گهوڙا ڙي ساگاهياڻي
دلڙي دم دم ساري توکي، دلبر او دلدار لطيف،
سارين ساريون راتيون توکي ساڻيهه جا سنگهار لطيف،
ٻاتين ٻاتين ٻولين ۾ ٿا ٻاڪارون ڪن ٻار لطيف،
تنهنجي ڀونءَ ڀلاري تي، ڏس ڀاڳين ڀيليا ڀاڳ لطيف!
واچوڙن جي وات اچي وئي وانگيئڙن جي واڳ لطيف!
پنهنجن مٺڙن مارُن جا هت موذين کاڌا مال لطيف،
سانگين ڏاڍا سور سٺا سچ! سارا سارا سال لطيف،
نياڻين لئي ٿيا نيئر هتڙي، ڪاريون ڪوٺيون ڪال لطيف،
جيلن ۾ ويا جام جلي هت مائن جا لک لال لطيف،
حّق گهرڻ لئي هردم تن تي، گولين جا گوگهاٽ لطيف!
“جيئي سنڌ” چون جي تن تي، سونٽن جا سوساٽ لطيف!
مومل سومل سوڍي تنهنجي سهڻي نير وهائي سائين،
مارئي مارون کائي پيئي، ماروئڙن جي لائي سائين،
وڻ وڻ کان پيئي واٽ پڇي ۽ وانگين لئي وجهائي سائين،
ڪوٽ ڪِري ۽ جيل جُهري هي ڳيئڙا ويٺي ڳائي سائين،
ليئڙا پايو، پايو آس لڳايو ويٺي آهي لطيف!
ماروئڙا هي ڪوٽ عمر جو ڄاڻ وجهندا ڊاهي لطيف!
ڏوٿين کي هي ڏيهه سڄو ٿو ڏينڀوءَ وانگر ڏنگ هڻي،
ويچارن جي وائي ڪن کي ووءِ ڙي ٿي ڪين وڻي،
ڳڻتين ڳاهيل ڳوٺاڻين جا ڪهڙا ڳڻجن سور ڳڻي،
موتين جهڙا ماڻهو مٺڙا ماريا آهن اَنّ ڪڻي،
ويچارن جي واهه نه ڪائي دانهون ڪن ڌنار لطيف!
سانگيئڙن جي سار سگهو لَهه ساڻيهه جا سينگار لطيف!
ڪالهه ڏٺم هڪ ڏوٿياڻي جا ويچاري هئي واهياڻي،
جهريل جهوپي ۾ پئي جنجهڪي، جهول جهليو سا جهانگياڻي،
سينڌ سُڪل ۽ سَنڌ سٽيل سا سورن ساڙيل سانگياڻي،
گوڏ ٻڌل هئي تنهن کي گهوڙا! گهوڙا ڙي ساگاهياڻي،
وارن ۾ هئي واري تنهنجي، وَرَ ڏَيو چئي وَرِ لال لطيف!
ليڙن مان لڄ لوڪ تڪي او! لاکيڻا لڄپال لطيف!
دنيا دوزخ بنجي ويئي، ڀٽ جا گهوٽ ڀٽائي ڀاءُ،
ويچارن ۾ وانگي ويچارا هي ڪهڙو وريو واءُ،
سانگي سنبرن ڪين ڪڏهن ٿا، سهنجو سوکو سُک جو ساءُ،
هر هڪ جي اڄ دل ۾ آهن گوڏي جيڏا گهرا گهاءُ،
اڻڀاوار ۽ “اڱ اگهاڙا”، آلا تن جا نيڻ لطيف!
سورن جي سنسار اندر پيا، تنهنجا سٽجن سيڻ لطيف!
تنهنجون وايون جو به وساري! اهڙو بزدل ڀاءُ نه کپي،
تنهنجا مخالف ٻار ڄڻي جا، اهڙي مٺڙي ماءُ نه کپي،
راڻين کي جو رت روئاري، اهڙو رهزن راءُ نه کپي،
وانگين جي جو واڙ اُڏائي، اهڙو ويري واءُ نه کپي،
سانگين جا جو سور مٽائي، اهڙو اڙٻنگ آڻ لطيف!
مارو موج ملهائن، موجن ساڻ وهي مهراڻ لطيف!
پورهيت پورهئي منجهه ڳري، پر پوءِ به نه تنهنجي پوري هاءِ،
سارو ڏينهن ٿو سور چري، ته به هرڪا آس اڌوري هاءِ،
سيڻن لئي “سرويچ” ادا هت، سچ سلڻ تي سوري هاءِ،
ماري ٿي نِت ماروئڙن کي مانيءَ جي مجبوري هاءِ،
ڀورڀڪي لئي ڀٽڪي ڪنهنجي ماءُ ۽ ڪنهنجي ڀيڻ لطيف!
منظر اهڙا ڏسندي ڏسندي نير ٽمائن نيڻ لطيف!
*