شاعري

آليون اکيون اڻڀا وار

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (115) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي شاعريءَ جو ڪتاب “آليون اکيون اڻڀا وار” نامياري شاعر سرويچ سجاوليءَ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.
هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر پاران 2013ع ۾ ڇپايو ويو. لک ٿورا سائين يوسف سنڌيءَ جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book آليون اکيون اڻڀا وار

وڏو پيو انقلاب اچي

هلو ته يار حّق جي، حقيقتن مٿي هلو،
ڊڄو نه ڪنهن به ڊاءُ کان وڏيون وڏيون وِکون وجهو،
نه هاڻ منزلون پري، اي سرفروش ساٿيو،
اِجهو ٿا ماڳ تي رسو، اِجهو ٿا ماڳ تي پُڄو،

اِجهو هي ڪوٽ ڪوڙ جا، ڀڄي ڀُري ڪري پيا،
اِجهو هي ڏاڍ جا هنئيان، ڏڪي ڏڪي ڏري پيا،
اوهان جي همّتن اڳيان، وڏا وڏا جُهڪي پيا،
اوهان کان جابرن سندا، جگر جَلي ڏڪي پيا،
اُٿو ته جنگ جوٽيون، حرام خور شوم سان!!
وڏو پيو انقلاب اچي، وڏي ڪنهن ڌام ڌوم سان!!

ڊڄو نه هاڻ ساٿيو ڪنهن، رئيس خان مير کان،
ڊڄو نه ڪنهن مُلان، “مِئين” فقير، شيخ، پير کان،
ڊڄو نه هاڻ دوستو، ڪنهن ڪان توب، تير کان،
ڊڄو نه جيل بند کان، ڊڄو نه چهڪ چير کان،

اُٿو ۽ شينهن ٿي اُٿو، ها! حق لئي لڙو لڙو،
ها حّق لئي لڙو لڙو ۽ مڙس ٿي وڙهو وڙهو،
اچي جو سامهون انهيءَ کي، صاف صاف سّچ چئو،
ڊڄو نه منهنجا دوستو، ڊڄو نه منهنجا ساٿيو،
اُٿو ته جنگ جوٽيون، حرام خور شوم سان!!
وڏو پيو انقلاب اچي، وڏي ڪنهن ڌام ڌوم سان!!
سڄي هي هڙ ڦُري ويا، ڀلا ڇڏيو اٿن به ڇا؟
کڻي ويا کيٽ چيٽ سڀ، ڇڏيئون نه ڪي ڍنڍون دُٻا،
ڪيائون پاڻ سان ته يار، ڪربلا ئي ڪربلا،
پٽي ويا ماس جسم تان، رڳا وڃي ڇڏيئون هڏا،

انهيءَ ته زندگيءَ ڪنان، آ موت سوءَ دفعا ڀلو،
جتي نه ليڙ لِڱ تي، جتي آ پيٽ پالهو،
جتي نه زندگي ملي، جتي نه موت جو بِلو،
انهيءَ ڪري ته ڀائرو! اچو ۽ ڏاڍ سان لڙو،
اُٿو ته جنگ جوٽيون، حرام خور شوم سان!!
وڏو پيو انقلاب اچي، وڏي ڪنهن ڌام ڌوم سان!!

ٻري اندر ٻچا ٻرن، اِها به زندگي ڀلا،
۽ سيءَ ۾ ڪَلِها ٺرن، اِها به زندگي ڀلا،
ڳڀي جي لئي پيا ڳرن، اِها به زندگي ڀلا،
ٿا موت ري مٺا مرن، اِها به زندگي ڀلا،

جتي نه تيل سينڌ ۾، سُهاڳڻيون وجهي سگهن،
جتي نه ڌيئرون ڪڏهن، خوشيءَ منجهان کِلي سگهن،
جتي نه ڀينرون ڪڏهن، “بُرن” ڪنان بچي سگهن،
اڃان به غيرتون نٿيون، ڇو غير ڏانهن وڌي سگهن،
اُٿو ته جنگ جوٽيون، حرام خور شوم سان!!
وڏو پيو انقلاب اچي، وڏي ڪنهن ڌام ڌوم سان!!

هي پنهنجا ٻار بُک کان، ڳري ڳري هڏا ٿيا،
هي پنهنجا ٻار تپ ۾، جلي جلي جڏا ٿيا،
هي پنهنجا ٻار پيٽ لئي پِني پِني وڏا ٿيا،
هُنن جا ٻار ڍءُ ڪنان مچي مچي ڍڳا ٿيا،

هُنن جون بيگمون وجهن، رڳو ئي ريشمي وڳا،
هُنن جي گهر رجهن پيا، سدائين ڪورما ڀُڳا،
۽ پنهنجي گهر رجهن ڪڏهن، ڪڏهن ٿا ڊينڊ ۽ کڳا،
اڃا به قوم جا ابا، ڪُهڻ جي لئي اچن ڀڳا،
اُٿو ته جنگ جوٽيون، حرام خور شوم سان!!
وڏو پيو انقلاب اچي، وڏي ڪنهن ڌام ڌوم سان!!

اسان کي پِيڙهين ڪنان، ڦُريو، ڦَٽيو، لُٽيو ويو،
اسان کي پنهنجي گهر ۾ ميان، ڪُڏي ڪُڏي ڪُٽيو ويو،
اسان کي گرهه گرهه مٿي، گُهٽا ڏيئي گُهٽيو ويو،
اسان جي ٻار ٻار کي، ٻڌي ٻڌي ٻُٽيو ويو،

اسان تي ڪيس، ڪيس ۽، اسان لئي جيل بند ٿيا،
اسان لئي سور سوُريون، اسان جا سُڪ سَنڌ ٿيا،
اسان تي قهر ٿيا وڏا، اسانجا قيد ڪنڌ ٿيا،
اڃا به ظالمن سندا، اسان تي تيز ڏند ٿيا،
اُٿو ته جنگ جوٽيون، حرام خور شوم سان!!
وڏو پيو انقلاب اچي، وڏي ڪنهن ڌام ڌوم سان!!


وڏيرا پاڻ ۾ ڏسو، ته ڪيئن نه ويا، رِلي مِلي،
وساري دُشمنيون ڇڏيئون،ملن پيا کِلي کِلي،
وڏا سي دوست ٿي ويا، هيئنر صفا دِلي دِلي،
اوهين به اي غريب، سڀ وڃو ائين رلي ملي،

تڏهن ته ظلم ڏاڍ کي، ڏنڊا هڻي ڏڪائبو،
تڏهن ته رهزنن کي ميان!، هتان تڙي ڀڄائبو،
تڏهن ته مان ملڪ ۾، غريب جو وڌائبو،
تڏهن ته ڪوٽ ڪوڙجو، هي ڊاهبو ڙي ڊاهبو،
اُٿو ته جنگ جوٽيون، حَرام خور شوم سان!!
وڏو پيو انقلاب اچي، وڏي ڪنهن ڌام ڌوم سان!!

ڪُٺو آ قوم کي جنين، اُنهن کي لعنتون ڏيون،
ڪُٺو آ قوم کي جنين، اُنهن جي رتّ کي پيون،
غدار، قوم کي ڀلا، وري به ساٿ ڪيئن ڏيون؟
مرون ته مرد ٿي مرون، جيئون ته جُنگ ٿي جيئون،

اُٿو ن ته شينهن ٿي اُٿون، هلون ته بس هليا هلون،
وڌون ته واءُ ٿي وڌون، ڪري نه ڪو سگهي جهلون،
۽ ظالمن جي جسم تان، ڇڪي ئي لاهبيون کَلون،
گهڻائي ڏينهن اُنهن ڪيا، اسان سان ڪوڙ اٽڪلون،
اُٿو ته جنگ جوٽيون، حرام خور شوم سان!!
وڏو پيو انقلاب اچي، وڏي ڪنهن ڌام ڌوم سان!!


هي وقت جي ويو ته پوءِ، وري به قيد ڪاٽبا،
هي وقت جي ويو ته پوءِ وري به مڙس ماربا،
وري به راڄ پوربا، وري به لُڙڪ هاربا،
وري به پيڙهيون ڇٽيون وري به نسل پيڙهبا،

وري به مائڙيون هتي، مصيبتن ۾ ڦاسنديون،
وري به ڌيئرون گرهه، گرهه مٿي وڪامنديون،
وري به ڪيتريون اديون، ڙي کورين ۾ کامنديون،
وري به ڪيتريون دليون، اُجهامنديون وِسامنديون،
اُٿو ته جنگ جوٽيون، حرام خور شوم سان!!
وڏو پيو انقلاب اچي، وڏي ڪنهن ڌام ڌوم سان!!

هي وقت جي ويو ته پوءِ، وري به ڪئين مصيبتون،
هي وقت جي ويو ته پوءِ، وري به ڪئين آفتون،
وري به ڪئين علامتون، وري به کوڙ شامتون،
وري به ظالمن سنديون، اسان تي ڪئين عَقوبتون،

گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ٿينديون، وري به ماراماريون،
وري به خونريزيون، وري به جام گاريون،
وري به چوريون هتي، وري به ٿينديون زوريون،
انهيءَ جي لاءِ ڀائرو! اچو ته اڄ ڪي اوريون،
اُٿو ته جنگ جوٽيون، حرام خور شوم سان!!
وڏو پيو انقلاب اچي، وڏي ڪنهن ڌام ڌوم سان!!

(نوٽ: هي نظم ڊسمبر 1970ع تي اليڪشن جي وقت چيو ويو.)
*