شاعري

آليون اکيون اڻڀا وار

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (115) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي شاعريءَ جو ڪتاب “آليون اکيون اڻڀا وار” نامياري شاعر سرويچ سجاوليءَ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.
هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر پاران 2013ع ۾ ڇپايو ويو. لک ٿورا سائين يوسف سنڌيءَ جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book آليون اکيون اڻڀا وار

بيت

ڀڄان ڀڄان ڏوُر، اَديون اَمن ڪارڻ،
جيئن جيئن وڃان جيڏانهن، تيڏانهن رُڳا سوُر،
سڙيل هن سماج ڪيا، مونسان قهر ڪلوُر،
ديسين جي دستوُر، مونکي رت رئاريو!
*

وڏا ڪڍيو پار ويٺي روئي سنڌڙي،
لائق لال لطيف کي، ڏي پرين سندا پار،
ته وڍيا، چيريا، چِچريا، هي ماروئڙا مهندار،
مرضن ماريون مارُيون، جي لوياريون لڄدار،
جَر وهائن جهانگين جا، ٻڍا توڙي ٻار،
دل ۾ درد هزار، سانڍيو گهمي سنڌڙي!
*

ڪلهن مٿي ڪنڌ، رکيو سڄيون راتڙيون،
ڀٽائي ۽ سنڌ، ويٺا روئن پاڻ ۾!
*

جيءُ ڀٽائي جيءُ، سائين والي سنڌ جا،
ٻُڌي عرض اسانجا، تون اچي اوڏو ٿيءُ،
سوا تنهنجي سپرين، سانگين لڳي سيءُ،
وانگين سندو “ويءُ” ڪنهن عمر آهي اُجاڙيو!
*

جيءُ ڀٽائي شاهه، سائين والي سنڌ جا،
تنهنجيءَ سهڻيءَ سنڌ ۾، اڄ سانگين سُڪا ساهه،
کامي، کاڄي، پڄري، ٿو ماروئڙين جو ماهه،
وانگياڻين جي واهه، واڳُن سندي وات ۾!
*
پايو ڳچيءَ ٻانهن، لاکيڻي لطيف کي،
دردن سندي دانهن، سُڏڪيو ڏي پئي سندڙي!
*

ڀٽائي ۽ سنڌ، ڪنڌ گُهرن ٿا قوم کان،
ڪو آهي ارجمند، جو ماءُ ۽ مُرشد کي مَڃي؟
*
اڄ به پنهنجي جُو، جلي پيئي جانبو،
کامي ويئي جنهن سندي، خوشي ۽ خوشبو،
اچي پيئي انهيءَ مان بيدادين جي بوُ،
ساڻيهه مان “سرويچ” چئي، ويئي رونِق روُ،
مُشڪ ڀري موُءَ، ڪا، مانجهي آڻيو ملڪ ۾!
*

اڄ به پنهنجا کيٽ، کجن، کامن ساٿيو،
ساري سونهن ڇڏي ويا، چهچ هئا چيٽ،
ساڻيهه ۾ “سرويچ” چئي، اڄ لوياريون ٿيون ليٽ،
پُٺيءَ لڳا پيٽ، پنهنجي پنهنوارن جا!
*
اڄ به پنهنجا ٻار، رُوئن ڳوڙها رت جا،
ڀٽڪن تتي بٺ ۾، هو بکيا ۽ بيمار،
هيڏي ساري لوڪ ۾، ٿيا لانجها ۽ لاچار،
اڱ اُگهاڙا، اَڻ پڙهيا، پُهچن ڪهڙي پار،
ويٺا ڏسو پار، اڃان ڪنهنجي آسري!!
*

اڄ به مارو مير، ماري وڌا مامري،
سوگهو سنگهارن جو ٿيو، سنگهر منجهه سرير،
ڪلف ڪڙولا ڪنڌ ۾، ڪوڙين ڪِل ۽ ڪيِر،
هلائون حمير، ور ڏيو وانگين تي ڪري!
*

اڄ به ماروئڙيون، سِڪن سُکئي ساهه لئي،
ملن هر ڪنهن ماڳ تي، تنهي کي تڙيون،
راڻين روپ ڇڏي ڏنا، ۽ رويو ڪن رڙيون،
گوندر منجهه گهڙيون، سرتيون گهارين ساٿيو!
*

مارو ملڪ ملير جا، هئا هردم اوچي ڳاٽ،
ماريو ماروئڙين کي، اڄ عمر جي اوراٽ،
حاڪم هيڻن ساڻ ڪئي، ته ٻڪر جيئن ٻوساٽ،
ٻُڌئي ٻوڙا ڪينڪي، ڪي ٻاڪارون ٻٻراٽ،
سانگين تي “سرويچ” چئي، ٿيا سونٽن جا سوساٽ،
مارئي تنهنجي محل ۾، بند عمر هئي اڳواٽ،
وانگين ڪارڻ ويچاري ڪيا، لک ڪڻئي لولاٽ،
مون کي ڪاٽي ڪاٽ، مارُن مارج ڪينڪي!
*
مارن مارج ڪينڪي، تون هاديءَ لڳ حمير،
آءٌ تو وٽ آهيان، هت عُمر سڀ اسير،
توڻي جنم جيل ڏي، توڻي وجهه تڪبير،
اُف نه ڪنديس ڪڏهن، اي عُمر ڄام امير،
مگر منهنجي مَارُن جي، توکي پارت ڪارڻ پير،
سانگين لئي “سرويچ” چئي، هت سِڪي ساهه سرير،
ويجهو وڃ نه وير، وانگين جي تون وار کي!
*
وانگين جي تون وار کي، نا حاڪم لائج هٿ،
توکي پوتيون پايو، ڪريان مارُن ڪاڻ منٿ،
پرور ڪارڻ پرتي تو کي، پنهنوارن جي پٿ،
ستائي نه “سرويچ” چئي، هو سانگياڻيون منجهه سٿ،
هر هر ٻڌي هٿ، مارُن ڪارڻ مارئي!
*
مارُن ڪارڻ مارئي، ٿي لائق ليلائي،
ڳل ڳراٽيون ڪيتريون، ٿي پاند عمر کي پائي،
وانگين ڪارڻ ويچاري، ٿي وَر ڏيو واجهائي،
سارو ڏينهن “سرويچ” چئي، سا اُڀي اُونائي،
پوتيون ٿي پائي، پنهنوارن پسڻ لئي!
*

پاندن پوتين جو نه ٿيو، ڪو عمر کي احساس،
سو ڪيائين سانگين سان، جيئن رڍن ۾ راڪاس،
سُڪي ويو “سرويچ” چئي، سنگهارن جو ساس،
ڏکن ڏيل ڏري ڇڏيو، هو اَٺئي پهر اُداس،
گونگن جيان گُهمن پيا، منجهه ويڙهيچا وسواس،
ڪيو ڪونه قياس “عُمر” اوراڄن مٿي!
*

عمر اوراڄن مٿي، نه ڏنو ڌيان ذات،
ماري ماروئڙن کي، ڪيو ملڪ اندر مات،
ڪڇڻ پڇڻ ڪين ڏي، ۽ بند هر هڪ بات،
راڻيون رتولن منجهه، ٿيون روئن ساري رات،
ساڙيوآ”سرويچ” چئي، اِن سورن جي سڪرات،
“لطيفاڻي لات”، ٿو “عدو” ڪوهه عدو لئين!
*

عمر تنهنجي اُهنج کان، ٿيون راڻيون رت روئن،
ماروئڙيون ته ملير ۾،ٿيون ڪاتيءَ ريءَ ڪُسن،
سنگهاريون “سرويچ” چئي، اڄ ويچاريون وجهلن،
سانگي پنهنجي سنڌ ۾، ٿا سورن کان سُڏڪن،
جهانگيئڙا جيلن ۾، ٿا اَٺئي پَهر پچن،
سُهمن ۽ صدمن، ساڙيو سنڌيئڙن کي!
*

ساڙيو سنڌيئڙن کي، اڄ عمر جي ارمان،
وڍي ويڙهيچن کي، بس ڳڀ ڪيائين ڳان،
جاڙ جفائون جهانگيئڙن تي، جا کوڙا جُرمان،
ڪلف، ڪڙولا-قابو ڪڙيون، تالا تاڪ زبان،
سنڌيئڙا “سرويچ” چئي، ٿيا سنڌڙيءَ ۾ مهمان،
ڪوڙئين لڳن ڪان، مٺن ماروئڙن کي!
*