اها انڌير نگري ۽..!
عوامي درد دل ۾ پيا، اُٿن اُڀرن اڃا تائين!
سڄي هيءَ سِنڌ سُورن ۾، سڙي پيئي اڙي ساٿي،
نٿا ڪو سُک سڄڻ سانگي، صفا سنڀرن اڃا تائين!
ڏُکويل ڏوٿين کي ڏوجهرا ڄڻ ڏاج ۾ مليا،
ڏکن ۾ هي سندمِ ڏيهي پيا ڏُسڪن اڃاتائين!
اُهي ئي ڌاريا ڌُوڪيو اچن پيا ديس پنهنجي ۾،
اُهي ئي ديس جا وارث، پيا ڌڪجن اڃاتائين!
اُهو ئي آ، ستم جاري، اڳئين کان پُڻ گهڻو اڳرو،
سنگهاريون سوز ساڙي ۾، پيون سُڏڪن اڃا تائين!
اُها انڌير نگري ۽، اُهو چرٻٽ اڃا راجا،
“اُهو بها ڀاڄي ۽ کاڄا،پيا وِڪجن اڃا تائين!
اُهوئي چور پيو چرچا ۽چٿّر ڪري جڳ تان،
اُهي ڀاڳيا پيا ٿاڻي ۾، ڏسو ڪُٽجن اڃا تائين!
اُها ئي ڌمَ چوريَن جي، اُهي ئي ڌوڙيا ڌاڙن،
اُهي مسڪين گهر ويٺي پيا ڦُرجن اڃا تائين!
اُهي ئي خونِريزيون اڄ، اُهو ئي قتل قائم آ،
اُهي ئي قوم جا ڪَلِها، پيا ڪُسجن اڃاتائين!
اُهو اغوا اڃا جاري، جتي ڪٿ جابرن جو آ،
وٺيو معصوم ٻچڙن کي، وڃيو وِڪڻن اڃا تائين!
اُها ئي لوڪ هِن ۾ ڏس، لڳي پئي لانگ لوفر جي،
اُهيئي قوم جون لڄّون پيون لُٽجن اڃاتائين!
“هتي ڏاڍو سو گابو” ۽ هتي هڙ ٻوڙ حاڪم سڀ،
هتي هيڻن جي ڇاتيءَ تي، ٿا مُڱ ڏرجن اڃا تائين!
هتي “مسڪين جي جوءِ، ٿئي سڀ ڪنهن جي ڀاڄائي”
هتي بيواهه ڌيئَن کي، اکيون ڀڃجن اڃا تائين!
هتي مسڪين جا ٻچڙا، سُڪَل لولي جي لئه سُڏڪن،
اميرن جي ڪُتن لئه پر، ڪُڪڙ ڀُڳجن اڃا تائين!
نڪو اوڇڻ اَجهو آهي، نه آهي اَنگ تي ڪپڙو،
پيا معصوم سرديءَ ۾، ٿِڙن ٿڙڪن اڃاتائين!
هتي مزدور هاريءَ جي ته هَڏ، چَم، ماس ۽ رت مان،
“نٿا پيٽن وڏن وارا” بنهه ڀرجن اڃا تائين!
هتي معصوم نياڻين جي “سُٿڻ ۾ سَوَ اَڳڙ آهن”،
“اُگهاڙا تن سندا اُره” نٿا ڍڪجن اڃا تائين!
سونهارن سِنڌين لاءِ، ٿيون عيدون به عاشورا،
وهائن لُڙڪ وانگيئڙا، مٿي عيدن اڃا تائين!
هلائي هَر هتي هاري، اُپائي ڍڳ ڪپهه جا پَر،
ڏٺو ناهي سَگهو ڪپڙو، سندس ٻچڙن اڃا تائين!
وڏيري جي ته “وَڏ وَر ڌيءَ” سدا ويسن ۾ پئي وِهسي،
مگر مسڪين جون ننڍڙيون ننگيون ڏسجن اڃا تائين!
هو رشوت خور آفيسر جو پُٽ ٿو روز پائي پَٽ،
ٻيا سهسين وڳا تنهن لئه، پيا سبجن اڃا تائين!
هو “روس ۽ آمريڪا” جا ڪُتا ويا چنڊ تي پهچي،
مگر “سنڌي اٽي اَن کي” نٿا پهچن اڃا تائين!
هتي جي راشي ڪامورن، آ، پيتو رتّ راڄن جو،
مگر پو ڀي سندن هي بڀ، نٿا ڀرجن اڃا تائين!
موالي مُلڪ جا ميمبر، شرابي چئرمن چونڊيا،
پيا سڀ فيصلا ناڻي مٿي نِبرن اڃا تائين!
هتي “فرعونيت” قائم، هتي آ، طرز “نمرودي”،
هتي پيا “زار” جهڙا لک هلن رهزن اڃا تائين!
هتي ڀل قهر ڪيڏو ٿئي، مگر جيڪي ڪُڇن تن لئه،
ڪڻاها تيل جا هردم، پيا ڪڙهن اڃا تائين!
انڌا ٻوڙا گونگا حاڪم، ٿين برباد شل هڪدم،
ڪيو ڇا قوم لئه آهي، اِنهن انڌن اڃا تائين!
اِلاهي هن قهارن تي ڪِري ڪو قهر شل تُنهنجو،
اٽي جيئن پيا سندءِ مخلوق کي پيهن اڃا تائين!
هتي حُّڪام، هيڻن جي، سِسي کان ٿا سُٿڻ لاهن،
هتي اِنسان پيا اُبتا، ڏسو کَلجن اڃا تائين!
هتي جي حاڪمن ڇڏيا، ڪنن تان وار واري اڄ،
هتي هيڏيون هاءِ گهوڙائون، نٿيون ٻُڌجن اڃا تائين!
هتي جي “ڪُل پريسن تي” پٽيلن جي آ، پابندي،
تڏهن هي شعر موتين مَٽ، نٿا ڇپجن اڃا تائين!
سوين “سرويچ” سانگيئڙا، سُهاڳڻ سنڌ پنهنجيءَ ۾،
سڄي سڀ مُند سورن ۾ پيا سٽجن اڃا تائين!
(نوٽ: ضيائي آمريت تي لکيل).
*