شاعري

آليون اکيون اڻڀا وار

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (115) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي شاعريءَ جو ڪتاب “آليون اکيون اڻڀا وار” نامياري شاعر سرويچ سجاوليءَ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.
هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر پاران 2013ع ۾ ڇپايو ويو. لک ٿورا سائين يوسف سنڌيءَ جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book آليون اکيون اڻڀا وار

نيٽو وڻي، نهرا وڻن

اي وطن! منهنجي عزيزن ۽ اَباڻن جا وطن،
ناميارن ننگ دارن، نِت نماڻن جا وطن،
راز رس ۽ رنگ وارن، راڄ راڻن جا وطن،
سادڙن سانگين سٻاجهن ۽ سياڻن جا وطن،
هم رفيقن حال ڀاين، هيج هاڻن جا وطن،
ميل ميلاپن ۽ ميلن موج ماڻن جا وطن،
اي مٺا محبوب! مٺڙن مالدارن جا وطن!
تو مٿان صدقي وڃان سانگين سنگهارن جا وطن!
دولهه دلارن جا وطن آءٌ تو مٿان صدقي وڃان!!

تنهنجا مارو محنتي هر حال ۾ مونکي وڻن،
مَر هجن محلات ۾ مَر مال ۾ مونکي وڻن،
لاڏلن جا لاڏ لوئيءَ لال ۾ مونکي وڻن،
پرت جا پانڌي پکي ۽ پال ۾ مونکي وڻن،
سي سونهارا سانولا هر سال ۾ مونکي وڻن،
هو ڳُڻن ڀريا پرين هر ڳالهه ۾ مونکي وڻن،
قرب تن جو ڇا چوان اي قربدارن جا وطن!
تو مٿان صدقي وڃان سانگين سنگهارن جا وطن!
دولهه دلارن جا وطن! آءٌ تو مٿان صدقي وڃان!!

تنهن جي مارن جا ته مونکي ٿا منَهَه ميرا وڻن،
تنهن جي چوڙيلين سنديون، “چُلهيون وڻن چؤنرا” وڻن،
نگهه وڻي، اُنڻ وڻي، “نيٽو” وڻي “نهرا” وڻن،
“من” وڻي، “ماٽي” وڻي، “منڌيءَ” سندا ڦيرا وڻن،
“ڏڌّ” ۽ “ڌونرو” وڻي “مّکڻ” سندا ٽيرا وڻن،
پِس پُسيون پيرون پپون ۽ ڏٿ وڻي ڏونرا وڻن،
تنهن جي هر هڪ چيز چوکي چاڳ وارن جا وطن!
تو مٿان صدقي وڃان سانگين سنگهارن جا وطن!
دولهه دلارن جا وطن آءٌ تو مٿان صدقي وڃان!!

لاکهاڻي لوئيءَ ۾ ٿيون لال لوياريون وڻن،
چاڳ وارين جون چڀڙ چؤنرن تي چئوياريون وڻن،
جيڏڙين جون پنهنجي “جُو” ۾ جوت جنساريون وڻن،
پلر جي پاڻيءَ تي پليل پاڪ پنهنواريون وڻن،
۽ مٿن تي تن سندي کُنڀين ڀريل کاريون وڻن،
نينهن جن جو ننگ سان سي نازور ناريون وڻن،
ناز تن تي ٿو ڪريان نرمل نظارن جا وطن!
تو مٿان صدقي وڃان سانگين سنگهارن جا وطن!
دولهه دلارن جا وطن! آءٌ تو مٿان صدقي وڃان!!

تنهنجي چوڙيلين جا مونکي چيچ جا ڇلڙا وڻن،
وانڍيارين جي ته واتان ٿا ولا ولڙا وڻن،
سانگياڻين جا سُريلا سُر مٺا سنهڙا وڻن،
ڪوٽ ڪنگرن کان به مارُن جا ڇنل پکڙا وڻن،
گاهه گل ولين سان واسيل گهيڙ ۽ گسڙا وڻن،
سُنهن خدا جو ساهيڙين جي سينڌ جا سڳڙا وڻن،
ٿا وڻن مونکي ته دم دم “دم” ڌنارن جا وطن!
تو مٿان صدقي وڃان سانگين سنگهارن جا وطن!
دولهه دلارن جا وطن آءٌ تو مٿان صدقي وڃان!!

تنهنجي سانگين جون ته سينڍون ساز ۽ سُرندا وڻن،
چئوطرف چيٽن ۾ چالن جا چڙا چُرندا وڻن،
ٻول ٻنين منجهه ٻانهيارين سندا ٻُرندا وڻن،
چوٽا چوڙيلين سندا سينن مٿان سُرندا وڻن،
مشڪ مينڍن ۾ مکيل اُت ڀؤنر ڪئين ڀرندا وڻن،
هيڪ جيڏين جا هئين ۾ حرف هُل هُرندا وڻن،
پيار مان توکي چمان پرين پيارن جا وطن!
تو مٿان صدقي وڃان سانگين سنگهارن جا وطن!
دولهه دلارن جا وطن آءٌ تو مٿان صدقي وڃان!!

وانگياڻين جي ته وارن جا ٿا وانگوڙا وڻن،
سِر مٿي سرتين جي سهڻا صاف سينهوڙا وڻن،
ٻيلهڙا ٻاگهين جي سِر تي ۽ چٽيل چوڙا وڻن،
جهانگياڻين جي ڪنن ۾ جهاٻ جهٻ جهوڙا وڻن،
۽ مٿن تي تن سندي ٿا مَڪّ جا موڙا وڻن،
تنهنجي ڳوٺن جا ته ڳڀرو ڳاڙها ڳوڙها وڻن،
تنهنجا ڳڻ ۽ ڳالهڙيون ڳايان ڳنوارن جا وطن!
تو مٿان صدقي وڃان سانگين سنگهارن جا وطن!
دولهه دلارن جا وطن آءٌ تو مٿان صدقي وڃان!!

جوت جِهر مِر جڙيل جهانگين جي جُو، جُو، جوُ وڻي،
گهر اڳيان گجرون مڙن گوهن جي گُهو، گهُو، گُهو وڻي،
ڌڻ ڌڻولين جا وڻن ڌونرن جي ڌُو، ڌُو، ڌُو وڻي،
راڻين جو رنگ ريٽو روپ رُو، رُو، رُو، وڻي،
بَر بهاريا ڀون ڀني باغن جي بُو، بُو، بُو، وڻي،
قرب مان قمريون ڪُڏن ڪوئل جي ڪُو، ڪُو،ڪُو وڻي،
جان ۾ جايون سندءِ او جيءَ جيارن جا وطن!
تو مٿان صدقي وڃان سانگين سنگهارن جا وطن!
دولهه دلارن جا وطن آءٌ تو مٿان صدقي وڃان!!

ڏيهه جا ڏوٿي وڻن ڏونرن تي ڏوٿياڻيون وڻن،
ڍٽ پاسي ڊيل جهڙيون ڍول ڍاٽياڻيون وڻن،
ڍاٽياڻين جي هٿن ۾ موڪ مانڌاڻيون وڻن،
ڀيڄ ڀنڙيءَ ڀِٽ تي ڪن ڀوڳ ڀاڳياڻيون وڻن،
۽ کٿيرين جي هٿن ۾خوب کانڀاڻيون وڻن،
ساڻِهه جون سوڍيون “سرويچ” سانگياڻيون وڻن،
ڪوڏ مان توتي ڪڏان ڪوپن ڪنڌارن جا وطن!
تو مٿان صدقي وڃان سانگين سنگهارن جا وطن!
دولهه دلارن جا وطن آءٌ تو مٿان صدقي وڃان!!
*