هي دلبر دلبر ديس وسي!
۽ وانگيئڙا وينجهار هُجن،
جت جهوپن ۾ جونجهار هُجن،
۽ ٻلوانن جا ٻار هُجن،
جت اَرڏا ڪئين اڙٻنگ هُجن،
۽ چپ تي تن جي چنگ هجن،
جي مُلڪ مٺي جي محبت ۾،
بس! ماڳهين مست ملنگ هجن،
تن ماڻهن موتيءَداڻن جو، هي دلبر دلبر ديس وسي!!
او! وانگي وِکّ وڌايو جيئن هي، نيئن سر دلبر ديس وسي!!
هي دلبر دلبر ديس وسي!!
جِت چوڙيلين جا چاڳ هُجن،
۽ ڀاڳياڻين جا ڀاڳ هُجن،
جت روح رچندا راڳ هجن،
۽ مارن مال ميهاڳ هُجن،
جت ٿڌڙا ٿڌڙا ڏينهن هُجن،
۽ وسندا رهندا مينهن هجن،
جت مرد سڀئي اڻموٽ هُجن،
پر جويون ڀي ڄڻ شينهن هُجن،
سو ساڻهه سُهڻن سنڌين جو، هي سُندر سُندر ديس وسي!!
او!وانگي وِکّ وڌايو جيئن هي، نئين سر دلبر ديس وسي!!
هي دلبر دلبر ديس وسي!!
جت جوڌا دودا ڌنڱ هُجن،
۽ لوهي تن جا لِڱ هُجن،
جن سانن جهڙا سڱ هُجن،
۽ ريٽا تن جا رنڱ هُجن،
جت ڪونڌر پُٽ ڪنواٽ هُجن،
جي اونداهين ۾ لاٽ هُجن،
جت ڳورن ڳورن ڳوٺاڻن جا،
هيڏا هيڏا ڳاٽ هُجن،
سو ڳاڙهو، ڳاڙهن ماڻهن جو هي، ننگر ننگر ديس وسي!!
او! وانگي وِکّ وڌايو جيئن هي، نئين سر دلبر ديس وسي!!
هي دلبر دلبر ديس وسي!!
جت موجن ۾ مهراڻ هجي،
۽ مينهن جي مانڊاڻ هجي،
جت چيٽن ۾ چانڊاڻ هجي،
۽ لوين جي لالاڻ هجي،
جت جيڏين جا جنسار هجن،
۽ ساهيڙين سينگار هجن،
جت راڻين راڄ ڌڃاڻين جا،
بس! ساٿ هجن، سهڪار هجن،
جت بر ٿر بوُند بهار هجي، سو بندر بندر ديس وسي!!
او! وانگي وِکّ وڌايو جيئن هي، نئين سر دلبر ديس وسي!!
هي دلبر دلبر ديس وسي!!
جت تن من ۾ تُون-تُون به هجي،
۽ چنگن جي چُون-ڀوُن به هجي،
جت ڀؤنرن جي ڀوُن-ڀوُن به هجي،
۽ رڳ رڳ ۾ رُون-رُون به هجي،
جت جهانگين جي جُو-جُو به هجي،
۽ ڌونرن جي ڌوُ-ڌوُ به هجي،
جت گهر گهر اڳيان مال مِڙن،
گوُهن جي جتي گهوُ-گهوُ به هجي،
سو، ڏيهه ڏهيسر مُڙسن جو، هي انڇر-منڇر ديس وسي!!
او!وانگي وِکّ وڌايو جيئن هي، نئين سر دلبر ديس وسي!!
هي دلبر دلبر ديس وسي!!
جت چانديءَ هاڻا چيٽ هجن،
۽ کاهوڙين جا کيٽ هجن،
جت ڪُهريون، ڪيٽيون ڪيٽ هجن،
۽ ٻيلا ٻنيون ٻيٽ هجن،
جت هارين جي هونگار هجي،
۽ هنڌ هنڌ تي هُٻڪار هجي،
جيئن پنهنجي ويڙهه وطن ۾ يارو!
وِک وِک تي وڻڪار هجي،
جت ڪيچ ڪڻي مان روز ٿين، سو ڪينجهر ڪينجهر ديس وَسي!!
او! وانگي وِکّ وڌايو جيئن هي، نئين سر دلبر ديس وسي!!
هي دلبر دلبر ديس وسي!!
جت لال لطيف جي لات هجي،
۽ سّچل جي سوغات هجي،
جت ڀيڄ ڀني برسات هجي،
۽ وَس وَس وائي وات هجي،
“هوُ هوُ” جو هُجي هُل هُل به جتي،
خوشبو ۾ ٻُڏل گُل گُل به جتي،
جت ڀِٽ-ڌڻيءَ جي وائي هجي،
“سنڌوءَ جي هجي بُلبل به جتي”
سو، سانگ سونهارن سپرين جو، هي ساجهر ساجهر ديس وسي!!
او! وانگي وِکّ وڌايو جيئن هي، نئين سر دلبر ديس وسي!!
هي دلبر دلبر ديس وسي!!
جت ٻانهيارين جا ٻول هجن،
۽ پيرُن ڀريل جهول هجن،
جت ٽؤنر ٽِڪون ٻيا ٽول هجن،
هي ڍاٽي مارو ڍول هجن،
جت پنهنواريون سڀ پاڪ هجن،
۽ ڀاڳياڻيون بيباڪ هجن،
جي هنج هرڻ ۽ هيرا ڇا؟
پر حورن کان حُسناڪ هجن،
جت ماڻڪ موتي موڪ مِلن، سو ماڃر ماڃر ديس وسي!!
او! وانگي وِکّ وڌايون جيئن هي، نئين سر دلبر ديس وسي!!
هي دلبر دلبر ديس وسي!!
جت ماروئڙا مستان هجن،
ڄڻ سامونڊي طوفان هجن،
جت اعلى ڪئين انسان هجن،
جي مُلڪ مٿان قربان هجن،
جت سنڌيئڙا “سرويچ” هجن،
۽ ڀائن وانگر ڀيچ هجن،
هِن سِنڌ سونهاريءَ ڌرتيءَ سان،
بس! پاتل جن جا پيچ هجن،
سو پنهنوارن جي پکڙن وارو، پانوَر پانوَر ديس وَسي!!
او! وانگي وِکّ وڌايو جيئن هي، نئين سر دلبر ديس وسي!!
هي دلبر دلبر ديس وسي!!
*