پارا ۽ پنهنوار
ڇانڀ اتر ۾ ڇُڙيل ڇتڙا، جنڊ هلائي نازڪ نار،
سيءَ ۾ ٿڙڪن ڏند ۽ ڄاڙون واءُ ٿو ڌوڻي هرهڪ وار،
هاءِ! ڏسو ڙي! ساٿي سنگتي پيٽ ڪرائي ڪهڙي ڪار!!
پوهه جو مهينو رات به پوئين، چُلهه جي ڀَر ۾ ٻڍڙي زال،
پال وڇائي ويٺي پٽ تي، ويڙهي هڪڙو ڪپڙي وال،
ڪاٺيون سيريو سيڪي هٿڙا، ڪاٽي ائين ٿي سارو سال،
هاءِ ڏسو ڙي ساٿي! پنهنجن سانگين جو هي هيڻو حال!
پوهه جو مهينو رات به پوئين، پٽ ۾ ليٽيل ننڍڙا ٻار،
ڪارا ڪوجها ڪلهڙا ٻچڙا، ڪيئن سمهن منجهه سردي ٺار،
آيل تن کي اولاڻا ڏي، پيءُ ٽمائي نيڻين نار،
هي به جيئڻ ٿيو جهنم جهڙو، هي به حياتي ڳورو بار!!
پوهه جو مهينو رات به پوئين، ڀونگيءَ ڀرسان ڀوري ڀيڻ،
نيلي اُڀ ۾ آس اڙايو، ويٺي نائي نرمل نيڻ،
هير اُتر جي هڪلون ڪريو، وَرَ وَرَ سان ڏي تنهنکي ويڻ،
ساٿيئڙا ڙي! سوچيو سوچيو!! سردي ساڙيا ڪهڙا سيڻ!!
پوهه جو مهينو رات به پوئين، در ڀڳل وٽ سهڻي ڌيءَ،
سينهي وانگر سوڙهي ڪئي، ڏس ساڙي ڪيئن نه آهي سيءَ،
هاءِ ڏسي ڪا درد وندي دل، حالت هتڙي هيڪر هيءَ،
ڇا نه ڪيو آ ڇورين سان هن سِنڌ وطن ۾ سورن سِيءَ!!
پوهه جو مهينو رات به پوئين، جهوپي اڳيان هڪڙي جوءِ،
ڳجهه اندر جون ڳالهيون ڳڻيو ڳاڙها ڳوڙها ويٺي روءِ،
لڄ ڏيئي ڪر لوئي وٺان پر لوڪ وجهندا بلڪل لوءِ،
ساڙي! ماريا سيءَ مگر هي، سيل نه وڪڻي سنڌي جوءِ!!
پوهه جو مهينو، مينهن ۽ پارو گهر ڊَٺل تي واءُ جو وار،
ٻُنڀ اڳيان پيو ٻري، ٻري ۾، ٻڍڙو ويچارو بيمار،
رکي رکي ڪو ڏيئو ٽمڪي،قهر جي اوندهه ڪارونڀار،
منظر اهڙو ڏسندي سائين لُڙڪ لڙن ٿا زارو زار!!
پوهه جو مهينو رات به پوئين، مَنههَ هيٺان هڪڙي ماءُ،
ويڙهي سيڙهي ويٺي آهي، دل ۾ سانڍيو گهرا گهاءُ،
واڳونءَ وانگر وريو تنهن تي، ووءِ! اتر جو ويري واءُ،
ڀيڻن تي اڄ باهه ٻري وئي، ڀيڙا ٿيو ڙي ڀرجهل ڀاءُ،
پوهه جو مهينو مينهن ۽ پارو، رات انڌاري ڪاري ٻاٽ،
ويڙهه وطن جا وانگي ويٺا، پنهنجو وڃائي وڳّ ۽ واٽ،
سانگين سان “سرويچ” ادا، هت سورن سهسين ڪيڙا ساٽ،
اٿو ا ٿو اي ساٿي! سنڀري واچوڙن ۾ ٻاريون لاٽ!!
*