ڪورن آنڊن ۾ ڪهرام
ماريو مونکي مات ڪري ٿي ماٺيڻي هي تنهنجي مام!
ويل وِهاڻي ويئين پئي تون ٻانهون ڳچيءَ ۾ پايو ٻئي،
سيءَ ۾ ٺرندي، ڏڪندي ڏڪندي، تڪڙا تڪڙا وجهندي وام!
تار مٿي کان ٺريل پاڻي تنهن ۾ ٽٻيون هڻندي هڻندي،
گُريءَ گريءَ تي ٿوٿا ڏيندي ڏيندي توکي ٿي وئي شام!
سيءَ سُڪايئي سورن ساڙيئي، سونهن وڃايئي سوڍي ڀيڻ،
پيٽ بکئي لئي نيڻ نچويئه، جيءُ ولوڙيئه جيجل جام!
پرهه ڦٽيءَ جو ويئين پئي ۽ مٿان وچينءَ جي ويل لڙي،
ڀور نه ڀوري ڪوئي کاڌءَ، “ڪورن آنڊن ۾ ڪهرام”!
بار مٿي تي وار ڀِنل ۽ ڀِڄندي ڀَڄندي تيز اچين،
بند نه ٿي بازار وڃي، جيئن محنت ساري ٿئي ناڪام!
بوج ڳرو ۽ پنڌ پريرو، ڪنڌ ڏڪندڙ ساڻ کڻي جو،
سو ته ڪري ٿو تنهنجو هر هڪ قدم اسانکي اڄ قتلام!
بيٺ بدن ۾ بار سبب ويا، تنهنجي پئجي خوب بٺا،
چُور چُرڻ کان چمڙي چيريل نيڻن جي تو ننڊ حرام!
پري پري کان ايندو توکي ڏسندي ننڍڙن هينئن چيو،
اَمڙ اچي ويئي هاڻي ڏيندي ترت رڌي ڪجهه تازو طعام!
هيڏيءَ هلاڪت سان جو آندئين، مال انهيءَ جو مُلهه وري،
“آني-ٻن” ٿو سير وڪامي، ويل ڏسو ڙي هي وريام!
سوبه وڪيو ڪجهه ڪين وڪيو ڪجهه اوڌر ٿيو ڪجهه مفت ويو،
هاڻ ٻڌايو ڪيئن ٻچن کي پاري نازڪ نار مُدام؟
پير اڱڻ ۾ پاتئي جنهن دم دانهن ٻچن ڪئي ماني ڀور،
لفظ ٻُڌي هي لڙڪ لڙيا، تو ماءُ مِٺيءَ سان ٿيو ماتام!
ڪين ٽنگئين هٿ ڪنهنجي اڳيان تون پنهنجيءَ محنت تي مسرور،
ڌيءَ سنڌياڻي! آهي اسانجو تنهنجو همّت کي ته سلام!
ڏيل ڏرئين ٿي، پهڻ پيهين ٿي پوءِ به جيئين ٿي جڳ ۾ هاءِ،
سور چرين ٿي ڪين ڪڇين ٿي گهوڙا ڙي! او! تون گگدام!
سُست نه ٿيو اي! سنڌي ساٿيو! سيگهه ڪريو “سرويچ” ٿيو،
سيڻن تان سڀ لاهيون لِک ۾، سور، انڌيرا ۽ آلام!!
*