گوڏ گوڏن کان مٿي..!
بي سُکو ٿيو بُت سڄو، ۽ روح بي آرام ٿيو!
حال ڀائي، حال ۾ تون، هاءِ! هاڃان هو ته ڏس،
ماءُ سڳيءَ جي هنج ۾ ڪونڌر ڪَلهو قتلام ٿيو!
ڪيئن سانگي سُک سُمهن ۽ ڪيئن رهي ست سيل تن،
گهيري گُرگن جي ۾ ڏس! گهوڙا ڙي!! هر هڪ گام ٿيو!
ڪين ڪنهنجو ڪجهه بگاڙي، ڪين ڪنهنجيءَ ۾ ڪڏهن،
پوءِ به ساري ڏيهه ۾ مسڪين ڏس! بدنام ٿيو!
زهر جا ڍُڪ ٿي پياري هيءَ به ڪا ير! زندگي،
جانبو! جي سچ پڇو جيئڻ براءِ نام ٿيو!
ڏينهن گذرن ڏسڪندي ۽، رت روئي راتيون غريب،
گوندرن ۾ گهوٽجي ويچارڙو گمنام ٿيو!
وقت تنهن سان ووئي ووئي!! ويل واويلا ڪيا،
چُور تنهنجو سور کان هرهڪ ادا! اندام ٿيو!
هر هڻي جنهن رات ڏينهان رت ولوڙي اَن ڏنو،
بُک، بيماريون ۽ اوگهڙ اُن سندو انعام ٿيو!
“گوڏ گوڏن کان مٿي” سِر، پير ۽ پٺڙا ننگا،
الله! الله!! آدميءَ جو ڏس ته ڇا انجام ٿيو!
چند ڪوڏين تي ٿو وڪڻي پيءُ پياري ڌيءَ کي،
هاءِ انسان جو الا! ڪيڏو نه ستو دام ٿيو!
پيٽ ۽ پوتيءَ جي فڪرن ۾ ته سوچيندي سدا،
ڪو مريضِ سلهه ٿيو ڪنهن کي ڏسو سرسام ٿيو!
پائي پائي ڪاڻ جهوتون، ڏيندي ڏيندي ڏيهه ۾،
جهانگين جي ڏس ته جاري جَرَ اکين مان جام ٿيو!
هوءَ نياڻي نيڪ ڏس تون نيڻ جنهنجا پيا نِچن،
لپ اَٽي جي لاءِ اُن جو ننگڙو نيلام ٿيو!
ويا نياڻين کي ڪمائيندي، بَٺا بيٺن ۾ پئي،
پوءِ به حاصل ڪين تن کي سُک صبح ۽ شام ٿيو!
اڄ به ڪن ٿيون آيلون لولي جي ڪارڻ ليلڙاٽ،
هر گهڙي ڄڻ گهر ۾ تن جي موت ۽ ماتام ٿيو!
ڪالهوانڪر وال ڪپڙي جي لئي هڪڙو پيرسن،
واهون ڏيندي ڏيندي آخر نيٺ سو ناڪام ٿيو!
قوم فاقن ۾ فنا ته به شاعرن کي ياد ڏس،
“گلبدن، گلفام ٿيو” ساقي، صراحي، جام ٿيو!
رهزن و مّڪار قومي قاتلن جي حلق تي،
شعر هي “سرويچ” تنهنجو تير ٿيو صمصام ٿيو!
*