شاعري

آليون اکيون اڻڀا وار

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (115) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي شاعريءَ جو ڪتاب “آليون اکيون اڻڀا وار” نامياري شاعر سرويچ سجاوليءَ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.
هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر پاران 2013ع ۾ ڇپايو ويو. لک ٿورا سائين يوسف سنڌيءَ جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book آليون اکيون اڻڀا وار

سوانح

محمد صديق ولد خميسو خان تارڙو شاعريءَ جي دنيا ۾ “سرويچ سجاولي” جي نالي سان مشهور سنڌ جي لاڙ ايراضيءَ سان تعلق رکي ٿو. 14مارچ 1937ع تي ڳوٺ محمد ابراهيم تارڙي لڳ سجاول ضلعي ٺٽه ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم فقط چار درجا سنڌي آهي. پاڻ سنڌ جي عظيم عوامي شاعر حضرت مولانا حاجي احمد ملاح کان روحاني طرح متامثر ٿيو ۽ 1955ع کان شعر لکڻ شروع ڪيائين. پنهنجي خداداد لياقت، سنڌي عوام ۽ سنڌي ٻوليءَ سان سندس جنون تائين محبت کيس هن وقت پوريءَ سنڌ جو عموماً ۽ لاڙ ايراضيءَ جو خصوصاً هڪ باڪمال شاعر بنائي ڇڏيو آهي. سرويچ سجاوليءَ جي شعر جي سڀ کان اعلى ۽ اُتم خوبي هيءَ آهي جو سندس شعر بلڪل ٺيٺ سنڌي زبان ۾ سَوَلي، سادي ۽ ٻهراڙيءَ جي زندگيءَ سان تعلق رکندڙ لفظن ۾ چيل هوندو آهي. سرويچ، شاعريءَ جي هر صنف تي لکيو آهي. جهڙوڪ: نظم، غزل، گيت، لوڪ گيت، وايون، بيت، دوها، قطعا ۽ مثنوي وغيره. سنڌ وارن جي بدبختي چئبي جو هن مشهور عوامي شاعر جي شاعريءَ جو تمام وڏو حصو سندس گهرن کي باه لڳڻ سبب سڙي ويو، جيڪو هڪ لاثاني ۽ لافاني ادب هو. سرويچ سجاولي هڪ اُهو عظيم عوامي شاعر آهي جنهن ڳوٺاڻي زندگيءَ جي سڄي پچي تصوير نظمن، گيتن، واين، ڪافين ۽ لوڪ گيتن ۾ پيش ڪئي آهي. سندس اندازِ بيان ۾ هڪ طرف سيلاب بيپناهه واري رواني ۽ اُٿل آهي ته ٻئي طرف من موهيندڙ لفظن ۽ دلڪش ترڪيبن جو جادو سمايل آهي.
سرويچ ڏکويل ۽ زخم خورده نياڻين جو شاعر آهي. سرويچ سنڌ جي هر مظلوم ۽ دُکي انسان جي دل جو آواز آهي. سندس هر فن پارو ڪنهن نه ڪنهن ڏکن ڏڌيءَ، نماڻيءَ ۽ سٻاجهيءَ، نياڻيءَ جي جذبات ۽ حالات، پست حاليءَ ۽ خسته حاليءَ جي ترجماني ڪري ٿو. سندس شاعريءَ ۾ تڪليه ۽ تصنع نه آهي، پر سراسر مشاهدو ۽ محسوسات آهي.
اهو معيار هڪ قادرالڪلام ۽ مشاهده نگار شاعر جو آهي. سندس هر نظم هڪ زنده منظر آهي، پر آهي هڪ الميه ۽ زخم خورده شاعر جي صدا. سرويچ پنهنجي تخلص سان بلڪل ٺهڪي اچي ٿو. سندس ڪم به سڄو ڏينهن سرويچاڻا آهن. شل نه ڪنهن سان ڪو ظلم ٿيندي ڏسي، شل نه ڪنهن ڏاڍي جو ڪنهن هيڻي سان ڪو هاڃو ڏسي، بس پوءِ ته اصل ڏنڊو هٿ ۾ سر تريءَ تي رکي ميدان ۾ حاضر ٿي ويندو آهي. اهو نه سوچيندو آهي ته نتيجو ڇا نڪرندو. انهيءَ ڪري کيس هر وقت ڏاڍا ڏونگر ڏورڻا پوندا آهن، پر سرويچ انهن کي ليکي ئي ڪونه.اهائي سنڌ، اهي ئي مظلوم ماروئڙا، اها ئي ڏاڍن سان جنگ سندس روزمره جو شيوو آهي.
سرويچ کان جڏهن پڇيو ويو ته توهان زندگيءَ ۾ ڪنهن کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهيو؟ ته پاڻ چيائين ته هونئن ته هر عوامي ڳالهه يا عوامي ماڻهوءَ کان متاثر آهيان، مگر جيئن ته عوامي شاعريءَ ۾ آئون مولانا ملاح کان متاثر آهيان، ۽ عوامي راڳ ۾ “بلبل، مهراڻ” (روبينه قريشي) مون کي ڪافي کان وڌيڪ متاثر ڪيو آهي. (ناشر)