ديسن جي راڻي سنڌڙي
ساهه منهنجي کي ته تون آهين سيباڻي سنڌڙي.
سِر جندي کان سانڍيو تون مهربان مونتي سدا،
سا ڀلا چئو ڪيئن وساريان ڄاڻي واڻي سنڌڙي.
جهول ۾ جيجل جيان تو پاليو پلپل ڪڻم،
دل ٻڌي توسان اٿم ديسن جي راڻي سنڌڙي.
تو سندي واري به مون لئي آهي عنبر کان وڌيڪ،
اَب ڪوثر کان ته اڳرو تنهنجو پاڻي سنڌڙي.
ڌارين جي ڪيمخوابن، بخملن کان پڻ مٿي،
اُن سندي لوئي اُچي آ لاکهاڻي سنڌڙي.
ڌارين جي محل توڙي ماڙين کان پڻ مٿي،
آهي قيمت ۾ ڪثر “پيهي پُراڻي” سنڌڙي.
ڌارين جي ست رڇين کان سچ ته مونکي ٿا وڻن،
پل به پل ڏؤنرا پُسي لُوڻڪ ۽ لاڻي سنڌڙي.
ڌارين جي خاندانن کان ته خوبين ۾ وڌي،
تو سندي سادي سٻاجهي “مي مهاڻي” سنڌڙي.
تو سندا بيهه پن پٻڻ مڇيون پلا ڪُم ڪوڻيون،
دم نه دل تان ٿا لهن منهنجي ڏهاڻي سنڌڙي.
هر غذا تنهنجي سٺي هر دل پسند تنهن کي ڪري،
ڏڌ مکڻ گيهه کير ڌؤنري جي ڌڃاڻي سنڌڙي.
هر گهڙي هر حال ۾ تون حال ڀاياڻي سدا،
سار سُک ۾ ٿي لهين سورن ۾ ساڻي سنڌڙي.
تو ۾ مومل جون ته ماڙيون مارئي جا ماڳ پڻ،
تو ۾ سرجي هئي سسئي نوري نماڻي سنڌڙي.
تو ۾ سهڻيءَ سڏ ڪيا ميهار کي مهراڻ ۾،
صبر سورٺ جو به تو ۾ اي سياڻي سنڌڙي.
جهول پنهنجي ۾ جڳهه ڏئي پيار جن کي تو ڏنو،
سي عدو اڄ ائين چون آهي اڄاڻي سنڌڙي.
دائما “سرويچ” شل منهنجو سچو سائين ڪري،
سنڌ ۾ قائم رهي سنڌي اباڻي سنڌڙي.
*