شاعري

آليون اکيون اڻڀا وار

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (115) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي شاعريءَ جو ڪتاب “آليون اکيون اڻڀا وار” نامياري شاعر سرويچ سجاوليءَ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.
هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر پاران 2013ع ۾ ڇپايو ويو. لک ٿورا سائين يوسف سنڌيءَ جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book آليون اکيون اڻڀا وار

ليکڪ پاران

هن سنڌ وطن جا صدين کان سورن ساڙيل، ڪاڙهن ڪاڙهيل ۽ ويل ۾واڙيل وانگيئڙا.
جيئي سنڌ!
منهنجي دل جا داڻا، من جا موتي، سر جا سائين، منزل جا مٿير مانجهي! اوهين ۽ اوهان جي هيءَ سونهن سونهاري ڌرتي ۽ هيءَ ماهيءَ ماکيءَ جي لار کان مٺڙي زبان، اوهان جون ريتون رسمون، ميلا ملاکڙا، پرڻا مرڻا، وهانءَ وڌاڻا، قرب ڪچهريون، مال اولاد شال سدائين زنده ۽ سلامت هجن. اوهين هن ڌرتيءَ جا ڌڻي، دودا، جوڌا، جُنگ اڙٻنگ، گهوٽ اڻموٽ، اٽل ۽ اڻ جهل پُرين ۽ پيڙهين کان هتي جا پاڊوڪي پنهنوار، جري ۽ جونجهار، سگهارا سنگهار، سدا ملوڪ ۽ من موهيندڙ ماروئڙا شال سدائين وسندا ۽ وهسندا رهو! اوهان جا شهر ۽ ڳوٺ،وسنديون ۽ ويڙها، واهڻ واهه ۽ هي مست مهراڻ شال سدائين موجن سان مسڪرائيندو اوهان کي مسرور ۽ مالا مال ڪندو رهي. شال سدائين اوهان جون ٻاگهيون، مارئيون، سَسُيون، سهڻيون، ناز ڀريون نوريون ۽ ليلائون پنهنجن چنيسرن سان چاڳ ڪنديون رهن. شال اوهان جا هي ٻلوان ٻار ڪارا ڪوجها، ڪَڪا، ڪونڌر ۽ ڪٽ مست پُٽڙا پنهنجي وطن ۽ زبان تان سرن جا سودا ڪندا رهن. شال سدائين اوهان جا اهي قُبن جهڙا اڇا پٽڪا، رت رنڱيون اجرڪون، لاکيڻيون لُنگيون، کٿا ۽ کيس، سوسيون، گرييون، ٻانڌڻا، ٻگيئڙا، گجّ، ڪنجرا، چُنڙيون ۽ چولا هن جڳ تي پنهنجي جوت ۽ جهرمر جهومائيندا رهن.
شال سدائين توهان جا کيٽ، چيٽ، ڪتيون، ربيعون، ڍنڍون ڍورا خوشيءَ وچان کِڙندا ۽ ٽِڙندا رهن. شال سدائين توهان جا راڳ، ناچ ڳيچ ڳيا، هُمرچا، هو جمالا، نڙ بيت، چنگ چڙا، ساز، سُر، راڳ رهاڻيون وڌندا ۽ ويجهندا رهن. شال سدائين توهان جون رانديون رونديون، ملهه ٻيلهاڙا، ونجهوٽيون، لڪلڪوٽيون دائم ۽ قائم هُجن. شال سدائين توهان جا پکا پڊ، پاڙا، اڱڻ اوطاقون اُجريون ۽ آبائيتيون هجن. هي جهانگيئڙن جا جهوپا سندائين جڳمڳائيندا رهن ۽اوهين هن سنڌ ڌرتيءَ تي شاد ۽ آباد هُجو.
منهنجا سورهيه ۽ سرويچ سانگيئڙ!: منهنجي شعرن جو هي پهريون مجموعو جيڪو سال 1962ع اکان 1972ع تائين جو چيل شعرن مان چند شعرن تي مشتمل آهي “آليون اکيون، اڻڀا وار” اوهان جي اڳيان آهي. منهنجا ڏکن ڏاريل ڏوٿيئڙا! آئون ڪو وڏو عالم اديب يا علامه ڪونه آهيان. آئون ته بلڪل ئي هڪ اڻڄاڻ ادنى ۽ هن زماني جو ستايل ۽ سورن ساڙيل سنڌي آهيان. شاعري نه ته ڪا منهنجي ورثي ۾ آهي ۽ نه آئون ڪو شاعر اِبن شاعر آهيان جو ويهي ڪا اوهان اڳيان هام هڻان. آئون ته فقط اوهان جي ۽ پنهنجي سورن، صدمن، سُهمن ڏکن ڏولان، اهنجن ايذائن، عقوبتن ۽ اذيتن جون ڳالهيون ڳايان ٿو، جنهن کي توهان شاعري ڪوٺيو ٿا. بهر حال شاعري آهي يا ٻيو ڪجهه، آئون ته اُهو لِکندو آهيان جيڪي ڪجهه ڏسندو آهيان. ڪتاب اوهان جي اڳيان آهي پڙهو ۽ پروڙيو. جيڪڏهن منهنجي ڪوتاهين تي ڪو قلمي قرب ڪندا ته آئون اوهان جو ٿورائتو رهندس.
آئون اوهان سڀني سنڌي ڀائرن، ڀينرن، مائرن، ڌيئرن ۽ ساٿيئڙن جو ٿورائتو آهيان جن جي سورن صدمن، ڏکن ڏولاون مون کي شاعر بنايو.
آخر ۾ آئون انهن محسنن کي به وسارڻ نٿو چاهيان جن مون سان هن ڪتاب ڇپرائڻ ۾ آخر تائين ساٿ ڏنو. بهتر ٿو سمجهان ته انهن سڄڻن جا نانءُ به اوهان تائين پهچايان جيڪي هن ريت آهن:-
سيد بشير احمد شاهه، سيد انور علي شاهه ڪاظمي، محمد جعفر هيلايو، سيد نواز علي شاهه سجاولي ۽ منصور علي عباسي. ۽ پڻ هن ڪتاب کي ترتيب ڏيڻ ۽ نقل ڪرڻ ۾ جنهن ماڻهوءَ مون سان راتيون جاڳي سجاول کان ڪراچيءَ تائين پنهنجو ذهن ۽ نور نچويو، آئون انهيءَ منهنجي ننڍڙي اَدي “سوز” سجاوليءَ کي به وساري نٿو سگهان ۽ سندس ٿورائتو آهيان. اُن سان گڏ آئون اداره “آزاد” ڪراچيءَ جو به شڪر گذار آهيان، جنهن جي اڻ موٽ ايڊيٽر علي نواز صاحب وفائي ۽ وفائي پريس جي تجربيڪار عملي مون سان ڇپائيءَ ۽ پروفن ۽ ڀرپور مدد ڪئي.
شال سدائين سنڌ ۽ سندس سانگي سلامت هُجن.

8 جون 1972ع
سرويچ سجاولي