شاعري

آليون اکيون اڻڀا وار

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (115) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي شاعريءَ جو ڪتاب “آليون اکيون اڻڀا وار” نامياري شاعر سرويچ سجاوليءَ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.
هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر پاران 2013ع ۾ ڇپايو ويو. لک ٿورا سائين يوسف سنڌيءَ جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book آليون اکيون اڻڀا وار

سچن موتين ۽ اُملهه ماڻڪن جو ڀنڊار ::: مهاڳ

سنڌ مُلڪ ۽ سنڌي زبان جو مشهور عوامي ۽ انقلابي شاعر جناب سرويچ سجاولي،اسان جي وطن دوست سنڌي شاعرن مان هڪ آهي. هوُ اُهي ڳالهيون ڪري ٿو جيڪي سندس ٻيا ساٿي شاعر گهٽ ڪندا آهن. وطن جي غدارن کان نفرت جون ڳالهيون، وطن جي ويرين سان مقابلي جون ڳالهيون، سنڌڙيءَ کي ڏاڍن جي ڏهڪاءُ ۽ ڦورن جي ڦُرلُٽ کان ڇڏائڻ جون ڳالهيون، مُڙسي، همت ۽ سر صدقو ڪرڻ جون ڳالهيون. سرويچ ڪيترين ئي ڳالهين ۾ هن دور جي تمام وڏن شاعرن کان مٿي ۽ تمام مٿي لکيو آهي. سرويچ ڪو ايترو گهڻو پڙهيل نه آهي پر سندس شعرن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو بلڪل فطرتي شاعر آهي ۽ بيشڪ ڏات ڌڻي آهي. اِهو ئي سبب آهي جو سندس شعر ۾ منظر نگاريءَ جون اوچيون اُڏارون ائين ٿيون لڳن ڄڻ ته ڪردار سڀ ماڻهوءَ جي اڳيان موجود آهن. سرويچ ڪتابن جو ڪيڙو ۽ مطالع جو شاعر نه آهي پر هُو مشاهده جو سدا ملوڪ شاعر آهي. سندس اندازِ بيان، نازڪ خيالي ۽شيرين زبانيءَ کان ته ڪو ڪافر به انڪار نه ڪندو.ان ڪري سرويچ شاعريءَ جي دنيا ۾ پنهنجي همعصر شاعرن کان اڳتي ۽ تمام گهڻو اڳتي آهي. سنڌ جا سڀ وطن دوست شاعر سنڌي عوام سان پيار جو اظهار ڪن ٿا۽ اُن جي حالت تي افسوس کائين ٿا ۽ اُن جي ڇوٽڪاري جون راهون ڳولين ٿا، پر منهجانئن برک شاعر سڀ وچولي طبقي جا سفيد پوش شهرين جي ٻوليءَ ۽ سوچ رخ ۽ رويه سان شروع ٿئي ٿي.هو اڳتي وڌيا آهن، هُنن پاڻ ۾ ڦيرا آندا آهن. پنهنجي ٻوليءَ ۽ سوچ، رخ ۽ رويه کي عوام جي ويجهو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي اٿن ۽ اُن ۾ کين ڪجهه ڪاميابي به ٿي آهي، ته به هنن ۽ ٻهراڙيءَ جي نوي (90) سيڪڙو عوام جي ٻولي، سوچ، رويه ۽ رخ ۾ ڄڻ ته زمين آسمان جو فرق آهي. تنهن ڪري هنن جي شاعري وچولي طبقي جي مُٺ جيترن شاگردن ۽ خاص ادبي ذوق رکندڙ پڙهيل سنڌين کي سمجهه ۾ اچي ٿي ۽ انهن کي متاثر ڪري ٿي. اُن جو نيتجو به سنڌ لاءِ سُٺو نڪتو آهي. سنڌ جي عوام جي هڪڙي ننڍڙي طبقي ۾ سجاڳي آئي ۽ جيئي سنڌ جي تحريڪ جنم ورتو. پر اُها تحريڪ سنڌ جي عوام ۾ جڙون هڻي نه سگهي ۽ رجعت پرست طاقتور هڪ طرف اُن تحريڪ کي سرمائيدارن جي سياست جي تابع ڪرڻ ۽ ٻئي طرف اُن کي ٿڌو ڪرڻ ۽ دٻائڻ ۾ ڪافي حدتائين ڪامياب ٿي ويون.
تجربي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته وچولي طبقي جو اهو ننڍڙو جوشيلو تهه جنهن ۾ احساس گهڻو ۽ سماجي شعور واجبي آهي، سو سنڌي عوام سان ملي هڪ ٿيڻ ۽ ان کي سجاڳ ڪري ميدان ۾ آڻڻ جي طاقت ۽ صلاحيت نٿو رکي.
اهڙيءَ ريت اسان جي برک وطن دوست شاعرن جي شاعري ڇوٽي وِچولي طبقي جي ننڍڙي دائري کان نه پاڻ ٽپِي سگهي آهي. ۽ نه اُن شاعريءَ کان متاثر ٿيل ماڻهو ئي ٽپي سگهيا آهن، تنهن ڪري اها شاعري سنڌي عوام کان سڌي خواهه اڻ سڌيءَ طرح تمام پري رهجي ويئي آهي.
تجربو ڏيکاري ٿو ته سنڌي عوام کي اڄ اهڙا شاعر گهرجن جي يا ته خود پورهيت عوام هُجن يا ٻين طبقن جا اهڙا ماڻهو هجن جي ڀٽائي گهوٽ وانگر سڀ لڳ لاڳاپا لاهي پنهنجي طبقي جي سماجي گهيري مان مڪمل طرح نڪري پاڻ کي مڪمل طور عوام سان ملائي هڪ ڪري سگهيا هجن. جي عوام سان عوام جي پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ عوام جي دل وٽان سندن دل پسند ڍنگ سان سندن ئي ڳالهه ڪري سگهن. اهڙائي عوامي شاعر اڄ سنڌي عوام جي وڏن هُجومن کي سجاڳ ۽ بيدار ڪري سگهن ٿا ۽ عوام کي منظم ڪرڻ لاءِ ميدان تيار ڪري سگهن ٿا. اسان جو هر دلعزيز محترم سرويچ سجاولي به اهڙو شاعر آهي. سرويچ سنڌ جي انگ اُگهاڙي ۽ پيٽ بکئي مسڪين ماروئڙن جو رڳو همدرد ڪونهي پر هو پاڻ پنهنجي سِر به اهڙين حالتن سان مقابلو ڪرڻ جو هڪ مٿير ۽ مانجهي ماروئڙو آهي. سندس سَتَ نه، پر سَت سوءَ پيڙهيون ٺٽه ضلع جي ماڃر جي ڍنڍن ۾ ڪورن آنڊن پورهيا ڪندي، فاقا ڪڍندي، مارون کائيندي، ظلم ۽ زوراوريون، قيد ۽ بند ڪاٽيندي پوريون ٿي ويون آهن. مسڪين ۽ مظلوم سنڌي ماورئڙن تي قياس، اُنهن لاءِ اٿاهه پيار اُنهن تي فخر سرويچ جي نس نس ۾ سمايل آهي.
“گولا جي گولن جا تن جو به ٿي غلام” واري ڳالهه وانگر سرويچ به اُنهن مان آهي جن لاءِ ظالم ته ظالم پر انهن جا مظلوم به ظالم آهن. ظلم، ڏاڍ، نا انصافي،سرويچ لاءِ ڪَنن ٻُڌل يا پري کان ڏٺل ڳالهه نه آهي. اهي ڳالهيون ۽ انهن خلاف اٿاهه نفرت ۽ غصو کيس ماءُ پيٽان رت جي ورثي ۾ مليون آهن. مظلوم عوام جا اهڙا احساس رکندڙ اڪثر ماڻهو يا چور، ڌاڙيل ۽ خوني ٿيندا آهن، يا وري وڏن زميندارن جا ڪمدار يا پوليس جا دلال، پر سرويچ ٽيون رستو ڳولي ڪڍيو آهي. هن پنهنجو حال پنهنجن ڀائرن، ڀينرن، سوٽن يا ساٿين، ابن ڏاڏن جو حال سنڌ جي عوام اڳيان رکيو آهي. سجاول جي مارئڙن جو اهو احوال سڄيءَ سنڌ جي ڪروڙن ماروئڙن جو احوال بنجي ويو آهي.
سرويچ جي ٻولي سنڌي عوام جي پنهنجي ٻولي آهي. هيءَ اُها سورهن سينگارن واري سدا سهڻي وڏي ست، شان ڏيا واري ٻولي آهي، جيڪا ڳالهين جا ڳهير سنڌي صدين کان مجلسن جا مور، ڌراڙ، ڳنوار، هاري ناري، ڪمي ڪاسبي روزانو گهرن ۾، ڪچهرين ۽ جهنگن جهرن ۾ ڳالهائيندا آهن. سندس ٻوليءَ ۾ شهرن جي بگڙيل کُٽل ۽ بي ستيءَ ٻوليءَ واري هٿرادي ڀڃ گهڙ ۽ ٺاهه زبردستيءَ واري ڪانهي. هِن ۾ زور جا ٽُنبيل جملا ۽ استعمال ڪيل ڀرتيءَ جا جملا ڪونهن. سرويچ جي شاعري رڳو ڪتابن تي نُور نچوئڻ جي شاعري ڪونهي، سرويچ جيڪي پاڻ پنهنجي سر ڏٺو، سُٺو ۽ سمجهيو آهي تنهنجي شاعري ڪئي اٿس. سندس شاعري قدرتي پالوٽ آهي. جنهن ۾ سنڌو نديءَ وارو ڇوهه ۽ جولان آهي. منجهس لکين ۽ ڪروڙين عوام جو ست ۽طاقت آهي. اُن ۾ پاڻ مُرادو اثر ۽ فطري سونهن آهي. سرويچ جيڪا ڳالهه ڪئي آهي اُها مُنڊيءَ تي ٽِڪ آهي.
ڀلا ڀليءَ جو ڇيهه ڪونهي، پر ڪي ڪي ڳالهيون سرويچ انهيءَ منزل تي ڇڏيون آهن جنهن کان اڳتي وڌڻ جي ڪنهن وِرلي کي توفيق ٿيندي. مثال طور ون يونٽ بابت اسان وٽ ڪيترائي نظم ۽شعر چيل آهن جيڪي پنهنجي جاءِ تي ڏاڍا اثرائتا آهن. پر ڀائو! سرويچ ڪير سڏائي؟ هوڏانهن ٻيا سوين نظم ۽ شعر هجن، هيڏانهن سرويچ جي نظم “چوڙيلين جا چاڳ وڪيا” جي هڪڙي سِٽ ئي سوين مڻ سون کان وڌيڪ مُلهائتي آهي، جيڪا هن ريت آهي ته:-
ير! وانگين جا ون يونٽ ۾، گس، گهيڙ،گهٽيون، گهر گام وڪيا!
عام طرح جنهن نظم يا غزل جا ٻه ٽي بند چڱا نڪرن ته اُن کي ڪامياب سڏبوآهي. پر سرويچ جو هر بند، هر سِٽ، هر جملو، هر لفظ ڄڻ ته “لاکيءَ لٺ ڪڙوليءَ جو ڌڪ آهي” هن مجموعي ۾سرويچ جيڪي اثر، معنى سونهن جا سمنڊ بند ڪيا آهن تنهنجي اُپٽار ڪرڻ يا تفصيل سان لکڻ يا سمورن شعرن جا حوالا ڏيڻ سان آئون دعوى سان چوندس ته هن کان ٽيڻو ڪتاب ٺهي پوندو. جيڪڏهن ڪلام مان ٽڪرا ڏبا ته سوال اُٿندو ته ڪهڙا چونڊيان ۽ ڪهڙا ڇڏيان. آئون ته چوندس ته سڄو مجموعو سچن موتين ۽ املهه ماڻڪن جو ڀنڊار آهي.
سرويچ سنئين سِڌي ڳالهه ڪري ٿو، هن کي سمجهڻ ۽ پروڙڻ لاءِ ماڻهوءَ کي اول اُٺ ڪتابن جا پڙهڻ جي ضرورت ڪانهي.هيءَ گهر جي ڪُنڊ ۾چئن يارن دوستن کي ٻُڌائڻ يا ڪن ٿورن پڙهيل قدردانن کي مغز ۾ ويهارڻ جي شاعري ڪانهي. هيءَ هزارن، لکن، بلڪ ڪروڙن سنڌي پورهيت عوام جي انبوهن ۽ هجُومن کي ٻُڌائڻ ۽ حرڪت ۾ آڻڻ جي شاعري آهي، سندن دل جي دانهن ۽ اندر جي اُڇل آهي، سندن مست اُڌمن ۽ اُمنگن جو اجهل ڇوهه آهي. اهوئي سبب آهي جو جتي به سنڌي عوام جا انبوهه گڏ هجن ۽ سرويچ پنهنجو ڪلام ٻُڌائي اُتي اهو منظر ڏسڻ۾ ايندو جو :-
“انڌا ماڻهو، ٻوڙا ماڻهو، ماڻهو ٻُوٿ ٻڌل،
للڪارون للڪارون ٿي ويا، لڏي ويا ايوان”
اسان جي ويجهڙائيءَ جي شاعريءَ ۾مولانا ملاح سنڌ جي عوام جي ٻوليءَ جي ملڪ جو بادشاهه ٿي گذريو آهي. پر اڄ اهو ڇَٽ هن سنڌڙيءَ جي سچي سرويچ جي سرتي آهي. سرويچ ۽ سندس عوامي شاعريءَ جي واٽ تي هلندڙ شاعر ساٿين پنهنجي سفيد پوش طبقه جي شاعر ساٿين کان گهڻو ڪجهه سِکيو آهي. کين اُنهن مان اڃا به جيڪي چڱيون ڳالهيون هٿ لڳن سي سکڻ کپن اها ڳالهه تمام ضروري آهي. پر ان کان به وڌيڪ ضروري ڳالهه هيءَ ته اسانجا سفيد پوش شاعر سرويچ کان به عوامي شاعريءَ جا سبق سکن ۽ عوامي شاعريءَ جي راهه وٺن انهيءَ ۾ ئي سنڌي قوم جي عوامي جدوجهد جي اڄوڪي نئين ۽ مٿانهين منزل سمايل آهي. آخر ۾ آئون هِن لاڙ جي لال تي لک لک سلام چوندي هي مهاڳ ختم ڪريان ٿو.

رسول بخش پليجو
حيدرآباد 7-جون 1972ع