گهرج آهي سنجيدگيءَ جي، جيڪا عملي طور اسان منجھه ناهي رهي، انهيءَ ڪارڻ تخليقي عمل بي جان بڻجي چڪو آهي ۽ ھھڙي حالت هاڃيڪار آهي.
    صبح جي صِفن ۾ بيھڻ لئه بهتر ٿيندو ته وري طبيعت ۾ سنجيدگي پيدا ڪري اول پنهنجي ذات سُھائيءَ سان سينگاري سجائي پوءِ ئي قومي پنڌ جا پانڌي بڻجون.
    جيتري ڪسرت سان هاڻي ادب ۾ لکيو وڃي ٿو ان جي ڀيٽَ ۾ ايتري قدر ڪتاب پڙھيو ڪونه ٿو ٿئي اسان اگر ماضيءَ جي موڙ تي سوچ کڻي بيهنداسين ته صاف صاف نظر ايندو ته ڪلھه جي ڀيٽَ ۾ اها ڪالهوڪي سچائي اڄُ ڪانه آهي جيڪا ٿي گذري وئي.
    هن وقت سڀڪو پنهنجي ثناخوانيءَ ۾ غرق ٿيندو رهيو آهي ۽ علمي توڙي عملي پنڌ ڌنڌلو ٿي رهيو آهي اهو منهنجو خيال آهي ته شيخ اياز ۽ استاد بخاريءَ کانپوءِ شاعر سنڌي ادب ۾ پنهنجو پاڻ ڇو ڪو نه مڃرائي سگهيو آهي!؟
    شاعريءَ جو جاندار پنڌ رڪجي ڇو چڪو آهي!؟
    ان جو سبب اهو آهي ته هن سمي ادبي دنيا ۾ نقاد ڪوئي ناهي رهيو اگر مخفي طرح ڪٿي موجود آهي به ته هو موجوده ادبي حالتن سان منهن ڏيڻ جو ست نه ٿو ساري، ڇو جو سنڌي ادب ۾ ڌڙابندي ايئن آهي جيئن سنڌ ۾ پاڻيءَ تي وارابندي رهي آهي.
    اسان سڀني کي هيڪڙائيءَ جي وائي ورجائڻي ئي پوندي ۽ خلوص سان هٿ هٿ سان ڳنڍي وڌڻو پوندو ته وري ادبي اوسر کڻي قلم جو نئون صبح ٿي سگهي ٿو.
    ادب ۾ ڌڙن سبب اديب ته عارضي اڀري سگهي ٿو پر بهتر ادب سرجي نه ٿو سگهجي ان عمل سان ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت ته پري پر موجوده ٻوليءَ جو بچاءُ ڪرڻ به مشڪل آهي، انائن جي انڌ ۾ اسان جا ذھن ايترو ته ڀٽڪي ڀلجي ويا آهن جو افسوس ڪندي به ندامت محسوس ٿي رهي آهي، استادبخاريءَ جون اهي سٽون مونکي جهوري وجهنديون آهن ته خدا ڪري ايئن نه ٿئي جيئن شاعر پنهنجي تصوراتي ڪيفيت کي شاعريءَ ۾ اظهاريو آهي:
    “پنهنجي ٻولي ڳول بخاري“
    سچ ته اهو آهي ڪلھه جي قلمي کاهوڙين جو پنڌ اسان لئه اڄ به دڳ ۽ درس آهي ڇو جو انهن جو قلمي ڪيل پورهيو اسان جي اڄوڪي پورهئي ٿي ڀاري آهي، انھيءَ رخ ۾ ته هنن فقيرن وٽ فڪر هئو، ڌرتيءَ جا سچا نمائندا هئا، انهن جو پنڌ مقصد ڀريو هئو، هو ذات نه پر قوم لئه ڪُرندا ۽ ڪُرڪندا رهيا هئا.
    ڪالھه کان وڌيڪ سنڌ اڄ مسئلن جي منهن ۾ آهي ۽ اسين ڪوبه حيلو نه ٿا هلايون، ڪائي به مذمت نه ٿا ڪريون، انهيءَ ڪري مصيبتون تيزيءَ جي تار سان وڌي رهيون آهن اسان کان اجتماعي مفاد وسري چڪا آهن ۽ اسان سجاڳيءَ جي سينَ کان ڪَنَ لاٽار ڪري چڪا آهيون بيحس ٿي جيئندا رهون ٿا اها ئي ڀل آهي ته اسان قلم وسيلي تحريڪ هلائي رهيا آهيون. اهو سڀ اسان جو وهم آهي.
    منهنجو هيءُ چوٿون ڪتاب آهي.
    “نينهن جو نوحو“
    هيءُ نينهن منهنجو سنڌ سان نينهن آهي، هيءُ نينهن منهنجو مارن سان نينهن آهي، هيءُ نينهن منهنجو ادب سان نينهن آهي، هيءُ نينهن منهنجو جهريل جيئڙن سان نينهن آهي، ھيءُ نينهن منهنجو ديس جي دلگيرن سان نينهن آهي، هيءُ نينهن منهنجو مُٺيل امڙين سان نينهن آهي، هيءُ نينهن منهنجو ڦُريل ونين سان نينهن آهي. جيڪي مينڌيءَ رتن هٿن ۾ پنهنجن ورن جو بيڏوهه وهيل رتُ ڏسي ڏجهندي جيئريون جهورين ۾ ڳرن ٿيون، هيءُ نينهن انهن ننڌڻڪن سان آهي، جن جو هن جڳت ۾ ڪوئي ناهي، هيءُ نينهن منهنجي ڏات جو نينهن آهي جيڪا منهنجي داخلي ڪيفيت کان وڌيڪ خارجي وايومنڊل تي مونکي لڇائي لکائي رهي آهي ۽ منهنجي زندگيءَ تي ٻاجهارو وقت مونتي ڇپر ڇانءَ سان گڏ مونکي اهو يقين ڏئي رهيو آهي، چئي رهيو آهي ته منهنجو هيءُ پيڙائن ڀريو پورهيو گهڙين جي گهاٽَ تي نروار ٿي سيڻن لئه سوجهرو ٿيندو. منهنجا هٿ ۽ پير رهن نه رهن پر جذبا جوتي ٻاري جڳ ۾ جيئندا رهندا، هر جيءَ کي هيءُ منهنجو نينهن پنهنجو نينهن محسوس ٿيندو مونکي پنهنجي سچائيءَ تي ڪوئي به گمان ڪونه آهي، زندگي جهٽ سوا جو ميلو آهي، پنڌ ۽ پيڙائن جو پورهيو باقي رهڻو آهي، مان ٿورائتي آهيان “مرڪ پبليڪيشن” جي سٿ جي، جن منهنجو هيءُ ٻيو شعري مجموعو ڇپي پڙھندڙن تائين پُهچايو آهي، مان ان ئي اميد تي جيئنديس ته سدائين سنڌ جو نينهن منهنجن نيڻن ۾ نروار ٿي رهندو، لکرائيندو ۽ جيئاريندو.

    فرزانا ”شاهين“
    ڪراچي سنڌ
    3ڊسمبر 2017ع


    نظم

    امڙ جي شان ۾

    نه ٻِي هستي سُجهي ڪائي،
    وو آيل، تون ئي تون آهين!
    دعا جي شاد تون دنيا،
    آن زنداباد تون دنيا،
    ستارا خواب هن تنهنجا،
    ڏُکارا خواب هن تنهنجا!
    وهيو جو لڙڪ هت توکان،
    هُتي هوندو طهوره سو،
    سُڪائي پاڻَ جا آنڊا،
    پئي پالين ڄَڻيا پنهنجا،
    سخا جي انتها آهين،
    زماني ۾ وفا آهين،
    نصيبن جي ڪٿا آهين،
    ڀرم دل جو خدا آهين!
    پراوا سور سانڍيا تو،
    هزارين گهاوَ ماڻيا تو!
    چوي “شاهين” ٿي آئي!
    نه ٻِي هستي سُجهي ڪائي،
    وو آيل، تون ئي تون آهين!

    


    صدائون

    گڙن گهٽجن، سڪن سڏڪن،
    صدائون سنڌ منهنجي جون!
    لکي سگهندو ذهن ڪوئي،
    ڪٿائون سنڌ منهنجي جون!؟
    هتي مهمان اوچو آ،
    هتي ايمان اوچو آ،
    هتي هن جيءَ ٻاجهارا،
    هتي انسان اوچو آ،
    ڳڻي ڪوئي ڳڻي سگهندو،
    وفائون سنڌ منهنجيءَ جون!؟
    اهو جيئندو نه مرڻو آ،
    مثل مهتاب ٻرڻو آ،
    مٽيءَ جو مان سو ٿيندو،
    نه ڏاڍن کان جو ڏرڻو آ،
    سدائين ڇانورا تنهن تي،
    دعائون سنڌ منهنجي جون!
    ڪڏهن هن شاهه جون وايون،
    ڪڏهن هن شيخ جا دوها،
    ڪڏهن منشي ڪڏهن استاد،
    ڪڏهن آسيءَ جون لکڻيون،
    ڪتابن ۾ پڙهيو پرکيو،
    اڇائون سنڌ منهنجي جون!
    هتي لاچار لوڙين ٿا،
    هتي بيمار لوڙين ٿا.
    ڏُکي شاهين ٿو هينئڙو،
    ٻڍا ۽ ٻار لوڙين ٿا،
    ڇني تن کان کپائن ٿا،
    دعائون سنڌ منهنجي جون!

    


    پنهنجو عشق اهو آ

    محبت پنهنجو مذهب آهي،
    هن مذهب ۾ فرقو ناهي،
    هي مذهب ٿو دليون ٺاهي،
    هي مذهب ٿو سڀ کي چاهي،
    پنهنجو عشق اهو آ مٺڙا!
    شيعو ناهي سُني ناهي،
    هندو ناهي مسلم ناهي
    مرڪڻ مرڪڻ جيون مرڪڻ،
    محبت پنهنجيءَ ۾ غم ناهي،
    پنهنجو عشق اهو آ مٺڙا!
    نيڻن ۾ آ نور سدائين،
    وک وک شوق، شعور سدائين،
    من ۾ آ منصور سدائين،
    هوت، پنهونءَ جو پور سدائين،
    واٽ نه اوکي، آ ڪا مٺڙا!
    پنهنجو عشق اهو آ مٺڙا!
    جنهن ۾ دوئي دوري ناهي،
    جنهن ۾ سُک منصوري ناهي،
    جنهن ۾ شاهه عنايت ناهي،
    جنهن ۾ مست درازي ناهي،
    واٽ نه گهرجي ٿي سا مٺڙا!
    پنهنجو عشق اهو آ مٺڙا!
    چين هتي ۽ چاهت آهي،
    روح سڄي کي راحت آهي
    “فرزانا شاهين” حياتيءَ
    جهڙي سندر ساعت آهي،
    رنج نه ڀانيون ٿا ها مٺڙا!
    پنهنجو عشق اهو آ مٺڙا!
    پنهنجو عشق اهو آ مٺڙا!

    


    اسان جي نينهن جو نوحو

    اسان جي نينهن جو نوحو
    نه ڪنهن ڄاتو نه ڪنهن ڳاتو،
    اسان جي ساھُ ۾ سُڏڪا،
    ازل جي سوکڙي آهن
    اسان جي اک ۾ الڪا
    ازل جي سوکڙي آهن
    اسان وٽ پور ۽ پٽڪا
    ازل جي سوکڙي آهن
    دکن جا جيءَ ۾ جهٽڪا،
    ازل جي سوکڙي آھن،
    الائي ڪنهنجا هي کٽڪا؟
    ازل جي سوکڙي آھن،
    اسان جي نينهن جو ناتو،
    نه ڪنهن ڄاتو نه ڪنهن ڳاتو !
    اسان جا نيڻ آلا هن ،
    شڪايت ناهي پر ڪنهن کان،
    پٿون هن پيرڙا پنهنجا،
    نه ڏينديس ويڻ واٽن کي،
    کڻون ٿا ساھ جي سوڳي،
    لکي جا ليک ٿا لوڙيون،
    لکيو جي لوح ۾ لالڻ،
    نه چاهيندي قبوليو سين،
    ذري تڙپڻ ذري مرڪڻ،
    اسان جي ڀاڳ جو ڀاڱو،
    نه ڪو ڄاڻي نه ڪو سمجهي!
    اسان جو ڏيل، ڏينهنڙا ڏون!
    اسان جي نينهن جو نوحو،
    نه ڪنهن ڄاتو نه ڪنهن ڳاتو!

    

    اسان جي نيهن جو نوحو
    نه ڪنهن ڄاتو، نه ڪنهن ڳاتو
    اسان جو ساهه سختين ۾
    اسان جي واٽَ ويڙهاندي،
    اسان جو ساهه جنمن کان
    اڪيلو هو اڪيلو آ،
    اسان جي بات ڀورائي،
    اسان جي ڏات ڏيئاٽيون،
    پريشانيون گهڻيون گهاٽيون،
    الائي ڪيئن هن ڪاٽيون!؟
    اسان ۾ سور جي دنيا،
    اها ئي نور جي دنيا،
    پرينءَ جي پور جي دنيا،
    دلي دستور جي دنيا،
    اسان راھِ الستي هون،
    اسان مستان مستي هون،
    اسان جي نينهن جو نوحو
    نه ڪنهن ڄاتو نه ڪنهن ڳاتو!

    


    حياتي هيجُ ٿي آهي

    اها دوري ٿي دل ڏاري،
    وڇوڙن کي وڍي اڇلي،
    هلي آ روح جي لاري،
    نه ڪائي روڪ اچڻي آ،
    وجودِ، مست مستيءَ ۾،
    دنيا جي لوڀ جو لوڙهو،
    ڇڏيون ڊاهي، ڪيون پڌر،
    حقيقت جي حياتيءَ جو،
    لطف ماڻي وٺون مٺڙا!
    اجل جي خوف کي ماري
    جيئاريون عشق اندر ۾،
    فنا جي ڦوڪ هلڪي آ،
    بقا جي ڀروسي اڳيان
    اميدن جون اکيون آڻي،
    ڏسون ٿا قلب جو عالم،
    اسان وٽ ساهه جو آهي،
    اهو الله جو آهي،
    هلي آ هيڪڙا ٿي پئون،
    اها دوري ٿي دل ڏاري،
    ٻيائيءَ جون هڙئي واٽون،
    وساري کڻ وکون وڏڙيون،
    جوانيءَ جو جڳت آهي
    پهر جي پيرڙن تائين،
    نظارن کان ستارن کان،
    سکون ٿا پيار پيارن کان،
    سڪايون ساهه ڇو سرتا!؟
    حياتي هيج ئي آهي،
    چون منڪر ڇا محبت جا؟
    انهن جي ڪاڻ ڪانهي ڪا،
    وڃي ٿو وقت پيو وڄندو،
    نچن جذبا جواني جا،
    ڏسين ٿو رنگ روحن ۾،
    سمايل جيءَ! جانيءَ جا؟
    ملو، مذهب ٻيئي پاسي،
    ڌرم پنڊت ٻيئي پاسي،
    هي دم ٿو نينهن نِت ڀاسي،
    اها دوري ٿي دل ڏاري
    اُهي ڇڏ وسوسا سارا
    حقيقت جون اکيون پڙهه تون،
    وجود_ بي بقا هڪ آ،
    هي واٽون وِيههَ ويڙهي ڇڏ،
    صداقت سوجهرو آهي،
    مڪاري اوک جي اوندهه،
    سڃاڻي پاڻ وٺ پنهنجو
    ته ڪجهه ڀي ڪو نه آ اهنجو،
    وفا ۽ بي وفا واري،
    وساري واٽ اچ جاني،
    دکن جي ڀي دڳن تي آ،
    سکن جي روشني راڻا!
    سڀاڳي سونهن ساڻي آ،
    همت گهرجي يقين گهرجي،
    اندر اڊڪا تون ڇڏي اڇلي،
    وٺي وڌ پنڌ جوڳين جيان،
    پوي پرجي پرين هڪڙو،
    اِها دوري ٿي دل ڏاري!
    اُهي دردن جو ديڳيون هن،
    رجهن ٿيون چاهه جي چلهه ۾،
    الا هي هانوَ ۾ هيڏيون،
    ٻرن ٿيون قرب جون ڪاٺيون،
    اُهي هن عشق جون ڳالهيون،
    محبت مُشڪ جون ڳالهيون،
    جهان جي جهنجهٽن کي ڇڏ،
    اڪيلائي وسايون ٿا،
    وري ڪا وصل جي وائي،
    ڳڻي ڳُڻ ڳالهه ڳايون ٿا،
    پرين پوندو جڏهن سرچي،
    تڏهن ٿيندو سفر سهڻو،
    حياتي هيج تي ڪڏندي،
    نبيريو نينهن نيڻن سان،
    هتي هر هڪ پهر سهڻو،
    رُٺل پرچي پنهل پرچي
    اها دوري ٿي دل ڏاري....

    


    ثوابي رات

    ثوابي رات آ راڻا!
    نه ڪا مسجد نه ڪو مصلو-
    پئي ساريان عبادت لئه!
    هلي آ ڀٽَ تي گڏجي
    گذاريون رات ساري ٿا!
    نگاهن ۾ رکي جوتي-
    برھ جا ڀاڳ ٿا ميڙيون!
    لطيفي ڀونءِ ڀاڳيلي-
    رڙھي اڄُ راڳ ٿا ميڙيون!
    وڃائي ننڊ نيڻن جي-
    جواني جاڳ ٿا ميڙيون!
    تنبوري تار کي ڇيڙي-
    سڏيون ٿا “شاھ” کي سهڻا!
    اچي گڏجي گذاري هو-
    اسان سان رات اڄ هڪڙي!
    وري وايون سڻون ساريون
    سمورن سور وارن جون!
    پچارون جيءُ چاهي ٿو
    هجن پيارن پنهوارن جون!
    اکيون تسبيح کڻي سورين
    ستارن کي ڪري داڻا!
    ثوابي رات آ راڻا!
    ثوابن کي ڪمايون ٿا
    اسان اکڙيون وسايون ٿا!
    سکن جو تذڪرو ڪهڙو!؟
    سکن کان بي شناس آهيون!
    ڏُکن جي هانوَ جا ڀاتي
    اسان آهيون ازل کان ئي!
    اسان وٽ سور جون ڳالهيون
    اسان وٽ سور جون پياليون
    پيئون پيا ٿا، جيئون پيا ٿا!
    محبت ڏيھه کي ان لئه-
    ڏيئون پيا ٿا ڏيئون پيا ٿا!
    ثوابي رات آ راڻا!
    ڏکيري ڏات آ راڻا!
    حياتي تات آ راڻا!

    


    ڌرتي جيجل ماٺ رهي ٿي

    انبر! تنهنجي اوچائيءَ کي،
    ڄاڻان آنءُ سڃاڻان پيئي،
    ها مان ڀومي ڀاڳونديءَ جي،
    نيازي نينهن ڀري ڀي ڄاڻان!
    انبر! تو وٽ آڪڙ آھي،
    ڪوڙي ريت رواجي جڳ ۾،
    جيئن ڪو مرد مڃائي مڙسي،
    ماري بيڏوھ ناري زاري،
    ڌرتي منهنجي ماءُ جيان آ،
    سوريتي هر جاءِ سٻاجهي،
    انبر ! توکي رعب رهي ٿو،
    گوڙ ڪرين ٿو مردن وانگي،
    ڌرتي جيجل ماٺ رهي ٿي،
    بيوس بڻيل ڄٽ پٽ آڏو ،
    انبر! ڏاڍي مرد جيان تون،
    ڌرتي پر مون ماٺ ڏٺي آ.

    


    هي جيون ساز آ

    گهڙي پل ساز آ جيون !
    وڄائيندا وڄي پوندو،
    اوهان ُسرُ سورَ جو ڇيڙيو
    ته سورن تارئي وڄندي!
    ٻُڌي احساس واري دل
    پئي لڇندي پئي ڏکندي !
    نراسا نيڻ پيا وهندا
    سدا سانوڻ جيان جڳ ۾!
    اوهان راڳي اوهان ڀاڳي،
    رياض_ قرب ڪيو جاڳي!
    هي جيون ساز آ جاني !
    جڏهن ڇيڙيو ڇڙي پوندو!
    اڪيلو، ماٺ هيڏي سان،
    وڙھي پوندو وڙھي پوندو!
    گهڙيءَ جا ُسرَ سڻائيندو،
    نه ڪائي دل ڏکائيندو !
    گهڙي پل ساز آ جيون!
    وڄائيندا وڄي پوندو!
    اڃان ڀي اعتبارن جون،
    سلامت آڱريون آھن،
    اڃان ڀي تات جون تارون،
    ڦِٽيون ناهن ُٽٽيون ناهن
    غزل ڪي سونهن جا سهڻا -
    الاپيو هان صدائن ۾،
    وڏو سک چين هوندو آ،
    مٺا! منهنجا وفائن ۾،
    ٻه ٽي ٻوليون ٻُرايون هان،
    رُٺل هر جيءُ پئي جهومي،
    محبت ڳيچ ڳايون هان،
    گهڙي پل ساز ساهن جو!
    گهڙي آواز ساهن جو!
    گهڙي پل ساز آ جيون،
    وڄائيندا وڄي پوندو،
    ڦِٽائيندا ڦٽي پوندو!

    


    اڪيلي سنڌڙي

    وڃي ٿو واٽَ سان هرڪو،
    وساري سورُ ڌرتيءَ جو!
    نه پالي پورُ ڌرتيءَ جو،
    نه ڄاڻي نورُ ڌرتيءَ جو!
    قبيلائي ڇڏي جهيڙا،
    وَٺو هٿُ هيڪڙائيءَ جو!
    ويو مزدور پورهئي لئه،
    لهوءَ ۾ لال ٿي آيو!
    ڏِسي هن ڏي ڏُکن اکڙيون،
    صفا بي حال ٿي آيو!
    ڪُسي ويو هاڙھَ ۾ هيڪل،
    الاڙي لالُ آئيءَ جو!
    اڪيلي سنڌُڙي آهي،
    ورائي ويرُ، ويري ويا!
    ڏُکن جي جهول ۾ جُهولي،
    اڪيلي جندڙي آهي!
    وڙهو حق لئه ڇڏي اُلڪو،
    دعائن ۾ سڻائيءَ جو!
    وري ڪردار جوڌن جا،
    پيا گهرجن وو ڌرتيءَ کي!
    لهو پَرِگهورَ جيجل جي،
    وساري ويلَ سرتيءَ کي!
    ڏسو سُرُ هاڻي ڪيڏارو،
    پڙهو جذبو “ڀٽائيءَ“ جو!
    حياتي ڀونءِ تان گهوريو،
    حياتي ڀونءِ جي آهي!
    ڀلا ڇا موت کان جيون،
    ڪڏھن ڪاٿي لڪي سگهندو!؟
    اڙي ڇا لاءِ سانڍيو ٿا،
    اهو کُٽڪو جدائيءَ جو!؟
    چُلهِن بدران ٻَرن دليون،
    نه چئه لڪڙيون سڙيون هڏڙيون!
    رڳو ماتم متل آهي،
    سڄي ڌرتي تتل آهي!
    اڃان “شاهين” قيامت ٻِي،
    وريو ويلو لڙائيءَ جو!

    


    مون

    روليو آ روليو ،
    مونکي منهنجي مون،
    آئون نه ڄاڻان تون !
    ڀونءِ! پناهون ڏي،
    ڏيھ ھي ڏاڙهي ٿو،
    ڏينهن هتي هان ڏون،
    آئون نه ڄاڻان تون !
    ڪنهن سان ڪونهي ڪوءِ
    واڪا وڻ وڻ ووءِ،
    ھينئون آ ڦاڪون،
    آئون نه ڄاڻان تون !
    ڇو ۽ ڇاهيان مان؟
    ڄاڻڻ چاهيان مان،
    اندر جون آھون،
    آئون نه ڄاڻان تون!
    ماڻهن کان ٿي ڏور،
    ساڻ کڻي هر سور،
    ڀٽ وسائي مون،
    آئون مڃان پو تون،
    ڏي تون مون کي مون.

    


    وساريل ساعتون

    اگر هڪ تون پوين پرچي،
    رُٺو سنسار سرچايان،
    الا هر روح ريجهايان،
    بقا جو تاج مان پايان،
    ڳڻي ڳالهيون پرين! ڳايان
    نه جهنم بهشت کي ڀايان
    فنا کي آنءُ للڪاريان،
    مصيبت موت کي ساريان،
    سوا آشا عمر گهاريان،
    ٻڏل ٻيڙا تڳي تاريان
    وسرايل ساعتون ساريون،
    سدا مدهوش مان گهاريان،
    نه ڪو پل هينئڙو هاريان،
    بتيون وحدت سنديون ٻاريان،
    ڪچائي هانو مان ڏاريان،
    اگر هڪ تون پوين پرچي،
    دنيا عقبي وڃي سرچي!

    


    بُت دنيا جو

    مون کي ڏور جو وڃڻو آهي،
    ڪيئن جهليان مان سوچ سفر کي
    ڪيئن پليان مان سِڪ “سکر” کي،
    هو جي تارا نينڍ ڏين ٿا،
    هو ٿو جو آڪاش نهاري،
    تن ڏي آئون ته وڃڻي آهيان،
    مرڻي آهيان، جيئڻي ناهيان،
    ماضي نيٺ ته ٿيڻي آهيان،
    ڏات ڏياٽيون ٻاري وينديس،
    ها مان پاڻ جياري وينديس
    پو پر ڪاٿي ساهه ٺڪاڻو!؟
    پو پر ڪاٿي گڏبو راڻو!؟
    سُرت اِها سڀ ناهي ناهي،
    جيون موت مسافت آهي،
    مصور جوڙي ٽوڙي پيو ٿو،
    بُت دنيا جو دائم ناهي،
    قول ڪري ڪو قائم ناهي،

    


    آ لڳي لوري امان!

    دل ۾ ازلي درد آ!
    چين چورائي پيو
    ڇا ته تڙپائي پيو
    عشق ٿو ڳائي پيو،
    جيءَ ۾ جهوري امان!
    آ لڳي لوري امان!
    ڪجهه به ڄاڻان ڪا نه ٿي،
    مان سهان الڪو نه ٿي،
    ڄڻ ٻڌان کڙڪو نه ٿي،
    ڪو ڪيان سُڏڪو نه ٿي،
    مان اُها ڀوري امان!
    ماڙ ناهي ڪوهه جي
    آنءُ ناهيان لوهه جي،
    راهه اوکي روهه جي،
    ڪاڻ ڏاڍي ڏوهه جي!؟
    ڇا ڪري ڇوري امان!؟
    آلڳي لوري امان!
    مَنَ اندر ڇاهي امان!؟
    ساهه ست ناهي امان!
    وقت ٿو ڊاهي امان!
    ڪو نه ڏڍ آهي امان!
    دل اَٿم پوري امان!
    آ لڳي لوري امان!
    سور هي “شاهين” کي،
    ڀاڳ هن بخشي ڏنا،
    نيڻ هن آيل، ڀنا!
    ساٿ مارن کان ڇنا!
    عمر آ ٿوري امان!
    آ لڳي لوري امان!

    


    ٻريا ڏيئڙا ته ڇاٿي پيو

    نه بادل ڀاڳ جا برسيا،
    رهيا هن سور ئي سرسيا،
    نه دم بت ساڻ هت ترسيا،
    اسان تاسا وڃون پيا ٿا،
    وٺا مينهڙا ته ڇا ٿي پيو؟
    کلڻ جي آس روئاريو،
    ڏکن هن ڏيل کي ڏاريو،
    اوهان جي دورين ماريو
    ڏکن جي ڇانورن ۾ هن،
    ڪٽيا ڏينهڙا ته ڇاٿي پيو!؟
    حياتي هڪ هئي پياري،
    اُها ڀي اوجهرن ماري،
    ورائي وئي بدن واري،
    قبر تي اڄ سوين سرتا!
    ٻريا ڏيئڙا ته ڇاٿي پيو،
    رکيا دم دوست ڏي ويندي،
    گهڻي ٿي دير وئي ايندي،
    مگر هاريس سڦل ٿيندي،
    ٻين کي حوصلا ڏيندي،
    ڏُکُيئي جيئڙا ! ته ڇاٿي پيو؟
    مِٽي ۽ مائٽي ڪنهن سان،
    ٻڌي تنهنجي نه آهي مان،
    ته رشتن لئه ڇڏي ڏي دانهن،
    ازل کان هيڪلو تون آن،
    اي جوڳيئڙا! ته ڇا ٿي پيو!؟
    ڏکيا “شاهين” پل گهاريئي،
    ڏکي ڳوڙها ڪٿي هاريئي؟
    همت سان آفتون ٽاريئي،
    ڪٽي ڏڻ هيڪلاين سان
    رنئي هينئڙا! ته ڇا ٿي پيو!؟

    


    اسان جي ڳالهه ڳوٺاڻي

    اسان جا پير پهڻن جا
    ازل کان ئي لکا آهن،
    اسان جا نيڻ نيسارا
    پنهوارن جا پکا آهن،
    اسان جو ڀاڳ ڀومي ڙي!
    اسان مزدور جا لڱ هون،
    اسان جي ڳالهه ڳوٺاڻي،
    اسان مشڪل مٺا! ماڻي،
    اسان جو راڳ ڀومي ڙي!
    انا جي جنگ ۾ ڇاهي؟
    ڇڏي ٿي جيئڙا ڊاهي،
    اچن ڌاريا ٿا ڌوتا هت،
    اڙي، سياست، اڙي، دانش،
    چوي ٿي جاڳ ڀومي ڙي!
    رُلي ويندين ڀُلي ويندين،
    مٽيءَ کان ڌار ڪيئن ٿيندين!؟
    ڇڏي آڪاش جا سپنا،
    حقيقت سان جيئو جڳ ۾،
    سڃاڻو ماڳ ڀومي ڙي!
    اها “شاهين” لالچ ڇو؟
    شرم ۽ شان ڪر پختو،
    پراوا طعام تاڻين ٿو،
    نه پنهنجو بخت ڄاڻين ٿو،
    ڏيئي ٿي ساڳ ڀومي ڙي!

    


    اگر تون نه آھين !

    هري هيئن هستي،
    نه مرڪڻ نه مستي،
    نه ڪو دڳ الستي،
    نه ويچار وستي،
    اگر تون نه آھين !

    نه سنسار پنهنجو،
    نه غمخوار پنهنجو،
    نه ڪمڪار پنهنجو،
    بدن بار پنهنجو،
    اگر تون نه آھين !

    نه تارا سڃاڻان،
    نه پيارا سڃاڻان،
    نه چارا سڃاڻان،
    اگر تون نه آھين!

    نه انداز جيون،
    نه همراز جيون،
    نه اعزاز جيون،
    نه آواز جيون،
    اگر تون نه آھين!

    نه نيڻن ۾ الڪا،
    رهي سار، سڏڪا،
    اندر منجھه اڊڪا،
    نه خود جي آسڌ ڪا،
    اگر تون نه آھين !

    نه ساڃاھ من کي،
    نه ڄاڻان مان بن کي،
    تڪيان ڇا گگن کي؟
    برھ باھ تن کي،
    اگر تون نه آھين!

    مرڻ ڇا جيئڻ ڇا؟
    نه پرواھ ٿم ڪا،
    هي ڏينهن جيها تيها،
    نه ڪائي به آشا،
    اگر تون نه آھين!

    ته “شاهين” ڪهڙي؟
    حياتيءَ ۾ ههڙي،
    مٺا! ماٺ جهڙي،
    ھا جهڙي نه تهڙي !
    اگر تون نه آھين !

    


    رڳو ”شاهين“ کي سارون

    پڪارين ٿو نه سارين ٿو،
    ستارا آيتون تنهنجون،
    زمين ۽ محبتون تنهنجون،
    نظارا نعمتون تنهنجون،
    ڏئي قربت جيارين ٿو!
    اکين ۾ سارَجا ڳوڙها،
    او پيارا! پيار جا ڳوڙها،
    کٽڻ ۽ هار جا ڳوڙها
    ڏٺا سنسار جا ڳوڙها،
    ڏئي غم دل اجارين ٿو،
    ڪڏهن تون خوف جو عالم،
    ڪڏهن اوکيءَ سندو ماتم
    جيارين ٿو ۽ مارين ٿو!
    زمين ۽ هر زمان تنهنجو،
    هي جانيئڙا! جهان تنهنجو،
    اندر ۾ آسمان تنهنجو،
    ڪٿي ناهي مڪان تنهنجو،
    گُمان ڇا لئه اڀارين ٿو!؟
    بَرن شهرن ۾ ووڙيو مون،
    بچيون هن هانوَ ۾ آسون،
    رهي ٿم روح ۾ رون رون،
    نه ٿو پسجين پرين ڇو تون؟
    ڪٿي آخر گذارين ٿو!؟
    رڳو “شاهين” کي سارون،
    تنوارون تات ۽ تارون،
    نه ڏي ويساهه ۾ ڏارون،
    نه سارين ٿو پڪارين ٿو!

    


    جاڳ ازل جي

    اونداهيءَ مان سڏڪو آيو
    منهنجي دل جا ڪن وڄي ويا،
    سوچون سارون سانت ويون ٿي،
    ڀٽ تي ڪائي ڪنڌ جهڪائي،
    پوڙهي ماءُ ڀريا ٿي سڏڪا،
    هن جو چهرو چنڊ کان اعليٰ،
    هن جي روح ۾ شاهه ڀٽائي،
    هن جون اکيون جاڳ ازل جي،
    هن جون آسون خواب سکن جو،
    هن جو الڪو خير ٿئي شل،
    هن جا ڳوڙها ڪاش اُگهي ڪو،
    هن جو الڪو قوم بچي شل،
    سرندي هن ڏي مون پڇيو هو،
    آيل! ڪير ڪٿان جي آهين؟
    سڏڪي ڀاڪر منجهه چيائين،
    تنهنجي ماتا سنڌ ستي مان!

    


    حقيقت هاربي ناهي

    بقا جي بادشاهي آ،
    فنا ٿيا وهم ويچارا،
    سچا ٿيا جيءَ سوڀارا،
    کٽا ڪل پير پاڳارا،
    وٺا نيڻن سندا نارا،
    ويون ڳڻتيون ڳريا ڳارا،
    چون ٿا رات جا تارا،
    حقيقت هاربي ناهي،
    محبت ماربي ناهي،
    او ڀومي ڏاربي ناهي،
    حياتي ڳاربي ناهي،
    سچائي ٽاربي ناهي،
    ندي ڪا تاربي ناهي،
    سچو آ عشق جو رستو،
    وڃي سر ڀونءِ تان سستو،
    ننڍو ٻيو تاج ۽ تحفو،
    برهه ۾ ڀاڳ آ بختو،
    وفا جي بادشاهي آ،
    بقا جي بادشاهي آ،
    خدا جي بادشاهي آ.

    


    ڪُل ڀلايون تون

    پرين! تون قلب ۾ قائم،
    پرين! تون خيال منهنجي ۾،
    هرين ٿو هانوَ ۾ هيڪل،
    سڻين ٿو ساهه جا سڏڪا
    گهُرين ٿو هيڪلايون تون،
    ڪڏهن ويڻن جون وايون تون،
    ڀلارا! ڪُل ڀلايون تون،
    جهان جا جيءَ جايون تون،
    وڇوڙن منجهه وايون تون،
    ستارن ۾ نظارن ۾،
    تنوارن ۾ اشارن ۾،
    تون ڀورن ۾ ۽ ڪارن ۾،
    وسين ٿو واٽ چارن ۾،
    هميشه حسن وارن ۾،
    رهين ٿو روح ۾ راڻا!
    مگر تون لامڪان آهين!

    


    مٺا! تون ٻارڙو آهين

    مٽيءَ مان ٺاهي ڪي چاڻا،
    ڪرائين تن کان تون ماڻا،
    سجائي ساهه سان ٽاڻا،
    ڀڃي ڀورين پيو راڻا!
    مٺا! تون ٻارڙو آهين،
    تماشو تون ڪرائين ٿو،
    تڪين تون ماٺ جڳ کي تون
    سڻين ٿو سانت جو سڏڪو،
    پرين! سڀ پاڻ ٿو چاهين!؟
    ڏنئي احساس اندر ۾
    اکيون ووڙين منظر ۾،
    نه تون مسجد ۽ مندر ۾،
    ڏٺو ڌرتي ۽ انبر ۾،
    اکين جي اوڏڙو ناهين،
    ڪڏهن شاهين ۾ ڳولين،
    ڪڏهن رڻ راهه ۾ رولين،
    عجب جا آسرا ٿو ڏين،
    نه ڪو درشن دري کولين،
    نه ڄاڻان! نيٺ تون ڇاهين!؟

    


    مگر سڏي ته ڪو پيو

    مگر سڏي ته ڪو پيو،
    ڪنن ٻڌي نه ڪوڪ ڪا،
    الا هِلي هيانءُ ويو،
    وڏو هو سور نينڍ ۾،
    لُڏي وئي لونءَ لونءَ آ،
    اکيون نهار ۾ ٻڏيون،
    مگر اماس رڻ رڙيون،
    نه ڪو پهي پيام هو،
    خموش هو سمو ستل،
    زمين زلزلو ڪيو،
    فلڪ رُنو رڙيو پئي،
    اندر منجهان آواز ٿيو،
    حبيب هو سو هوت هو،
    مگر ڌيان وائڙي
    پُڄي نه پير ها پسيا
    الائي ڪير آ اڃان،
    مگر سڏي ته ڪو پيو،
    نه ڇڪ ڇڏي ته سو پيو.

    


    بَرَ ۾ جوڀن

    منهنجي ساهن جو وڻ مٺڙا!
    بت جي ڀوميءَ ۾ ڪنهن موريو!؟
    آنءُ نه ڄاڻان ڪير ته هوندو!
    جنهن ڀي مون کي پاليو تاتيو،
    آخر مون کان ڏور هليو ويو،
    آسن جا پن گهاٽا آهن،
    ٿڙ ڀرم جو پختو آهي،
    ڪير به سوچي ڪين پيو هي،
    مون کي ڪجهه به ڪين کپي ٿو،
    ها پر بَرَ ۾ جوڀن لامون،
    لُڏندي لمندي پُوريون ٿينديون،
    رڻ ۾ آهيان ڀٽڪيل ڪو ئي،
    مونجهه مسافر ترسي پوندو،
    چار پهر هت ٿڪ ڀڃان ٿو،
    دل ۾ چوندو مون سين رهندو!

    


    تاسا لمحا

    توکي عشق هئو ڇا مون سان؟
    تو وٽ ساڳي ذات جو الڪو،
    تو وٽ ساڳي بات جو پٽڪو،
    تو وٽ ساڳي دنياداري،
    تو وٽ ساڳيا خيال اجايا،
    منهنجي لاري ڪين لڳين تون،
    مون جي دڳ تي سورن سڏڪا،
    منهنجي دڳ تي اوکيءَ عالم،
    منهنجي دڳ تي تاسا لمحا،
    منهنجي دڳ تي ويرانا هن،
    منهنجي تنهائي آ مون سان،
    منهنجي دڳ تي لاحاصل آ،
    توکي سڀ ڪي گهُرجي پيو ٿو،
    مون کي اڄ تو ڄاتو آهي،
    مون جو سڀ کان ڏور پيارا!
    پير وڃي اڄ پاتو آهي!

    


    پل جو ميلو

    جيون ڀر جا لمحا آهن،
    ورهين جا اوجاڳا آهن،
    سارا شعر سڀاڳا آهن،
    ڪالهه رکي مون موهه مهورت
    آئي هرڪا سهڻي صورت
    هر هڪ دل ويچار ونڊيا هئا
    منهنجا جذبا ڌار ونڊيا هئا،
    واهه واهه مٺڙا ٻول ٻُريا ٿي
    منهنجي هينئڙي هيج هُريا ٿي،
    منهنجا سڏڪا شعرن ۾ ها،
    سا نه لکا پر ڪنهن کي پئي ڪا
    تاڙيون تاڙيون هال وڄي ٿو،
    مون سان منهنجو خيال وڄي ٿو،
    جذبن جو هي پورهيو آهي،
    واهه واهه جو هي طالب ناهي،
    چين اهو من کي ته نه آيو،
    جيڪو منهنجي دل ٿي چاهيو،
    شعرن جي مزدوري ناهي،
    تانگهه، حياتي پوري ناهي،
    تارن سان ڪو مون کي ڀيٽي،
    سُرتا! هي مزدوري ناهي،
    اندر جو احساس چوي ٿو،
    مون کي منهنجو قياس چوي ٿو،
    مون ته ڪيو سو ناهي ناهي،
    جيڪي اڄ اتهاس گهُري ٿو،
    خيالن ۾ ئي وقت وهي ويو
    سوچيندي ئي سج لهي ويو
    واپس سارا پانڌي وريا،
    روئڻ لئه دل، جذبا ڀريا،
    ڏات امان ٿي ڳالهه ٻڌائي،
    منهنجي دل کي ٿي سمجهائي،
    منهنجا اوجاڳا پل سارا،
    هي به اڌورا هو به اڌورا،
    نيٺ کُٽي ويو پل جو ميلو
    ساڳيو منهنجو جيءُ اڪيلو،
    ساڳيو منهنجو جيءُ اڪيلو.

    
    28 نومبر 2016ع تي سکر آئي بي اي هال ۾ پنهنجي ڪتابن جي مهورت بعد لکيل


    رُڳو آ غم جهان ۾

    قلم قدم اڳي، اڳي
    ڏجو نه سوچو عام لئه
    خيال خاص خاص لئه،
    نه ڏات ڏنج ڏانءَ سان
    صرف ڪروڌ هانءَ سان،
    نه ڀونءِ جو ذڪر فڪر
    مڪاريون مڪرُ مڪرُ
    اداس ٿي ويا پهر
    مٺا به ٿي پيا زهر
    ڪٿي به قُرب ڪو نه آ
    ڏٺا وٿاڻ، گهر، شهر،
    عجيب عادتون وڌيون
    اسان ڇو هاڻ پاڻ ۾؟
    نه دل ذهن ڏٺو هتي
    سڃاڻ ڪنهن به ڄاڻ ۾
    حيات ٿي وڃي پئي،
    اُماس ۾ جهان جي
    پريت ڪو نه خير آ
    زهر ڀري زبان ۾
    رُڳو آ غم جهان ۾.

    


    خودڪشي

    سُور تنهنجو ڪنهن نه ڄاتو،
    ڪنهن نه پاتي جيءَ جهاتي،
    ساھ جا سارا ڪبوتر -
    ڪيئن ۽ ڪاڏي هليا ويا!؟
    لاش ٿي هوءَ آس ويئي،
    ماٺ ٿي مهڻا ملي پئي،
    دم ڏنو تو يا ڪٺئي ڪنهن!؟
    مت منجهي سڀ جي پئي آ !
    تون شعوري اک رکي پو-
    خودڪشيءَ مان ڪهڙي معنيٰ!؟
    يا ته عملي زندگيءَ کان،
    ٻوجھه سورن جو وڏو آ،
    نيڻ لب تو بند ڪيا هن،
    درد تنهنجو ماٺ آھي،
    درد تنهنجو بي زبان آ،
    ڪير تنهنجو ڀيد کولي!؟
    مام جو منهن ڪير کولي!؟
    ڪير سچ چئي پاڻ رولي!؟
    او اڀاڳي منهنجي ڄائي !
    او اڀاڳي منهنجي ڄائي!

    


    ماڻهو! مذهب جي لئه ناهن

    ڏياريءَ جو ڏڻ آ پيارا،
    آءُ ته نفرت کي ٿا ماريون،
    آءُ ته محبت ۾ ٿا گهاريون
    آءُ ڌرم ٿا دل جو جوڙيون
    آءُ امن جو پرچم کوڙيون
    آءُ ته ويڇن کي ٿا ٻوڙيون،
    آءُ ته ٿي انسان رهون ٿا،
    ڀورو ڪارو ڇا ٿيندو آ!؟
    هندو مسلم ڇا ٿيندو آ،
    ماڻهو! ماڻهو ئي هوند وآ،
    ساهه به ساڳيو سوچون ساڳيون،
    پوءِ انائون ڇو ٿا تاتيون!؟
    نفرت نفرت خنجر ڪاتيون،
    وئرٿ ٻي هڻ هڻ آ پيارا،
    محبت جا ٿا ڏيئا ٻاريون،
    ساڙ ڪُدورت کي وساريون
    مذهب ماڻهو! جي لئه آهن،
    ماڻهو! مذهب جي لئه ناهن،
    مذهب ۾ انسان اُتم آ،
    مذهب ۾ ڪو ويڇو ناهي،
    پو هي جڳ ۾ تون مان ڇاهي؟
    ڌرتي بهشت بڻايون پيارا،
    جرڪن جڳ ۾ جذبا سارا،
    تهوارن سان جيئڻو آهي،
    تهوارن سان جهيڙو ناهي،
    سنڌ فقيرن جي آ ماتا،
    پنهنجا ازلئون رشتا ناتا،
    ڌرتي هڪڙي هڪڙو داتا،
    ڌرتي هڪڙي هڪڙو داتا.

    


    سرخرو ٿينداسين ساٿي!

    ماڳ ناهي ڏور ساٿي،
    بس وکون هن چار باقي،
    هانو سان هلندو اڳي هل،
    مشڪلاتون باقي کن پل،
    ساهه کڻجان ماڳ تي تون،
    پنڌ پنهنجو ڏينهڙا ڏون،
    ڄاڻ جابر هارجي ويو،
    وقت اوکو گهارجي ويو،
    سرخرو ٿينداسين ساٿي!
    جيت ٿي اينداسين ساٿي!
    سنڌ مٽيءَ جا جيءَ آهيون،
    پٽ آهيون ڌيءَ آهيون!
    ڇانورن جي آس ڪهڙي؟
    هر گهڙي آ باهه جهڙي،
    منهنجي گهر ۾ منهنجي ٿر ۾،
    آب زهريلو اچي ويو،
    جنگ جو ويلو اچي ويو!

    


    احساسن لاءِ خنجر ڪاتي

    ساڳيو دور هلي ٿو سياڻا!
    ساڳيو حال سلي ٿو سياڻا!
    تنهنجا جذبا ٿڪجي پيا هن،
    خواهش ۾ جو اٽڪي پيا هن،
    توکي لالچ لوڙهيو آهي،
    ڏاهپ تو ۾ هاڻي ناهي،
    تنهنجي سوچ رهي ٿي ذاتي،
    احساسن لاءِ خنجر ڪاتي،
    توکان سنڌ به وسري وئي آ،
    توکان ويل به نڪري وئي آ،
    توکي گهرجي شهرت دولت،
    تنهنجو اڄ ايمان ڪٿي آ!؟
    تو من ۾ انسان ڪٿي آ!؟
    تنهنجو سوچون خالي آهن،
    تنهنجا الڪا خيالي آهن.

    


    اسان جا ڏينهنڙا ڪارا

    ڪٿي هيءَ ڄاڻ هئي پيارا؟
    وهي پوندا سوين سانوڻ،
    ڦٽي پوندا رڳن ۾ وڻ،
    نه گوندر ڇانورا ٿيندا،
    ڊُڪي ايندا غمن جا ڌڻ!
    نه ٺهندا ڀاڳ جا تارا!
    ڪٿي هي ءَ ڄاڻ هئي پيارا!
    اسان جي رات اونداهي،
    نه ڪنهن ڄاتي نه ڪنهن ڄاتي،
    اسان جي ڏات اونداهي،
    اسان جا ڏينهنڙا ڪارا،
    ڪٿي هي ڄاڻ هئي پيارا!؟
    غمن ڀاڪر ڀريو آهي،
    الا اندر ڀريو آهي،
    مٺا منڙو ڳريو آهي!
    ڀريا هن نيڻ ويچارا!
    نه پل شاهين سک پاتو،
    سدا لئه ساهه وو آتو،
    نماڻي نينهن سان ناتو،
    نه جيون ڏيهه ئي ڄاتو!
    رهن ڳڻتيون پيا ڳارا!
    ڪٿي هيءَ ڄاڻ هئي پيارا!؟

    


    مان پاڻ لڪائڻ چاهيان ٿي!

    مان پاڻ لڪائڻ چاهيان ٿي!
    مان پاڻ وڃائڻ چاهيان ٿي!
    دل ساهه سڪائڻ چاهيان ٿي
    هن رونشي ڪوڏي دنيا کان،
    مان جند ڇڏائڻ چاهيان ٿي،
    مان پاڻ وڃائڻ چاهيان ٿي!
    ڪنهن پياري سان دل واري سان،
    هن عالم سهڻي ساري سان،
    دل ڪا نه لڳائڻ چاهيان ٿي!
    مان پاڻ وڃائڻ چاهيان ٿي!
    ڪو دانهن ڪري ڇو مون خاطر!؟
    ڪو مفت مري ڇو مون خاطر!؟
    ڪنهن کي نه ڏکائڻ چاهيان ٿي!
    مان پاڻ وڃائڻ چاهيان ٿي!
    ڪنهن جانيءَ سان ڪنهن دلبر سان،
    هن ڀوميءَ سان يا انبر سان،
    اک ڪا نه اڙائڻ چاهيان ٿي!
    مان پاڻ وڃائڻ چاهيان ٿي!
    سپنا نه رهن آسون نه رهن،
    دنيا جون اکيون ڳولي نه لهن،
    پيرا نه بچائڻ چاهيان ٿي!
    هن دنيا ۽ هن عقبي لئه،
    شاهين ڀلا سوچيان ڇا لئه!؟
    ڪجهه ڪو نه ڪمائڻ چاهيان ٿي!
    مان پاڻ وڃائڻ چاهيان ٿي!

    


    پهر ڪو حياتي

    اچي ويهه اوري ته ڳالهيون ڪيون ٿا!
    پراڻن پلن ۽ پنڌن کي سنڀاريون،
    ٿڌا ساهه آڻي ٻه ٽي نير هاريون!
    جدا وقت رکيو برابر او مٺڙا!
    وري وصل واري ڏنو وقت آهي!
    وري سور سوري ڏي مون کي کڻان مان،
    وري لُڙڪ منهنجي اکين منجهه ڀر تون!
    چوان ٿي ته آهي پهر ڪو حياتي،
    پري ڪر انهيءَ کان شڪايت جي ڪاتي!
    هڙئي رنج هاري هلي آ هلون ٿا،
    سڏي ۽ سڪي ٿي برهه جي نديءَ جو!
    وري روئي اکڙيون به آليون ڪيون ٿا!

    


    ساٿ جا تارا

    مڃين ٿو ڪو نه باقي تون،
    مٺا مٽجي رهيو آهين!
    نه ساهن ۾ سُرين پيو ٿو،
    نه سِڪ آهي نه ڇِڪ آهي!
    پراڻا پيچرا توکي،
    ڇڪي ٿا پاڻ ڏي سورن،
    الائي ڇو لڳي ٿو پيو،
    وڇوڙا ويجهڙا آهن،
    نه ساڳيا ربط روحن جا،
    نه ساڳي سور جي سٽ آ!
    ڀلي مدهوش ٿي رهه تون،
    حياتي بس اها جهٽ آ!
    نه سوچين ٿو نه ڄاڻين ٿو،
    رڳو رشتا وڌائين ٿو!
    نه ڪر احساس ڀل پيارا!
    سڀاڻي ساٿ جا تارا،
    ٽُٽي پوندا کُٽي پوندا!

    


    اڪيلا ٿي جيئو ڇو ٿا؟

    مئا جن جا ٻچا آهن،
    تنين امڙين جي اندر کان،
    پُڇي ڏس درد جو عالم!
    جنين جا ورَ مزوريءَ کان
    اول بوتا بڻيا آهن
    وَنين جا وڍَ تون ڏسندين؟
    جنين جا ٻار ٿيا خالي
    اَبل جي ڇانوَ کان جَڳَ ۾!
    تنين ٻچڙن کان ڪو پُڇندو
    ته ڇاهي سُور ۽ سُڏڪو!؟
    تنين جي آس ڪو ڏسندو
    جنين جا مرد ويا آهن
    مزوريءَ تي ٽڪن پويان!
    ڇڏي آيا اميندون هِن
    الله راسي ٻچن پويان!
    مگر هن ڏيهه جا ڏاڍا
    اڙي ڏاڍي کان ڀي ڏاڍا!
    انهن هٿڙان اجهايا ويا
    غريبن جا چُلها ڪيئي!
    هليون گوليون ڏکيون لوليون
    ٿيون ويرانَ جهٽ جهوليون!
    اهو منظر ڏسي ڌرتي
    پڇي ٿي سنڌ واسين کان!
    اڪيلا ٿي مرو ليڪن
    اڪيلا ٿي جيئو ڇو ٿا؟
    صبر جو ڍُڪ زماني ۾
    پيئو ڇو ٿا، جيئو ڇو ٿا!؟
    مئا ڪنهن جا ٻچا آهن!؟
    مئا منهنجا ٻچا آهن!

    


    قلندر سُور آ پنهنجو

    قلندر سنڌ آ ساري،
    قلندر ساھ آ پنهنجو،
    قلندر نيڻَ ھِن پنهنجا،
    قلندر ويڻَ ھِن پنهنجا،
    قلندر پنهنجو دم آهي!
    قلندر سورُ آ پنهنجو،
    قلندر نورُ آ پنهنجو،
    قلندر لڙڪ هن پنهنجا،
    قلندر مرڪ آ پنهنجي،
    قلندر پنهنجو غم آهي!
    قلندر آس ساهن جي،
    قلندر ڇيرِ جذبن جي،
    قلندر ڳالھه لڙڪن جي،
    قلندر غم الم آهي!
    قلندر ٿو ڪري پرواز،
    اهو “شاهين” آ شھباز،
    قلندر نينهن نوري ناز،
    قلندر سونهن، ساگر، ساز،
    قلندر ئي صنم آهي!
    قلندر آس ساهن جي ،
    قلندر مرڪ جيون جي !

    


    ڪاٿي آهن ڀاڳ بهارون!؟

    ڪاڏي پير هلن ٿا پنهنجا!؟
    ڪاٿي پنهنجو آکيرو آ!؟
    ڪاٿي کڻندو جيون ساهيون!؟
    ڪاٿي ناهن نفرت باهيون!؟
    ڪاٿي آهن پيار پچارون!؟
    ڪاٿي ناهن لُڙڪ قطارون!؟
    ڪاٿي آهن ڀاڳ بهارون!؟
    ڪاٿي آهي گهرڙو پنهنجو!؟
    ڪاٿي پڄندو پنڌڙو پنهنجو!؟
    سوچون مون کي ماري وجهنديون،
    ڳڻتيون ڳاهي ڳاري وجهنديون،
    بي گهر! مون کي گهرڙو ڏي تون،
    آئون اُڏران پرڙا ڏي تون،
    جوڙي ٽوڙين ڇو ٿو مون کي!؟
    تارين ٻوڙين ڇو ٿو مون کي!؟
    پائي ووڙين ڇو ٿو مون کي!؟

    


    منهنجون راهون روهي روڳي

    مون سان پيار ڪرين ٿو پو ڀي !؟
    منهنجو جيون ڀاڱا ڀاڱا،
    منهنجي من جون ڪيئي پتيون،
    منهنجون آسون منهنجون ناهن،
    منهنجا جذبا رول هوائون،
    منهنجون اکيون گوندر ڪوٺيون،
    منهنجون مرڪون مون سان دوکو،
    منهنجا سپنا ننڊ ندوري
    منهنجي ساڀيا سور سموري،
    منهنجو پل پل سوڳي جوڳي،
    منهنجون راهون روهي روڳي،
    منهنجي قسمت اوکي ٺوڳي،
    مون سان پيار ڪرين ٿو پو ڀي!؟
    مونکي سمجهو ناهي تو ڀي !
    مونکي سمجهو ناهي تو ڀي !

    


    امن انسان جي نگري

    وسامن ساهه جا ڏيئا،
    ٿئي ديدار اوندهه جو،
    سمهن الڪا ستارن ۾،
    هجي چُپ هر نظارن ۾
    اميدون سڀ وڃن اُڏري
    وڃي هر سور ڀي وسري
    نه چاهت چنگ کي سڻجي،
    نه محبت مامرو بڻجي
    نه ڪنهن جي تات تڙپائي
    هجي ماٺار جي موسم،
    نه ڪنهن ڀي سار جو سڏ ٿي،
    نه ڪوئي خواب جاڳائي،
    هجي سنسان جي نگري،
    امن انسان جي نگري،
    نه گهرجن چاهه جا ڏيئا،
    وسامن ساهه جا ڏيئا!

    


    حياتي ڏات ڏاتاري

    حياتي ڀوڳ ڪانهي ڪا،
    حياتي باب سورن جو،
    حياتي سَڻڪَ سکڙن جي،
    حياتي آسرا اس ۾،
    حياتي حادثا هر جاءِ،
    حياتي ساڀيان سک جي،
    حياتي چاهه آ ساري،
    حياتي سونهن سوڀاري،
    حياتي ويڻ ۽ واري،
    حياتي سوجهرو سچ جو،
    حياتي رات ڄڻ ڪاري،
    حياتي رَڻَ ۾ راڙا،
    حياتي سانت ۾ سُڏڪا،
    حياتي عشق جا الڪا،
    حياتي ڀوڳ ڪانهي ڪا،
    حياتي سور سنجيده
    حياتي ڏات ڏاتاري،
    حياتي وقت جا وارا،

    


    ڳالهه دل جي

    ڪٿي پيار پهريون ٿو وسري سگهي !؟
    وڃي وقت گذري وڃي ٿو سگهي،
    ٽٽي ڪو ستارو ٽٽي ٿو سگهي،
    کٽي پنڌ دم جو کٽي ٿو سگهي،
    وڃي سور وسري مڃون ٿا پيا،
    وڃي چين اڪري مڃون ٿا پيا،
    ويو لٽجي درياهه بيشڪ مڃو،
    وئي عمر گذري اهو ڀي مڃو،
    مگر ڳالهه دل جي هلي ٿي هتي،
    جي چاهي خدا کي وساري ڇڏي،
    جي چاهي پري کي به اوڏو ڪري،
    جي چاهي نه ڪم ڪار ڪوئي ڪري،
    جي چاهي ته ڦٿڪڻ لڇڻ ڀي ڇڏي،
    ڪٿي پيار پهريون ٿو وسري سگهي.

    


    اسان جو بسيرو پرين! پيار ۾

    نو ڪوئي اسان کي سڃاڻي سگهيو،
    اسان سور جو ساهه پيا ٿا کڻون،
    اسان کي سُکن جو نه ڪوئي پتو،
    اسان جي حياتي آ ڏينهڙو تتو،
    اسان جي اکين ۾ غميءَ جو اجهو،
    اسان جي اندر ۾ اڇا جو تڏو،
    خدائن جي اڳيان جهڪي سر نه ٿو،
    نه ڪوئي اسان کي سڃاڻي سگهيو،
    اسان جو اڪيلو اڪيلو سفر،
    اسان جو نه ڪو ٿاڪ سنسار ۾،
    اسان جو بسيرو پرين! پيار ۾،
    اسان جي حياتي سڃاتي نه ڪنهن،
    اسان جي حياتي سڃاتي نه ڪنهن.

    


    توکان ڏور وڃان ٿي آئون!

    هوءَ جا ڪاري واٽ وڃي ٿي،
    سائي منهنجي ساڻي ٿيندي،
    سائي ئي هر آزادي ڏيندي،
    هوءَ جا ماٺ مُٺي آ جيڪا،
    سائي منهنجي منزل آهي،
    هو جي تارا سوڳي آهن،
    هو جو چارا سوڳي آهن،
    هوءَ جا آهي واٽ اجل جي،
    سائي درد وڇوڙا ڏيندي،
    سائي درد وڇوڙا ٿيندي،
    سائي ڳالهيون ڳوڙها ٿيندي،
    اوڙي پيارا! بخشي ڇڏجان،
    مون کي منهنجا پيار وفائون،
    مور نه سڻندي سور صدائون،
    ڪهڙو ويڄ ۽ درد دوائون؟
    ڪهڙا حيلا شوق شفائون،
    وهندڙن ڳوڙها شاهد آهن،
    توکان ڏور وڃان ٿي آئون!

    


    لار نه لڳ تون منهنجي لالڻ

    مون سان چنڊ ستارا ناهن،
    مون سان ساٿ سهارا ناهن،
    منهنجا ڀاڳ ڀلارا ناهن،
    منهنجا سور اڌارا ناھن،
    لار نه لڳ تون منهنجي لالڻ،
    ھُور رکيا هن هيئنڙي هيڏا،
    سور سٺا هن جيئڙي هيڏا،
    ويلا گهاريا جيئڙي هيڏا،
    ڳل پسايا مينهڙي هيڏا،
    اهنج رسايا نينهڙي هيڏا،
    ساڙيو ساڙيو سورج ساڙيو،
    ڪيس ڪيا هن ڏينهڙي هيڏا،
    مون وٽ ڇانوَ نه سک جو سايو،
    لار نه لڳ تون منهنجي لالڻ،
    ڌرتيءَ جهڙو منهنجو من آ،
    ماٺي ٿي مون گهاوَ سٺا هن،
    سور تتيءَ جا تاوَ سٺا هن،
    ڪنهن به نه منهنجا سور ڏٺا هن،
    ساڻا ٿي پيا هاڻي پٺا هن،
    ڳوڙھا ڳاڙها نيڻ اٺا هن،
    پل پل جذبا جيءَ ڪُٺا هن،
    منهنجي لار نه لڳ تون لالڻ،
    مون وٽ ڪي دلداريون ناهن،
    گهڙيون ڀي سوڀاريون ناهن،
    منهنجو هردو خالي خالي،
    دل آ منهنجي دردن ديرو،
    مونکان ڏاڍو ڏور سويرو،
    ترسي پيو آ اهنج اويرو،
    مُور نه کڻجان منهنجو پيرو،
    منهنجو رستو انڌ انڌيرو ،
    منهنجي لار نه لڳ تون لالڻ.

    


    يزدان به چپ انسان به چپ

    رت تيل جيان هت ٻاريو ويو،
    ڪو راهه مسافر ماريو ويو،
    ڪو گهاوَ ڏئي ايذايو ويو،
    ڪو جيئري جيءَ جلايو ويو،
    ڪا ڪوڪ هوا ٿي گذري وئي،
    ڪا چيخ اندر مان نڪري وئي،
    ڪو ابهم ٻار ڪُتن آ کاڌو،
    ڪنهن ماءُ جا آنڊا ساڙيا ويا،
    مظلوم پڪاريو ڏاڍو پر،
    ڌرتي نه ڌڏي لرزيو نه فلڪ،
    يزدان به چپ انسان به چپ
    ڇو چوڏس ماٺارو جڳ آ!؟
    ڇا پاپ پهر کي چاهي ٿو،
    هر دور ۾ گيدي ماڻهو ملن!؟
    چپ ڀونءِ سڄي، چپ آهي گگن!

    


    مرڻ جيئڻ

    سڪون لاءِ ڊوڙجي،
    يا پيٽ لاءِ لوڙجي؟
    يا ريت ڪوڙي ٽوڙجي؟
    يا جيءَ کي جهنجهوڙجي؟
    يا منهڙو ئي موڙجي؟
    ڪدورتي جهان کان!؟
    هتي ته لوڀ ٿو لڀي،
    هتي ته ڪوڙ ٿو لڀي،
    هتي ته ساڙ عام آ،
    عجيب ڪُل نظام آ،
    خموش پر عوام آ،
    ڪوي ڪري ته ڇا ڪري؟
    نه ٿو مڃي ڪو بات کي،
    نه ٿو ڏسي ڪو ڏات کي،
    پڏائي پاڻ ذات کي،
    چوي ٿو ڏينهن رات کي!
    رسي نه ٿو نجات کي،
    مرڻ جيئڻ آ هيڪڙو،
    مرڻ جيئڻ آ هيڪڙو!

    


    هتي ڏاهپ ڏکاري ماءُ وانگر

    فنا ٿيندي وڃي ٿي سوچ پنهنجي،
    شعوري لاٽ ٿي ڌنڌلي وئي آ،
    رڳو آ خود ثنائيءَ جو جڳت هي،
    قلم ڪوڙن جي ڪوڙي شان خاطر،
    لکي، ڪاتب هٿن ۾ ڪاڻ آهي،
    الائي ديس پنهنجي جو ٿئي ڇا؟
    هتي ڏاهپ ڏکاري ماءُ وانگر
    اڪيلي ڪنڊ ۾ سڏڪي ڏُکي ٿي،
    فقط لفظن جي آ رفتار ڇو هي،
    هتي هر ماٺ وارو آهي ڏوهي،
    ڪُڇي ڪوئي نه ٿو جو ڪوڙو آهي،
    پڇي ڪوئي نه ٿو جو پاپي آهي،
    جهالت عام آهي، عام آهي،
    اهو ئي قوم کي پيغام آهي!

    


    ڪيڏي آ ماٺار اندر ۾!

    ڪيڏي آ ماٺار اندر ۾!
    تون به نه ٻولين مان به نه ٻوليان!
    تون به تڪين ٿو مان به تڪيان ٿي!
    دنيا ڪُن آ دردن وارو!
    خيالن جو آڪاس اسان وٽ،
    آس انهيءَ ۾ چانڊوڪي آ!
    ڪيڏو جيءُ اڪيلو آهي!
    پاڻ ته آهيون ظاهر ساٿي،
    ها! پر اندر منجهه اڪيلا،
    ڇو ۽ ڇا لئه آهيون ناهيون؟
    ڇاٿا چاهيون ڇا ڇا چاهيون!؟
    آسون تارن کان به گهڻيون هن!
    الڪن رات ڊگهيري آهي!
    هيءَ حيات ڊگهيري آهي!
    ڪيڏي آ ماٺار اندر ۾!
    جيت اندر ۾ هار اندر ۾!

    


    هي سنڌ سدائين رهڻي آ

    هر مشڪل سان ٿا منهن ڏيون،
    هر اوکيءَ ساڻ ته اٽڪون ٿا،
    ڪو ڪيئين چوي ٿو پنهنجي لئه،
    ڇو ڌيان ڏيون ۽ پير جهليون!؟
    هي راهه ڊگهيري راهه ملي!
    هن راهه تي پير وڌايون ٿا،
    هن راهه ۾ درس وڇايون ٿا!
    ڪو پانڌي پوءِ به اچڻو آ!
    هي راهه وٺي جو وڌڻو آ!
    سو پير اسان جا ڄاڻيندو،
    ۽ رند ۾ گوهر ماڻيندو،
    هي پير اسان جا شاهه هن،
    هي سنڌ سدائين رهڻي آ،
    هيءَ واٽ هميشه وهڻي آ.

    


    عورت پوءِ ڀي عورت آهي!

    توڙي چنڊ ستارا جوڙي،
    توڙي بڻجي ڀونءِ گذاري،
    توڙي ڏاهپ ڏنجهه ڪمائي!
    پو ڀي مرد مٿيرو آهي!
    توڙي ذهني ميرو آهي،
    عالم منجهه انڌيرو آهي!
    ها جي عورت چوڏهين جهڙي
    پوءِ ڀي هن جو جيون ڪهڙو!؟
    توڙي عورت ماءُ سڀاڳي،
    پوڀي هن جو بخت اڀاڳو!
    توڙي عورت گهر ڌياڻي،
    پو ڀي هن جي ساک ڏکاري!
    مذهب هن کي پيڙهيو ناهي!؟
    پيرن هيٺان بهشت يا دوزخ!؟
    توڙي جيجل سڀڪي آهي،
    هن جي اعليٰ هستي آهي،
    عورت پوءِ ڀي عورت آهي!

    


    بابل ايندو ڪهڙي پل؟

    روزا پورا ٿي ويا سارا،
    ڏيھه پُڄي ويا سڀ جا پيارا،
    ڇو پر بابو آيو ناهي!؟
    جيجل! ايڏي ماٺ نه ڪر تون،
    ايندو تنهنجو پيءُ سڀاڻي،
    تولئه ايندو چوڙيون آڻي،
    تولئه ايندو ڪپڙا آڻي،
    ڇِڪَ نه ڪر تون ايندئي بابل!
    ايندو بابل آس چوي ٿي،
    ها پر جيجل! ويل پڳي آ،
    عيد ۾ باقي رات رڳي آ،
    خرچي ناهي عيدي ناهي،
    ڀاءُ نه آهي ديدي ناهي!
    ڪائي شيءَ ته خريدي ناهي،
    بابل ايندو ڪهڙي پل؟
    ڇوري! رتُ ڪيو ٿي ڏاڍو،
    تولئه ڏيھهُ ڇڏي ويو بابو،
    تو لئه چار ٽڪا آڻيندو،
    چوڙيون ويس وڳا آڻيندو،
    تو لئه سون سڳا آڻيندو!
    ها پر جيجل! بابو ايندو
    وقت ڏسين ها ڪهڙو هوندو!؟
    مونکي عيد به ڪرڻي آھي،
    ڌيءَ اڪيلي آنءُ اوهانجي،
    پاڙي جي ڪل ٻارن کان وڌ،
    مونکي عيدي گهرجي پيئي،
    مونکي سرخي والا گهرجن،
    مون کي لالي چپل گهرجي!
    بابي ڏاڍي دير ڪئي ڇو؟
    عيد اچي وئي ايجهو ايجهو!
    مالڪ ! مونکي بخش ڪجان تون،
    ڌيءَ ڏُکايو ڏاڍو آهي،
    هن جو تو وٽ بابو آهي،
    مون ڀي پنڌُ سنڀاريو تنهنجو،
    هاءِ ڦڪيان ٿي موتَ ڦَڪي مان،
    وڃڻي آهيان مفت مري مان،
    ڌيءَ دلاسن تي نه جيئي ٿي،
    هاڻي ڪوئي چارو ناهي،
    آنءُ مران ٿي ڌيءَ ڇڏي هت،
    تنهنجي لاري هوندي مولا!
    هن کي ڪير يتيم ڏسي هت،
    چار وڳا ڪجھه عيدي ڏيندو،
    مون کي خاڪ قبر ۾ تنهن پل،
    ڏاڍو ساءُ انهي پل ايندو!

    


    ڪا شمع ٽم ٽم ٻرڻي آ!

    اسٽيج سجائي جذباتي
    تقرير ڪرڻ ڪم سولو آ،
    هن ديس جي پيڙهيل ماڻهوءَ جو،
    هڪ خواب فقط ڏي لولو آ!
    تون لارين ۾ تو ڪارين ۾،
    تون ڪنهن جو سور سڃاڻين ڇا؟
    هن ديس کي لولو چولو ڏي،
    هن قوم جو حق ڦٻائيندين؟
    پڇتائيندين پڇتائيندين!
    تون ڄاڻ هتي مظلوم! اٿي،
    مهراڻ جيان گهر ٻوڙيندي،
    پڇتاوَ جي گهر کي ساگر ڏي
    للڪارن سان پيا لوڙهيندئي.
    هي ديس اجالو ٿي ويندو
    ۽ اوندهه گهٽجي مرڻي آ
    ڪا شمع ٽم ٽم ٻرڻي آ!
    ڪا شمع ٽم ٽم ٻرڻي آ!
    


    نه ڪو پارُ پنهنجو

    نه ڄاڻ ته ڪاٿي پڃي پنڌ ٿو،
    اکين ۾ اميدون قدم هن تکا،
    کٽن ڪو نه پيا ٿا هي رستا ڊگها،
    ڪڏهن ولولو آ ڪڏهن ماٺ آ،
    نه ڄاڻا ته جيون الاءِ آ ڇا،
    خوابن منجهان خواب نڪرن پيا،
    ائين ڏينهن جيون جا گذرن پيا
    الئه ماڳ ڪهڙو الئه راڳ ڪهڙو،
    وڃون ٿا وڃون ٿا وٺي راهه تنها،
    نه ڪو پار پنهنجو نه ڪوئي پهي آ،
    اڙي چنڊ! ڪا ويل هيڏي لهي آ،
    نه ساڻي اسان جو نه ساٿي اسان جو،
    غمن ۾ عمر جو ڀڄي ڪنڌ پيو ٿو،
    نه ڄاڻان ته ڪاٿي کُٽي پنڌ ٿو.

    


    اوندهه

    گهڙي کن ڇانوَ ۾ ويهي،
    اُٿي وينداسين اوندهه ۾!
    اسان جي سور جا سڏڙا،
    ڪنايا ڪنهن نه ڇاٿي پيو؟
    گلا ڪنهن کان رهي ناهي،
    اسان جو جيءَ جوڳي ٿي،
    پروڙي پنڌ پيرن سان،
    خواهش جي تتل سج کان،
    بچايون ساهه ٿا جڳ ۾،
    لڙي سج سخت سورن جو،
    ته پيرن کي تپايون ٿا،
    ٻه ٽي پل پيار جي نم سان،
    گذاري ٿا ڏسون پيارا!
    گهڙي کن ڇانوَ ۾ ويهي،
    اٿي وينداسين اوندهه ۾
    فنا ٿينداسين اوندهه ۾
    جڏهن اينداسين اوندهه ۾.

    


    ڏينهن يادن جا

    وسن ٿا مينهن يادن جا،
    ڀڄي ٿو چاهه جو چولو،
    ٿئي احساس ٿو ڏاڍو،
    ته جيون ڪو نه آ سولو،
    اکين تي بار اوسيئڙا،
    پراڻو پيار اوسيئڙا،
    سڄو سنسار اوسيئڙا،
    وڃي ڪنهن ساڻ غم اوريون،
    سڀئي هن سور ۾ سوگها،
    وٿي ڪنهن وٽ ڪٿي آهي،
    ٻڌي ڪو حال هر ڪنهن جو!
    اچن ٽي چار ٿا ڳوڙها،
    ته ڳيتي ڳالهه ويندي آ،
    سنڀارون ساهه ۾ آهن،
    نگاهون راهه ۾ آهن،
    ڏکيا هن ڏينهن يادن جا،
    وسن ٿا مينهن يادن جا!

    


    مون کي کول نه ايذائڻ لئه

    ڪالهه ڪراچيءَ ۾ هڪ منظر،
    مون کي سور ويو سمجهائي،
    سڻڀا ماڻهو سڻڀا آهن،
    اڻڀا ماڻهو اڻڀا آهن!
    زر جي گهر مان نڪري عورت،
    پنهنجي ور کي ۽ ٻچڙن کي،
    هوٽل تي مانيءَ لاءِ آندو،
    تن سان هڪڙي نياڻي هئي جا،
    تنهن جا نيڻ مصاحب وارا،
    مون کي مهڻن مار ڏئي ويا،
    صدقو تن تان صاف چئي ويا،
    هيءَ جا ننڍڙي ڪڇ تي آهي،
    مون سان آ پر منهنجي ناهي،
    مون کي چار ٽڪا ڏيندا هن،
    هن جي ننڍڙي ريجهائڻ لئه،
    مون کي کول نه ايذائڻ لئه،
    مون کي کول نه ايذائڻ لئه.

    


    مظلومي آواز الاهي

    جنهن کي جڳ! ٿو بارش ڀائين،
    بارش ناهي ٻيو ڪجهه آهي،
    هي جو بوندون بُت تي آهن،
    دانهون آهن ڇا ٿيون چاهن؟
    ڪو به نه ڄاڻي رمجهم رمزون!
    بارش مان آواز اچي ٿو،
    شور شهيدن جو هن گوڙون،
    ڪو ڪنهن پورهيت ماريو آهي،
    ڪنهن ڪا ماءُ ڪُٺي آ پنهنجي؟
    ڪنهن ڪا ڌيءَ ڪُٺي آ پنهنجي؟
    وِڄ وِڄ مان ويچار وسن ٿا،
    کنوڻ کنوڻ ۾ ڪڙڪو آهي،
    مظلومي آواز الاهي،
    ڪير سڃاڻي ساز الاهي؟
    انبر جا سڀ دڙڪا آهن!
    جنهن کي جڳ ٿو بارش ڀائين!

    


    من جو ٿر

    اڄ به ساڳيو ويلو آهي،
    ها پر تنهنجا ٽهل نه آهن،
    ها پر تنهنجي ٻولي ناهي،
    ها پر تنهنجا چرچا ناهن،
    ها پر تنهنجا سارا پيارا،
    مون سان لمحا تازا آهن،
    ساڳيا تنهنجا ٽهڪ ٻُرن ٿا،
    سور هزارين هانوَ هُرن ٿا،
    تنهنجي ٻولي مون سان آهي،
    شعرن جي هر صنف چوي ٿي
    تنهنجا ئي احساس وسن ٿا،
    مَن جو ٿر ٿو مهڪي مرڪي،
    ويسر واري ورڻي ناهي،
    ياد ڪڏهن ڪا مرڻي ناهي،
    ڏاڍو جيءُ اڪيلو آهي،
    اڄ به ساڳيو ويلو آهي.

    


    احساس ويچارو

    ڊگهو آ پنڌ سوچن جو،
    ٿڪائي ٿو ڇڏي تن من،
    خماري نيڻ ٺاري ٿو،
    صدين جو غم سمهاري ٿو،
    گهڙي کن چين ايندو آ،
    وري اوجاڳ ٿو ارپي،
    ازل جي جاڳ ٿو ارپي،
    ته سارا سور ٿا جاڳن!
    وري ٿو چين ڀي وڇڙي،
    وري ٿو درد ئي وچڙي،
    وري الڪا ڏکن ٿا پيا،
    وري سڏڪا اُٿن ٿا پيا،
    وري سوچون وڌائن ٿيون،
    وکون پنهنجون بيابان ڏي،
    وري من جو سڄو عالم
    انڌو گونگو پيو بڻجي،
    وري ماٺار ماري ٿي،
    وٺي ويران واٽن تي!
    جتي ڪوئي نه پيرو آ،
    زماني جي مسافت جو!
    اُتي احساس ويچارو،
    اڪيلو پاڻ سان آهي!
    ستارا اوڏڙا آهن،
    خيالن کي مگر پو ڀي،
    الائي ڇو وڌڻ تن ڏي،
    پُڄي ٿو ڪو نه پيرن کان!؟
    تصور جي دنيا آهي،
    اهائي آ حقيقت هي،
    شعوري واٽ تي آهيان،
    الائي انڌ گهوڙي تي!؟
    اکيون ڳوريون ڪيون ڳوڙهن،
    همٿ ناهي هٿن ساري،
    اگهان ڳوڙها نه ٿا اگهجن،
    ڊگهو آ پنڌ سوچن جو!
    کُٽي ٿي ڪا نه تنهائي،
    الاءِ ماڳ ڪهڙو آ!؟
    اسان جو ڀاڳ ڪهڙو آ!؟

    


    غمن جي چوٽ انبر تي

    وڃين ٿو ڏور ڏاڍو ٿي،
    مگر هن حال جي پارت،
    هجئي پيارا! نه ڀلجان تون،
    گذاريا ساٿ ۾ جيڪي،
    حياتيءَ جا سمورا پل،
    سلهاڙي ساهه ۾ رکجان،
    اُهي سارون هلي توکي،
    هزارين آٿتون ڏينديون،
    جڏهن تون هيڪلو هوندين
    غمن جي چوٽ انبر تي،
    تڏهن سارون ٻري پونديون،
    وري توڏي وري پونديون،
    ڀريندين ساهه ٿڌڙا تون،
    تڪيندين ڀونءِ جي چپ کي،
    سڏيندين ساعتون پيارا!
    اُهي جيڪي گذاريون تو،

    


    غمن جي گگهه ۾

    اکين جو آڳر نراس آهي،
    ڇڏي وڃن ٿيون گهڙيون او پيارا!
    حيات اک ڇنڀ ۾ ٿا کٽايون،
    مگر وڇوڙن جي ويل اوکي!
    ڪٿي ٿي گذري سکي ستابي!؟
    هزار الڪا هزار ڳوڙها،
    اچي نه ٿي چين جي چانڊوڪي،
    غمن جي گهگهه ۾ حيات آهي!
    اهو به اعجاز آهي جڳ ۾،
    سلامتين ساڻ ڏات آهي!
    مگر کلڻ جو سمو سڏي ٿو،
    ته دؤر دُک جي دنيا جهلي ٿي!
    قدم قدم سوڳوار پنهنجو،
    اندر اڪيلو اداس آهي،
    اکين جو آڳر نراس آهي!

    


    وڌون اڳتي!

    اگهي ڳوڙها
    هلون اڳتي
    اڃان سورج
    ٻڏو ناهي
    اڃان تاسيون
    چون اکڙيون
    پري آهي،
    اڃان منزل
    اڃان ڇو هيون
    کڻون وکڙيون
    اڃان ناهن
    ٿڪيون آسون
    اڃان پنڌ آ،
    پٿر وارو
    هلي مون سان
    جگر وارو
    اڃان تارا
    نه ٿا ٽمڪن
    اڃان اُڀ تي
    ته اوندهه آ
    اڃان ڏوريون
    قدم سوريون
    پري آهي
    ٺڪاڻو هو،
    اڃان ساهيون
    نه دم دلبر!
    اڃان رڻ مان
    رڙهيا ناهيون
    اڃان نگري
    امن واري
    ڏسڻ ۾ ڪا
    نه آئي آ
    اڃان دل جي
    سهائي آ،
    اگهي ڳوڙها
    وڌون اڳتي!

    


    ها پر آزادي ڏي اڏران!

    ڌيءَ چيو هو طوطو پاليون،
    جيجل! طوطو گهرجي هاڻي،
    مون به نازن پالي ڌيءَ جو،
    انگل نيٺ اگهائڻ خاطر
    طوطو گهر ۾ قيد ڪيو آ!
    هن کي کاڌو خوب ڏيان ٿي
    هُن کي اي سيءَ منجهه رکيو آ،
    پوڀي طوطو باغي مون کان،
    پوڀي طوطو رنج رهي ٿو!
    منهنجي من جي ڏکندڙ ڏاهي
    مون کي مهڻن ۾ ٿي ماري،
    هوءَ چوي ٿي آزاديءَ جا،
    ڪنهن لئه گيت گهڙين ٿي ڀوري!؟
    ڄاڻ پکيءَ جي جلندڙ جهوري،
    توکي جو احساس مليو ٿئي،
    ڌاتر کان هر قياس مليو ٿئي،
    تنهن کي ڇو ايذائين ويٺي!
    طوطو تو ڇو قيد ڪيو آ؟
    تنهنجي جهوليءَ پاپ پيو آ،
    اندر جي ڏاهي تڙپي ٿي،
    طوطو جي مون ٻاڙي ٻولي،
    سمجهڻ لاءِ ڪنايو جنهن پل،
    تنهن پل هي احساس ٻڌايو
    قيدي آهيان خوشيون ڪهڙيون،
    کاڌا ڪهڙا ٻوليون ڪهڙيون،
    قيد ڪري جو پيار ڪرين ٿي!
    مون کي ساڳيا وڻ ٿا گهرجن،
    مون کي تنهنجي نفرت گهرجي،
    ها پر آزادي ڏي اڏران،
    ها پر آزادي ڏي اڏران!

    


    هي دنيا الائي آ ڪهڙي دنيا

    ڌرتتيءَ جون گهڙيون ڇانورا ٿي ويون
    سور ميسارجي ويا حياتي! هڙئي،
    هر تمنا جو ٽاڪو ٽُٽي ماٺ ٿيو،
    جستجو چار ساهيون کڻي ٿي پئي،
    نيڻ نيهار ساڻي ٿي آهي سُتي
    هورَ سارا ٿيا ماٺ جو مامرو
    آس آهن اکيون ٻوليون اوپريون
    ولولن جا به واٽن تي پيرا نه هن،
    وڍَ نه آ جيءَ کي ڏڍ نه گهرجي پيو،
    هي دنيا الائي آ ڪهڙي دنيا،
    ڪو به ويري نه آهي نه ئي واهرو،
    چنڊ تارا لڳن ٿيا پيا اوڏڙو
    هر گنهگار آهي سڪون سان سُتل
    عشق وارن جي جوتي جلي ٿي اڃان،
    باقي منڪر محبت جا اونداهه ۾،
    روح جا رند روڳي نه آهن هتي،
    ساهه ڪنهن جا به سوڳي نه آهن هتي،
    هيءَ دنيا الائي آ ڪهڙي دنيا
    ڪالهه جيڪي بدن ها! هجر جي هٿين
    اڄ اُهي ئي بدن وصل جي واٽ تي،
    هيڪڙائي سندا ڳيچ ڳائن پيا،
    ريت هر هڪ ڪڌي ٿي فنا وئي فنا،
    نيڻ پيا ٿا پڙهن پيار وارا پنا،
    سور وڇڙي ويا ساءُ آيو سُري،
    چنڊ تارن کان اڳتي وڃون ٿا وڃون،
    تاس وسري نه ٿي آب گهرجي نه ٿو،
    ساڀيان کي ڪوئي خواب گهرجي نه ٿو،
    تون مان، تون مان، نه ٻولي رکون پاڻ سان،
    هوءَ دنيا عذابن جي دنيا هئي،
    هوءَ دنيا خوابن جي دنيا هئي،
    هيءَ دنيا حقيقت جي دنيا ملي،
    هي دنيا حقيقت جي آهي دنيا!
    هي دنيا حقيقت جي آهي دنيا!

    


    جتي شاهين ۽ ڳيرو

    جتي ڪو غير ڪونهي ڪو! اُتي آن تون،
    جتي ڪوئي نه آ ويڇو اُتي آن تون،
    جتي ٻوليون ٻُرن مٺڙيون محبت جون،
    جتي ٻوليون سُرن مٺڙيون محبت جون،
    جتي آرام ڪونهي ڪو حياتيءَ کي،
    ڏکاري ڏيل دل لوچو اُتي آن تون.
    جتي جيون گڏيو هوندو مماتيءَ کي
    ڏکاري ڏيل دل لوچو اُتي آن تون
    جتي آ قُرب جو ڪلمو ڏيهان راتيون،
    جتي هن پيار جون پيارا مٺيون لاتيون،
    نگاهون نينهن جو نقشو اتي آن تون،
    جتي هن درد جون اکيون اُلا ذاري،
    جتي آ روح جو رڻ ۽ تتل واري،
    ٻڌو هوندو نه ڪنهن سڏڪو اُتي آن تون.
    جتي شاهين ۽ ڳيرو گڏي آ هن،
    جتي ويڇا وڇايل ڏاڍ جا ناهن،
    نه آ جت زندگي رونشو اُتي آن تون.

    


    اهو ڪر نه ليکو

    جواني نه جذبا نه آشا اسان ۾،
    اوهان جو ڌڪاريو بچو ڇا اسان ۾،
    ٿي حيران ڇاڇا ڏسو ٿا اسان ۾؟
    رهيو پاڻ پنهنجو آ تنها اسان ۾،
    وڃائي سڄو ڪجهه ٿي بوتا بڻياسين!
    الئه ڪيئن جيون اسان آ گذاريو؟
    خدائي وساري خدا کي وساريو،
    کٽيو ڪين ڪاٿي سدا جيءُ هاريو،
    جلائي اسان ديپ دل وارو ٻاريو،
    نه دلبر دنيا ۾ اوهان کي وڻياسين!
    ڪٿي ڪيئن گهاريو اهو ڪر نه ليکو،
    ٻڏي، لوڪ تاريو اهو ڪر نه ليکو،
    مصيبت نه ماريو اهو ڪر نه ليکو،
    ٿڪي هانءُ هاريو اهو ڪر نه ليکو،
    بهارن ۾ پيارا! الئه ڪيئن ڇڻياسين!
    ڏنا سور “شاهين” پيارن هٿن سان،
    کڻي ماٺ ورتيون وڃون ٿا دڳن سان،
    ڪيون ڳالهيون پيا ٿا ڀٽن ۽ برن سان،
    اسان پل گذاريا گهڻا دلبرن سان؟
    اُهي دم نه ويهي ڪڏهن هت ڳڻياسين.

    


    چار پهر هي دم جي دنيا؟

    ويساهن کي مان ڇو ماريان!؟
    ڇو هاريان مان همت هٿ سان!؟
    خود غرضيءَ لئه ڳوڙها هاري،
    ڇو مان دل کي غم پارايان!؟
    هو ته اهو انسان اڀاڳو،
    پنهنجو رب ويساري ويٺو،
    تنهن مون کي به ويساريو آ
    ڳڻتي ڇاجي روئڻ ڇاجو،
    اندر سڀ جو ازلي آ جو،
    چار پهر هي دم جي دنيا؟
    بهتر آهي پاڻ سڃاڻان،
    پاڻ لڪائي پاڻ کي ووڙيان،
    پاڻ ڏسان مان پاڻ وڃائي،
    ورندو سڀ ڪجهه پاڻ ڪمائي،
    ورندو سڀ ڪجهه پاڻ ڪمائي،

    


    نيڻ منڪر

    اڃان ٿو ملڻ جا اشارا ڪرين،
    اڃان جستجو ٿي جيئي جيءَ سان،
    اڃان چنڊ تارن ۾ تنهنجو هجڻ،
    اڃان پيار پيارن ۾ تنهنجو هجڻ!
    اڃان ڀي برن ۾ ثنا سونهن جي،
    اڃان ڀي اکين منجهه جوتي جوان،
    اڃان آرزوءَ ۾ زمين آسمان،
    ڪٿي آهي خاموش چئه ڪهڪشان؟
    اڃان ڀي پکين ۾ تنهنجو تذڪرو،
    اڃان ڀي اندر منجهه تنهنجو هجڻ
    مگر نيڻ منڪر ڪٿي ٿا مڃن؟
    چون ٿا پسائج پرين! پاڻ تون،
    چوان ٿي اچين ٿو پيو ڄاڻ تون،

    


    هي دنيا خواب نيڻن جو

    خواهش جي رلي راڻا!
    ڊگهيرين ڇو پيو ايڏي!؟
    دمن جي دوستي ڪهڙي!؟
    خواهش روح ۾ خنجر!
    اجايا گهاوَ ماڻيندين،
    اجايا سور پاليندين!
    نه ڪوئي ساءُ پل ايندئي،
    اُٿي کڻ قلب جي کٽ تان،
    خواهش جي رلي راڻا!
    خواهش کي گهٽائيندين،
    سڪون هر جاءِ پائيندين،
    هي دنيا خواب نيڻن جو،
    هي دنيا باب ويڻن جو،
    هي دنيا درد جي دنيا!
    هي دنيا زور جي دنيا
    هي دنيا واٽ واريءَ جي،
    هي دنيا ڌن پوڄاريءَ جي!
    هي دنيا مارُ ماريءَ جي!

    


    اسان آزاد اڄ آهيون

    اسان محتاج اڄ ناهيون،
    گهڙيءَ جا ساٿ وارياسين،
    سچائيءَ ديپ ٻارياسين،
    سمورا ڏينهن گهارياسين،
    مصيبت جا محبت جا،
    اسان آزاد اڄ آهيون،
    ٿيا ڄڻ شاد اڄ آهيون،
    اسان کي تانگهه ڪانهي ڪا!
    اوهان ساريو نه ساريو ڀل،
    اسان خود سان مليا آهيون
    اسان خود سان رليا آهيون،
    سهارا خواب جهڙا ها!
    ويا گذري ويا وسري!
    اڪيلي جيءَ جڳ جوڙيو،
    دمن پنهنجو پکو کوڙيو،
    اسان ٿا سونهن کي چاهيون!
    اسان محتاج اڄ ناهيون!

    


    اڃان ته سنڌ ٿي جيئي

    ڪرم نه ڪر ستم ئي ڪر،
    وفا نه ڪر جفا نه ڪر،
    دوا نه ڪر دعا نه ڪر
    مگر هينئون حصا نه ڪر،
    اها گهڙي حيات آ!
    اڃان ته ديپ ٻار تون،
    اڃان نه لُڙڪ هار تون،
    اڃان رڙي پڪار تون،
    نه موت کي سنڀار تون
    اڃان به ڏينهن رات آ،
    اڃان ته عشق ٿو رڙي،
    اڃان ته جيءُ ٿو ٿو سڙي،
    اڃان ته سور ٿو لڙي!
    ٻڌو ٻڌو ٻڌو اڙي،
    اڃان تنوار تات آ،
    اڃان ته سنڌ ٿي جيئي،
    اڃان صدا ٿي دل ڏيئي
    اڃان نه ماٺ ٿي ٿئي،
    حيات مَڌُ ٿي پيئي،
    لطيف واري لات آ،
    اڃان وڙهي شاهين ٿي،
    حيات حوصلو بڻي،
    سمونڊ ٿيو ڪڻي ڪڻي،
    اها ته وک وڻي وڻي
    اڃان ڏري نه ڏات آ!

    


    سڏڪا ناهن

    پل ۾ سارو جيون گهاريو،
    پل ۾ توکي تن من ساريو،
    پل ۾ توسان نيڻ اڙايا،
    پل ۾ توسان سور ونڊيا مون،
    ها پر هي ڀي سچ آ راڻا!
    عمر سڄي وئي گذري پوءِ ڀي،
    توڙ نه توسان نينهن نڀايو!
    سور سُري پيا ڳوڙهو آيو،
    ويڙهي وقت ويو آ سپنا،
    اکڙيون هاڻي خالي آهن،
    سور ته آهن سڏڪا ناهن،
    سور سهڻ جي ٿي دل عادي،
    هانوَ به هيڪل مرڪي پيو آ،
    سورن تي هي هرکي پيو آ!
    پل ۾ سارو جيون گهاريو!

    


    اڪيلِي مان

    نه منهنجو ساٿ ساري ڪو،
    نه منهنجو ڪو وٺي نالو
    گهڻا ڏينهڙا ٿيا آهن،
    اُهي احساس پيا اڀرن،
    خيالن جا ڪبوتر ٿا،
    ذهن جي عرش تي اڏرن،
    نه منهنجو ڪو سنگي ساڻي
    نه ڪنهن کي مان سڃاڻان ٿي
    سمو خاموش آهي ڄڻ،
    ڪٿي هن شور دنيا جا!؟
    رڳو ماٺار جون ڪڻيون
    وسن ٿيون روح منهنجي تي!
    وفائون واعدا سارا،
    ويا وسري مٺا مون کان!
    اڪيلي هان اڪيلي هان!
    جيان هر جاءِ هيڪل مان!

    


    وقت چوندو رهيو

    رات کٽندي نه باک ڦٽندي نه ڇا!؟
    ٿا ستارا چون ڀاڳ سارا چون،
    رات رهندي پئي ويل وهندي پئي،
    شاهه جي سنڌڙي شاد هوندي مگر،
    قوم هن جي هوندي غير جي پر نظر،
    ڇو ته هن قوم جو ڪو ڌڻي ڪو نه آ،
    ڇو ته هيءَ قوم خود هڪ بڻي ڪو نه آ،
    بند اسڪول هت هن وڏيرن ڪيا،
    منهن بر ڏي امن جي هئه ڳيرن ڪيا،
    ڪو نه مليو سچو اڄ به اڳواڻ آ
    سمنڊ سوچي پيو ماٺ مهراڻ آ،
    رات کٽندي نه ڪا باک ڦٽندي نه ڪا،
    وقت چوندو رهيو لوڪ سڻندو رهيو.

    


    گهاريون پيا حياتي

    ڪو دم ڪڏي ٿو منڙو ڪو دم نراس آهي،
    ڪو دم پٿر نه سوچي ڪو دم حساس آهي،
    ڪو دم جهان جرڪي هن قلب جو خدارا،
    قدرت پئي ٿي ڏسجي نروار سڀ نظارا
    لمحا لڏن ٿا پنهنجا هن ساهه جا اڌارا،
    اونداهه انڌ آهي جنهن ويل منهنجا پيارا،
    روشن جهان ڪهڙو اندر اماس آهي
    مرڪي نه دل اسان جي رڳ رڳ ۾ سور روئي
    بي چين جيءُ آهي پيو ٿو جو پور روئي
    اوڏو عجيب ناهي هي جند ڏور روئي
    اکڙين اندر پيو ٿو نروار نينهن نور روئي
    گذريو هتي اسان جو پل پل اداس آهي
    سُک ساڻ ڪيئن گهاريون سنسار کي نهاري
    انسان کي پيو ٿو انسان روز ماري
    گهاريون پيا حياتي هر جاءِ نير هاري
    ڪنهن سان گلا نه پنهنجي ٿو خيال پنهنجو ڳاري
    روهن اڳيان رُنو هئه ڪومل احساس آهي
    شاهين کي ڏکائج ارمان ڪو نه ٿيندو
    پو ڀي دعائون دلبر! پيو جيءُ توکي ڏيندو
    گذري محبتن سان ڀي وقت نيٺ ويندو
    ڪو رنج سان اکين مان ڳوڙهو ڪڏهن نه ايندو
    تن من اوهان جي درجو دم دم هي داس آهي

    


    پُٽ لَٻاري

    ٻانهون لوڏي شھپر موڙي،
    پير کڻي ٿو کوڙي کوڙي،
    هوٽل تي هو هام هڻي ٿو،
    عيشن خاطر وياج کڻي ٿو،
    هن جو وات شرابي آھي،
    هن جو خواب نوابي آھي،
    هن جي ڄڻڻ لئه باسون باسيون،
    هن جي جيجل پاڻ چوي ٿي،
    ڪجھه سمجهي ٿو سور امڙ جو؟
    ڪيئن وهي ٿو نور امڙ جو،
    هن جي خاطر ڌيءَ ڏني هن،
    ڌارين ڇا ست ڌارين ۾ آ
    ھي پر ڪانڀو خان سمايو،
    جيجل هن مان سور ڪمايو،
    در ٿو کڙڪي قرضي آيو،
    پيسن عيوض ماءُ کڻي ويو،
    پٽ لٻاڙي هوٽل تي ٿو،
    ساڳيو وئرٿ وات وڄائي،
    عمر سموري ڌوڙ ٿو پائي !
    عمر سموري ڌوڙ ٿو پائي !

    


    هڪڙو سور پراڻو آهي

    مستقبل جو موڙ پري آ،
    حال ته ههڙا حال ڪيا هن
    ماضيءَ ڏي ٿي موٽڻ چاهيان!
    ساڳيا پير کڻي رستن تي،
    خواب نويلا ڏسجن سک جا
    اوکي سوکي راهه وچان مان
    پنڌ ڪري مڃرايان جذبا!
    هڪڙو سور پراڻو آهي
    ڪيسين هن سان ڏيل ڏکايان؟
    ماضي مون کي روز نويلا
    سور سهڻ لئه ڏيندو پيارا!
    حال! ڇڏي ڏي حال سندي تي
    ماضيءَ ڏي مان پير ورايان
    ماضي مون سان سرچي پوندو
    خواب نوان ڏس مون کي چوندو.

    


    سَڌُون ڪهڙيون

    سکن جو سرحدون ڪهڙيون!؟
    وفائن جون حدون ڪهڙيون!؟
    بدن جي بوءِ کان آجي
    نماڻي نينهن جي دنيا
    اسان جوڙي جيئون ٿا پيا!
    فنا جي ڦوڪ هيڻي آ
    بقا جي ڀونءِ تي آهيون!
    نه ٿا نيرو هُو اُڀ چاهيون
    اسان جي سوچ ۾ ڌرتي
    اسان جي لوچ ۾ ڌرتي!
    پنهو. سسئي، مومل، راڻو
    هڙئي ڪردار ڌرتيءَ تي
    گذاري ڏينهن ويا پنهنجا!
    نکاري نينهن ويا پنهنجا!
    اسان ڀي ڀونءِ جا ڀاتي
    ڇڏي ڀومي وڃون ڪاڏي!؟
    زمانا! ڳالهڙيون اهڙيون!؟
    نڀايون نيهن ٿا پنهنجو
    سکن واريون سڌون ڪهڙيون!؟
    سُکن جو سرحدون ڪهڙيون!؟

    


    ٻه ٽي سارون

    ڪراچي ۾ اچي پرکيو
    ڪمن ۾ زندگي ڇاهي
    دمن جي دم دما دم آ
    وڃن ٿا ڏينهن ۽ راتيون
    نه ٿي ڪا سُرت جيون جي
    کٽي ٿو هڻ هڻان هٿ ۾
    غمن جا رنگ ڀي سارا
    وڃن ڦٽندا پيا هاڻي
    ڏُکن جا ڏينهڙا سارا
    ويس ڀلجي ڪمن ڪارڻ
    محبت جا سڀئي لمحا
    لنون ٿا ساهه جي وڻ تي
    ٻه ٽي سارون بچيون آهن
    ڪٿي ماضي وري ملندو
    سکر تنهنجو مٺو پاڻي
    ڪراچيءَ مان نه ٿو لڀجي
    سمنڊ آهي سمنڊ ٿيندو
    ڪٿي من کي اُهو ساڳيو
    مزو مهراڻ جو ڏيندو.

    


    ويساھ

    نه ٿئي ويساھ چاھت ۾،
    ته ڪهڙي ڪامراني پوءِ!؟
    رڳو ٽي چار لفظن جو
    ٿيو جملو زباني پوءِ!
    ڀرم ئي بسم الله آھي
    محبت جي نگاهن ۾-
    پڙھي ڏس قرب جو ڪلمو!
    گمانيءَ منجھه ڪجھه ناھي،
    صداقت سرخرو آھي!
    ڀرم جو ساٿ سندر آ-
    سچائيءَ ۾ سُھائي آ!
    ڏسڻ ۾ ظاھری ھڪڙو-
    مگر باطن ٻيو آھي!
    قرابت جو رھي رشتو-
    ڇڏي ڏي سوچ بيڪاري!
    محبت جي اکين ۾ آ
    سچائي سونھن سونھاري!
    نه ٿئي ويساهه چاھت ۾،
    ته ڪهڙي ڪامراني آ!؟
    اھا پوءِ بي ڌياني آ
    اھا پوءِ بدگماني آ!

    


    پيار درياهه شاهين آ

    ساهه منهنجو سڄڻ!
    سارَ تون
    ڪو نه دل کان ٿئين ڌارَ تون!
    نفرتن کان نگاهون پري
    رنج روئڻ جون راهون پري
    لافنا ڏئي وئين پيار تون!
    لڙڪ تولاءِ ڳاڙيان پئي،
    نيڻ منهنجن جا نيسارَ تون!
    لوڪ وڇڙي وڃي ڀل سڄو
    جيءَ اجڙي وڃي ڀل سڄو
    ڪين ڇڏجانءِ دلدارَ! تون
    مون کي ويساهه “شاهين” آ
    پيار درياهه شاهين آ،
    سک سنڌوءَ جا ٻئي پارَ تون!

    


    عشق ته منزل جو ڄاڻو آ

    جاڳي جوتي ٻاري آهي،
    اونداهي جون اکيون ڪڍندي،
    ڏيلَ ڏکن ۾ ڀوڳيو آهي،
    روشن راهه ڪئي آ هاڻي
    آءُ هلي تون واجهايان ٿي،
    مون ڏي دير نه ڪر او سائين!
    ريتِ رسيءَ کي شوق ڇنو آ،
    عشق ته منزل جو ڄاڻو آ،
    توکي مون کي پار پُڄائي،
    عشق سگهي ٿو، ڇا سوچين ٿو!؟
    دم تي ڪهڙي پت آ پيارا؟
    ساهه وڃي بُت خالي ٿيندو
    ڪنهن جي ڀي پوءِ ڪم نه ايندو
    اوکي تنها ٽاري آهي،
    جاڳي جوتي ٻاري آهي.

    


    تڪرار جي نيڻ ۾

    تڪرار ڇڏي سوچو
    ناچاڪ زمين آهي
    هن ڀونءِ جي دردن جو
    ڪو ويڄُ ڪري دارون!
    هر ڏينهن اميدن ۾
    هن ديس گذاريو آ!
    ڪَنَ ڪنهن نه ڪنايو پر
    ڀوميءَ ته پُڪاريو آ!
    تون مان نه کپي پيئي
    ڌرتيءَ ته گهريو ڪجهه ٻيو
    جي پيار اَٿو من ۾ ڪجهه
    واسَ وطن کي ڏيو!
    تڪرار جي نيڻ ۾
    ڪنهن غور ڪيو آهي!؟
    تڪرار اجاڙيا هن
    آباد لکين ويڙها!
    بارود وساري اڄ، وک
    پيار ڀري سوري
    منزل ڏي وڌو تڪڙا!سج ڪو نه لٿو آهي،
    پنڌ ڪير متان روڪي
    ڪَن ڪو نه ڏبو جڳ ڏي
    ڀل ٽوڪ ڪري ٽوڪي!
    اُلڪو نه ڇڏيو هڪڙو
    جو ماءُ نه خوش آهي
    بيمار پئي آهي
    دک دارون ٿي چاهي
    تڪرار ڇڏي لوچو
    ناچاڪ زمين آهي!
    تڪرار ڇڏي سوچو
    ناچاڪ زمين آهي!

    


    جهان سارو اداس آهي!

    بچو نه ڪنهن دل ۾ قياس آهي،
    جهان سارو اُداس آهي!
    سياهه آهي گهٽي گهٽيءَ ۾،
    ڪروڌُ آهي مٽيءَ مٽيءَ ۾!
    خَيال جو ڪو خيال ناهي،
    مرڻ جيئڻ جو ڪو حال ناهي!
    نهار هر ڪا نراس آهي،
    جهان سارو اداس آهي!
    غلام ڪوئي ڏسان نه جڳ ۾
    ستم مان روئي ڏسان نه جڳ ۾!
    نه پيءُ پَٽڪو رُلي درن تي
    اداس لوئي ڏسان نه جڳ ۾
    جڏھن ڪو ڪنهنجو نه داس آهي
    جهان سارو اداس آهي!
    پرائي غم تي ڪُڏي ٿو ماڻهو!
    وو ماڻهپي کي ٿُڏي ٿو ماڻهو!
    نه حال ڀائي ٿئي ڪو ڪنهنجو،
    ڳڻي ٿو ڳُڻُ هرڪو هتڙي پنهنجو!
    ڇو جيءُ هر بيقياس آهي!؟
    جهان سارو اداس آهي!
    پڙھو هي “شاهين” جيڪي لکيا،
    سبق زماني کان جيڪي سکيا!
    پريت وِحدانِيتَ جي وائي،
    اکر اکر ۾ سچي سمائي،
    هي منهنجي شعرن جو واس آهي،
    جهان سارو اداس آهي!

    


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 1153
    ڪتابن جو مشاهدو: 3580737
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 977140
    2021 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ