شاعري

آليون اکيون اڻڀا وار

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (115) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي شاعريءَ جو ڪتاب “آليون اکيون اڻڀا وار” نامياري شاعر سرويچ سجاوليءَ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.
هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر پاران 2013ع ۾ ڇپايو ويو. لک ٿورا سائين يوسف سنڌيءَ جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book آليون اکيون اڻڀا وار

ٻه اکر

سنڌ جي يتيم ۽ لا وارث ٺٽي ضلعي جي جيڪڏهن تاريخ جا ورق ورايا ويندا ته ٺٽو سنڌ جي تاريخ هو ۽ سنڌ جي تاريخ ٺٽو هو. انهيءَ مردم خيز خطي ۾ اُهي اُهي عالم ۽ فاضل، عامل ۽ ڪامل، صوفي ۽ سچار، درويش ۽ دور انديش، قطب ۽ ڪرامتن جا صاحب، اهل دل، اهل نظر شاعر، اديب، تاريخ، نويس ۽ محقق پيدا ڪيا جن جو نالو اڄ ڏينهن تائين علمي، ادبي، تاريخي ۽ مذهبي دنيا ۾ روشن آهي.
هونئن به ٺٽي ضلع جو چپو چپو تاريخ جي ڀنڊارن سان ڀرپور ۽ ڀريو پيو آهي.
جيڪڏهن سندس سرحدن ۽ جاگرافي حدن تي نگاه ڪبي ته به تاريخ ئي تاريخ نظر ايندي. تحفته الڪرام، مقالات الشعرا، تاريخ طاهري ۽ مڪلي نامه جهڙن نادر ڪتابن جو مطالع ڪيو ويندو ته ٺٽي جو شباب آئيني وانگر صاف ۽ شفاف نظر ايندو. زماني جي تڪڙن انقلابن ٺٽي جي شباب کي پنهنجي ظالم هٿن سان اهڙو ته تباه ۽ تاراج ڪري ڇڏيو جو هن وقت سنڌ جي سمورن ضلعن مان صرف ٺٽو ئي هڪ اهڙو ضلع آهي جيڪو هر لحاظ کان بلڪل پوئتي۽ پٺتي پيل آهي. مسڪين ۽ منجهيل ماڻهو جيڪي زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن کان هميشه محروم رهندا اچن ٿا. سندن نه ڪو وارث آهي ۽ نه والي نه راکو آهي نه رکپال. اُنهن غريبن ۽ مسڪينن جو هتي بيان نه ڪجي ته بهتر آهي. انهن مٿين حالتن هوندي به هن ضلع مان هڪ درد رکندڙ انسان، جنهن جو مذهب آهي ته انسان، انسان کي انسان سمجهي پيار ڪري، هو پنهنجي ماحول کان متاثر ٿي ڪري، ضلع جي برباديءَ ۽ برين حالتن کي ڏسندي اُٿي پڪاريو آهي. اُهو آهي سرويچ سجاولي جنهنجو سوز آواز سنڌ جي ادبي، علمي ۽ شعر و شاعريءَ جي دنيا ۾ڌاڪو ڄمائيندو اڳتي وڌندو رهي ٿو.
مهينو کن ٿيندو ته سرويچ پنهنجي ڪلام جو مجموعو کڻي پريس ۾ آيو ۽ پنهنجي ڪتاب شايع ڪرڻ لاءِ حڪم ڪيائين، مگر هن موتمار مهانگائيءَ ۽ ڪاغذ جي گرانيءَ جو حساب ڪيو ويو ته ڳالهه ڳري ٿي پيئي. خوشيءَ جي ڳالهه هئي جو قلندر، قلندر وٽ آيو. اِها به ڪرامت هئي. سرويچ لفظ مان صاف ظاهر آهي ته هن دور ۾ جيڪي سرن جو سودو ڪندا رهن ٿا اُنهن صاف پاڪ سودا گرن ساٿين وٽ سر ۽ سوز کانسواءِ ٻيا سمورا وکر وسريل هوندا آهن.
ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين هزارين سردار ۽ سرمائيدار، زردار ۽ زميندار، وڏيرا ۽ وڏ ڌڻي، قومن جا ڪاراوا ۽ راڄن جا رکپال، وڪيل ۽ واپاري، صحافي ۽ سگهڙ، اديب ۽عالم، سمجهدار ۽ سياڻا، متولي ۽ مجاور، مير ۽ پير موجود آهن، مگر هڪ اڌ کان سواءِ ڪنهن به اڄ ڏينهن تائين سنڌي علم ۽ ادب ڏانهن ڪو به ڌيان ڪونه ڌريو آهي.
هونءَ به اسانجي ملڪ ۾ علم ۽ادب سان ماڻهن جو تعلق گهٽ آهي، ڇو ته اسان جي عوام جي جهالت، اهلِ ذوق جي قلت، قدردانن جي ڪمي ۽ سرمائيدارن جي بي توجهيءَ ڪري اسان جي ادب کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. سنڌ جي امير طبقي جو علمي ۽ ادبي دنيا سان ڪو به تعلق يا وجهه واسطو ڪونه رهيو آهي. ڪامورو ڏوڪڙن ڪمائڻ ۽ پنهنجي جهنم جهڙي ڀڀ کي ڀرڻ ۽ پوين لاءِ اِملاڪ گڏ ڪرڻ جي فڪر ۾ هوندو آهي.
توهان ڪنهن به زردار ۽ زميندار کان علمي، ادبي، اصلاحي ۽ مذهبي ڪم لاءِ چار ڏوڪڙ گهرندا ته هن کي ڄڻ قيد جي ڪانڊ اچي وئي! باقي جيڪڏهن ڪو وقتي حاڪم ڪنهن سرمائيدار ۽ سرنديءَ واري کي شڪار لاءِ چوندو ته مڙس کي جُتي هٿ نه ايندي ۽ ڪُتا به پاڻ ڪاهي اڳ ۾ هلندو.
مگر اُن جي باوجود سنڌ، سنڌ آهي ۽ ڪيترائي مرد مولا جا پيا آهن جيڪي هروقت نيڪ ۽ چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجي مُخلص دوستن جون خدمتون ڪرڻ لاءِ واجهه وجهيو ويٺا هوندا آهن. سرويچ جي همت ۽ حوصله افزائي ڪندي بسم الله ڪري ڪتاب جو ڪم شروع ڪيو ويو.
سرويچ ٺٽي ضلعي جي ڪيترن ئي سرمائيدارن ۽ سرندي وارن جا نالا ٿي ورتا ۽ انهن صاحبن لاءِ چيائين ته هُو ضرور ڪتاب ڇپرائڻ ۾ مدد ڪندا.مون کيس چيو ته اِنهن سمورن نالن مان صرف ٻه سخي مرد ئي ڪافي آهن جن جو ذمو مان پاڻ تي کڻان ٿو. هڪ جناب سيد بشير احمد شاهه صاحب ايم-پي-اي ٺٽه ۽ ٻيو وڏيرو محمد جعفر صاحب هيلايو. اِنهن صاحبن سان منهنجي جهوني نياز مندي آهي ۽ جڏهن به ڪراچيءَ ۾ اچڻ ٿيندو اَٿن ته ڀيرو نه ڀڃندا آهن ۽ پريس ۾ ضرور ايندا آهن. ڪتاب جو ڪافي ڪم ڪيو ويو. ٻنهي صاحبن بنان ڪنهن پڇا ڳاڇا جي مجموعه جو سمورو خرچ پاڻ تي هموار ڪيو. باقي جن ٻين صاحبن جا نالا سجاولي صاحب ٻڌايا هئا، اُنهن صاحبن متعلق مان بروقت عرض ڪيو هو ته انهن همراهن ۾ ڪابه اميد نه رک. خير باقي بچيل ڪم کي فقير ويٺي مُنهن ڏنو ۽ ڪتاب تيار ٿي اوهانجي هٿن ۾ پهتو. الله تعالى جناب بشير احمد شاه صاحٻ ۽ ميان محمد جعفر هيلايه کي جزاءِ خير ڏي آمين. انهن صاحبن پنهنجي علم نوازي ۽ ادب پروريءَ جو سهڻو ثبوت ڏنو آهي. باقي مهاڳ ۽ مقدمي جو معاملو مُنجهيل هو. سرويچ کي عرض ڪيو ويو ته ڪنهن شاعر ۽ اديب کان مقدمو لکرائي کڻي اچ ته ڪم کي پورو ڪيو وڃي. پاڻ حڪم ڪيائون ته مقدمو اوهان کي ئي لکڻو آهي. مون کيس عرض ڪيو ته ادا! مان هڪ معمولي صحافي آهيان ۽ نه وري مون کي علم عروض جي فن جي ڪا خبر ئي آهي. هر ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو فن آهي. مون کي مجبور ڪندي چيائين ته وفائي، جنهن انداز ۾ تون نثر ۾ شاعري ڪندو رهين ٿو اُن جو جواب ئي ناهي. مون کيس عرض ڪيو ته اها وڏي نا اِنصافي ٿيندي ته هڪ چوٽيءَ جي شاعر جي مجموعه تي هڪ معمولي صحافيءَ جو مقدمو، اِها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي.
بار بار حڪم ڪرڻ کانپوءِ کيس عرض ڪيم ته مهاڳ ۽ مقدمو ته نه لکي سگهندس باقي حڪم جي تعميل ڪندي ٻه اکر خدمت ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، انهيءَ تي پاڻ راضي ٿيو.
فقير هميشه ئي پنهنجي لياقت آهر اهلِ علم، اديبن شاعرن جو خادم ٿي رهندو آيو آهي، ڇو ته سانڀر آيم ته علم و ادب ۽ صحافت سامهون هئي. الله تعالى اهڙين شخصيتن جي خدمت ڪرڻ جو موقعو عطا فرمايو هو جن جي ملاقاتن لاءِ وقت جا حاڪم به منتظر هوندا هئا. انهن برگرزيده بزرگن، متقي ۽ پرهيز گارن اهلِ علم اديبن، صحافين ۽شاعرن، جمال ۽ جلال جي صاحبن جن جي روحاني چهرن ۽ کليل پيشانين تي ٿورو گُهنج اچي ويندو هو ته وقت جي حاڪمن جي محلاتن ۾ زلزلو پيدا ٿي پوندو هو، اُنهن جي محفلن ۽ مجلسن ۾ سندن جُتين سڌي ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيل آهي. ماڻهن کي منهنجي علمي لياقت معتلق ڪافي خوش فهمي هوندي آهي. اَها انهن دوستن ۽ احبابن جي ڪرم نوازي ِآهي. سچ پچ ته مون کي اڃا هٿ ۾ قلم کڻڻ جي به صحيح شناس ڪانه آهي. هي جيڪي ٿورو گهڻو لکپڙهه جو ڪم ڪندو رهان ٿو، اُن لاءِ منهنجي مهربان ۽ مشفق والد سائينءَ جي نوازش هوندي هئي. مون کي پنهنجي والد سائينءَ جي پيرن جي پڻيءَ جي برابر به پروڙ ڪانه آهي. الله تعالى منهنجي والد سائينءَ تي هزارين رحمتون عطا فرمائي جنهن جي نالي تي هي فقير هن دنيا ۾ هلندو رهي ٿو. ڇو ته پنهنجي ڪابه پوک پوکيل ڪانه آهي. هن سڀ بزرگن جو ڀلايون ۽ برڪتون آهن جو انهن جي ٻڌايل توَ کلُ عَليَ الله وَ کَفى بِاالله وَ کيلاَ جي واعده تي زندگيءَ جون منزلون طئي ڪندو رهان ٿو.
اسانجي سرسبز، سکئي ستابي ۽ صاف پاڪ سنڌي ادب جو دامن گهڻي ڀاڱي ڪيترن ادبي ۽ علمي گُلن ڦُلن کان خالي رهيو آهي، ان جي باوجود ڪيترا اديب هن وقت نهايت ئي علمي، ادبي، تاريخي ۽ محققانه مضامين سنڌ جي علم ۽ ادب جي گهڻگهرن ۽ پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪري رهيا آهن. منهنجو پنهنجو ذاتي خيال آهي ته سنڌي ادب ۾ جيڪو بيمثال انقلاب آيو آهي، ان جو عرصو چوڏهن سالن جو آهي ۽ ان کان اڳ به ڪافي مواد موجود هو. مگر هن وقت اسانجي اديبن ۽ اِهلِ قلم حضرات جا افسانا، قصا، ڪهاڻيون ۽ شعر و شاعري ۽ ان سان گڏو گڏ نهايت بهترين علمي، ادبي، تاريخي ۽ محققانه مضمونن جا معراج دنيا جي ڪنهن به قوم جي ادب کان گهٽ نه آهن. جيڪڏهن نثر ۽ نظم جو مقابلو ڪيو ويندو ته آئون دعوى سان چئي سگهان ٿو ته اسانجا جيڪي به لکندڙ آهن، تن جو چوڏهن سالن جو مواد سڀ کان مٿڀرو، ملوڪ ۽ اڳڀرو آهي. اسانجي نثر توڙي نظم جي هڪ هڪ سِٽ سون برابر آهي. سنڌي ادب جيڪو منهنجي سامهون گذرندو رهي ٿو، اُن کي جيڪڏهن ٻين ٻولين جو لباس پهرائي پيش ڪبو ته دنيا ۽ دنيا وارا دنگ رهجي ويندا.
سنڌ جي مشهور معروف انقلابي شاعر جناب “سرويچ” سجاوليءَ جو ڪتاب “آليون اکيون اَڻڀا وار” تيار ٿي علم نواز ۽ ادب پرور۽ شعر و شاعريءَ جي شيدائين جي هٿن ۾ پهچي چڪو آهي. هِن لکڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونه آهي ته هن لاڙ جي لال ۽ اکرن جي شهنشاه پنهنجي ڪلام جي مجموعه ۽ صاف ۽ شفاف ڪاغذ جي سيني تي جيڪا اکرن جي موتين جي جڙڪاري ڪئي آهي ان جو مثال سنڌ جي شعر و شاعري ۾ ملڻ نه صرف مشڪل بلڪ ناممڪن آهي.
سرسبز ۽ سدا سهڻي سنڌ ۽ سنڌي سٻاجهڙن جي سوز ۽ سورن جو نقشو “سرويچ” صاحب اهڙي ته سهڻي انداز ۾ پيش ڪيو آهي جو پڙهندڙ ائين محسوس ڪندا ته اهي سمورا واقعا سندن اکين اڳيان ٿي گذريا آهن يا ٿيندا رهن ٿا.
سنڌ جو درد رکندڙ شاعر پنهنجي نيڻن سان جو ڪجهه ڏسي ۽ پسي ٿو ان منظر کي پنهنجي شاعرانه انداز ۾ اهڙي ته بهترين ادا سان ادا ڪري ٿو جو پڙهندڙ ان کي پنهنجي دل جي ڳالهه سمجهن ٿا. “سرويچ” جي شاعريءَ ۾ ڳوٺاڻي ماحول جي سچي منظر ڪشي ملي ٿي ۽ ان کان سواءِ موجوده دور ۾ جيڪا اسان جي نوجوانن جي جدوجهد آهي انهن جي ڪوشش ۽ سنڌ جي سانگيئڙن جي تصوير هن نموني پيش ڪري ٿو:-
سنڌڙي توتان گهور ٿيان، اوسرويچن جي سرخ زمين،
توتان سِر ۽ ساهه ڏيان، او سرويچن جي سرخ زمين،
تو ۾ اکڙيون کوليم، تو ۾ هوش سنڀاليم منهنجي ماءُ،
تنهنجي سائيءَ ڌرتيءَ مان پڻ، سُندر سُندر آيم ساءُ،
تنهنجي جذبي هيٺ جيان، او سرويچن جي سرخ زمين،
سنڌڙي توتان گهور ٿيان........
ڪٿي سانگيئڙن جي سورن جي اُپٽار هن طرح ڪئي اٿس:
ڳالهيون آهن گهڻيون پر ٿو ٻڌايان مختصر،
هت غريبن جا اٿيئي، رات ڏينهان چشم تر،
بي سهارن جو بِلو ڀيڻي نڪا هت آهي ڀر،
پيڙهجن ٿا ظلم ۾ هت پيٽ پالها بي ثمر،
ٿا هتي ڪن موج ڏس! زردار ظالم هر گهڙي!
بيڪسن ۽ بي وسن جا ويا هتي سينا سڙي!
ٿا لڳن ڌاڙا ڌڙا ڌڙ، خوب قتل عام آ،
قوم جي عصمت سندو، بازار ۾ نيلام آ،
ننگ، عزت ۽ شرافت جو ته سستو دام آ،
رهزنن لئي عيش آ اشراف بي آرام آ،
مير مارو پنهنجي گهر ۾ جان کان بيزار اڄ!
اَڌ اُگهاڙيون عورتون، سارا اُگهاڙا ٻار اڄ!
ظلم جي ٿي اِنتها، زاريون نه ظالم ٿا ٻُڌن،
عاجزن اَڀرن جون آهون هي نه حاڪم ٿا ٻُڌن،
بي اَجهن جي هڪ نه اڄ، بي رحم بالم ٿا ٻُڌن،
رئيس ڪامورا وڏيرا ڪين عالم ٿا ٻُڌن،
هر طرح هيڻن مٿي، هر جاءِ هاڃا حال ۾!
ويڙهيا وانگي وتن، “ڪي وال ڪي اڌ وال” ۾!
اسان کي اميد نه بلڪ يقين آهي ته “سرويچ” جو هي ڪتاب سنڌي علم ۽ ادب ۽ شعر و شاعريءَ جي دنيا ۾ اضافو ٿيندو ۽ پڙهندڙ پاڻيهي ويهي فيصلو ڪندا ته سرويچ ڪيئن نه سنڌ ۽ سنڌي سانگيئڙن جي دلجوئي، دستگيري ۽ رهنمائي ڪئي آهي.
الله تعالى اسانجي اهڙن انقلابي شاعرن کي وڌيڪ توفيق ۽طاقت عطا ڪري ته جيئن هو پنهنجي وطن جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ قلم کان ڪم وٺندا اڳتي وڌندا رهن.

8-جون 1972ع
خادم علم
علي نواز وفائي
ايڊيٽر هفتيوار آزاد ڪراچي