ننگ ـ پيٽ ـ ٻچن جيِ ڳالهه..!
هي نيڻ سندءِ هينئن پلٽي پيا، ڄڻ نهر ٽُٽي ڪا پيئي ندي،
توکي ڪوهه ٿيو ۽ ڪير وڙهيو؟ تون ڳالهه سڻائي صاف سچي،
هي حال ڏسي تنهنجو ته ادي! من منهنجو ڦٿو دل جان جَلي،
تنهنجي درد وڌو دلگير ڪري تنهنجي مرض وڌو ٿم ماري چري!
تون صاف سگهي ڪر بات ادي! ڇو تنهنجو ويو آ ڏيل ڏري!
ڇا حال ٻڌي تون منهنجو ڪندين، هن درد سندي تو وٽ نه دوا،
هي راڄ رڳوئي روڳ بنيو، هت روز روئڻ ٿيو آهي روا،
هن ڀونءَ مٿي اي ڀاءُ مٺا! ٻي ڪابه سندم ڀيڻي نه ڀوا
هي ديس سڄو دک درد ڀريو، ڪو سيڻ نه آهي سُور سوا،
هن حال ڪنان پئي موت مڱان، جيئڻ به ٿيو ٿم بوج ڀري!
ڇا حال ٻڌي تون داد ڪندين، وڃ پنهنجي هليو تون واٽ وري!
هڪ سور هجي جو توکي کڻي اي ڀاءُ ٻڌايان بات ڪري،
هت روز جبر ۽ قهر وسي، ٿي باهه ستم جي روز ٻري،
هت پاپ مٿي کان تار وهي انسان پيو ري موت مري،
۽ هيڻن جي هت عصمت تي، هي عيش ڪري، هو عيش ڪري،
هي راڄ بنيو بيداد نگر هت داد پڪارڻ آهي غلط!
هي ڏيهه سڄو ٿو ڏنگ هڻي، هت رات گذارڻ آهي غلط!
هڪوار مري هرڪوئي مگر، هر بار اسين ٿيون روز مرون،
“ننگ-پيٽ-ٻچن جي ڳالهه” ڳڻي، ڳچ روز ڳرون منجهه باهه ٻرون،
جي ڏينهن تپي ته به ساهه سڙي، جي سيءُ پوي ته به خوب ٺرون،
جي مينهن پوي ته به موت ٿيو، جي واءُ وري ته به ڪيهه ڪريون،
هڪ پاءُ اَٽي جي لاءِ پنون، هڪ آني ڪارڻ بيک مڱون!
هن جاڙ جيئڻ کان جلد اسانکي، زهر پيئڻ ئي آهي چڱون!
هي پيٽ بکيو ۽ اُرهه اگهاڙو، سينڌ نه سنڀري تيل ڦڻي،
هي چيڙهه پيو ٿم چوٽيءَ ۾ ويا ڪارا ڪنڍڙا وار ڇڻي،
ٿيا ليڙ لٽا هر انگ عيان، ست سيل سَندم پرزا ۽ پڻي،
ٿي پئسي پائي ڪاڻ پنان، هر هڪ جي اڳيان ڏس نيڻ کڻي،
ڪو ڪجهه نه ڏئي، ڪو ڇڙٻ ڏئي ڪو عشق سندا ايلاز ڪري!
ڪو عاشق مست مزاج اچي ٿو پيار وفا جي هام ڀري!
هر روز پيا ڪئين گرگ گڙن، چم ماس پٽي چُگهه چير وجهن،
هر روز هتي مون جهڙيون لکين، مجبور لٽايو ننگ وڃن،
فرياد فغان ڪو ڪين ٻڌي، انسان جئين سي ڪيئن جيئن،
هر جرم هتي ٿو جوان ٿئي انصاف انڌو معذور چوان،
ڪو آهي اوهان منجهه اهڙو ادو جو دانهن ٻڌي ڪجهه داد ڪري!
مظلوم نياڻين جي ته اچي اک پور اندر امداد ڪري!
هر روز حميرن جي ته هلان، هر روز عمر کي عيش کپي،
هر روز هتي هڪڙو نه ٻيو مارئي کي مٿان ٿو کوهه جهپي،
هر روز سنگهارين جي ته سرن تي باهه ستم جي تيز تپي،
هر روز هتي زردار ڪڏي ۽ ڪنڌ شريفن جا ٿو ڪپي،
هر رات وڏيرو عيش ڪري، هر رات اسان لئي درد ڄمن!
هر روزهتي مون جيڏين جهڙين جا ته سدائين نيڻ ٽمن!
هر روز هتي پٽ پيءُ بنان اڄ آهي ڄڻڻ آسان ٿيو،
هي منهنجي ٿڻن تي جيڪو ٻچو، ان جو به ابو شيطان ٿيو،
مون تي به اِهو ڪنهن آهي اوهان جهڙي جو وڏو احسان ٿيو،
افسوس! اڃائي پيا ڙي! اوهين انسان جيئو، انسان جيئو،
“سرويچ” ادا هن حال مٿي رت روز روئڻ مون فرض ٿيو!
جو مون تي وهيو سو ڀيڻ نماڻيءَ تنهنجي اڳيان آ عرض ڪيو!
*