سنڱرالن تي ساهيڙيون..!
صدقي توتان ساهه پساهه، او عالم عارف وارث وير،
تنهنجي پيرانديءَ کان پيئي، ايندي آهيم ٿڌڙي هير،
تنهنجو نانءُ وٺڻ سان وسريو ويندا آهن کنڊيون کير،
تون وٽ پرين پاران آندم ٻول ٻه ٽي هي ٻاون وير!
مارُن جون سڀ ميٽ مدايون، منهنجا مُرشد محسن مير!
تنهنجون “ليارن” جهڙيون لاتيون، لُونءَ لُونءَ ۾ ٿم لعلڻ لال،
تنهن جو منصب مان مٿانهو،تنهنجا اعلى سڀ اعمال،
ڍاٽين جون ڍڪ ڍول ڍلايون، ڍاٽين جي ٿي ڍولڻ ڍال،
سنڌڙيءَ جا سرتاج سهواڻي! سگهڙي لهه ڪا سار سنڀال،
پوڃاڙيءَ جو جيئن پٽن تي، پيئن سرتيون کير پنير!
مارن جون سڀ ميٽ مدايون منهنجا مرشد محسن مير!
لاڙ منجهان مون آندا تو وٽ لاکيڻن جا لک سلام،
مارُن توڏي موڪ مُڪا اڄ، پرت منجهارا پاڪ پيام،
وانگي تنهنجون واٽون ويٺا ووڙين ور ڏئي وير وريام،
سانبي ساهه برابر سانڍين سانيم توکي صبح شام،
اُوٺين ڳوٺين کي آ، تنهنجي اندر ۾ اڄ عام اُڪير!
مارن جون سڀ ميٽ مدايون منهنجا مرشد محسن مير!
جهانگي جهنگن منجهه پيا توکي، جيءَ ۾ جهونگارين جناب،
آلاپن سُرَ اهڙا جن جو ناهي ڪوئي جوڙ جواب،
ڀنڙيءَ ڀنڙيءَ ڀيج تنهين جي، چڻ ڀڻ جهڙا چنگ رباب،
ڪوسي ڪوسي واءُ ويچارن جا ڪيا ڪاڙهي قلب ڪباب،
ٻولن تن جي ٻاريو آهيان چم، ۾ پيڙم چيهون چير!
مارن جون سڀ ميٽ مدايون منهنجا مرشد محسن مير!
تنهنجن پيارن پيارن مٺڙن ماروئڙن جا ماڳ اداس،
مال وندن تن مانگيئڙن جا، مينهيون ۽ ميهاڳ اداس،
ڀاڳ ڀليرين ڀاڳياڻين جا، ڀونگا ڀيڻيون ڀاڳ اداس،
تنهنجا درس ڌمالون دلبر! روحاني رس راڳ اداس،
جهوري تن جي جهوريو آهيان، جيءَ ۾ پيڙم هيڏا جهير!
مارن جون سڀ ميٽ مدايون، منهنجا مرشد محسن مير!
“تون” ۽ “ڀٽائي”،”سچل” جهڙا ڪامل اولياءَ ڪيهر شينهن،
ڪهڙا لائي ويٺا آهيو، ايڏانهن نازڪ نازڪ نينهن،
پنهنجي سنڌ سونهاري تي ٿا ڏاڍا ڪوسا گذرن ڏينهن،
موڪ وسايو مارن تي ڪي مولا طرفان مهرئون مينهن،
ڏرت ٽري سڀ ڏيهه مٿان ۽ ٿر کي ٿڌڙي پهچي هير!
مارن جون سڀ ميٽ مدايون، منهنجا مرشد محسن مير!
موٽي ماڳن ۾ ڪي ڪريون، محبوبن سان ميلا ميل،
روح رچنديون ڳالهيون ڳرهيون، ريڍارن سان پاسي ريل،
سرتيون خوش ٿي سنڌ وطن ۾ تڙ تي ڪن ڪي تيل ڦليل،
گُجرن کي ڪو ڪونه هڻي جيئن گس تان ويندي گرز گليل،
“سڱرالن تي ساهيڙيون” جيئن، ساجهر نڪرن ٺاهي سنبير!
مارن جون سڀ ميٽ مدايون، منهنجا مرشد محسن مير!
ساڻيهه ۾ ڪي ويهي وڄايون سوزائتا سُرندا ساز،
ٻانهيارن جا ٻول ٻُڌون ڪي، اُلفت ڀريا جي آواز،
ڪينجهر ڪنڌئين ويهي ڪن سي، نوريون نئين سر ناز نياز،
ريلن تي رِم جهم رُت ۾ راڻيون روح جا اورين راز،
ڳوٺاڻيون جيئن ڳاٽ اُچي سان ڳولين ڳاڱا ڳم ڳنڊير!
مارن جون سڀ ميٽ مدايون، منهنجا مرشد محسن مير!
توکي پرتو آهي پيارا تنهنجو پنهنجو پيارو ديس،
توکي پرتو آهي پيارا وانڍين واڙين وارو ويس،
توکي پرتيون ڳاڙهيون لنگيون، توکي پرتا اَجرڪ کيس،
توکي پرتا پنهنوارن جا پکڙا پاڙا پّڊ لبيس،
تون ئي هي “سرويچ” سنڌيئڙا ثابت تارج منجهان سير!
مارن جون سڀ ميٽ مدايون، منهنجا مرشد محسن مير!
*