ننگي انگ نياڻيون
قاتل جي وهي ڪنڌ مٿي جنهن جي ڪٽاري،
ڏاڍن جي ڏسان ڏيهه ۾، هر ڏينهن ڏياري،
هيڻن جو هتي يار، ٿيو جيئڻ به خواري،
هت گهرج انهيءَ جي جو هجي سيٺ سگهارو!
مسڪين ۽ مفلس کان ڪري هرڪو ڪنارو!
مسڪين مٿي آهي، هتي مار مدامي،
غنين جي ڪري هو ٿو سدا در جي غلامي،
ته به تنهن کي اُٿي ويٺي چون هو ٿا حرامي،
حرامي ته وڏا پاڻ سندن پيءُ به حرامي،
خدمت جو ڪري تنهن سان هي ڪن خرٿا خسارو!
پاپين سان شريفن جو پيو آهي پنارو!
جت تيل بجاءِ ٿو وڃي پاڻي ٻري ڙي،
جيئڻ به جتي آهي ٿيو ڳالهه ڳري ڙي،
معصوم لکين لال، ويا مرضن ۾ مري ڙي،
تن کي نه ڏني ڪنهن به ٺلهي تيل تري ڙي،
مليو نه مگر تن کي ڪو آنو به اُڌارو!
سورن ۾ لنگهي تن جو، ويو سانوڻ ۽ سيارو!
مظلوم نياڻين جو جتي ننگ وڪامي،
هر رات غريبن جي، ورنهن ۾ وهامي،
هڪ پل به پيارن تان نٿي آڳ اُجهامي،
مسڪين جتي ظلم جي آڙاهه ۾ کامي،
پُر پيچ خطرناڪ بنيو وقت پيارو!
هر روز ڏسن نيڻ هي پُر درد نطارو!
هرجاءِ ڏسان جام “ننگي انگ نياڻيون”،
وهائين ٿيون، لکين لڙڪ هو نيڻن مان نماڻيون،
سِرجڻ کان سُڪي سوڪ ٿيون سورن ۾ سياڻيون،
ڄاڻن نه بنا روڄ، ٻيو راڳ ڪو راڻيون،
هر مهل ٿئي تن جو ٿو، گوندر ۾ گذارو!
ڇانيل ٿو رهي تن جي، او! اڱڻن تي انڌارو!
سانگين جو ويو آهي سُڪي ساس وطن ۾،
ڇُڙيا پيا هلن ڇيڪ، ڪي راڪاس وطن ۾،
ماڻهن جو پٽي کِين، ڪچو ماس وطن ۾،
هر پَهر اچي پاپ جي، بوُ باس وطن ۾،
هت قهر ستم جو ته ڪنڌي ناهه ڪنارو!
گذري ٿو غريبن جو، هر ڏينهن ڏکارو!
آزاد رهون ڪين ٿا، آزاد وطن ۾،
ڦُرين جو ٻُڌي ڪونه ڪو، فرياد وطن ۾،
دانهن جو ٿئي ڪين صفا داد وطن ۾،
بُکين سان مٺا ڀاءُ! آ بغداد وطن ۾،
ڇا ڇا نه اسان ساڻ ٿيو ديس ۾ يارو!
هر حّق اسانجو ته غصب ٿيو اي پيارو!
هر واٽ مٿي جام، اڄ واسينگ وطن ۾،
ڍاوا پيا هلن ڍور، جيئن ڪي ڍينگ وطن ۾،
مسڪين بنا نان جي مرڻينگ وطن ۾،
تن جي نه لڱن تي ڪا، ڏسان لينگ وطن ۾،
مغموم رهن مارو سندن من تي مونجهارو!
ساٿي ڙي اُٿو تن جو ڪريون ڪو ته سڌارو!
مزدور ٿيو چُور کڻي بار پٺن تي،
انسان کڻي بوج کڄي جيڪو اُٺن تي،
ڇاڇا نه ڪيو تنهن ته آ ٽڪرن ڙي رُکن تي،
افسوس ڪيو ترس، نه ڪنهن تنهنجي ڏکن تي،
هرسال وهي ڏاند جيان هو ٿو ويچارو!
تحقيق هي مزدور آ قومن جو سهارو!
هاري جنهن هڻي هر ڪيون آباد زمينون،
هر اوڙ اندر جنهن جو پيل خون پسينون،
ته به پيٽ بُکيو تنهن جو آ منجهه سير سفينون،
ڏس خون انهيءَ جي تي ڪري عيش ڪمينون،
هيڻن جو ڪري ڪيئن نه هڙون هڙپ هچارو!
مظلوم سندي مال تي ٿيو سيٺ سگهارو!
ڪوڏر به صبح شام هڻي، ڪو ته خبر پئي،
ڏلها به مٽي سِر تي کڻي، ڪو ته خبر پئي،
سارين کي منجهان تار لُڻي، ڪو ته خبر پئي،
راتيون به بکيئي پيٽ تَڻي،ڪو ته خبر پئي،
رڳو گوڏ گنجيءَ ۾ ته ڪري ڪير گذارو!
ڪاٽي ڪو سڄي رات بنا سوڙ سيارو!
پوکي ۽ وري تن کي، پچائي ته سهي ڪو،
سرديءَ ۾ هلر رات جو، ڳاهي ته سهي ڪو،
مزدور بنا محل هي، ٺاهي ته سهي ڪو،
ريتيءَ جون تغاريون به، اُٺائي ته سهي ڪو،
گوڏي کان وڏيءَ گپ ۾، ماري ته ڪو گارو!
۽ پوءِ به وڃي کائي رُکو ڪڻڪ جو ڏارو!
بنجر هي زمينون به، ڪو کيڙي ته خبر پئي،
هر سنگ جدا تنهن کي، سهيڙي ته خبر پئي،
انبار اَنن جا به ڪو، ميڙي ته خبر پئي،
رستن تي پٿر سخت، پکيڙي ته خبر پئي،
کُورا به جلائي ڪو، صبح شام ٻپهارو!
ڏامر جو لڳاتار، ڪري ڪو ته پگهارو!
ان کان به ڏسان پوءِ، ٿو ڏوٿين کي ڏکيو ڙي،
بت صاف اُگهاڙو ۽ سندن پيٽ بکيو ڙي،
سانگين جا پسيو سور، وڃي ساهه سُڪيو ڙي،
ديسين کي ڏسيو منهنجي وڃي دل ته دُکيوڙي،
پوءِ ڇو نه بغاوت جو، وڄايان مان نغارو!
هن قهر ڪنان ڇو نه ڪريان ويس مان ڪارو!
هر وقت وطن ۾ ته وڏا ويل ڏسان ٿو،
سچ جيڪو چوي تنهن کي ئي منجهه جيل ڏسان ٿو،
سيني ۾ لڳل تنهنجي سوين سيل ڏسان ٿو،
هر روز مٺا ڀاءُ عجب، کيل ڏسان ٿو،
دنيا جو ويو آهي ٿي دستور نيارو!
هڪ عيش ڪري ٻئي جو غمن منجهه گذارو!
رهزن ٿا هتي روز، ڪن ناپاڪ ارادا،
هيڻن کي لُٽڻ جا ته غضبناڪ ارادا،
شيطان پيا ڪن ته شرمناڪ ارادا،
شل پاڪ خدا تن جا ڪري خاڪ ارادا،
ويرين کي وڍڻ لاءِ ڪريون يار ڪو وارو!
ڍڳ ڌوڙ سندا تن جي وجهو منهن ۾ پيارو!
هن اوچ ۽ نيچ ڇڏيا ويل وهائي،
هڪ کي نه جهڳي آهي، ٻيو ست ماڙ اَڏائي،
هڪ کي نه لڀي ليڙ، ٻيو پَٽُّ پيو پائي،
هڪ روز بخارن ۾، ٻيو عيش اُڏائي،
“سرويچ” ڀلا ملڪ ۾ هي ڪهڙو انڌارو!
کسجي ٿوغريبن کان، جيئڻ جو ڇو سهارو!
*